27/11/2012

روسي هيئت پسندي ۽ نئين تنقيد - اڪبر لغاري



روسي هيئت پسندي ۽ نئين تنقيد
(Russian Formalism & New Criticism)
اڪبر لغاري
روسي هيئت پسندي
ادبي تنقيد ۾ ادبي فن پاري جي تفهيم، تجزيي ۽ ادبي حيثيت متعين ڪرڻ لاءِ مختلف نقادن مختلف ماڻ ۽ ماپا مقرر ڪيا آهن، جن ۾ هيٺين ٽن پاسن جي خصوصي اهميت آهي:
۱. هيئت (Form)
۲. مواد (Content)
۳. آڳو پيڇويا سياق و سباق (Context)
اڄ کان اٽڪل هڪ صدي اڳ، ۱۹۱۶ع ڌاري روسي اديبن ۽ نقادن جي ٻن گروهن ادبي تنقيد کي ڪنهن قدر نئين سوچ ڏني، جنهن ۾ هنن سڄو زور هيئت ۽ ان جي تجزيي تي ڏنو ۽ مواد ۽ سياق و سباق کي ثانوي حيثيت ڏني.
هڪ گروهه جنهن جو سرواڻ وڪٽر شڪلووسڪي هو، انSociety for the Study of Poetic Language  نالي ادبي سوسائٽي ٺاهي ۽ ٻئي گروهه جنهن جي سرواڻي رومن جيڪبسن ڪري رهيو هو، تنهن Moscow Linguistic Circle ٺاهيو. انهن ٻنهي گروهن جي ڪجهه مشترڪه نُڪتن کي روسي هيئت پسنديءَ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.[۱]
روسي هيئت پسندي نه صرف اڳوڻي سوويت يونين، پر پوري يورپي ۽ آمريڪي تنقيدي فڪر تي پنهنجا اثر ڇڏيا. هن تحريڪ جا اهم نُڪتا هي آهن:
I. تخليق ٿيڻ کان پوءِ ادب هڪ معروضي وجود (Objective Entity) بنجي پوي ٿو جنهن جي حيثيت خودمختيار هوندي آهي. هن معروضي ۽ خودمختيار وجود جو تجزيو سائنسي بنيادن تي ڪرڻ گھرجي. ٻين لفظن ۾ هنن ادب جي سائنس جو بنياد رکيو ۽ ادبي مطالعي يا تنقيد کي سائنس جو درجو ڏنو.
II. ادب جو باقاعده مطالعو به ادب آهي، ڇو ته ادب جي باقاعده مطالعي جو مطلب آهي ادب جي ٻولي ۽ ان جي ساخت يا هيئت جو مطالعو، جيڪا پنهنجو پاڻ ۾ هڪ خودڪار نظام رکي ٿي ۽ ان جا ٻه حصا ٿيندا آهن: هڪ ان جا فني لوازمات، ٻيو ان جي ادبيت (Literariness)، پر ان ۾ Content نٿو اچي.
III. هنن ادبي تحرير ۽ غير ادبي تحرير ۾ فرق ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ته ادبي ۽ غير ادبي تحرير۾ فرق ان جي نفسِ مضمون، شاعراڻي اتساهه يا فڪرو نظر جي ڪري نه، پر ان جي فني لوازمات، ٻوليءَ، اسلوب ۽ ٻين ادبي صنعتن (Devices) جي ڪري آهي.
IV. ”ادب ۾ انساني جذبن ۽ فڪر جو اظهار ثانوي حيثيت رکي ٿو ۽ انهن جو مقصد اهو آهي ته اهي ادبي صنعتن جي استعمال لاءِ بنياد فراهم ڪن ته جيئن ادبيت کي نروار ڪري سگهجي.“[۲] روسي هيئت پسندن جو گھڻو زور ادبيت تي رهيو، جنهن جو مطلب آهي ادب ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جو مطالعو. جيڪا ٻولي ادب ۾ استعمال ٿيندي آهي، اها عام ٻوليءَ کان مختلف هوندي آهي جيڪا پنهنجي ساخت، گرامر، شاعراڻين صنعتن، عڪسن، تضادن وغيره جي ذريعي عام ٻوليءَ کان هٽي پنهنجي الڳ دنيا تخليق ڪري ٿي، جنهن جي معنيٰ پڻ عام ٻولي کان جدا ٿئي ٿي.
V. روسي هيئت پسندن انهيءَ ڳالهه کي رد ڪيو ته ڪو ادب جي تفهيم لاءِ اديب جي ذاتي زندگيءَ جو مطالعو ضروري آهي. روسي هيئت پسند ادب جي تفهيم لاءِ ادب جي سياق ۽ سباق (Context) جا قائل نه هئا. انهن چيو ته ڏسڻ اهو نه گهرجي ته ادب ڪنهن تخليق ڪيو؟ يا ڪڏهن تخليق ڪيو؟ يا ڇو تخليق ڪيو؟ انهن چيو ته ڏسڻ اهو گھرجي ته تخليقڪار ادب ڪيئن تخليق ڪيو، يعني ان جو اسلوب ڪيئن آهي. ٻين لفظن ۾ هنن وٽ ادب ۾ فڪر جي اهميت، مقصد يا افاديت ثانوي هئي. انهن چيو ته ادب جي افاديت اها نه آهي ته ان کي سياسي، سماجي، اخلاقي ۽ نظرياتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي بلڪ ادب جي افاديت اها هجڻ گھرجي ته اهو جمالياتي تسڪين جو باعث هجي.
VI. وڪٽر شڪلووسڪي (۱۸۹۳-۱۹۸۴) پنهنجي مشهور مضمون Art as Technique ۾ لکي ٿو ته: ”اسان شين جو ادراڪ ڪندي ڪندي انهن شين جا عادي ٿي وڃون ٿا، ۽ پوءِ اها عادت هڪ خودڪاريت (Automatism) ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. اها خودڪاريت پوءِ شين کي شعوري طور محسوس ڪرڻ نه ڏيندي آهي ۽ اسان انهن ساڳين ئي شين کي صرف لاشعوري طور محسوس ڪندي اڳتي وڌي ويندا آهيون. شعور جي سطح تان اهي شيون ائين گم ٿي وينديون آهن ڄڻ ته هيون ئي نه. ادب ۾ به اديب جڏهن روايتي ادبي صنعتون، محاورا، ٻولي وغيره استعمال ڪندو آهي ته پڙهندڙ خودڪاريت جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ هو شعوري طور ڪنهن ڳالهه جو ادراڪ ڪري نه سگھندو آهي.“[۳]
شڪلووسڪي ادب ۾ انهيءِ خودڪاريت کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ته جيئن ادب مان لطف اندوز ٿي سگهجي. انهيءِ خودڪاريت کي ختم ڪرڻ لاءِ هو اديب تي اها ذميداري ٿو رکي ته ”هو شين کي اجنبي (Unfamiliar) ۽ نئون بنائي پيش ڪري، هيئت کي مشڪل بنائي، ادراڪ ڪرڻ جي سلسلي کي طويل ۽ پيچيده بنائي، ڇو ته ادراڪ ڪرڻ بذاتِ خود هڪ پُرلطف جمالياتي تجربو آهي ۽ ان جي لطف کي طويل ڪرڻ گهرجي. ادب زندگيءَ ۾ ختم ٿيندڙ حسيت کي واپس آڻڻ ۽ ڪنهن شهپاري جي ادبيت مان لطف اندوز ٿيڻ جو نالو آهي ۽ اها ادبيت ۽ حسيت (Sensation) تڏهن پيدا ٿيندي، جڏهن ليکڪ شين کي اجنبي بنائڻ جو سلسلو (Defamiliarization) شروع ڪندو.“[۴]
اها حقيقت آهي ته انسان جنهن شيءِ جو عادي ٿي وڃي ٿو، ان مان لطف اندوزي گھٽجي وڃي ٿي، تنهنڪري انسان نواڻ چاهي ٿو. ادبي ۽ فني لوازمات ۽ اسلوب جو ورجاءُ پڙهندڙ کي بيزاريءَ جو شڪار بنائي ڇڏي ٿو، تنهنڪري ادب ۾ نواڻ لازمي بنجيو پوي. ساڳيءَ طرح دنيا کي ڏسڻ جا ساڳيا انداز به انسان کي خودڪاريت جي ور چاڙهيو ڇڏين. اهڙيءَ صورتحال ۾ ادب ۽ فن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوي ٿو ۽ اهي دنيا کي ڏسڻ جو نئون ۽ تازو توانو انداز آڇين ٿا.
