25/11/2012

اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر ڪيڏانھن پيو وڃي - عابد حسين شر



اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر ڪيڏانھن پيو وڃي
عابد حسين شر
گھڻو عرصو اڳ جڏھن سنڌي ٽي وي چئنل اسان وٽ نه ھيا ۽ سنڌي پروگرام صرف پي ٽي وي ذريعي ڏسڻ نصيب ٿيندا ھيا تنھن زماني ۾ سنڌي پروگرام ھفتي ۾ ھڪ دفعو ايندو ھيو ته پروگرام شروع ٿيڻ کان ڪجھ گھڙيون اڳ ٽي وي اسڪرين جي اڳيان ڪنھن سئنيما گھر جھڙي رش ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. پروگرام شروع ٿيڻ بعد وچ ۾ ماڻھن جا ڳالھايا ويندڙ لفظ اھي عام ھوندا ھيا ته بابا ٿورو مٿو ھيٺ ڪر ٻانھن پاسي تي ڪر نظر نه ٿو اچي. سچ پچ ته تنھن دَور جو ته مزو ئي پنھنجو ھوندو ھو. تڏھن ڊرامن ۾ ڏيکاريون ويندڙ ڪھاڻيون به دل سان لڳنديون ھيون ۽ ھر ماڻھو پنھنجي ڪٽنب سان اھي پروگرام گڏ ڏسڻ ۾ ڪين ڪيٻائيندو ھو.
وقت بدلجندو ويو ۽ اسان جا سنڌي چئنل به آھستي ايندا ويا ۽ ماڻھن به وڏي خوشي محسوس ڪئي ته ھاڻي اسان کي ھفتي ۾ ھڪ دفعي بجاءِ  ۲۴ ڪلاڪن جي سنڌي نشريات  ڏسڻ ۾ ملندي ۽ اسان جي ختم ٿيندڙ تھذيب ۽ ثقافت بچي سگھندي.
شروع شروع ۾ ته ڏاڍا سٺا پروگرام نشر ڪيا ويا پر ھوريان ھوريان الائي جي ڪنھن جي نظر لڳي جو اسان پنھنجي سنڌي ڪلچر کي ڇڏي ڪري، اسان جو سنڌي چئنلن جو لاڙو اردو ڪلچر طرف ڏانھن ٿيڻ لڳو ھاڻي ته  اسان کي پنھنجا چئنل سنڌي گھٽ اردو چئنلن جھڙو ماحول گھڻو ڏيکاريو پيو وڃي.
اوھان اھڙا کوڙ سارا پروگرام ۽ ڊرامه ڏٺا ھوندا جنھن ۾ مڪس سنڌي اردو ڳالھائي ويندي آھي.
مثال طور ڀاءُ کي ڀائي، ڀاڄائي کي ڀاڀي، ناٺي کي داماد، ماسي کي خاله، ڪنوار کي دلھن چوڻ جھڙن لفظن سميت ٻيا ڪيترائي ڌاريا لفظ ڳالھايا ويندا آھن ۽ صبح جو سنڌي چئنلن تي نشر ٿيندڙ پروگرامن ۾ به اھڙا خاص مھمان گھرايا ويندا آھن جنھن کي ٽڪو به سنڌي نه اچي ۽ پوءِ مجبور ٿي ان پروگرام جو اھو ميزبان به مھمان سان گڏجي اردو ۾ شروع ٿي ويندو آھي ۽ پوءِ اھو سنڌي پروگرام اردو پروگرام ۾ ضم ٿي ويندو آھي. ڇا توھان ڪڏھن اھو ڏٺو آھي ته ڪنھن اردو چئنل تان سنڌي ۾ پروگرام ھلندو ھجي يا ڪنھن پنجابي چئنل تي پشتو ۾ پروگرام ڏيکاريو وڃي يا ڪنھن انگلش نيوز چئنل تي عربي ۾ ڪو پروگرام ٿيو ھجي؟
ٻئي پاسي اسان جا ڊراما به اھڙا ٿي ويا آھن جنھن ۾ اسان جا سنڌي چئنل صرف ڌاڙيل ڪلچر تي ئي ڪھاڻيون ڏيکارڻ پسند ڪن ٿا، جنھن سان ٻاھرين ملڪن توڙي ٻين صوبن ۾ اھي  ڊراما ڏسندڙن ڏي ڪھڙو تاثر ويندو ته سنڌي صرف ڌاڙيل ئي آھن يا وري ڪارو ڪاري تي ڊراما ڏيکاريا ويندا آھن جنھن ۾ کليل لفظن سان مرد ۽ عورت تي ڪڌا  انظام ھنيا ويندا آھن!
