16/11/2012

مفتون ڪورائي - کَٽي کَٽي ٿڪيون اکيون..... مشتاق گبول


مفتون ڪورائي
کَٽي کَٽي ٿڪيون اکيون.....
مشتاق گبول
اڄ هڪ ”ديده ور“ ۽ اُن جي ”ڏات“ جي ڳالهه ڪجي ٿي. ”ديده وري“ ۽ ”ڏات“ ڪنهن ڪنهن خوشنصيب جي حصي ۾ ايندي آهي. ”ديده ور“ بڻجڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. مان پاڻ ”ديده ور“ جي ڪا ئي وصف بيان نٿو ڪيان. ان موقعي تي هڪڙو فارسي شعر لکان ٿو، جنهن ۾ ”ديده ور“ جي وصف لکيل آهي:
”ديده ور آن ڪه تاهد دل بَشُمار دلبري،
در دل سنگ بنگرد، رقصِ بُتانِ آذري.“
ترجمو: ”ديده ور اُهو آهي، جنهن جي دل جڏهن دلبريءَ جو شمار ڪرڻ چاهي ته، تڏهن هُو پٿر جي دل ۾ باهه جي بوتن (چڻنگن) جو رقص ڏسي سگهي.“

جيڪو پٿر جي دل ۾، باهه جي بوتن/چڻنگن جو رقص ڏسي رهيو آهي، اُن ”ديده ور“ جو نالو آهي، مفتون ڪورائي. مفتون ظاهري طور اسڪول جي تعليم ڪجهه درجا حاصل ڪئي آهي، پر خُدا هن کي ڪمال درجي جي ڏات عطا ڪئي آهي. اُها ڏات جيڪا پڙهيلن کي مات ڪري وجهي، جيڪا پڙهيلن جون متيون مُنجهائي ڇڏي، اُها ڏات جيڪا دليون شڪار ڪري ڇڏي.
منهنجي سيکڙاٽي وارا ڏينهن هئا. دل ۾ هڪ آرزو هُئي ۽ ان جي حاصلات جي لاءِ جستجو ڪري رهيو هوس ۽ مفتون ڪورائيءَ جي شاعريءَ جا اُهي عروج وارا ڏينهن هئا ۽ مون پاري سيکڙاٽ نوجوان، هُن جي شاعريءَ جي فني ۽ فڪري اُڏام ۽ سادگي ڏسي، هن سان دوستي جو رشتو قائم ڪيو. بقول غالب جي هِن فارسي شعر جي ته:
”راهه زين ديده وران پُرس ڪه در گرم روي،
جاده چون نبضِ تپان در تِن صحرا بينند.“
ترجمو: ”راهه پُڇين ته هنن ’ديده ورن‘ (چٽيءَ بصارت وارن) کان پُڇ، جيڪي پنهنجي گرم رفتاريءَ ۾ رستي کي ائين ڏسندا آهن، ڄڻ صحرا جي تنَ ۾ تتل نبض ڏسندا هُجن.“
صحرا جي تن ۾ تتل نبض ڏسندڙ مفتون ڪورائيءَ سان، مون جهڙي سيکڙاٽ ۽ نو مؤلود شاعر جي دوستي ايئن هُئي، جيئن غالب واري دؤر ۾ مرزا شيفته ۽ غالب جي دوستي هئي.
مرزا شيفته ۽ غالب جي حوالي سان شيخ اياز پنهنجي هڪ نظم ۾ لکيو آهي ته:
مرزا شيفته، غالب ڏانهن ڏسي چيو،
”اسان شاعري سان دوستي رکي آهي،
يا قطب مينار سان!
هن جي تخيل تائين رسائيءَ لاءِ
ڪيڏو نه ڪشالو ڪڍڻو پوي ٿو!“
مان ائين چوندس ته ڪيڏو به کڻي ڪشالو ڪڍڻو پوي، پر ايڏن وڏن ۽ ڇِپ شاعرن جي تخيل تائين رسائيءَ جي لاءِ الائي جي ٻيون ڪيتريون ئي عمريون گهُرجن.
شيخ اياز لکيو آهي ته: ”اديب جي زبان اهو ضرب خانو هوندي آهي، جتان لفظ لفظ سوني چانديءَ جي سِڪي وانگر نڪرندو آهي ۽ هر سِڪي تي هُن جي مُهر لڳل هوندي آهي.“
اچو ته مفتون جي زبان جي ضرب خاني مان، مفتون جا مُهر لڳل کڙڪندڙ ڪُجهه سِڪا ڏسون:
اوپرو، اوپرو، اڻ ڏٺل ٿو لڳين،
سنڌ جي ڀاڳ جان ڇو رُٺل ٿو لڳين!؟

لٿي آ رات رستن تي،
شهر بي نُور ٿي ويو آ.