شڪلووسڪي ادب جي وصف به پنهنجي انداز سان بيان ڪئي. هن چيو ته ”ادب سماجي ، معاشي ۽ سياسي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ تحرير نه آهي ۽ نه ئي ادب پنهنجي تخليقڪار جي اندر جو اظهار (Expression) يا ان جي نڪتهءِ نظر (World View) جو ڪو ڪرشمو آهي، بلڪ ادب، ادبي ۽ فني صنعتن جو مجموعو آهي جن کي اديب پنهنجي مهارت سان استعمال ڪندي ادب تخليق ڪري ٿو.“[۵] ٻين لفظن ۾ شڪلووسڪي ادب جي مارڪسي ۽ روماني تشريح کي رد ڪري ٿو ۽ ادب براءِ ادب جي يورپي تحريڪ کان متاثر ٿو لڳي.
۱۹۳۰ ڌاري روسي هيئت پسندن سان به روس ۾ اهو حشر ڪيو ويو جيڪو حقيقت پسندن سان ڪيو ويو هو. هي اسٽالن جو دور هو جنهن جي پاليسي اها هئي ته سوويت يونين ۾ صرف اهو ادب ڇپجي سگهي ٿو جيڪو سوشلزم سان مطابقت رکندو هجي. بحرحال، روسي هيئت پسنديءَ جو فڪر يا طريقهءِ ڪار سوويت يونين کان ٻاهر پهچي چڪو هو جنهن نئين تنقيد ۽ اڳتي هلي ساختياتي تنقيد کي متاثر ڪيو.
نئين تنقيد
هي تنقيدي مڪتبهءِ فڪر ڪنهن حد تائين روسي هيئت پسندي کان متاثر ٿيو پر هن جِي وجود ۾ اچڻ جو پنهنجو تاريخي پس منظرآهي.
هيءُ فڪر يا تنقيدي طريقـءِ ڪار ۱۹۲۰ع واري ڏهاڪي کان ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي تائينِ مروج رهيو ۽ پاڻ کان پوءِ ايندڙ ادبي ۽ تنقيدي تحريڪن تي گهرو اثر ڇڏيائين. هن فڪر جو باني آءِ اي رچرڊس (۱۸۹۳-۱۹۷۹) ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ادب ۽ تنقيد جو استاد هو، جتي هنَ نالي وارا شاگرد ۽ نقاد پيدا ڪيا. هن پنهنجن شاگردن کي مشهور شاعرن جا نظم ڏنا ۽ کين چيو ته انهن نظمن جو تنقيدي جائزو وٺن. البته شاگردن جي حوالي ڪرڻ کان پهرين، رچرڊس انهن نظمن تان شاعرن جا نالا ۽ عنوان هٽائي ڇڏيا. شاگردن جڏهن انهن نظمن تي پنهنجا تنقيدي نوٽ لکيا ته اهي ڏاڍا دلچسپ هئا. رچرڊس پنهنجن شاگردن جي لکيل تنقيدي نوٽس تي پنهنجا رايا لکيا ۽ انهن کي گڏي هڪ ڪتاب ڇپايو، جنهن جو نالو آهي Practical Criticism. هيءُ ڪتاب بيحد مقبول ۽ مشهور ٿيو ۽ عملي تنقيد ۾ اڄ به اعليٰ مقام رکي ٿو. ان کان پهرين رچرڊس تنقيدي مضمونن تي مشتمل پنهنجو مشهور ڪتاب The Principles of Literary Criticism لکي چڪو هو.
ويهين صدي جتي سائنسي ترقيءَ جي صدي آهي، اتي اها فڪري، سياسي، سماجي، نفسياتي، ادبي ۽ تنقيدي نظرين ۽ تحريڪن جي به صدي آهي. اهي نظريا ساڳئي وقت هڪٻئي تي اثر انداز پڻ ٿي رهيا هئا. ادب جي تفهيم ۽ تفسير ڪرڻ وقت تاريخيت، نيچرلزم، اديب جي سوانح ۽ ادب جي سياق وسباق (Context) وغيره کي نظر ۾ رکيو پئي ويو. آءِ اي رچرڊس تنقيد جي انهن پراڻن طريقن کي يڪسر رد ڪيو ۽ نوان طريقا متعارف ڪرايا جنهن سبب جان ڪرو رينسم ان کي ”نئين تنقيد“ جو نالو ڏنو. نئين تنقيد جي فڪر کي آءِ اي رچرڊس کان علاوه ايلن ٽيٽ، بلئڪ مور، ومسئٽ، ڪلينٿ بروڪس، رابرٽ پين وارن ۽ لي وس يُو ڪي (يونائيٽيڊ ڪنگڊم) ۽ آمريڪا ۾ بيحد مقبول بنايو. سندن تنقيدي فڪر کي ٻن حصن ۾ ورهائي انهن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو:
۱. نظرياتي تنقيد (Theoretical Criticism)
۲. عملي تنقيد (Practical Criticism)

۱. نظرياتي تنقيد (Theoretical Criticism)
نئين تنقيد باقاعده تحريڪ جي شڪل ۾ شروع نه ٿي هئي، تنهنڪري ان جا ڪي مول متا به طئي نه ٿيا هئا پر مٿي ذڪر ڪيل نئين تنقيد جي مفڪرن جي مضمونن/ڪتابن جي عرق ريزيءَ سان هيٺيان نقطا نروار ٿين ٿا، جيڪي نئين تنقيد جو نظرياتي بنياد آهن:
I. ادب جي خود مختياري: هن نُڪتي تي نئين تنقيد، روسي هيئت پسندن سان متفق آهي ته تخليق ٿيڻ کان پوءِ ادب خودمختيار وجود بنجيو پوي. ”ادب جي تفهيم ۽ تفسير ڪرڻ وقت اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته ادب جون پنهنجون حدون (Boundaries) آهن جيڪي کيس ٻين عام لکڻين کان جدا ڪن ٿيون.“[۶] عام پڙهندڙ ۽ نقاد کي انهن حدن جي اندر داخل ٿيڻ لاءِ تحرير کي گهرائيءَ سان پڙهڻو پوندو. ان کان علاوه انهن حدن کان ٻاهر جيڪي به علم جون شاخون آهن، انهن کي تحرير کان الڳ ئي رکڻو پوندو. انهن حدن کان ٻاهر اديب جي ذاتي زندگيءَ جو حال احوال، انهيءَ تحرير جي سرجڻ جو زمانو ۽ سياسي، سماجي، معاشي ۽ نفسياتي پس منظر اچي وڃي ٿو. ادب جي تفهيم ۽ تشريح وغيره ڪرڻ وَقت انهن مان ڪنهن به شيءِ جو عمل دخل نه هجي ۽ تحرير جو مفهوم تحرير ۾ ئي ڳولڻ گھرجي. ”تخليقڪار جي محسوسات، روين، قدرن ۽ عقيدن جي بجاءِ صرف سندس تخليق جو ئي تجزيو ڪجي.“[۷] جيڪڏهن تحرير پنهنجي تفهيم ۽ ابلاغ لاءِ خارجي عنصرن جي محتاج آهي ته اها تحرير نامڪمل آهي ۽ خود مختيار نه آهي.
