11/08/2013

ڪُجهه يادون ڪجهه ڳالهيون - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سنڌ دوست آفيسر فضل الله قريشيءَ جو آتم ڪٿائي ڪتاب
ڪُجهه يادون ڪجهه ڳالهيون
 رکيل مورائي
تازو سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ آتم ڪهاڻين جا ڪتاب شايع ٿيا آهن، جن کي نه رڳو گهڻي ڌيان سان پڙهيو ويو آهي پر ساراهيو به ويو آهي. ساراهيو ان ڪري ويو آهي جو انهن ۾ نه رڳو ليکڪن جي پنهنجي آتم ڪهاڻي آهي پر جنهن دور ۾ هنن زندگي گذاري آهي، ان دور جي الڳ پهلوئن بابت ڪيترا ئي اهم واقعا ۽ تاريخي دستاويز به ڏنا ويا آهن جن مان انهيءَ دور جي حالتن ۽ ٿيندڙ تبديلين جي گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. جنهنڪري اهي ڪتاب نهايت اهم ڪتاب ليکيا وڃن ٿا.

ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون“ نالي وارو ڪتاب پڻ انهن ڪتابن ۾ شامل آهي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ نهايت اهم ۽ معلومات ڪتاب هجڻ جو اعزاز ماڻي چُڪا آهن. هيءُ ڪتاب اسان جي نهايت ئي اهم عهدن تي رهندڙ سنڌي اڳوڻي ڪاموري/ بيوروڪريٽ فضل الله قريشي صاحب جي يادن تي ٻڌل ڪتاب آهي، جنهن ۾ سچ پچ ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون به آهن ته يادون به آهن. اسان جا اهي سڀ سنڌ دوست آفيسر ۽ زندگي جي ڪنهن به شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخص، پنهنجي زندگيءَ جي آخري حصي ۾ پنهنجون آتم ڪٿائون لکي، نه رڳو سنڌ کي پنهنجي تجربي جو علم لکت ۾ ڏئي احسان ڪري رهيا آهن پر اڄ جي دور ۾ اڄ جي نوجوانن جي رهنمائي به ڪري رهيا آهن، جنهن لاءِ هو جس جا ڀاڳي آهن.
فضل الله قريشي صاحب هڪ نهايت ذهين ۽ سنڌ دوست شخص رهيو آهي ۽ جيئن ته هن ملڪ جي اهم پوسٽن تي رهيو آهي، ان ڪري هن جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ نه رڳو هُن جي پنهنجي ڪهاڻي آهي، پر پنهنجي آس پاس جي ڪهاڻي به آهي ته ساڳي وقت سنڌ سان ۽ سنڌين سان الڳ الڳ شعبن ۾ ٿيندڙ زيادتين جو داستان به آهي، جيڪو قريشي صاحب جهڙي نهايت پڙهئي ڳڙهئي ۽ وطن دوست شخص پنهنجي تجربن جي بنياد تي قلمبند ڪيو آهي. ٻيءَ طرح هيءَ اهم ۽ تاريخي معلومات اسان تائين رسڻ هڪ ڏکيو عمل بڻجي ها. قريشي صاحب پنهنجي يادن کي سهيڙي سنڌ کي هڪ دور جي ڏٺل ۽ ان ۾ حصيداريءَ واري تاريخ لکي ڏني آهي. جيڪا سماجي تاريخ به آهي ته سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ به. سندس شخصي ۽ خانداني تاريخ به آهي ته ساڳئي وقت هُن جي يارن دوستن، مخالفن ۽ محسنن جي تاريخ به ۽ ايئن سنڌ کي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ اهم ڪتاب ملي ويو آهي. جنهن جو نالو آهي، ”ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون.“
دنيا جي ادب ۾ جنهن تيزيءَ سان آتم ڪهاڻيون ۽ يادگيريون قلمبند ٿي رهيون آهن، ان ئي تيزيءَ سان سنڌي ادب ۾ به آتم ڪهاڻيون اچي رهيون آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن کي لکڻ جو اسٽائيل هر ليکڪ جو پنهنجو آهي. هيءَ ڪتاب ان حوالي سان به اهم آهي ته اهو هڪ ترتيب سان لکيو ويو آهي. ڪتاب کي سترهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ اهي باب باترتيب آهن، جنهنڪري ڪتاب اڃا وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ڪتاب جو پهريون حصو آهي جيڪو 1984ع تائين آهي. ڪتاب جو ٻيو حصو اڃا رهيل آهي. هيءُ ڪتاب ليکڪ سان گڏ گذريل مني صديءَ جي هڪ ادارتي تاريخ آهي، جيڪا اسان جي ايندڙ نسلن کي پنهنجي مستقبل جي سفر ۾ رهنمائي ڪندي ڪتاب جي اهميت جو هڪ پهلو اهو به آهي ته ان جي اهميت جا ساکي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سائين محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر سليمان شيخ، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر اسد الله قاضي، ڊاڪٽر امان الله ميمڻ، محسن ٻٻر صاحب آهن، جن جا ڪتاب ۾ شامل ڪتاب بابت ويچار ڏنل آهن.
ڪتاب کي سهڻي ڇپائڻ جو سڄو سهرو سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي روح روان نور احمد ميمڻ صاحب تي آهي. هونئن به اڄ سنڌ جي نجي ادارن ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ پنهنجي جيڪا ساک ڇڏي آهي سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو ڇپيل اها اسان جي ادارن لاءِ فخر لائق آهي ۽ رهندي هيءُ خوبصورت ڪتاب سوا پنج سؤ صفحن تي ڦهليل آهي. 400 ملهه وارو هيءُ، پڪي جلد سان خوبصورت ڪتاب سنڌ جي سڀني بڪ اسٽالن تي موجود آهي.

No comments:

Post a Comment