22/11/2012

”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ٽنبيل ڪمزور ۽ اڻ پُورا ڪردار - پروفيسر نذير سومرو

”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ٽنبيل ڪمزور ۽ اڻ پُورا ڪردار
پروفيسر نذير احمد سومرو
”سنڌ جي ادبي تاريخ“ نالي وارو ڪتاب، خانبهادر الحاج محمد صديق ميمڻ پنهنجي نالي ڀائي ۽ سندس دور جي هڪ وڏي اديب ۽ شاعر محمد صديق مسافر جي مدد سان ۱۹۳۷ع ڌاري لکڻ شروع ڪيو. هن ڪتاب جي پهرين اشاعت، ٻي جنگ عظيم جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ختم ٿي وئي. ۱۹۵۴ع تائين هن ڪتاب جو ٻيو ۽ ٽيون ڇاپو پڌرو ٿيو، جنهن جو ذڪر ڪتاب جي لائق مصنف خانبهادر محمد صديق ميمڻ هن طرح ڪيو هو:
”ٽيون ڇاپو ۱۹۵۴ع، ادبي تاريخ جي پهرين اشاعت ۱۹۴۴ع ۾ ختم ٿي. ستن سالن جي اندر پهرين ۽ ٻي اشاعت ختم ٿي.“ ساڳئي ڪتاب جو سال ۲۰۰۲ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان جيڪو ڇاپو آيو، ان ۾ سنڌالاجيءَ وارن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو لکيو. عجب جهڙي ڳالهه هي آهي ته خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي هن ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ کي مهراڻ اڪيڊميءَ شڪارپور طرفان، سن ۲۰۰۳ع ۾ نئين سر سنواري سينگاري شايع ڪري ڪتاب جو ٽيون ڇاپو قرار ڏنو ويو آهي! جڏهن ته ۱۹۶۸ع واري سال ۾ ان ڪتاب جو چوٿون ڇاپو[1] به ڇپجي چڪو آهي.

نئين سر سنوارڻ ۽ سينگارڻ مان منهنجو مطلب آهي ته ڪتاب جي ٽائيٽل پيج تي اصلي مصنف خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي نالي سان گڏ واڌارو ڪندي، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جو اسم گرامي به لکيل آهي ۽ سندس نالي سان گڏ واڌارا جو لفظ ڏنو ويو آهي. حيرت جهڙي ڳالهه هيءَ به آهي ته جڏهن خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي حياتيءَ واري دور ۾ (۱۹۵۴ع ) ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جو ٽيون ايڊيشن به شايع ٿي چڪو هو، ته پوءِ اڌ صدي جو هيڏو عرصو گذري وڃڻ کان پوءِ به هي ٽيون ايڊيشن ڪيئن ٿيو؟
ڪتاب جي ٽائيٽل تي واڌاري طور ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جو نالو لکيو ويو آهي. جڏھن ته ٽائيٽل کان اندرئين يعني پهرين صفحي تي عبدالجبار عابد لغاري جو نالو الائي ڇو غائب آهي؟ جيڪڏهن واڌارو نالو ڪتاب جي ٽائيٽل تي آهي ته پوءِ اندرئين صفحي تي به هجڻ گهربو هو. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ڪجهه ضميمي (واڌارو) بابت جي عنوان هيٺ لکي ٿو: ”ڪجهه محروم مگر معروف اديبن ۽ شاعرن جي ذاتي معلومات ۽ سندن تخليقات جو ذڪر ڪيو ويو آهي.“ خبر ناهي ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ کي سائين جي ايم سيد کان وٺي استاد بخاري تائين مشهور ۽ معروف ماڻهو الائي ڇا ۾ محروم نظر آيا؟ جيڪڏهن لفظ مرحوم کي پريس ۽ پروف جي چڪ سمجهي چئون ته اهو لفظ محروم نه، پر مرحوم آهي ته پوءِ به حيرانگي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته سائين جي ايم سيد، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، الله بخش نظاماڻي، شام جئسنگهاڻي، موج لغاري، محمد اسماعيل فدا عرساڻي، غلام اصغر ونڊير، محمد عثمان ڏيپلائي، رئيس ضياءَ الدين بلبل، قاضي عبدالمجيد عابد، محمد حسن ترڪ، پروفيسر غلام حسين جلباڻي، پروفيسر علي نواز جتوئي، ڪريم بخش چنا، غلام رضا ڀٽو، ٻيڙو فقير ڪنڀار، محمد بخش جوهر، استاد بخاري، زيب عاقلي، ڊاڪٽر اياز قادري، انور هالائي، پروفيسر محمد اڪرم انصاري، علي محمد راهو، ڊاڪٽر سيد اسد الله شاه بيخود حسيني، جمال الدين مومن، زيب ڀٽي، م-ن محزون، جهڙن نامور، اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي نالي جي سامهون سندن وفات جي تاريخ لکيل ئي ڪانهي ۽ اهڙن اديبن ۽ شاعرن جو تعداد به ۸۰ کن آهي. ان حالت ۾ هڪ پڙهندڙ اهڙن ۸۰ کن عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي ڇا سمجهي؟ حال حيات ۽ زنده؟ هي سڀ عالم، اديب ۽ شاعر تازو گذري ويل ۲۰ صديءَ جي پيداوار هئا ۽ کين لاڏاڻو ڪئي به ڪي صديون ته ڪونه گذريون آهن، جو سندن وفات جي تاريخ ته ڇا،پر سال به ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جهڙي عالم ۽ اديب کي خبر ڪانهي؟ جڏهن ته مذڪوره عالمن ۽ اديبن مان کوڙ اهڙا به آهن، جن جون ورسيون هر سال وڏي ڌوم ڌام سان سنڌ ۾ ملهايون پيون وڃن! مثال طور سائين جي ايم سيد ۽ استاد بخاري.
محترم ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ضميمي جي شروعات ۾، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي ته ڪجهه معروف اديبن ۽ شاعرن بابت ذاتي معلومات جو ذڪر ڪيو آهي. ذاتي معلومات جي ذڪر جو عالم هيءُ آهي ته ڪن اديبن ۽ شاعرن جو سالِ ولادت غلط لکيو ويو آهي. مثال طور؛ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڪجهه عالمن ۽ جن شاعرن جي وفات جو سال غلط لکيو ويو آهي، تن ۾ مخدوم طالب الموليٰ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي شامل آهن. سنڌ جي قلمڪار مولانا حاجي احمد ملاح کي ڪير نه سڃاڻي؟ پر نه ان جي ڄم جو سال، نه وفات جو؟!
