23/08/2013

دولهه دريا خان جي بيٺڪ يا مذهبي ماڳ؟ - عزيز ڪنگراڻي (Aziz Kingrani)



دولهه دريا خان جي بيٺڪ يا مذهبي ماڳ؟
عزيز  ڪنگراڻي
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترا ئي اهڙا ماڳ آهن، جيڪي اصل نالي، تاريخي پس منظر ۽ پيش منظر جي لحاظ کان مونجهاري جو شڪار آهن. اڄ تائين انهن ماڳن يا انهن جي نالن بابت مغالطن جي سلسلي ۾ ڪا به سنجيده، سائنٽيفڪ ۽ مدلل تحقيق نه ڪئي وئي آهي. اسان جي محققن ۽ تاريخ جي عالمن گهر ويٺي ڪتابن تي پئي ڀاڙيو آهي يا وري مقامي روايتن جي رُخن تي غور ڪرڻ بجاءِ اُن کي سَند سمجهي پنهنجي راءِ قائم ڪري ماڳ جي نالي ۽ ان جي تاريخ ۾ ويتر مونجهارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

ساڳي مونجهاري واري صورتحال ڄامشوري ضلعي ۾ هڪ ماڳَ سان پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي. هيءُ گوپانگ ريلوي اسٽيشن ۽ ڳوٺ خاصائي شورا جي وچ ۾ انڊس هاءِ وي جي ويجهو اوڀر ۾، ڄامشوري کان اٽڪل ۶۵ ڪلوميٽر اُتر ۾ ۽ مانجهند کان ۱۳ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ واقع آهي. هن ماڳَ کي بنا ڪنهن تحقيق جي دُولهه دريا خان جي بيٺَڪ قرار ڏنو ويو آهي.
دُولهه دريا خان، ڄام نِندو عرف نظام الدين جو برجُستو وزير هو، جنهن ۱۴۹۰ع ۾ حُڪومت جون واڳُون سنڀاليُون. دُولهه دريا خان سنڌ جي آزاد رياستي وحدت ۽ خوشحاليءَ تي راتاهو هڻندڙ ارغونن سان وڙهندي، اٽڪل ۱۵۲۱ع ۾ شهيد ٿي ويو هو. ڄام نندي، دُولهه دريا خان کي ٽلٽي ۽ ڳاها ۾ جاگيرون ڏنيُون هُيون. اهي ٻئي ڳوٺ ۽ علائقا تڏهوڪي زماني ۾ منڇر ڍَنڍ جي ڪنارن ويجهو ۽ شاداب علائقا هُئا. ”تُحفته الڪرام“ ڪتاب جي مصنف مير علي شير قانع، ڳوٺ ڳاها کي دُولهه دريا خان جو ڳوٺ ڄاڻايو آهي، جتي هن اُن زماني ۾ چاڳلي نالي هندُو وزير جي مدد سان ساوَڙو واهه کوٽائي باراني زمينون آباد ڪيون هُيون. دُولهه دريا خان ڳوٺ ڳاها ۾ مدرسو قائم ڪيو هو. هن مدرسي ۾ هرات منجهان آيل مولانا يار محمد ابهري، مولانا اثيرُالدين ابهرِي ۽ مولانا عبدالعزيز ابهرِي درس تدريس جو ڪم جاري رکيو. ڳوٺ ڳاها جو مدرسو سنڌ جي مشهور مدرسن منجهان هڪ هو. دُولهه دريا جوڳوٺ ڳاها (هاڻ سيد بهار شاهه) جوهي کان اٽڪل ۷ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجُود آهي ۽ دريا خان جي بيٺَڪ سڏيو ويندڙ ماڳَ کان اٽڪل ۱۷۰ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.
مسٽر غلام محمد لاکو ۽ سيد حاڪم علي شاهه بُخاري هن ماڳ کي دريا خان جي بيٺَڪ سمجهن ٿا، پر مان انهيءَ راءِ جو ناهيان. اهو ماڳ دُولهه دريا خان جي بيٺَڪ نه پر مذهبي ماڳ آهي. اُن ڳالهه جي تائيد ماڳ يا عمارت جي طرزِ تعمير پڻ ڪري ٿي. سنڌ ته ڇا، پوري برِ صغير توڙي ايشيا جي تاريخ وٽ اهڙي اوطاق يا بيٺَڪ جو مثال موجود ناهي، جنهن کي گُنبذ هجي. گنبذ مقبرن، مسجدن يا مندرن جي اڏاوتُن ۾ هجڻ جي ته تاريخي روايت موجود آهي، پر ڪنهن بيٺَڪ يا اوطاق کي گُنبذ هجي، سا ڳالهه نه سائنسي تحقيق جي ذمري ۾ شامل آهي ۽ نه ئي سمجهه ۾ اچي ٿي. هن ماڳَ ڀرسان قديم بستيءَ جا آثار به نظر اچن ٿا. ممڪن آهي ته ٺٽي کان ڳاها يا ڳاها کان ٺٽي ايندي ويندي، دُولهه دريا خان اُن بستيءَ وٽ ڊاٻو ڪندو هجي. ڳوٺ خاصائي شورا جي رهواسين موجب، دُولهه دريا خان جي بيٺَڪ وارو ماڳ موجوده ماڳَ کان به اوڀر ۾ هو، جنهن کي سنڌو پائي ويو آهي. هن ماڳ وٽ جوڙيل عمارت جي طرزِ تعمير مان ظاهر آهي ته، هيءُ  شِوَ مندر، شوالو يا ٽڪاڻو آهي. هن مندر جي اڏاوت جو نمونو مانجهند ڀرسان ڪچي جي علائقي ۾ موجود مندر يا ٽڪاڻي سان تمام گهڻي مشابهت رکي ٿو، پر هيءُ مندر مانجهند جي مندر کان گهڻو قديم لڳي ٿو. مندر جي اڏاوت ۾ سَنهي سِرَ ۽ چِيرولي ڪم آيل آهي. چؤڦير دِيوار آيل اٿس، جيڪا پڻ مندر جيان زبون حاليءَ کي پهچي چُڪي آهي. مندر يا ٽڪاڻي جِي پُٺ اُتر اولهه ۽ منهن ڏکڻ اوڀر آهي. مانجهند واري ٽڪاڻي جيان هن ٽڪاڻي جا پڻ ٽي حصا آهن، هڪ اوڀر اُتر، ٻيو اولهه ڏکڻ ۽ ٽيون مرڪزي يا وچون حصو، جنهن تي گُنبذ تعمير ٿيل آهي. هر دروازو يا اندر داخل ٿيڻ لاءِ گذرگاهه ونگن تي ٺهيل آهي. هاڻ صرف گُنبذ وارو حصو وڃي بچيو آهي. اُن ڪري تاريخي رڪارڊ جي درستگي به ضروري آهي ته، هن قديم ثقافتي ورثي کي ميسارجڻ کان بچائڻ جي پڻ ضرورت آهي.

No comments:

Post a Comment