II. ارادي وارو مغالطو (Intentional Fallacy): ۱۸۹۱ع ۾ آسڪر وائيلڊ چيو هو، ”فن کي نمايان ڪرڻ ۽ فنڪار کي لڪائڻ ئي فن جومقصد آهي.“[۸] تنهن کان پوءِ ٽي ايس ايليٽ چيو هو ته تنقيد شاعريءَ تي ٿيندي آهي شاعر تي نه. انهيءَ نُڪتي کي ومسئٽ ۽ بيئرڊسلي پنهنجي مشهور مضمون Intentional Fallacy ۾ گھڻو اڳتي وڌايو، جنهن ۾ انهن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ادب پاري جي تفهيم ، تفسير ۽ تشريح ڪرڻ لاءِ اديب جي ارادي کي نظر ۾ نه رکڻ گھرجي. ڇو ته ائين ڪرڻ سان ادب سان انصاف نه ٿيندو ۽ تنقيد جو اعليٰ مقصد حاصل ٿي نه سگھندو. ارادي واري مغالطي کي واضح ڪرڻ لاءِ انهن هيٺين ذيلي نقطن تي بحث ڪيو:
ڪنهن ادب پاري جي ڪاميابيءَ يا ناڪاميءَ جو تعين ڪرڻ لاءِ ليکڪ جو ارادو نه ته دستياب هوندو آهي نه ئي وري مطلوب. دستياب ان ڪري نه هوندوآهي ته ڪيترائي ليکڪ يا ته انتقال ڪري چڪا هوندا آهن يا انهن جي باري ۾ ڪا خاطر خواه ڄاڻ نه هوندي آهي. مثلن ايليڊ جي ليکڪ هومر جي ارادي جي خبر ڪيئن پوي؟ اهو به يقين نه آهي ته هومر هڪ ڄڻو هو يا صدين جي سفر ۾ ڪيترائي هومر ”ايليڊ“ ۾ اضافو ڪندا رهيا. ان کان علاوه (تحرير جي خارج ۾) ليکڪ جي ذهن تائين رسائي مشڪل آهي، خود ليکڪ لاءِ پڻ. جيڪڏهن ڪو زنده ليکڪ پنهنجي تخليق جي باري ۾ پنهنجي ارادي کان آگاه ڪري ته پوءِ؟ ومسئٽ ان جو جواب هيئن ٿو ڏئي، ”جيڪڏهن ڪير تخليق کان ٻاهر وارا وسيلا استعمال ڪندي، ليکڪ جي ارادي يا سندس مقصدِ تخليق جي بلڪل ويجهو پهچي به وڃي، تڏهن به هو ليکڪ جي موثر ارادي ۽ عملي ذهن کي ايترو هر گز سمجهي نه سگھندو، جيترو اهو اصل ۾ تخليق ۾ موجود آهي.“[۹] تخليقي عمل دوران تخليقڪار هڪ نفسياتي ڪيفيت مان گذرندو آهي جنهن دوران سندس دماغ جا دريچا سندس ذهن جي نهان خانن ڏانهن کلندا آهن ۽ اتي لڪل سندس ذاتي مشاهدا، تجربا، خوف، اميدون، حسرتون وغيره سندس ابن ڏاڏن جي صدين جي ميراث سان ملي، ڪنهن مبهم شڪل ۾ نمودار ٿيڻ لڳنديون آهن، جن کي اديب جو تخليقي شعور فن پاري جو روپ عطا ڪندو آهي. تخليق هڪ اهڙو پيچيدو سلسلو آهي جنهن ۾ تخليقڪار خود پنهنجي ارادي مان يا ته پوريءَ ريت واقف نه هوندو آهي يا تخليق سندس ارادي مطابق نه ٿيندي آهي. ارادي يا ڊزائين سان هنر وجود ۾ ايندو آهي فن نه.
ادبي حيثيت متعين ڪرڻ وقت، اديب جي ارادي کي نظر ۾ نه رکجي، ڇو ته ائين به ٿي سگھي ٿو ته تخليق ڪرڻ وقت اديب جو ارادو پئسا ڪمائڻ يا شهرت حاصل ڪرڻ جو هجي، پر تخليق تمام اعليٰ پايي جي هجي ته سندس ارادي سبب سندس تخليق جي حيثيت گھٽجي ڪانه ويندي يا ”جيڪڏهن اديب جو ارادو تمام عظيم هجي، پر تخليق معمولي هجي ته سندس ارادي سبب سندس تخليق عظمت جو درجو حاصل ڪري نه سگھندي.“[۱۰] ) ارادي واري مغالطي جي ردِ عمل ۾ ڪيئي ليک لکيا ويا آهن پر اهي گھڻو ڪري ادبي نظريي دانن جي بجاءِ لساني فلسفين جا آهن.
III. اثرپذيريءَ وارو مغالطو (Affective Fallacy): عمومن نثر ۽ خصوصن شاعري جي تفسير (Interpretation) ڪرڻ وقت نئين تنقيد جا نظرئيدان تخليقڪار جي ارادي کي خارج ڪرڻ کان پوءِ چون ٿا ته پڙهندڙ جي جذباتي رد عمل کي به تفسير تي اثر انداز نه ٿيڻ گھرجي. ائين چئي هو قاري اساس تنقيد (Reader-Response Theory) جي مڪتبهءِ فڪر کي رد ٿا ڪن ۽ چون ٿا ته جيڪڏهن تفسير جو دارومدار اثر پذيريءَ تي رکبو ته اهو وڏو مغالطو ٿيندو. ڇو ته ”پڙهندڙ جو ردِ عمل نه ته اهم آهي ۽ نه ئي وري تحرير جي تفسير جي برابر. هڪ ئي تحرير جو مختلف پڙهندڙن تي مختلف اثر ٿيندو آهي. تنهنڪري ”اهو نه ڏسجي ته ادب پارو ڇا ٿو ڪري (What it does) پر ڏسجي اهو ته ادب پارو ڇا آهي (What it is). ]۱۱]
IV. ايليٽ جي فڪري شراڪت: ٽي ايس ايليٽ بنيادي طور نئين تنقيد جو مفڪر نه هو پر هن ڪجهه وقت رچرڊس سان دوستيءَ ۾ گذاريو هو ۽ ٻيئي هڪٻئي کان متاثر هئا. خيالن کي نئين تنقيد وارن پنهنجو ڪيو ۽ ائين نئين تنقيد ۾ ايليٽ جي فڪري شراڪت ٿي. جنهن مطابق ، ”جهڙيءَ ريت سٺا ۽ بيڪار پڙهندڙ هوندا آهن، اهڙيءَ ريت سٺا ۽ بيڪار نقاد به ٿيندا آهن، جيڪي صرف پنهنجن خيالن جي اظهار کي ئي تنقيد سمجهندا آهن. سٺا نقاد اظهارِ خيال بجاءِ ادب جو گهرو مطالعو ۽ تجزيو ڪرڻ کان پوءِ ئي ان جو تفسير ڪندا آهن.“[۱۲]
۲. عملي تنقيد (Practical Criticism)
عملي تنقيد جي تاريخ به ڪافي پراڻي آهي پر جيترو ڪم نئين تنقيد وارن عملي تنقيد جي ميدان ۾ ڪيو آهي اوترو شايد ڪنهن به نه ڪيو آهي. آءِ اي رچرڊس ۽ سندس شاگردن هڪ هڪ ادبي صنعت (Device) تي وڏا بحث ڪري عملي تنقيد جي ڪينواس کي خوب وسعت ڏني. سندن خيالن جو اختصار هن ريت آهي:
I. گهري پڙهڻي (Close Reading) ۽ تجزيو
عملي تنقيد ڪرڻ يا ڪنهن به تحرير مان لطف اندوز ٿيڻ جو بنياد انهيءَ ڳالهه تي آهي ته تحرير کي پڙهجي ڪيئن؟ پڙهڻيءَ جي به پنهنجي نفسيات آهي. نئين تنقيد جيئن ته تحرير کان خارج ۾ ڪنهن به عنصر کي نٿي مڃي، تنهنڪري ان جو سڄو زور تحرير جي داخلي نظام تي آهي. تحرير کي تمام گهرائي سان ۽ بار بار پڙهجي ته جيئن ان جي صحيح تفهيم به ٿي سگھي ۽ ان مان پورو حظ به حاصل ڪري سگھجي. سرسري، بي توجهي ۽ غيرذميدار رويو گھري پڙهڻيءَ کي متاثر ڪري ٿو. گهري پڙهڻي وقت هيٺين ڳالهين تي خاص توجه ڏجي:
· تحريرجي ٻولي، لفظن جا ماخذ ۽ انهن جي ظاهري ۽ باطني معنيٰ ۽ جملن جي پويان لڪل رمزن کي سمجھڻ گھرجي.