لاڙڪاڻي جي بهترين غزل گو شاعر نواز علي نياز جعفري، جنهن جي موت پير حسام الدين راشديءَ کان ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ جهڙو شاهڪار ڪتاب لکرايو، اهڙي نامور شاعر جو نالو به غلط لکيو ويو آهي. نواز علي نياز جعفري بجاءِ، نياز علي نياز سومرو ڪري لکيو اٿس! جيڪڏهن ڊاڪٽر عابد لغاري جي لکيل نالي تي اچئون ته پوءِ سڄي سنڌ ته ڇا، پر خود لاڙڪاڻي جا ماڻهو ۽ سنڌ جي ادبي دنيا ۾ نياز علي نياز سومرو کي ڪير به ڪونه سڃاڻي! البته نواز علي نياز جعفري کي ته هر ڪو سڃاڻي! وڏي ڳالهه ته جتي شاعر جو نالو به غلط لکيو ويو آهي، اتي شاعر جي والد صاحب جو نالو آچر خان جي بدران آچار خان لکيو ويو آهي!
شاعرن جي ذاتي تخليقات جو عالم هي آهي ته (واڌارو موجب) کوڙ اديبن ۽ شاعرن جي تخليقات جو ذڪر به نه ٿو ملي! لاڙڪاڻي ضلعي جي مشهور صوفي شاعر فقير هدايت علي نجفي تارڪ بابت ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري لکي ٿو: نظم توڙي نثر ۾ ۲۰۰ ڪتابن جو مصنف آهي. (هتي پڙهندڙ لفظ آهي تي ڌيان ڏين.) جڏهن ڊاڪٽر عابد لغاري فقير نجفي تارڪ لاءِ لکي ٿو ته ۱۹۳۹ع ۾ گذاري ويو (ص-۵۶۵)، ان حالت ۾ لفظ آهي مان ڇا مراد ۽ مطلب؟ جڏهن ته فقير تارڪ جي ۲۰۰ ڪتابن مان ڪنهن هڪ ڪتاب جو نالو به ڪونه ڄاڻايو اٿس! رشدالله شاه جهنڊي وارو بابت لکي ٿو ته بذات خود ۷۰ ڪتابن جو مصنف هيو. پر سندس ڪنهن به تخليق جو ذڪر ڄاڻايل ڪونهي. ائين سنڌ جي رنگين شاعر استاد بخاريءَ جي ڪنهن به شعري مجموعي جو نالو لکيل ڪونهي. حتيٰ ڪ سندس پهرئين شعري مجموعي ”گيت اسان جا، جيت اسان جي“، جيڪو ۱۹۷۱ع ۾ گاج پبليڪيشن دادوءَ طرفان سنڌ جي مشهور اديب تاج صحرائي شايع ڪيو هو، جو به ذڪر ڪونهي.
اڃا ته ڊاڪٽر عبدالجبار لغاري لکي ٿو؛ اديبن ۽ شاعرن جي تخليقات جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پوءِ استاد بخاري ۽ ٻين جون تخليقات ڪاڏي ويون؟ اهڙيءَ طرح مرحوم علي محمد راهوءَ جي احوال ۾ (صفحو ۶۱۶) راهوءَ جي اهم تاليف ”سيرت رسول ڪريم صلي الله عليه واليه وسلم“ جو ذڪر ڪونهي. راهوءَ مرحوم کي، هن ڪتاب تي، بين الاقوامي سيرت ايوارڊ ملي چڪو هو.
سنڌي روزاني اخبار مهراڻ جي سابق ايڊيٽر مرحوم سيد سردار علي شاهه ذاڪر جي احوال ۾ سندس نعتيه ڪتاب ”واردات عشق“ جو ذڪر ڪونهي. جڏهن ته سيد سردار علي شاهه ذاڪر کي سندس هن نعتيه مجموعي تي صدارتي ايوارڊ ملي چڪو هو. اهڙيءَ طرح ضلعي لاڙڪاڻو جي تعلقي واري شهر رتوديرو کان ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي مشهور ڳوٺ طيب جي ديوان سرڳواسي ا-ح-جئسنگهاڻيءَ جي ڪنهن به ڪتاب جو ذڪر ڪونه اٿس. جڏهن ته هن جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ آتما باغ، تون ۽ مان، دل جو جام سدا ڀرپور ۽ ديوان سام شامل آهن. هن مختلف ٻولين ۾ شاعريءَ جا ۵ ديوان لکيا. سندس ڪيترائي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب مختلف ماڻهن وٽ لاڙڪاڻي ۾ پيل آهن.
ضميمي (واڌاري) جي صفحي ۵۷۶ تي سنڌ ۾ ڄاتل سڃاتل قلمي ڪردار حاجي حقير ابن مڱڻ کي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد، سندس نالي کي شارٽ فارم ۾ فقط حاجي حقير ڪري لکيو آهي. ٿورو سوچجي ته حاجي حقير کي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ ڪير سڃاڻي؟ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد واڌاري جي صفحي ۵۴۹ تي شمس الدين بلبل سان پنهنجي ضميمي جي شروعات ڪري لکي ٿو. سندس شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتن تي سنڌ يونيورسٽي ۾ تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتل آهي. سوال آهي ته اها ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڪنهن کي تفويض ڪئي وئي ۽ ڪهڙي سال ۾؟ ايئن ته مولوي ثناءُالله ثنائي جي شاعريءَ تي لاڙڪاڻي جي پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد به ۱۹۸۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي، پر ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ مولوي ثناءُالله ثنائيءَ جي ذڪر ۾ اهڙي ڳالهه ڪانه لکي آهي. هتي ادب سان عرض ڪجي ٿو ته، جڏهن ڪنهن جي لاءِ به معلومات ڏيو ٿا ته مهرباني ڪري پوري، مڪمل ۽ صحيح معلومات ڏيو. اڻ پوري، اڌوري ۽ ناقص معلومات ڏيڻ مان فائدو؟
مولانا ابوالڪلام آزاد جي جڳ مشهور ڪتاب ”انسانيت موت ڪي دروازي پر“ جو ترجمو علي محمد راهوءَ ”انسانيت موت جي دروازي تي“ ڪيو هو ۽ نالو ڏنو هئائينس تذڪره پر ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري تذڪره جي بجاءِ ان کي اخلاقيات لکيو آهي! پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ شيخ فريد الدين عطار جي مشهور ڪتاب ”منطق الطير“ جو ترجمو ”پکين جي پارليامينٽ جي نالي سان ڪيو هو، جيڪو تصوف بابت آهي، پر ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري کي اهو ڪتاب فلسفو نظر آيو ۽ فلسفو ڪري لکيو اٿس. صفحو ۶۰۶ تي سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز جي مشهور ۽ ايوب خان جي حڪومت واري دور ۾ بندش پيل، خطن تي مشتمل ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي کي شيخ اياز جو شعري مجموعو قرار ڏئي ٿو! شيخ اياز جا ڪتاب ”هي گيت اڃايل مورن جا ۽ ”جل جل مشعل جل“ شيخ اياز جي ڪتاب ”وڄون وسڻ آيون ۾ شامل آهن، جڏھن ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد انهن کي الڳ الڳ ڪري لکيو آهي. ڪنهن زماني ۾ واقعي اهي الڳ الڳ شايع ٿيا هئا پر ڪتابي صورت ۾ نه، پر ”روح رهاڻ رسالي ۾. اهي جڏهن ”وڄون وسڻ آيون ۾ شامل آهن ته پوءِ الڳ الڳ لکڻ جي ضرورت؟
