26/08/2013

ٿيا قلب قرار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



بي مثال نثر نويس غلام رباني آگري جو نئون ڪتاب
ٿيا قلب قرار
رکيل مورائي
تازو ئي سنڌالاجيءَ پاران غلام رباني آگري صاحب جو ٽڙيل پکڙيل لکڻين تي ٻڌل ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”ٿيا قلب قرار“. هن ڪتاب مان پڻ رباني صاحب جي مستقل لکندو رهڻ جو پتو پوي ٿو. هن ڪتاب ۾ ڪي گهڻو آڳاٽا ليک آهن ۽ ڪي نوان ۽ اڻ ڇپيل ليک آهن جن کي گڏي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي. الڳ الڳ موقعن تي لکيل هيءُ ليک پڻ رباني صاحب جي مزاج ۽ ليکڪ جا آئينيدار آهن.
هن ڪتاب ۾ به رباني صاحب جو نثر پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اٺن ڀاڱن ۾ ورهايل ۽ ترتيب ڏنل هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ اهم واڌارو ۽ يادگار ان ڪري به آهي جو هاڻ شايد هيءَ نثر وري سنڌي ادب کي نصيب نه ٿئي. رباني صاحب جون ڪتابن کان ٻاهر رهجي ويل لکڻيون سهيڙجي ڪتابي صورت ماڻي وٺنديون پر اهو وڏو سچ آهي ته رباني صاحب جي وڃڻ سان اسان وٽان اهو نثر به موڪلائي ويو، جيڪو قصا نويسيءَ جو هڪ عاليشان نمونو هئو. رباني صاحب جو نثر فقط رباني صاحب ئي لکي سگهيو ٿي جيڪو هاڻ نه رهيو آهي، ان ڪري اهڙي نثر کان سنڌي ادب سدائين لاءِ محروم سمجهڻ گهرجي.
سندس نثر جي آخري ڪتاب طور ”ٿيا قلب قرار“ کي پڙهڻ کان پوءِ جيڪو تاثر اڀري ٿو، اهو هيءُ ته کيس سنڌي ادب ۾ هڪ معتبر نثر نويس طور مستقل رهڻو آهي. هن ڪتاب جي اٺن ڀاڱن ۾ جيڪي آهي، اهو سنڌي ادب، تاريخ، فلسفي، سوانح نگاري ۽ ٻين ڪيترن ئي حوالن ۾ نهايت اهم آهي، جنهن ۾ سيرت طيبه به آهي، سنڌ امان به آهي، سارون سنڀارون به آهن، متفرقه به آهن، وکر سو وهاءِ به آهي، تقريرون به آهن، سڄڻن جا ساريو سانگ ۽ ڪي ترجما به آهن. دراصل مٿيان سڀ انهن ڀاڱن جا عنوان آهن، جن کي ڪتاب ۾ ترتيب سان ڏنو ويو آهي.
ڪتاب کي سهيڙڻ ۾ اسان جي دوست نصير مرزا ۽ الطاف آگري جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي، اها ساراهڻ جهڙي آهي. سندن محنت ۽ محبت سان ئي هيءُ ڪتاب وجود ۾ اچي سگهيو آهي. ڪن  مشاهيرن جون تصويرون پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهن جن ڪتاب کي وڌيڪ سهڻو بڻايو آهي. ادب ۾ هن ڪتاب جو جيڪو مرتبو جڙندو اهو يقينن هڪ اهم ڪتاب وارو هوندو.

No comments:

Post a Comment