ڪير قيمت ڪَٿي سگهي منهنجي
آئون مزدور جو پگهر آهيان.“

اٽڪلون ٿي نيون نيون سوچي،
غرض ڪيڏي ذهين ٿي پئي آ.
مزاح جي انداز ۾ سنجيده شعر چوڻ به مفتون ڪورائي جي خاص سُڃاڻپ آهي. اِها خوبي صرف مفتون ڪورائي ۾ آهي، جو هُو مزاح جي انداز ۾ سنجيده شعر لکندو آهي ۽ سنجيده شعر ۾ مزاح جو رنگ وجهي، پنهنجي شعر جي مقصد کي ڀرپور معنيٰ ڏئي ڇڏيندو آهي. مفتون جا انهيءَ رنگ جا ٻه شعر اوهان به پڙهو ۽ غور ڪيو ته درد جي گهڻائي جو اظهار مفتون ڪهڙي نه خوبصورتي سان ڪيو آهي. انهن ٻنهي شعرن ۾!
درد سگريٽ پيو ڇِڪي مُٺ تي،
موڪلي تو نه دلبري آهي.

درد مفتون خود ٻچن سوڌو،
اڄ لٿل آهي منهنجي سوچن ۾.
مٿيان ٻئي شعر Personification يعني تجسم جا ٻه بهترين مثال آهن.
غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ مفتون ڪورائي هڪ پورهيت شاعر آهي. غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندي به هُو ڪڏهن مايوس نه ٿيو، هُو ڪڏهن ڊنو نه ۽ مون هميشه هن کي ڏاڍ سان ۽ ڪُوڙ سان سينو ساهيندي ڏٺو آهي. پيڙيل طبقي، مظلومن ۽ حق، سچ جو ساٿاري ۽ سنڌ جي آزادي ۾ پُختو ويساهه رکندڙ هي دوست، سائين جي ايم سيد جي فڪر سان مالامال آهي.
مفتون ڪورائي، سنڌي شاعريءَ جي وساريل صنف ”ڪافي“ جو به تمام وڏو شاعر آهي. مفتون جي ”ڪافي“ جي ڳالهه نڪتي ته مون کي هڪڙي ڳالهه ياد اچي وئي ته روسي شاعر ايوتو شينڪو کي ڪنهن چيو هو؛ ”ڪامريڊ! انقلاب مري چُڪو آهي.“ ته هُن جواب ڏنو هو: ”ڪامريڊ! انقلاب مُئو نه آهي، بيمار آهي ۽ مان پنهنجي شاعري ايمبولنس طور ڪم آڻي رهيو آهيان.“
سو، مان به اِها ڳالهه ڪندس ته ”ڪافي“ مُئي نه آهي، بيمار آهي، مفتون ڪورائي ۽ مير عبدالرسول مير پنهنجي شاعري ايمبولنس طور ڪم آڻي رهيا آهن. شال مفتون ڪورائي ۽ مير عبدالرسول مير جون ڪوششون ڪامياب ٿين ۽ ”ڪافي“ چاڪ چڱي ڀلي ٿي، ٻيهر پنهنجي عروج کي ماڻي.
هڪڙي دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪجهه بي سمجهه نوجوانن ٽوڪ ڪندي مفتون ڪورائي کي چيو هو ته: ”’جيئي سنڌ‘ جي نعري اوهان کي ڇا ڏنو آهي؟ هروڀرو ماڻهن کي گمراهه ڪيو وتو ٿا.“ اهو ٻُڌي مفتون ڪورائيءَ روايتي ڪامريڊن وانگي ڪاوڙ ۾ ڦونڊجي انهن نوجوانن کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو هو، پر ڏاڍي پيار ۽ پنهنجائپ وچان اُنهن کي شيخ اياز جون لکيل سِٽون ٻڌايون هُيون ته: ”منهنجا سڄڻو! اهو ’جيئي سنڌ‘ فقط جذباتي نعرو نه آهي، هن سان ڪوڙ جا قلعا لُڏي وڃن ٿا ۽ انهن جي ڪنگرن ۾ ڪنبڻي اچي وڃي ٿي. ان نعري جي پس منظر ۾ ثقافت ۽ قوميت جو اهو تخيل آهي، جو سنڌ جي تقدير بدلائي سگهندو آهي ۽ جيڪو انهيءَ جڙتو ثقافت جي جَڙ تي ڪُهاڙيءَ جو وڍ آهي، جا اوهان تي مَڙهي وئي آهي. قوميت نه فقط ٻوليءَ جو ڳانڍاپو آهي، نه فقط ڌرتيءَ ۽ روٽيءَ جو ڳانڍاپو آهي. قوميت اهي سڀئي ڳانڍاپا هوندي به انهن کان ڪجهه وڌيڪ آهي. ڳنڍير جي ڳنڍين ۾ جيستائين ماروئڙن جو مَن ٻَڌل نه آهي، تيستائين قوميت جو تخيل مڪمل نه آهي.“
اهو ٻُڌي مون مفتون کي اُن جي حافظي تي داد ڏنو هو. اهو وقت ويندو رهيو. هاڻي مفتون وٽ حافظي جي جواني ناهي رهي. ڪو دؤر هو جڏهن هُن کي پنهنجي اڌ شاعري ياد هوندي هُئي ۽ ٻين سنڌي ۽ اردو شاعرن جا پڻ هزارين شعر ياد هوندا هئا. ڳالهه مفتون جي ”ڪافي“ جي نڪتي هُئي ته هيٺ اُن جو هڪڙو نمونو ڏجي ٿو:
ڪڍي سينڌ سارنگ وري ڙي وري ڙي،
وري سانگ ساريا چري دل چري ڙي.