ضميمي ۾ ڪتاب جي صفحي ۵۸۴ تي بالي ۽ ناز واري خيرپور جي رهاڪو، غلام اصغر ونڊير جي اصطلاحن بابت لکيل ڪتاب ”سنڌي کٽمٺڙا کي ٻولي قرار ڏئي ٿو! سنڌ جي هڪ لاثاني سپوت ۽ دانشور حضرت علامه آءِ آءِ قاضي جي احوال ۾، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، سندس مشهور ڪتاب Adventures of brown girl in search of God جي ترجمي بابت لکي ٿو؛ اهو مقبول ماهوار ”رهبر ڊائجيسٽ ۾ ”سانوري ڇوڪري سائين جي تلاش ۾ جي نالي سان شايع ٿيو هو. هتي سوال آهي ته علامه آءِ آءِ قاضي جي هن مشهور ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو آهي. حضرت علامه صاحب جو اصلي انگريزي لکيل ڪتاب پڻ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو هو. ان جو ذڪر ڪرڻ پڻ بيحد ضروري هو. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد صاحب کي اهو پڻ لکڻ کپندو هو ته علامه صاحب اهو ڪتاب جارج برنارڊشا جي ڪتاب ”ڪاري ڇوڪري حق جي تلاش ۾ جي جواب ۾ لکيو هو. ڊاڪٽر عابد لغاري صاحب، ضميمي واري حصي جي صفحي ۵۹۶ تي سابق ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن ۽ سابق وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ۽ سابق وزير تعليم سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو ذڪر به سندس وفات واري تاريخ ڏيڻ کان سواءِ ڪيو آهي.
سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو اهم ڪارنامو هي به هيو ته شاهه صاحب پنهنجي وائيس چانسلريءَ واري دَور ۾ سنڌ جي هڪ دانشور ۽ عالم، مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري نه هوندي به پي ايڇ ڊي جي شاگردن جو گائيڊ مقرر ڪيو هو. مرحوم قاسمي صاحب جي زير نگراني، ڪافي اديبن ۽ پروفيسرن پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي هئي. شايد ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ڊگري به مرحوم قاسمي صاحب جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪئي. جڏھن ته سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو اهو به رڪارڊ آهي ته هو واحد سنڌي عالم، اديب ۽ پروفيسر هيو، جيڪو قومي اسيمبليءَ جو ٿاڦيل ميمبر نه، پر چونڊيل نمائندو هو. ان جو ذڪر ڪرڻ به بيحد ضروري ۽ لازمي هو.
ڪتاب (ضميمي) جي صفحي ۵۹۴ تي پير محمد ابراهيم جان سرهندي جي احوال ۾ ڊاڪٽر عابد لغاري لکي ٿو:
”سائين جي ايم سيد جي خلاف جذباتي انداز ۾ ”سنڌ سونهاري نالي ڪتاب لکيائين، ڪتاب سان اتفاق ڪجي يا نه؟ پر پير صاحب جي ٻوليءَ کي هر ڪنهن واکاڻيو!“ هتي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد جي لکيل جملي کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته خبر ناهي ته الائي ڪنهن پير جان سرهندي جي ٻوليءَ کي واکاڻيو هيو؟ پراوا ۽ غير جانبدار اديب، عالم ۽ عام پڙهندڙ ته پري رهيا پر جيتري قدر منهنجي واقفيت واري حلقي جي ڳالهه آهي ته خود پير صاحب جي پنهنجي ئي مخصوص حلقي ۽ مڪتبهء فڪر وارن کي پير صاحب جي ٻوليءَ تي سخت اعتراض هو. پير جان سرهنديءَ پنهنجي ان شاهڪار ڪتاب ”سونهاري سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد کي جيئمڙو ڪري لکيو هو. ڇا اهڙي سنڌي ٻوليءَ کي ساراهه جوڳو چئي سگهجي ٿو؟ پاڪستان جي پهرئين چونڊيل صدر ۽ وزيراعظم ۽ سنڌي سپوت، قائد عوام ذوالفقار علي ڀُٽي جا مشهور مخالف اديب ۽ اخباري ڪالم نگار، جڏهن پنهنجي مضمونن ۾ ڀُٽي صاحب جو ذڪر ڪندا آهن ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو يا ڀٽو صاحب، يا فقط لفظ ڀٽو تي اڪتفا ڪندا آهن يا ڪندا هيا، پر پاڪستان، سنڌ ۽ برصغير جي اهم سياستدان، اديب ۽ دانشور سائين جي ايم سيد لاءِ اهڙا نازيبا ۽ ڪرڀ ڀريل الفاظ لکڻ واري جي ڪير ساراهه ڪندو؟ يا ڪنهن ساراهه ڪئي هوندي؟ اهو پڙهندڙ پاڻ به اندازو لڳائي سگهن ٿا! ”سنڌ سونهاري جهڙي ڪتاب جي رد عمل ۾ ”شيخ المشائخ جهڙو ڪتاب به ته لکيو ويو هو ۽ يقيناً ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جي نظر مان ضرور گذريو هوندو. جتي ”سنڌ سونهاري جهڙي اڻوڻندڙ مواد واري ڪتاب جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اتي ”شيخ المشائخ نالي واري ڪتاب جو ذڪر، محمد عثمان ڏيپلائي واري احوال ۾ اچڻ گهربو هو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته هي عاجز ٻنهي ڪتابن جي شايع ٿيڻ تي ڏکارو ۽ معترض رهيو آهي. اهڙي ڳالهه مون استاد بخاري، ذوالفقار راشدي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان ان زماني ۾ ئي ڪئي هئي، جن مون سان اتفاق ڪيو هو.
ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ڪتاب جيضميمي ۾ صفحي ۵۹۸ تي سنڌ جي هڪ بهترين شاعر ۽ نالي واري شخصيت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي احوال ۾ لکي ٿو:
”(مخدوم صاحب) پاڻ جميعت الشعراءِ سنڌ جو روح روان ۽ ڪيترو ئي عرصو ان جو صدر پڻ رهيو. جنهن هيٺ ڪيتريون ئي مشهور ڪانفرنسون ٿيون. سندس ادبي ذوق جي ڪري ڪيترو ئي عرصو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو.“ عجيب جملو هي آهي ته هو (مخدوم صاحب) ادبي ذوق جي ڪري ڪيترو ئي عرصو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو! ان جي معنيٰ اها ٿي مخدوم صاحب ۾ ٻي ڪابه قابليت ڪا نه هئي، سواءِ ادبي ذوق جي. ان ڪري هو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو! ائين ته سنڌ ۾ نالي ماتر اديب ۽ عام پڙهندڙن مان ڪيترائي ماڻهو اهڙا به آهن، جن وٽ سٺي لائبرري آهي ۽ وڏو ادبي ذوق به رکن ٿا. ان جو مطلب پوءِ اهو ٿيو ته اهڙي ادبي ذوق رکندڙ شخص کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي. رڳو ادبي ذوق سنڌي ادبي بورڊ جهڙي وڏي اداري جي چيئرمين جو معيار آهي ڇا؟
لاڙڪاڻي جي اديب ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي جي احوال ۾ ”ضميمي واري حصي جي صفحي نمبر ۶۲۱ تي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري هن طرح لکي ٿو:
”ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ولد حاجي غلام حسين ميمڻ، شڪارپور جي هڪ ڳوٺ ماڙي ۾ ڄائو، پر تعليم ۽ نوڪري جي لحاظ کان، سڄي عمر لاڙڪاڻي ۾ رهيو. اتان ئي گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج ۽ اڪانامڪس ڪاليج مان پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.“ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جي هن ڳالهه سان ڪير اتفاق ڪندو ته ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي نوڪريءَ وارو سڄو عرصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريو! ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پروفيسر ٿيڻ کان اڳ ۾ اريگاشن کاتي ۾ اوورسيئر هيو ۽ بعد ۾ پراڻي سکر جي منڍ ۾ ٽڪريءَ  تي ٺهيل هڪ خانگي تعليمي اداري اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ۱۹۷۲ع ۾ جڏهن پاڪستان جي صدر جناب ذوالفقار علي ڀُٽي ملڪ جي سڀني خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن کي، پنهنجي پاليسيءَ موجب، سرڪاري تحويل ۾ ورتو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جا ٽيچر، ليڪچرار ۽ پروفيسر راتورات سرڪاري ملازم بڻجي پيا. اهڙن پروفيسرن ۾ مرحوم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي به شامل هو. ۱۹۷۲ع کان پوءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سکر جي نيشنلائيزڊ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ ڪجهه عرصو رهيو، پوءِ گورنمينٽ نيشنلائيزڊ آرٽس ڪاليج رتوديرو جو پرنسپال (سال ۷۵-۱۹۷۴) ۽ بعد ۾ شڪارپور جي، قومي تحويل ۾ ورتل، شاهه لطيف ڪاليج ۾ پڻ پرنسپال رهيو هو. اورسيئري دوران، دادو ۾ به رهيو هو. ان حالت ۾ اهو ڪيئن مڃجي ته مرحوم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي نوڪري وارو سمورو عرصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريو. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ”ضميمي“ واري حصي ۾ ساڳئي صفحي تي ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتابن جي وچور ۾ لاڙڪاڻي جي ميونسپل ايمپلائيز ايسوسيئيشن طرفان شايع ٿيل مشهور ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو کي به ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ترتيب ڏيکاري ٿو. اصل ۾ ايئن ناهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيلاڙڪاڻو- ساهه سيباڻو ڪتاب جو مرتب نه هو.
ڪتاب جي صفحي (”ضميميوارو) ۵۶۴ تي، شڪارپور شهر جي مشهور باڪمال صوفي شاعر فقير غلام علي مسرور جي احوال ۾ ڊاڪٽر عابد لغاري فقير غلام علي مسرور کي صفحي ۵۶۴ تي بدويءَ جي بجاءِ سومرو لکي، سندس تعارف هن ريت ڪرائي ٿو: ”شڪارپور ۾ ڄائو، پرائمري استاد هيو.“
هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا فقير غلام علي مسرور سومرو به هيو ۽ پرائمري استاد به؟ حقيقت هن ريت آهي ته فقير غلام علي مسرور نه ذات جو سومرو هيو ۽ نه ئي پرائمري استاد هيو. فقير غلام علي مسرور کي چار پٽ آهن، جن جا نالا هي آهن: لعل بخش بدوي، رحيم بخش بدوي، ميران بخش بدوي ۽ سنڌ جو مشهور ۽ معروف پي ٽي وي ملازم، شاعر مسرور بيدل بدوي. جناب مسرور بيدل، لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽر ساغر ابڙو جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ ”صوفي پبليڪيشن جي فيبروري ۲۰۰۴ع واري شماري ۾ پنهنجي والد صاحب مرحوم غلام علي مسرور بدويءَ بابت هڪ مضمون، ”ويهين صديءَ جو باڪمال صوفي ۽ شاعر فقير غلام علي مسرور جي عنوان سان لکيو آهي، جنهن ۾ لکي ٿو:
”فقير غلام علي مسرور بدوي عالم ملڪوت مان، عالم ناسوت ۾ پاڻ پسائڻ ۽ حق جي ثابتي ڏيڻ لاءِ فقيري ويس وٺي شڪارپور جي معروف تعليمدان، رحيم بخش احمداڻي بدويءَ جي ڀاڳڀري گهر ۾ تاريخ پهرين جولاءِ سن ۱۸۹۴ع مطابق ۲۶ ذوالحج ۱۳۱۱ هجري جمعي ڏينهن تولد ٿيو. (ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، پنهنجي طرفان فقير غلام علي مسرور بيدل جي ولادت جو سن ۱۸۹۳ع لکيو آهي)... ابتدائي انگريزي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪيائين پر ميٽرڪ دوران سندس والد کيس سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو، پر انگريزي زبان کي پنهنجي روحاني آزادي ۾ رڪاوٽ سمجهي، ٽن مهينن ۽ يارهن ڏينهن کان پوءِ، پڙهڻ ڇڏي هليو آيو. تاهم ۱۹۱۰ع ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن بعد تپيداري ٽريننگ اسڪول حيدرآباد سنڌ ۾ ٽريننگ ورتائين. ملازمت دوران فقير سائين مسرور حيدرآباد، نوشهرو، شهدادپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ به رهيو. پهرين آڪٽوبر ۱۹۴۸ع تي جمعي ڏينهن بحيثيت سپروائيزنگ تپيدار چارج ڇڏي موٽي شڪارپور آيو.“
حيرت آهي ته سواءِ ڪنهن تحقيق ڪرڻ جي، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري اهو ڪيئن لکي ڇڏيو ته، فقير ميان غلام علي مسرور بدوي نه پر سومرو هيو ۽ پرائمري ماستر به رهيو هو؟!