· تحرير ۾ موجود عڪسن، علامتن، گرامر وغيره جو تجزيو ڪجي.
· تحرير جي هيئت، ساخت ۽ فني لوازمات تي غور ڪجي.
· تحرير جي لهجي، مضمون، نڪتهءِ نظر، انداز، اسلوب، بيهڪ وغيره کي ذهن ۾ رکڻ گھرجي.
· سڀني عنصرن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ۽ تحرير ۾ تناءُ، ابهام ۽ تضاد وغيره کي ڏسجي.[۱۳]
· آخر ۾ هر هڪ صنعت جو تجزيو (Analysis) ڪجي.
II. ادب جي ٻولي: ادب جي ٻولي ۽ ڪنهن ٻيءَ تحرير جي ٻوليءَ ۾ فرق هوندو آهي. ادبي ٻوليءَ کي پرلطف ۽ معنيٰ خيز بنائڻ لاءِ ليکڪ مختلف صنعتون استعمال ڪندا آهن. ”وليم ايمپسن ابهام (Ambiguity) تي زور ڏنو، بروڪس تحرير جي ٻوليءَ ۾ تضادن (Paradoxes) کي بيان ڪيو ۽ ايلن ٽيٽ تحرير ۾ تناءُ (Tension) جي اهميت بيان ڪئي، جيڪي آخرڪار ادب پاري جي مرڪزي خيال ۾ تحليل ٿي وڃن ٿا.“[۱۴]
ابهام (Ambiguity): ابهام جو مطلب آهي ته هڪ ئي لفظ يا جملي جون هڪ کان وڌيڪ ممڪن معنائون. ايمپسن پنهنجي مشهور ڪتاب The Seven Types of Ambiguity ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته وڏن شاعرن جي ٻوليءَ ۾ ابهام هئڻ سبب ڪنهن واحد معنيٰ تائين پهچڻ اڪثر ڏکيو هوندو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو وڏن شاعرن جو ڪلام زنده رهندو آهي ۽ ان جو تفسير هر ڪو پنهنجي علمي ۽ جذباتي سطح مطابق ڪندو آهي.
تضاد: شاعريءَ جي ٻولي ۽ سائنس جي ٻوليءَ ۾ فرق اهو آهي ته سائنس جي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به تضاد جي گنجائش نه هوندي آهي پر شاعريءَ ۾ ”تضاد“ جي صنعت استعمال ڪرڻ سان نه صرف حسن ۾ اضافو ٿيندو آهي، پر معنيٰ پڻ چٽي ٿيندي آهي. ليڪن اهو تضاد لفظي هوندو آهي معنوي نه- مثلن، جيڪڏهن اهو چئجي ته ”انسان پيدا ٿيو آهي مرڻ لاءِ، ته اهو هڪ لفظي تضاد آهي، ڇو ته بظاهر ته انسان جيئڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي پر معنوي لحاظ کان ڏسجي ته اهو تضاد نه، بلڪ حقيقت آهي، ڇو ته آخرڪار انسان کي مرڻو ئي آهي“.[۱۵] تضاد گهڻو ڪري توجهه ڇڪائڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن، ليڪن ”انهن ۾ حيرت جي عنصر بجاءِ الميو يا طنز وڌيڪ نمايان هوندي آهي ۽ انهن جي حقيقي معنيٰ لفظن جي باطن ۾ هوندي آهي.“[۱۶]
III. تفسير (Interpretation): ادبي تنقيد ۾ تفسير جو بيحد اهم مقام آهي. تفسير جو مطلب آهي ڪنهن ادب پاري جي تفهيم يا ان جي اصل معنيٰ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪرڻ. آءِ اي رچرڊس اصلي معنيٰ جا چار قسم ٻڌايا آهن:
i. فهم (Sense): ادب ابلاغ جو بهترين ذريعو آهي. لکيو يا ڳالهايو انهيءَ لاءِ ويندو آهي ته اهو سمجھيو به وڃي. پر جيئن ته ادب جي ٻولي، عام ٻوليءَ کان مختلف هوندي آهي، تنهنڪري اها سمجھڻ آسان نه هوندي آهي. اهو نقاد جو ڪم آهي ته گھري پڙهڻيءَ جي ذريعي لفظن جي باطني معنيٰ تائين پهچي.
ii. جذبو (Emotion): تخليقي ادب دانش کان وڌيڪ جذبي کي متاثر ڪندو آهي ۽ بقول بروڪس، ”پڙهندڙ تي هن قسم جون (جذباتي) ڪيفيتون طاري ٿي سگهن ٿيون: دلچسپي، بوريت، صدمو پهچڻ، لطف اچڻ، جوش ۾ اچڻ، ڪاوڙ ۾ اچڻ، حيرت ۾ پوڻ، نفرت پيدا ٿيڻ وغيره.“[۱۷] محبت، نفرت، خوشي، غم، اميد ۽ مايوسيءَ کان علاوه ڪل پنجاهه سٺ جذبا آهن جيڪي انساني زندگيءَ جو لازمي جز آهن. آءِ اي رچرڊس چوي ٿو ته ”تحرير ڪهڙي به هجي، پڙهندڙ تي لازمي طور ڪا نه ڪا جذباتي ڪيفيت ضرور طاري ٿيندي. ان ڪيفيت کي سمجھڻ سان تفهيم ۾ آساني ٿيندي.“[۱۸] جذبي (Sentimentality) ۽ جذباتيت ۾ فرق آهي. جڏهن ڪو به جذبو سطحي حيثيت اختيار ڪري ۽ غيرضروري طور طويل ٿي وڃي ۽ ان کي آسانيءَ سان اڀاري سگهجي ته اها جذباتيت آهي، جيڪا ڪا بهتر شيءِ نه آهي. ڏسڻ اهو گھرجي ته ادب ڪنهن صحتمند جذبي کي متحرڪ ٿو ڪري يا منفي جذبي کي يا ماڳهين سکڻي جذباتيت ٿو پيدا ڪري.