اسان جي نوجوان ڳائڻن جا حال به پورا سارا آھن. گانا به اھڙا ٿي ويا آھن جيڪي ھرگز اسان جي ڪلچر کي نه ٿا ڀائين، اوھان ھڪ پاسي پاڙيسري ملڪ جو ٽي وي تي گانو ھلايو ۽ ٻئي پاسي اوھان سنڌي چئنلن تي ڏيکاريا ويندڙ گانو ھلايو ۽ ان جو آواز بند ڪري ڇڏيو ۽ ٽئين ماڻھو کي گھرائي ان کي ٻنھي گانن جي وڊيو ڏيکارجي ۽ ان کان اھو پڇجي ته ان ۾ سنڌي گانو ڪھڙو آھي، ته اھو اچرج ۾ پئجي اھو چوندو ته يا ته ٻئي سنڌي گانا آھن يا انڊين آھن. مطلب چوڻ جو انھن گانن ۾ ماڊلنگ ۽ ناچ اھڙي ڏيکاريو ٿو وڃي جو ماڻھو پنھنجي گھر ۾ پنھنجي ڪٽنب سان گڏ اھو ٽي وي اسڪرين جي سامھون ويھي نه ٿو ڏسي سگھي.
ٻئي طرف اسان جي سنڌي گانن جي شاعرن جي شاعري به انڊين گيتن جي طرز تي ٺاھيل ھجي ٿي جيڪي مشھور گانن جي پيروڊي ڪري ٿورڙي وقت لاءِ شھريت ته ماڻن ٿا پر انھن ڪلامن جي شاعري به اسان جي سنڌي ڪلچر جي خلاف ھجي ٿي. اھي گانا به ڪو گھر اندر ويھي نٿو ٻڌي ۽ ڏسي سگھي، ڇو ته انھن ۾ ڀاڪر پائڻ، مٺيون ڏيڻ، سيني تي سمھڻ، دري مان نھاري ڏسڻ، ڪوٺي تي چڙھي محبوب سان ملڻ، ته ڪڏھن ڇوڪري جي موبائل بند ھجڻ جي شاعري ھوندي آھي، نه رڳو ايترو ھاڻي نرتڪيون ڪلام ڳائڻ سان گڏ تيز رقص ناچ به ڪن ٿيون. اھو ڪلام ڪلام گھٽ مجرو گھڻو لڳي ٿو پر ڪوئي به انھن خلاف آواز نه پيو اٿاري.
سنڌ صوفين، پيرن، فقيرن، بزرگن جي ڌرتي آھي.
 ھزارين سال پراڻي تھذيب رکندڙ سنڌ جنھن جي موهن جي دڙي جي تاريخ بابت ڪڏھن به اھڙا ڊرامه نه ڏيکاريا ويا آھن جنھن ۾ موهن جي دڙي تي ڪا ڪھاڻي ڊاڪومينٽري فلم ھجي يا سنڌ اندر ڌارين جي آباد ٿيڻ، سنڌ جي وسيلن تي ٻين جي قبضن سنڌ جي تعليم جي تباھي جي ڪارڻن تي پروگرام ڇو نه پيا ڏيکاريا وڃن؟ ڇا سنڌ اندر صرف ڌاڙيل ئي رھن ٿا ۽ اسين سڀ ڌاڙيل ئي آھيون جو ھر عيد تي سنڌين کي تحفي طور ڌاڙيلن جي ڪھاڻي بابت ٽيلي فلم ٺاھي ڏيکاري پئي وڃي؟
ان سان به اسان جي نئين نسل تي ڪھڙا ھاڃيڪار اثر پوندا؟ ڇا اھي به ڌاڙيل ٿيندا، انهي ڪلچر جا ڊراما ڏسڻ سان انھن جي پتڪڙن ذھنن ۾ ڪھڙا اثر پوندا ۽ اھي انھن ڪھاڻين مان ڪھڙو سبق حاصل ڪندا ته سڀاڻي وڏا ٿي اسان به ڌاڙيل ٿينداسين. انھن گھر جو ڪھڙو ماحول ٿيندو جيڪي سنڌي ٻولي جي گيتن ۾ انڊين ڪلچر جي ڌنن جا گيت ۽ انڊين فلمن جھڙي سنڌي گيتن تي ناچ ڏسندا.