شڪارپور جي ڄائي مرحومه بادام ناتوان کي سنڌي ادب ۾ خاتون اول جو درجو حاصل آهي. مرحومه بادام ناتوان ضلعي دادوءَ جي مشهور شهر ميهڙ کان اوڀر طرف ٻن ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ ڳوٺ گهاڙيءَ جي زميندار رئيس عبدالباقيءَ سان پرڻيل هئي. سندس اولاد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي اقتصاديات جي پروفيسر محترمه نسيمِ ٿيٻو ۽ مشهور اسٽوڊنٽ، قوم پرست ليڊر ۽ اديب محترم مير ٿيٻو ۽ ميهڙ تعلقي جو زميندار محترم گلزار ٿيٻو شامل آهن. پر اسان جو محقق ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري پنهنجي ”ضميمي“ جي حصي (صفحي ۶۱۱) ۾ مرحومه بادام ناتوان لاءِ لکي ٿو:
”بيگم محمد حسن ٿهيم شڪارپور ۾ ڄائي، علم و ادب جي انتهائي باذوق خاتون هئي.“ هاڻي پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين ۽ علم و ادب جي هڪ اهم خاتون، جنهن کي گذاري وئي ڪي صديون به ڪونه گذريون آهن، جنهن جي ماشاالله اولاد به خير سان حال حيات آهي. ان جي باري ۾ ههڙي غلط معلومات لکڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ ڪاڏي ٿهيم ذات ۽ ڪاٿي ٿيٻو؟
ڪتاب ۾ ڏنل ”ضميمي“ جي صفحي ۶۱۹ تي سنڌ جي مشهور ۽ معروف قلمڪار مرحوم محمد علي جوهر جي احوال ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري لکي ٿو:
”عربيءَ ۽ فارسي تي عبور سان گڏ ڪجهه انگريزي سان به تعلق هوس. زميندار ۽ ٺيڪيدار هجڻ جي باوجود نظم ۽ نثر تي سٺي پهچ هيس!“ خبر ناهي ته  هتي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ جي هن جملي لکڻ جو مقصد ڇا آهي ته زميندار ۽ ٺيڪيدار هجڻ جي باوجود نظم ۽ نثر تي سٺي پهچ هيس. قلم ته قدرتي ڏات آهي. ائين ته سائين جي ايم سيد، حضرت علامه آءِ آءِ قاضي، راشدي برادران، عطا محمد حامي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، مرحوم سائين ميران محمد شاهه، مخدوم طالب الموليٰ، نواب بهاول خان بهاول (تاجپور جو نواب)، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سيد علي اڪبر شاهه ميهڙ وارو وغيرھ، سڀني صاحبان جو تعلق زميندار گهراڻي سان هيو. سڀئي نظم يا نثر، ٻنهي تي عبور رکندڙ هيا. پو انهن لاءِ ڇا چئجي! مون هتي فقط اهي نالا لکيا آهن، جن جو ذڪر ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ پنهنجي ”ضميمي“ ۾ ڪيو آهي، نه ته اهڙا زميندارڪا ٻار/نوجوان کوڙ هيا، جن ادبي ۽ شاعراڻي دنيا ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. جن ۾ نسيم کرل، عبدالڪريم پلي ۽ ذوالفقار راشدي شامل آهن ۽ ڪنهن حد تائين قائد عوام ذوالفقار علي ڀُٽي جو نالو به کڻي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڀٽو صاحب به اهل قلم هو. پو ڇا هنن لاءِ اهو لکي سگهجي ٿو ته، هيا ته زميندارڪا ٻار پر اهل قلم هيا؟! معنيٰ زميندارڪو ذهين نينگر يا پيراڻي خاندان سان واسطو هجيس يا ٺيڪيدار ۽ خوشحال خاندان جو فرد هجي ته اهو اهل قلم ٿي نه ٿو سگهي! اهل قلم هئڻ ته فخر جهڙي ڳالهه آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، ”ضميمي“ واري حصي ۾ ڪتاب جي صفحي ۵۵۸ تي سنڌ جي هڪ مانائتي اديب ۽ شاعر مرحوم محمد صديق مسافر (۱۹۶۱-۱۸۷۹) بابت لکي ٿو:
”محمد صديق ولد گلاب خان، ٽنڊو باگو ضلع بدين ۾ ڄائو.... پاڻ به ڪيتريون ئي اخبارون جاري ڪيون هئائين. (اهڙين اخبارن جا نالا؟) سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو روح روان هو. هن اداري اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري علم و ادب جي وڏي خدمت ڪئي ۽ ڪيترائي ادبي شهپارا ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪيا.“