iii. لهجو (Tone): لهجو اهو رويو آهي جيڪو ليکڪ پنهنجي پڙهندڙ سان اختيار ڪري ٿو. ليکڪ ۽ پڙهندڙ جي وچ ۾ هڪ رشتو هوندو آهي. ليکڪ ڪڏهن استاد ۽ رهبر، ته ڪڏهن دوست ۽ ساٿيءَ جي لهجي ۾ مخاطب ٿيندو آهي. ڪڏهن ان جي لهجي ۾ اداسي، درد ۽ غم ليئا پائيندو آهي، ته ڪڏهن مسرت، مروت ۽ محبت. ”ڪي شاعر معمولي ڳالهه تي به گهڻو زور ڏيندا آهن يا تحڪمانه ۽ ذلت آميز لهجو اختيار ڪندا آهن، جيڪو پڙهندڙ کي ناگوار لڳندو آهي. شاعر جو ناصحاڻو، حاڪماڻو ۽ متڪبراڻو لهجو سندس شاعريءَ لاءِ اڪثر نقصانڪار ۽ منفي ثابت ٿيندو آهي.“[۱۹]
iv. ارادو (Intention): ادب تخليق ڪرڻ وقت ليکڪ جو شعوري يا لاشعوري طور ڪو نه ڪو مقصد يا ارادو هوندو آهي، جنهن کي تخليق ۾ ئي ڳولڻ گھرجي. اهو مقصد عقلي، علمي يا نظرياتي تبليغ به ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن جذبي يا ڪيفيت جو اظهار پڻ. ارادي واري معاملي تي نئين تنقيد وارا ورهايل آهن. ڪي ان کي اهميت ڏين ٿا ته ڪي بلڪل نه.
IV. آءِ اي رچرڊس جو جهان : رچرڊس نئين تنقيد جو بابا آدم آهي ۽ سندس تنقيدي جهان ڏاڍو وسيع آهي. هن تنقيد جي هڪ هڪ نُڪتي تي دل کولي بحث ڪيو. سندس دماغ کليل، ٻولي خوبصورت، لهجو دوستاڻو، فڪر سگھارو ۽ اصلي آهي. رچرڊس شاعريءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ لاءِ نقاد کي ڪيتريون ئي راهون ٿو ڏسي، جن مان ڪجه هن ريت آهن:
فڪر: فڪر سچو، ڪوڙو، شاندار، معمولي، اصلي، معتبر، سگهارو، تازو، متحرڪ ڪندڙ، رواجي، گهٽيا ۽ فرسوده وغيره هوندو آهي، جنهن جو تعين ڪرڻ نقاد جو ڪم آهي.
اظهار: نقاد کي اهو ڏسڻ گھرجي ته شاعر جو اظهار منجهيل، ڌنڌلو، بي لطف ۽ ڪمزورآهي يا اهو چٽو، دلنشين، مضبوط ، قائل ڪندڙ ۽ متاثرڪندڙ آهي.
ٻولي: ٻولي سادي، ڏکي، عام، حسين، رُکي، روان، فصيح، بليغ وغيره استعمال ڪئي ويندي آهي.
تخيل: تخيل سادو، مفرد، مرڪب، تشريحي ۽ تفسيري هوندو آهي. سڀ کان وڌيڪ اهم تخيل تفسيري هوندو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته عام مشاهدي ۾ ايندڙ شين جو شاعر پنهنجي تخيل جي مدد سان تفسير ڪندو آهي ۽ انهن ۾ ڪنهن اعليٰ انساني گڻ، اخلاقي قدر يا آفاقي حسن ۽ حقيقت کي ڏسندو آهي. شاهه لطيف وٽ تفسيري تخيل جو وڏو جهان آهي. مثلن سندن هي بيت:
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهئان ميٺ گهڻو.
هن ۾ شاهه سائين پکين جي وڳر ۾ محبت ڏسن ٿا، جنهن کي هو انسانن ۾ پڻ ڏسڻ چاهين ٿا.
نظم: نظم جو ادبي تعين ڪرڻ وقت نقاد کي اهو ڏسڻ گھرجي ته نظم ڪهڙي قسم جو آهي. نظم تبليغي، تعليمي، فضول، منجھائيندڙ، نامڪمل، بور ڪندڙ، تڪليف ڏيندڙ ۽ ڪمزور به ٿيندا آهن ته احساساتي، تخيلاتي، جمالياتي، جنسياتي، ڀرپور، مڪمل، متحرڪ ڪندڙ، جوش ڏياريندڙ ۽ رقت آميز پڻ. سٺي نظم جي خوبي اها آهي ته ان ۾ خيال جي وحدت ۽ تاثر جي وحدت سان گڏ، جذبي جي ترقي (Progress) هجي يعني ان جو سفر عام جذبي کان عظيم جذبي ڏانهن ترقي ڪندڙ هجي. نظم ۾ جذبي جي تنزلي نظم جي مجموعي تاثر لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي.
نظريو يا عقيدو (Doctrine): اڪثر ائين به ٿيندو آهي ته اديب جو عقيدو هڪڙو ته پڙهندڙ يا نقاد جو نظريو ٻيو هوندو آهي. نظرياتي اختلاف کي نظم جي ادبي ڪٿ ڪرڻ ۾ دخل انداز ٿيڻ نه ڏجي.
نئين تنقيد کان پوءِ ٻيا ڪيترائي تنقيدي نظريا آيا آهن، پر نئين تنقيد جا طريقا (Methods) اڄ به عملي تنقيد ۾ تمام اهم جاءِ والارين ٿا.
ادبي تنقيد به تقريباً اوتري ئي پراڻي آهي جيترو خود ادب. يونان ــــــ جي ها يونان، علم جي تقريباً هر شاخ وانگر ادبي تنقيد جون پاڙون پڻ يونان جي زرخيز عقلي ذهن ۾ کتل آهن. جڏهن شاعري ٿيڻ لڳي ۽ جڏهن ڊراما پيش ٿيڻ لڳا ته انهن جي ڀلي ۽ ڍلي هجڻ جون ڳالهيون پڻ ٿيڻ لڳيون. قديم يوناني هڪ بيحد سوچيندڙ قوم هئي. هو هر شيءِ متعلق ڏاڍا سوال پڇندا هئا ۽ سڄو سڄو ڏينهن ويٺا انهن سوالن ۽ انهن جي جوابن تي بحث ڪندا هئا. شاعري ڇا آهي؟ ان جا ڪيترا قسم آهن؟ شاعريءَ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا اها خوشي ڏئي ٿي يا ڏک؟ شاعريءَ جا اثر ڪهڙا ٿين ٿا؟ اخلاقيات جو ڪيترو پرچار ٿيڻ کپي؟ جماليات ڪيتري هجي؟ وغيره وغيره.
ارسٽوفينز، ايشلس ۽ يوريپائيڊ وارن وٽ مسئلو اهو هو ته ادب (شاعري ۽ ڊرامي) کي اخلاقي قدرن جي پرچار ۽ ابلاغ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي يا حقيقت کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ گهرجي؟
افلاطون چيو ته شاعرن کي منهنجي رياست (Utopia) مان ڏيهه نيڪالي ملڻ گهرجي، ڇو ته اهي رڳو جذبات کي اڀاريندا آهن.
ان کان پوءِ ارسطو، سيسرو، هوريس ۽ لانجائينس ادبي تنقيد کي اڳڀرو ڪيو. بوڪيشو، ڊانٽي، ابنِ رشد، فلپ سڊني، جان ڊرائڊن، اليگزينڊر پوپ، سيموئل جانسن وغيره تنقيدي ادب ۾ بي بها اضافو ڪيو.