ڪِرڙ گُل گُلابي وڌا هار ڳل ۾،
اَڪن نيرا ڦليا کڻي پاتا پل ۾،
لَٽا، ليار، لاڻي، مَٽايا مريڙي.
گهڻو وقت اڳي، هڪ دفعي پنهنجي سِکيا وارن ڏينهن ۾ (توڙي جو آئون هاڻي به سيکڙاٽ آهيان ۽ سِکان پيو) پنهنجي بي سمجهيءَ ۽ اُٻهرائپ وچان مون مفتون تي تنقيد ڪئي هئي ته مفتون ڏُک گاڏڙ لهجي ۾ ڪنهن دوست کي چيو هو ته: ”مون جهڙي ڪا هڪڙي سِٽ ته لکي ڏيکاري.“ اُن وقت مفتون جي اِها ڳالهه ٻاراڻي لڳي هئي، پر هاڻي خبر پئي اٿم ته اها شاعر جي اَنا هُئي، اها شاعر جي خُودي هُئي ۽ مفتون واقعي سچ چئي ويو هو، ڇو ته ههڙيون سِٽون، ههڙا شعر مفتون ئي لکي سگهيو آهي ۽ مفتون ئي لکي سگهي ٿو:
ماٺ ڌڙڪن! متان هُو جاڳي پئي،
ڪو سُتل آهي منهنجي سوچن ۾.

اڄ کيرٿر، پٻن تي ڪولهي جو قد تڪي ٿو،
ڌرتيءَ تي پير پُختا، سِر اُڀ لڳل ٿو ڏسجي.

کَٽي کَٽي ٿَڪيون اکيون ثواب انتظار جا،
نه ڏي لذيذ ايترا عذاب انتظار جا.

هي ٻانهون ڀاڪرن بِنا ٻُٽيون، ٻُسيون، سُڃيون لڳن،
بسنت رُت جون راتڙيون، رُکيون، بُکيون، اُڃيون لڳن،
ڏٺا، سَٺا نه ٿا ٿين، هي خواب انتظار جا.

حواس گُم، رُٺل، ڀِنل، لڳن اکين جون ماڻڪيون،
سڪون ۽ قرار جون گهڙيون به اڄ اُٻاڻڪيون،
ڳلي ڳلي سُرن پيا سراب انتظار جا.
مفتون ڪورائي جيتوڻيڪ عمر جي پڇاڙڪي پهر ۾ آهي، پر هُن جي ڏات تي اڃا هاڻي جواني آئي آهي. سو مفتون جي ڏات جوان آهي ۽ دعا آهي ته مفتون جو عشق، سچل جي عشق وانگي ڪڏهن پوڙهو نه ٿئي ۽ هن جي ڏات شال سدائين نوجوان ناري وانگر ڏيک ڏيندي رهي.

No comments:

Post a Comment