خبر نه ٿي پوي ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جهڙو عالم ۽ اديب، ۱۹ صدي ڇا کي سڏي ۽ سمجهي ٿو؟ ڳڻپ جي لحاظ کان ۱۹ صدي پهرين جنوري ۱۸۰۰ع کان شروع ٿي، ۳۱ ڊسمبر ۱۹۰۰ تي ختم ٿيندي. ان جي وچ ڌاري جي معنيٰ ۱۸۴۰ع کان ۱۸۵۵ع وارو عرصو. هاڻي لغاري صاحب پاڻ انصاف ڪري ته جڏهن محمد صديق مسافر مرحوم، پنهنجي ڄمڻ کان ۳۰ سال اڳ ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي جو روح روان ڪيئن بڻيو؟! حقيقت هيءَ آهي ته سنڌي ادبي سوسائٽي جو وجود نه ۱۹ صدي ۾ هيو ۽ نه ئي ان سوسائٽيءَ ۱۹ صدي ۾ ڪي ڪتاب شايع ڪيا هيا. جڏهن وجود ئي ڪونه هوندو ته ڪتاب ڪٿان شايع ٿيندا؟ سنڌي ادبي سوسائٽي جو وجود ويهين صدي ۾ پيو هيو ۽ ڪتاب به ويهين صديءَ ۾ ئي شايع ٿيا، نه ڪي ۱۹ صديءَ ۾، جيئن ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري لکيو آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جي قلم جو ڪرشمو هيءُ به آهي ته هڪ مشهور پر مري ويل شاعر کي هڪ ڀيرو ٻيهر زندهه ڪري لڏپلاڻ ڪندي ڏيکاري ٿو. سنڌ جي مشهور شاعر ۽ نواب شاهه سان تعلق رکندڙ پرسرام ضيا کي ڪير نه سڃاڻي؟ سندس مشهور غزل ”تون ياد ڪرين نه ڪرين، مان ياد ڪريان ٿو“ پرسرام ضيا جي ڳوٺائي مرحوم غلام رسول ڳائي، نه رڳو پاڻ کي پر شاعر پرسرام ضيا کي به امر ڪري ڇڏيو. پرسرام ضيا جو غلام رسول جي آواز ۾ ڳايل ڪلام، اڄ به حساس دليون رکندڙ انسانن کي ٻن ٽن منٽن لاءِ چپ ڪرائي ڇڏيندو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري پنهنجي ضميمي(صفحي ۵۵۶) ۾ پرسرام ضيا بابت لکي ٿو:
”پرسرام ضيا، وفات ۱۹۳۵ع، نوابشاهه جو باڪمال شاعر هو، ورهاڱي بعد هندستان هليو ويو.“ پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين ته هڪ انسان ۱۹۳۵ع ۾ مري وڃي ٿو ته اهو ٻارنهن تيرهن سالن کان پوءِ يا ان کان به وڌيڪ عرصي کان پوءِ ڪيئن زنده ٿيو، جو لڏپلاڻ ڪري هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ هليو ويو؟ هي ته قيامت جا آثار آهن. جڏهن الله تعالى جي واعدي موجب انسان هڪ دفعو ٻيهر زنده ڪيا ويندا. ڇا اصلي قيامت کان اڳ ۾ ئي ڪا قيامت به ٿي هئي جو مرده هڪ ڀيرو ٻيهر زنده ٿي پيا هيا؟! ۽ لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا هئا؟!
سنڌيءَ جي مايه ناز اديب ۽ دانشور، ٽماهي ”مهراڻ جي ايڊيٽر مرحوم غلام محمد گراميءَ جي احوال ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صفحي ۶۰۱ تي لکي ٿو:
”غلام محمد گرامي ولد جاڙو خان ميهڙ ضلع دادو ۾ ڄائو، علم ادب جي ذوق ۽ شوق ۾ سيد حاجي علي اڪبر شاهه جي ذاتي نظرداريءَ سبب هن عالمن، اديبن، صحافين ۽ شاعرن ۾ وڏي اهميت ماڻي.“ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جي هن لکڻ مان مراد ڇا سمجهون؟ ته مولانا گرامي بذات خود ڪجهه به نه هيو، پر اهو سيد علي اڪبر شاهه ميهڙ وارو هيو، جنهن جي ڪري کيس اهميت ملي! اڳتي هلي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري لکي ٿو: ”ٽه ماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڪيترائي مقالا لکيائين جن ۾ ’مشرقي شاعري جا فني قدر تنقيد جو گهڻو نشانو بڻيو.“ مولانا گراميءَ اهو مقالو سڌي طرح شيخ اياز جي دفاع ۾ لکيو هو. هڪ دفعي دادو شهر جي هڪ سوناري ۽ استاد بخاريءَ جي هڪ مداح، پنهنجي رهائشگاهه تي رات جو استاد بخاريءَ جي اعزاز ۾ هڪ محفل جو اهتمام ڪيو هو. ان محفل ۾ سڄي سنڌ کان ناميارا شاعر آيل هيا. پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ، مرحوم غلام محمد گراميءَ جي مقالي ”مشرقي شاعري جا فني قدر جي ڳالهه نڪتي ته سنڌ جي ڀلوڙ شاعر، سائين نياز علي شاهه محسن ڪڪڙائي چيو؛ اسان ساڄي ڌر واري ادبي لڏي ڏانهن مولانا غلام محمد گراميءَ جي ان مقالي جو قرض اڃا باقي رهيل آهي ۽ اسان جي ادبي لڏي وارو ڌڙو اڃا تائين ته اهڙو مقالو ڪونه لکي سگهيو آهي ۽ نه ئي ان جو جواب ڏئي سگهيو آهي.