پلاسٽڪ جا رانديڪا ٺاھيندڙ ڪمپنين تي ته پابندي وڌي وڃي ٿي ته ان پلاسٽڪ جي رانديڪن سان ننڍڙن ٻارن جي پتڪڙن ذھنن تي خراب اثر پوندا، پر ڌاڙيل ڪلچر تي ٺھندڙ فلمن کي ڪيئن روڪجي؟ ڪڏھن ان بابت ڪنھن ذھن ٺاھڻ جو ڪوشش به نه ڪئي آھي.
اسان جي صوبي اندر ٺھندڙ فلمن کي سينسر ڪرڻ لاءِ نه ته ڪو سينسر بورڊ آھي ۽ نه ئي ڪو اھڙو سرڪاري کاتو آھي جيڪو انھن کي چيڪ ڪري.
ھر فلم يا ڪلام ٺاھيندڙ ڪمپني پنھنجي مرضيءَ مطابق شاعري ۽ ان ۾ وڊيو پيش ڪري ٿي.
ڳالھيون ٺاھڻ ۾ ته اڄ ڪلھ ھر ڪو گھڻي مھارت رکي ٿو ته سنڌ امڙ جي مون کي ھيتري ڳڻتي آھي، ھر اشو تي ھر ماڻھو پنھجو ھٽ چمڪائي پيو ۽ ان معاملي بابت ڪڏھن به ڪنھن پنھنجو آواز اٿارڻ جي ڪنھن ڪوشش نه ڪئي آھي.
چند ڏوڪڙ ڪمائڻ جي لالچ ۾ اسان پنھنجي ٻولي ۽ ڪلچر کي وسارڻ ۾ ڪو حرج نه ٿا محسوس ڪيون. پئسي ڪمائڻ جي لالچ جي ڪري اسان جي اکين تي ڪاريون پٽيون اچي ويون آھن.
سنڌ جي ورھاڱي جي ڳالھ ھجي يا سنڌ جي پاڻي يا سنڌ اندر ڌارين جي آبادي ھجي ڪالاباغ ڊيم جو اشو ھجي يا سنڌ اندر ٻٽي مڪاني نظام جو معاملو ھجي يا پئسن عيوض وڪرو ٿيندڙ نوڪرين جو يا ھر سنڌ خلاف ٿيندڙ ھر سازش تي آواز اٿاريندا آھيون، پر سنڌي ٽي وي چئنلن تي ھلندڙ اردو جھڙن پروگرامن ۽ ڪيسٽ ڪمپنين پاران نازيبا شاعري رقص ڏيکارڻ جي خلاف اسان ڪڏھن به آواز اٿارڻ جي ڪوشش نه ڪئي آھي. شايد ان ڪري ته متان ان بابت آواز اٿارڻ سان اسان کي اھي چئنل  ڪوريج نه ڏين.
ھاڻي ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته پنھنجي قديمي ٻولي کي بچائڻ لاءِ اسان جي سرڪار سميت سنڌي ٽي وي چئنلن کي اھڙا قدم کڻڻ کپن جنھن سان اسان جي ٻولي ۽ ثقافت کي بچائي سگھجي. اھڙو ادارو جوڙيو وڃي جيڪو ان کي چانھ جي ڇاڻي وانگر پتي کي پيئڻ کان بچائي ۽ ان بابت ھر ماڻھو کي سوچڻ کپي ڇو ته اسان اڄ ان بابت نه سوچينداسين ته اسان جو ايندڙ نسل ان ڳالھ جو ذميوار اسان کي ئي ڪندو.

No comments:

Post a Comment