غير ضروري طوالت کان بچندي اچون ٿا موجوده موضوع يعني روماني تحريڪ تي.
ادب ۽ سياست کان ويندي سماج جي هر شعبي ۾ وقتاً فوقتاً تحريڪون ته هلنديون ئي رهنديون آهن، پر ڪي ڪي تحريڪون طوفان بنجي اينديون آهن ۽ ان جي زد ۾ ايندڙ هر شيءِ کي ڪک پن ڪري ڇڏينديون آهن. اهڙو ئي طوفان هئي روماني تحريڪ.
ورڊس ورٿ، ڪولرج، شيلي، بائرن، ڪيٽس ۽ بليڪ وغيره وارن وٽ زندگيءَ جو مفهوم صرف ۽ صرف رومانيت بنجي ويو. ڇا رومانيت جو مطلب صرف پيار، محبت هو؟ بلڪل نه. پيار ۽ محبت، رومانيت جو صرف هڪ جز يا هڪ رخ هو.
ڪا به تحريڪ نه ته خلا ۾ پيدا ٿيندي آهي ۽ نه ئي وري ختم ٿيڻ کان پوءِ هوا ۾ تحليل ٿي ويندي آهي. روماني تحريڪ جا به يقيناً ڪي طاقتور سبب هئا. جيئن هڪ دور جي سائنس (ٽيڪنالاجي) ٻئي دؤر ۾ ثقافت بنجي ويندي آهي، تيئن هڪ دور جو فلسفو ٻئي دور ۾ ادب بنجي ويندو آهي. روماني ادب جي پاڙ به ان کان اڳ واري فلسفي يعني روسو، ڪانٽ ۽ ٻين مفڪرن جي فلسفي ۾ کتل آهي. تنهنڪري رومانيت کي سمجهڻ کان پهرين روسو کي ڪجهه سمجهڻو پوندو ۽ روسو کي سمجهڻ لاءِ وري اهو بيحد ضروري آهي ته ”عهدِ روشن خيالي“ (Age of enlightenment) بابت ٻه اکر چئجن.
سترهين صديءَ جي اڌ کان پوري ارڙهين صديءَ واري دؤر کي روشن خياليءَ جو دؤر سڏجي ٿو. هيءَ دؤر عقل جو دؤر هو ۽ عقل جي بنياد تي حاصل ڪيل سائنس جو دؤر هو. هيءَ دؤر علم جي بالادستي ۽ تعليم ذريعي ذهنن کي منور ڪرڻ جو دؤر هو. هن دؤر ۾ چيو ويو ته فطرت عقل جي تابع آهي. مذهب ۽ اخلاقيات به عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکجڻ لڳا. قرونِ وسطيٰ جي اونداهي دؤر ۾ غربت ۽ جبر کي لکئي جو ليک سمجهيو ويندو هو، پر هن دؤر ۾ ان کي جهالت جو نتيجو سمجهيو ويو، جنهن جو حل هو علم ۽ عقل. عقل ۽ علم جو ماخذ فطرت کي سمجهيو ويو، نه ڪه مذهب کي. خدا کي سمجهڻ جو ذريعو به عقل کي قرار ڏنو ويو.
ڊيوڊ هيوم، لاڪ، مونٽيسڪيو، نيوٽن، ايڊم سمٿ، والٽيئر ۽ ٽام پين وغيره وارن تجربي ۽ مشاهدي کي بنيادي حيثيت ڏيندي، انهن کي علم جو بنيادي ماخذ سمجهيو ۽ مذهب ۽ تصوف کي بطور ”علم جي ماخذ“ جي رد ڪيو.
جتي عهدِ روشن خيالي اڳتي هلي جديد مغربي سائنس ۽ تهذيب جو روپ ورتو، اتي روشن خياليءَ جي مخالفت ۾ چيلهه کي سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهي پيو جي جي روسو.
روسو (۱۷۷۸-۱۷۱۲) تهذيب ۽ تمدن کان سخت بيزار هو. هو سائنس جي مخالفت، عقل جي مخالفت ۽ ان جي ذريعي جنم وٺندڙ تهذيب ۽ ثقافت جي مخالفت ڪرڻ لڳو. سندس خيال هو ته عقل ۽ سائنس انسان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، انسان جو سڪون برباد ٿي ويو آهي ۽ انسان جي نجات انهيءَ ۾ آهي ته هو شهري تهذيب ۽ تمدن کي الوداع چئي، جهر جهنگ جو رخ ڪري. سندس مشهور نعرو هو، ”فطرت ڏانهن واپس وڃو.“ (Go back to nature)
سندس خيال هو ته فطرت جي ڪٺن پر سادي زندگي ئي انسان کي خوشي ۽ اطمينان ڏيئي سگهي ٿي. عقل ۽ سائنس تي ٻڌل زندگي انسان کي سواءِ ذهني عذاب ۽ ڏکن سورن جي ٻيو ڪجهه نه ڏيئي سگهندي. خدا کي سڃاڻڻ لاءِ عقل جي بجاءِ ايمان کي ڪم آڻجي. انسان جي رهبريءَ لاءِ عقل جي بجاءِ وجدان کي ذريعو بنائجي ۽ طرزِ زندگي توڙي ذاتي خوشيءَ جي حاصلات لاءِ فڪر بجاءِ احساسات کي اوليت ۽ اهميت ڏجي.
روسو جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي ڪانٽ (۱۸۰۴-۱۷۲۴) به خدا کي سڃاڻڻ لاءِ عقل بجاءِ ايمان کي ترجيح ڏني ۽ چيو ته جماليات خالص دل جو معاملوآهي ۽ عقل کي پنهنجي ٽنگ اڙائڻ نه گهرجي.
ڪانٽ جي فلسفي کي شيلنگ (۱۸۵۴-۱۷۷۵) اڳتي وڌايو، جنهن فطرت ۾ روحِ عالم کي ڏٺو، جيڪو فطرت سان گڏوگڏ انسان جي جسم ۽ ذهن ۾ به جاري و ساري آهي.
روشن خياليءَ جو مخالف ۽ ارڙهين صديءَ جو اهو خرد دشمن فلسفو، اوڻيهين صديءَ ۾ روماني ادب جو روپ وٺي، پنهنجي زور ۽ شور سان نمودار ٿيو.
رومانيت هڪ ادبي ۽ فني تحريڪ هجڻ سان گڏ طرزِ زندگي ۽ طرزِ عمل پڻ بنجي ويئي.
رومانيت جي تحريڪ پهرين جرمنيءَ کان شروع ٿي ۽ پوءِ اها فرانس ۽ انگلستان کان ٿيندي، پوري يورپ ۽ آمريڪا تائين پهچي ويئي.
رومانيت جا ترڪيبي جزا:
بنيادي طور رومانيت هڪ خرد دشمن تحريڪ هئي ۽ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ احساسات ۽ جذبات کي غور ۽ فڪر تي فوقيت ڏيڻ جي قائل هئي. هيءَ تحريڪ جيئن ته گهڻ پاسائين هئي، تنهنڪري ان جي هر پهلوءَ جو مختصر جائزو ضروري آهي.