سنڌ جي هڪ شاعر فيض بخشاپوريءَ بابت ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري (صفحي ۶۰۴) تي لکي ٿو: ”فيض الله خان ولد مصري خان ڊومڪي، بخشاپور (ڪشمور، ڪنڌڪوٽ) جو رهاڪو، غزل جو شهنشاهه، خطابن ۾ تغزل (خطابن ۾ تغزل ڇا معنى؟) ۽ غالبِ سنڌ پنهنجي انداز جو منفرد شاعر، اردو سنڌي مشاعرن ۾ مجمعي تي حاوي ٿيندڙ، حڪومت پاڪستان کان تمغه حسن ڪارڪردگي مليل، الفاظ ۽ خطابت اهڙي جو ڪنهن به اديب، شاعر يا دانشور جي حصي ۾ نه آئي.... ترقي پسند شاعرن ۽ اديبن سان ڪڏهن راس نه رهيو، بلڪ انهن تي تنقيد ڪندو رهيو!“
فيض بخشاپوري ڪو ۱۸ يا ۱۹ صدي جو شاعر ڪونه هو، جنهن بابت ماڻهن رڳو ٻڌو هجي ۽ ڏٺو نه هجي. فيض بخشاپوري جي شاعريءَ ۾ سنڌي لفظن جو تعداد ڪيترو هوندو هو! اهو راز ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. سنڌ جي هڪ بهترين شاعر عطا محمد حاميءَ هڪ دفعي ڪنهن مشاعري ۾ جڏهن فيض بخشاپوري، شعر پڙهي لٿو پئي ته سڏ ڪري چيس؛ ”سائين هاڻي هڪڙو سنڌي شعر به ٿي وڃي.“ سنڌ جو اهڙو ڪوبه مشاعرو ڪنهن کي به ياد ڪونهي، جيڪو فيض بخشاپوريءَ سنڌ جي رنگين ڪلام شاعر استاد بخاريءَ وانگر لٽيو ۽ ڦريو هو! نه ڪي پنڊال مان ڪڏهن آواز آيا ته فيض بخشاپوري کي گهرايو، جڏهن ته استاد بخاري يا وفا ناٿن شاهي ۽ اهڙن کوڙ ٻين شاعرن لاءِ پنڊال مان تقاضا ڀريل آواز ايندا هيا؛ استاد بخاري يا وفا ناٿن شاهيءَ کي ٻيهر گهرايو. جيستائين ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جي هن جملي جو تعلق آهي ته ”الفاظ ۽ خطابت اهڙي جو ڪنهن اديب، شاعر يا دانشور جي حصي ۾ ڪونه آئي.“ ان جي جواب ۾ عرض آهي ته جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جو شمار گذريل ويهين صديءَ جي شعلي زبان ۽ شعله بيان مقررن ۾ ٿيندو هو. خود ڀٽو صاحب اديب هو ۽ ٻه چار ڪتاب به لکيائين. ڇا فيض بخشاپوري فن خطابت ۾ اهڙو ماهر هيو، جيڪو ذوالفقار علي ڀُٽي کي به مات ڏئي ويو هو؟
ضميمي ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ اهڙن اديبن، شاعرن ۽ عالمن کي به قلم جي نوڪ تي آندو آهي، جن جو ذڪر ڪتاب جي اصلي مصنف، خانبهادر محمد صديق ميمڻ به ڪيو آهي. خبر ناهي ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ ڇا سوچي اهڙن اديبن، عالمن ۽ شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي! مثال طور؛ شمس الدين بلبل جو ذڪر، سنڌ جي ادبي تاريخ جي شڪارپور واري ڇاپي جي صفحي ۵۳۹ تي موجود آهي، جنهن کي خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ميان شمس الدين بلبل ڪري لکيو آهي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ ۵۴۹ صفحي تي ذڪر ڪيو آهي. بلڪ شروعات ئي شمس الدين بلبل کان ڪئي اٿس. اهڙي طرح ضميمي جي صفحي ۵۵۴ تي اڍائي سٽن ۾ آخوند محمد قاسم هالائي جو ذڪر ڪيو اٿس، جڏهن ته خانبهادر محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ جي صفحي ۳۵۱ تي ڏاڍي پيرائتي نموني ۾ ڪم ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي صفحي ۴۴۶ (شڪارپور ڇاپو) تي محمد حسن بيڪس (روهڙي) جو ذڪر موجود آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ به سندس ذڪر صفحي ۵۵۴ تي (”ضميمي“ ۾) ڪيو آهي. ٽکڙ جي هڪ نابينا شاعر حافظ حامد ٽکڙائي کي ساريندي سندس ذڪر صفحي ۵۵۵ تي ڪرڻ مناسب سمجهيو آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري پنهنجي ”ضميمي“ ۾ سنڌ جي ادبي تاريخ جي مصنف، خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي باري ۾ خيالن جو اظهار صفحي ۵۶۲ تي ڪيو آهي. ڊاڪٽر عابد لغاري لکي ٿو:
”خانبهادر محمد صديق ميمڻ سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي جو بنياد رکيو. ۱۹ صديءَ جي وچ ڌاري هن سوسائٽيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ بي شمار ڪتاب مختلف موضوعن تي شايع ڪيا.“ هتي به ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ساڳي چُڪ ڪري ٿو، جيڪا هن مرحوم محمد صديق مسافر جي احوال ۾ ڪئي آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري کان ادب سان سوال ڪجي ٿو ته سائين خانبهادر محمد صديق ميمڻ صاحب ڄائو ئي ۱۹ صديءَ جي آخر ۾، ته هن ۱۹ صديءَ جي وچ ڌاري سنڌي مسلم سوسائٽيءَ جو بنياد ڪيئن رکيو هو؟ ۽ اهو ڪهڙي طرح ممڪن آهي ته ڄمڻ کان اڳ ئي ڪو لازوال ڪارنامو سرانجام ڏئي!
ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ضميميواري حصي جي صفحي ۵۷۰ تي سنڌ جي هڪ اهم سياستدان ۽ اديب، سيد ميران محمد شاهه جي باري ۾ لکي ٿو:
” سيد ميران محمد شاهه ولد سيد زين العابدين شاهه ڳوٺ ٽکڙ تعلقي ٽنڊو محمد خان ۾ ڄائو. زمينداريءَ سان گڏ سياست کي گڏوگڏ هلايائين. پاڻ پاڪستان جو سفير پڻ رهيو.“ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري هر معروف ماڻهوءَ جي باري ۾ ڏاڍو اختصار کان ڪم ورتو آهي. ميران محمد شاهه نه رڳو پاڪستان جو ٻاهرين ملڪ (اسپين) ۾ سفير هو پر هو ۱۹۳۶ع جي چونڊن کان پوءِ وجود ۾ ايندڙ سنڌ اسيمبليءَ جو پهريون مسلمان اسپيڪر به رهيو هو. ان کان سواءِ هو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ، سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ۽ پوءِ سيڪريٽري رهيو. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جي عهدي تي رهندڙ ۽ سنڌي ٻولي جو اهم اديب غلام رباني آگرو پنهنجي دلڪش ٻوليءَ سان ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا جي حصي ٻئي ۾ صفحي ۲۱۸ تي سائين ميران محمد شاه بابت لکي ٿو:
”سيد ميران محمد شاهه سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري هو ۽ مان نائب سيڪريٽري. هو ۹ مهينا کن ان عهدي تي رهيو. پاڪستان کان اڳ بورڊ جو خود چيئرمين به رهي چڪو هو..... بورڊ جو سيڪريٽري هئڻ سان گڏ هو ان جي بانيڪار ميمبرن مان هئو ۽ مڙني ميمبرن ۾ غالباً سڀني کان سينئر.“ سائين ميران محمد شاهه جي، سائين جي ايم سيد ڏانهن لکيل خطن تي مشتمل ڪتاب ”رهاڻ جو نالو به نه کنيو ويو آهي!
خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب .سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ڊاڪٽر ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ واڌارو ڪيو آهي. واڌاري ۾ سنڌ ۾ ادبي خدمتون سرانجام ڏيندڙن جو ذڪر ٿيل آهي، پر حيرانگيءَ جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪي اديب، سنڌ جي اهم اداري سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين ۽ سيڪريٽري رهيا هجن ۽ ڪتاب جو نالو به سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ واڌارا هجي ۽ اهڙين شخصيتن جو سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي سان ذڪر نه ڪرڻ، ڪجهه کٽڪي ٿو. مثال طور سائين ميران محمد شاهه ۽ مرحوم عثمان علي انصاري به سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو هو، جنهن جو ذڪر جناب غلام رباني آگري پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا جي صفحي ۲۱۰ تي ڪيو آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري پنهنجي ضميميجي صفحي ۶۰۵ تي سنڌيءَ جي اهم شاعر نارائڻ شيام جو ذڪر فقط ڏيڍ سٽ ۾ ڪيو آهي ۽ نارائڻ شيام جي ڪنهن به شعري مجموعي جو ذڪر ڪونه ٿو ڪري. اهڙيءَ طرح ساڳئي ئي صفحي تي هڪ نامعلوم شاعر صوفي ساجد بابت ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري  رقم طراز آهي:
”دوست محمد ولد ولي محمد سمون پنهنجي استاد سرشار عقيليءَ جي نسبت سان معروف رهيو.“ پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائن ته صوفي ساجد بابت ههڙي واقفيت ڏيڻ مان سائين عابد لغاريءَ جو مقصد ڇا آهي؟ ته صوفي ساجد پنهنجي استاد سرشار عقيلي جي نسبت سان معروف رهيو.
حيرت جهڙي ڳالهه ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري پنجاب جي هڪ صوفي شاعر خواجه غلام فريد کي به زوريءَ سنڌ جي ادبي تاريخ جي ”ضميمي“ ۾ شامل ڪيو آهي. ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ آهي. خواجه غلام فريد هڪ پهتل بزرگ ۽ صوفي شاعر هيو ۽ ان وڌ ۾ وڌ ٻه چار ڪافيون سنڌي ۾ چيون هيون. ”ضميمي“ ۾ جيڪڏهن خواجه غلام فريد کي سنڌي ڪافين جي حوالي سان شامل ڪرڻ ضروري هيو ته پوءِ چڪ ڀرڪڻ ڀرسان ضلع شڪارپور جي هڪ ڳوٺ انباهه جي سائين فيض درياءَ شاهه جو ذڪر ڪرڻ به ضروري هيو. سائين فيض درياءُ شاهه به خواجه غلام فريد جو هم عصر شاعر هيو ۽ ڪافيءَ جو سٺو شاعر هو. سائين فيض درياءَ شاهه جي ڪافين وارو ڪتاب ”قلندري خطاب به شايع ٿيل آهي.
ضميمي“ جي صفحي ۵۶۵ تي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري هڪ شاعر دولهه دريا خان جو ذڪر ڪري ٿو، پر ان بابت اهو نه ڄاڻايو اٿس ته سندس ڳوٺ ڪهڙو هو؟ سندس والد صاحب جو نالو ڇا هو؟ ان ڪري اهو مغالطو پيدا ٿئي ٿو ته ڪهڙو دولهه دريا خان؟ دريا خان فقير ڪنڊڙيءَ وارو يا اڃا ڪو ٻيو؟ دريا خان نالي هڪ ٻيو به سنڌي شاعر هو، جنهن جو ڳوٺ هنڱورجا هو پر دفن لالو رائنڪ تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب ضميمي۾ صفحي ۵۵۲ تي محمد فقير کٽياڻ جي احوال ۾ لکي ٿو:
”محمد فقير ولد حيدر خان کٽياڻ، نزد ٽنڊي ڄام جو رهاڪو، نواب فقير ولي محمد لغاريءَ جو معتقد ۽ طالب هو.“ خبر ناهي ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب کي اهو ڪنهن ٻڌايو آهي يا ڪٿي پڙهيو اٿائين ته محمد فقير کٽياڻ، فقير نواب ولي محمد لغاريءَ جو معتقد ۽ طالب هو؟ پهرين ڳالهه ته معتقد ۽ طالب هجڻ ۾ وڏو فرق آهي. ڇاڪاڻ ته معتقد هجڻ هڪ ڳالهه آهي ۽ طالب هجڻ ٻي ڳالهه. حقيقت هن طرح آهي ته محمد فقير کٽياڻ، فقير نواب ولي محمد لغاريءَ جو طالب ڪونه هو، پر محمد فقير کٽياڻ پير پاڳاري جو طالب هو ۽ اها ڳالهه محمد فقير کٽياڻ جي مجموعي ڪلام ”منطوق محمدي ۾ لکيل آهي.
ضميمي“ جي صفحي ۵۷۸ تي برصغير جي نامور سياسي شخصيت، سائين جي ايم سيد جي احوال ۾، سندس سياسي چرپر ۽ ڪردار بابت لکيو اٿس، پر اهو ڪونه ڄاڻايو اٿس ته ۱۹۴۳ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان جي حق ۾ بل پاس ڪيو هو ته ان جو محرڪ سائين جي ايم سيد هو. اهو به سنڌ اسيمبلي ۾ رڪارڊ تي آهي ته سنڌ اسيمبلي واحد اسيمبلي هئي، جنهن سڀ کان اول پاڪستان جي حق ۾ بل پاس ڪيو هو. سائين جي ايم سيد ضلعي ڪائونسل ڪراچيءَ جو صدر هو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ٺهڻ بابت وڏي جاکوڙ ڪئي هئي. ان جو ذڪر ڪرڻ بيحد لازمي هو.
ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ جي ضميمي۾ سنڌ جي وڏن ۽ سٺن شاعرن ۽ اهلم قلم کي الائي ڇو جڳهه نه ملي سگهي؟ اهڙن سٺن شاعرن ۾ کيئل داس فاني، دادن فقير، ذوالفقار راشدي، بردو سنڌي، ميان غلام سرور فقير قادري ۽ ٻيا شامل آهن. وڏي ڳالهه ته سنڌ جي هڪ سٺي نقاد مرحوم قربان بگٽيءَ جو الڳ احوال ڪونه ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب بار بار ڪيترن ئي شخصيتن جي احوال ۾ هڪ نقاد طور سندن نالو کڻي ٿو. جهڙوڪ سائين جي ايم سيد (صفحو ۵۷۹) ۽ پير علي محمد راشدي (صفحو ۵۸۱) وغيره. اميد ڪجي ٿي ته سائين ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري آئنده ايڊيشن ۾ سنڌيءَ جي مشهور ۽ معروف قلمڪارن کي مناسب ۽ نمايان حيثيت سان لکندو.

[1]  آر ايڇ احمد حيدرآباد طرفان نائون. وهاب سهتو

No comments:

Post a Comment