(۱) فطرت: شيلنگ فطرت ۾ روحِ عالم کي جاري ساري ڏٺو هو. ان کان پهرين اسپائنوزا چئي چڪو هو ته فطرت خدا جو هڪ روپ يا صفت آهي. روماني شاعرن به فطرت کي هڪ بي جان مادو سمجهڻ بجاءِ ان کي هڪ جيئري جاڳندي روپ ۾ ڏٺو. انهن وٽ فطرت هڪ نامياتو جسم (organic body) هئي. فطرت تهذيب جي تباهه شده ۽ معذور معاشري لاءِ هڪ جاءِ پناهه ۽ زخمي روحن لاءِ هڪ مرهم هئي. فطرت جي حسن روماني شاعرن کي ديوانو بنائي ڇڏيو. بلند قامت پهاڙ، برق رفتار جابلو نديون، طوفاني برساتون، برفاني راتيون، چنڊ جي چانڊوڪي، گهاٽا ٻيلا، جهنگلي جيوت جا ٽولا، پکين جا ولر، کنوڻين جا تجلا، ڪڪرن جي گجگوڙ، صحرائن جا پنڌ، بيابانن جا گس، تاريخي عمارتن بلڪه عمارتن جي کنڊرن ۾ حسن جي تلاش وغيره وغيره روماني شاعرن جا نه صرف موضوع هئا بلڪه انهن جي تلاش ۾ روماني شاعر سياح بنجي سفر به ڪندا رهيا. روماني نوجوان برفاني راتين ۾ چانڊوڪيءَ جو مزو وٺڻ لاءِ نڪري پوندا هئا، جن مان ڪي ته ڪڏهن به موٽي نه سگهيا.
(۲) تخيل: تخيل جيئن ته ادب جو هڪ لازمي عنصر آهي، تنهنڪري روماني تحريڪ جو گهڻو دارومدار تخيل تي هوندو هو. تخيل جنم ڏيندو آهي تخليق کي ۽ تخليق ڪرڻ هڪ خدائي ڪم آهي تنهنڪري تخيل ۽ تخليق کي انساني ذهن جو سڀ کان اعليٰ ۽ افضل فعل قرار ڏنو ويو، جڏهن ته عهدِ روشن خياليءَ ۾ ذهن جو افضل ڪارنامو ”عقل“ هو، جنهن جنم ٿي ڏنو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي.
(۳) وجدان: عهدِ روشن خياليءَ جو انداز مدلل ۽ منطقي هو، پر رومانيت راهه ورتي وجداني ولولي، جوشيلي جذباتيت ۽ جنوني جبلت جي ۽ بيحد اهميت ڏني احساسات کي. ورڊس ورٿ اعليٰ شاعريءَ جي وصف هيئن بيان ڪئي: ”اعليٰ شاعري اها آهي، جنهن ۾ پُرزور احساسات بي ساختگيءَ سان ڇلڪي پون.“ يعني شاعري هڪ داخلي هيجاني ڪيفيت آهي ۽ ان جو ڪم اهو نه آهي ته خارجي دنيا جي عڪاسي ڪندي وتي.
داخلي هيجاني ڪيفيت سان وجدان کي بيدار ڪندي جڏهن جذبا اٿل کائين ٿا ته شاعر اندر جي اونهائين ۾ وڌيڪ پيهي وڃن ٿا ۽ ائين هو پنهنجي ”خودي“ سان نه صرف متعارف ٿين ٿا، پر سندن خودي به ارتقا پذير ٿئي ٿي.
(۴) انفراديت: رومانيت جو دؤر ۽ صنعتي انقلاب جو دؤر گڏ گڏ هلي رهيا هئا. معاشرو تبديل ٿي رهيو هو، ڇو ته پيداوار جا اوزار تبديل ٿي رهيا هئا ۽ اجتماعيت جي جڳهه انفراديت والاري رهي هئي. روماني شاعرن خصوصي طور بائرن انفراديت کي تمام گهڻو فروغ ڏنو. فرد پنهنجي انفرادي حيثيت ۾ هيرو هو، جيڪو بهادر، بي خوف، بي لوث، آزاد، بي پرواهه ۽ باغي هو. هن کي سماجي رسمن، رواجن، قانونن ۽ نظامن کان نفرت هئي، پوءِ نظام چاهي ملڪي ۽ مذهبي هجن يا سماجي ۽ سياسي. انفراديت پسند آرٽسٽ ته ادبي اصولن سان به بغاوت ڪري ٿو ۽ رواجي گهاڙيٽن ۽ هيئتن (forms) جي ڪا پرواهه نٿو ڪري. هن وٽ اهميت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته بي ساخته اڇل کائي نڪرندڙ احساسن کي ڪنهن به طريقي سان قلمبند ڪري.
سياسي ميدان ۾ به انفراديت کي هٿي ملي. روماني باغي سماجي، قانوني، رياستي ۽ مذهبي ريتن، رسمن ۽ قانونن کي نٿو مڃي. هو انفراديت جي راهه وٺي ٿو ۽ بقول رومانيت پسندن جي ته سندس ملاقات ”خود“ سان ئي ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي خود دريافت ڪري ٿو (جيڪو گهڻو ڪري نيپولين، هٽلر ۽ مسوليني جو روپ وٺي فاشسٽ يا نازي بنجي، نظامن کي تباهه، رياستن کي تهس نهس ۽ عالمي امن کي برباد ڪريو ڇڏي).
(۵) هيبت ناڪ شين ڏانهن ڪشش: رومانيت جو هڪ عنصر هيبت به هو. قديم قلعا جيڪي کنڊر بنجي چڪا هجن، پراسرار پهاڙي رستا، جنن ڀوتن جون ڪهاڻيون، ڏائڻيون، جادوگر، ديوَ، پريون، جادوگر جي قبضي ۾ شهزاديون وغيره وغيره ڪافي اهم روماني موضوع هئا، جن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه هو، پر انهن فضوليات ۾ رومانيت پسندن کي پرلطف رومان نظر ايندو هو. قديم شيون ۽ قرونِ وسطيٰ جي دؤر سان وابسته شين سان انهن کي بي پناهه محبت هئي. (ساڳيو جنون ڪجهه سنڌي رومانيت پرستن کي به آهي).
(۶) لوڪ ادب: اوائلي روماني دؤر ۾ جرمنيءَ ۾ لوڪ ادب تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو. گِرم ۽ جيڪب ڪانبو ٻڌي ڳوٺن ۽ وسندين ۾ ڪاهي پيا ۽ اتان لوڪ ڪهاڻيون ۽ لوڪ شاعري وغيره گڏ ڪندا ويا. ساڳيءَ ريت موسيقي ۾ لوڪ ڌنن کي وڌيڪ اهميت ملڻ لڳي. دراصل اهو ردِ عمل هو صنعتي شهري زندگيءَ جو، جنهن ۾ پڙهيل ماڻهو خصوصاً مڊل ڪلاس جو ماڻهو منافقيءَ واري زندگي گذاري رهيو هو، جنهن تي رومانيت پسندن ترجيح ڏني سادن، سٻاجهڙن ۽ سچن ٻهراڙيءَ واسين کي ۽ انهن جي ادب ۽ موسيقيءَ کي.
(۷) حسن کي ڪارج تي ترجيح: حسن ۽ حسن پرستي، رومانيت جو بيحد اهم جز آهي. حسن چاهي انسان جو هجي، فطرت جو هجي يا فن جو هجي، رومانيت پسند ان کي حد کان وڌيڪ اهم سمجهي ٿو، بلڪ حسن کي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي سچائي سمجهندي، ان کي هر چيز تي فوقيت ڏئي ٿو. نتيجي ۾ هو شين جي ڪارج بجاءِ انهن جي حسن کي ترجيح ڏئي ٿو. ڍڳو هر هلائي ٿو، تنهنڪري ڪارآمد آهي ئي، پر رومانيت پسند ڍڳي تي چيتي کي ترجيح ڏيندو، ڇو ته چيتو ڏسڻ ۾ حسين آهي.
مٿين جزن کان علاوه به رومانيت پسندن ادب ۽ فن تخليق ڪيو. جا به شيءِ عقل جي خلاف ۽ جذبات مطابق هئي، ان کي پسند ڪيو ويو. جا به شيءِ حسين هئي، ان کي ترجيح ڏني ويئي، پوءِ اها چاهي فضول ۽ تباهه ڪن ڇو نه هجي.
رومانيت جا اثر:
رومانيت جي دؤر ۾ سٺو ادب ۽ فن تخليق ٿيو. اهو ته نٿو چئي سگهجي ته اهو بهترين ادب هو، ڇو ته وڏا نقاد شيڪسپيئر ۽ ملٽن جي ادب کي عظيم ادب ۽ روماني ادب کان بهتر ادب سمجهن ٿا. بهرحال هن دؤر ۾ ورڊس ورٿ، بائرن، شيلي، ڪيٽس ۽ ڪالرج بيحد مقبول شاعر هئا، جن فطرت، محبت ۽ ٻين روماني موضوعن تي جاندار ۽ زوردار شاعري ڪئي. هر طرف روماني ادب، شاعري، مصوري ۽ موسيقي گونجڻ لڳي، جيڪا نوجوانن کي ڏاڍو متاثر ڪرڻ لڳي ۽ رومانيت يورپ جي تقريباً هر نوجوان جي زندگيءَ جو طرزِ عمل بنجي وئي. عقل جي مخالفت، روماني نوجوانن کي جتي ڪيف ۽ سرور جا ليپ چاڙهي ڇڏيا، اتي انهن کي زندگيءَ ۽ معاشري کان به پري ڪري ڇڏيو. فطرت جي محبت ۾ هو زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ حقيقتن کان منهن موڙڻ لڳا.
خوابن کي حقيقي زندگيءَ تي ترجيح ملڻ لڳي. حال جي حقيقتن کان مفرور ٿي، ماضي پرستيءَ جا مزا وٺجڻ لڳا. احساسن ۽ جذبن، عقل ۽ فهم جي جاءِ والاري. شهري زندگيءَ سان نفرت ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ سان محبت وڌڻ لڳي.
هر قسم جي روايت، قانون ۽ رسم رواج خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ٿيڻ لڳو. روايتي لباس، روايتي طور طريقا، فن جون روايتي بندشون نفرت جي نگاهه سان ڏٺيون وڃڻ لڳيون.
اخلاقي اصولن سان بغاوت، امن ۽ سڪون سان بغاوت، معاشري جي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي پابندين سان بغاوت، جديد معيشت ۽ صنعتي گوڙ شور سان نفرت، جوش ۽ جذبي، ولولي ۽ پرخطر زندگيءَ سان محبت، انفرادي زندگيءَ سان محبت، اجتماعي زندگيءَ سان نفرت، قوم پرستي عروج تي، انقلاب زنده باد، حقيقي تاريخي ۽ سائنسي حقيقتن کان لاپرواهي، ڪوڙن قصن ۽ ديومالائي داستانن لاءِ ديوانگي.
غير اهم، فضول، تباهه ڪندڙ ۽ پرتشدد شين ۾ حسن جي تلاش ڪرڻ رومانيت پسندن جو دلچسپ مشغلو هو. برٽرينڊ رسل لکي ٿو، ”رومانيت پسند شديد جذبات جا قائل هوندا آهن، پوءِ نتيجو خواه ڪجهه به نڪري. روماني محبت خصوصاً جڏهن اها ناڪام هجي، رومانيت پسندن کي ڏاڍي وڻندي آهي. شديد جذبات گهڻو ڪري تباهه ڪندڙ ٿين ٿا. نفرت، حسد ۽ ساڙ، غم ۽ اندوه، فخر ۽ وڏائي، فوجي قسم جي بهادري وغيره اهڙا جذبا آهن، جن جي شدت انسان کي سڪون بجاءِ تشدد پسند ٺاهيو ڇڏي. (سياسي) رومانيت پسند آخرڪار هڪ بدنظم باغي يا جابر فاتح بنجيو وڃي.“
رومانيت پسندن فلسفي تي تصوف کي ترجيح ڏني، علم۽ عقل تي احساسن کي ترجيح ڏني، سائنس ۽ تحقيق تي ايمان ۽ تخيل کي ترجيح ڏني.
رومانيت جيئن ته حقيقت کان فرار جو هڪ پرلطف پيچرو هو، تنهنڪري هر ڪو ان راهه جو راهي ٿيڻ لڳو. سج جي تيز گرميءَ ۾ ٻني کيڙڻ بجاءِ، رات جي چانڊوڪيءَ ۾ محبوب جي ذلفن جي تعريف ڪرڻ آسان به هئي ته مزيدار پڻ. ڪنهن ڪارخاني ۾ اٺ ڪلاڪ مشقت ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم هو، پر ڪنهن جلسي ۾ انقلاب انقلاب جا نعرا هڻڻ انتهائي ولوله انگيز تجربو هو.
هر ان تحريڪ جو حتمي نتيجو ناڪاميءَ جي صورت ۾ نڪرندو آهي، جيڪا عقلي بنيادن تي نه هجي. جنهن عمارت جي پيڙهه ۾ جذبات جي ڀُرڀُري ۽ ڪچي مٽي هجي، ان عمارت کي ڍير ٿيڻ کان ڪير به بچائي نٿو سگهي.
روماني تحريڪ به ناڪام ٿي وئي. رومانيت پسنديءَ جو تعلق نوجوانيءَ سان آهي. روماني طوفان جو اثر وڌ کان وڌ ٽيهن سالن واريءَ ڄمار تائين هوندو آهي ۽ ان کان پوءِ ان جو اثر ختم ٿيڻ لڳندو آهي. ڪالهه جا اهي رومان پسند، اڄ جا پڪا آلي عيالي ٿي ويهي رهن ٿا. سڄو ڏينهن سونهن سونهن ڪرڻ بجاءِ پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ صبح شام محنت ڪرڻ لڳن ٿا. حقيقت کان دوري انسان کي انسانيت کان دور ڪري ڇڏي ٿي. جيڪي رومانيت کان نڪري حقيقت جي دنيا ۾ موٽي آيا، اهي بچي ويا ۽ جيڪي نه موٽيا، اهي يا ته چريا ٿي ويا، يا خودڪشي ڪيائون يا بدنظم باغي بنجي انتشار ڦهلايائون.
روسو جي پرستار انهن بدنظم باغين يا پاڻ کي ۽ ٻين کي تباهه ڪري ڇڏيو يا فاتح بنجي ظالم حڪمران ٿي ويا. روسو جي مداح ابيسپيري جڏهن فرينچ انقلاب کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو ته هن پهريون وار پنهنجي ساٿين تي ڪيو ۽ انهن جا سر قلم ڪرائي، پاڻ بادشاهه کان به بدترين حڪمران بنجي ويهي رهيو.
رومانيت بطور تحريڪ جي ته اوڻيهين صديءَ جي آخر تائين ناڪام ٿي ويئي پر ان جي باقيات اڄ تائين هلندي اچي. يورپ ۾ ته اها نالي ماتر آهي، پر غريب ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ زور شور سان جاري آهي. اسان وٽ به روماني ادب ۽ شاعري خوب سرجن پيا، ڇو ته جتي ماڻهن ۾ تلخ حقيقتن کي منهن ڏيڻ لاءِ همت نه هجي، اتي روماني ادب فراريت لاءِ هڪ زور اثر گورِيءَ (Tablet) جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جو مقصد ڪثيرالجهت مسئلن جو حل ڪونهي، پر صرف لمحاتي خوشي آهي.

No comments:

Post a Comment