فخر ڏياريندڙ هڪ تحقيقي ڪتاب
سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح
رکيل مورائي

موضوع جي حوالي سان هيءُ ڪتاب اهڙي وقت شايع ٿيو آهي، جڏهن سنڌ مان طنز ۽ مزاح وارو ادب لڳ ڀڳ ناياب ٿي ويو آهي. سنڌيءَ ۾ آڳاٽو لکيل مزاح وارو ادب به هاڻ ڳوليو نٿو لڀي. ڪن لئبريرين ۾ ئي شايد سگهي ملي. تازو ڇپيل ڪتاب ”سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح“ جو دائرو ٻارهن سئو پجهتر سال آهي. تيرهن صدين تي پکڙيل هيءُ موضوع، هن ڪتاب ۾ شامل آهي، جيڪو ڄاڻايل معلومات موجب 2600 صفحن تي ٻڌل هئو، جنهن کي گهٽائي موجوده صورت ۾ لکيڪ خود آندو آهي. مون کي پڪ آهي ته هن ڪتاب کي ڏسي اڄ جا پي ايڇ ڊي ڪندڙ نوجوان هڪ نئون اتساهه ماڻيندا ۽ فخر به ڪندا ته اسان جا پيش رو ڪيتري محنت ڪندا هئا. ممڪن آهي ته ڪن کي اندر جو ڀونڊو به لڳندو هجي، جيڪي ڊاڪٽر لفظ ته لکن ٿا، پر سندن پي ايڇ ڊين جو معيار امر جليل صاحب جي ڪيل تبصري کان گهڻو مٿي نه آهي. اتي هيءُ ڪتاب ڏسي ۽ پڙهي ڊاڪٽر غلام قادر سومري صاحب لاءِ بيحد احترام وڌي وڃي ٿو. اڄ هو پاڻ نه رهيو آهي پر سندس هيءُ ڪتاب ايندڙ نسل لاءِ هڪ رستو آهي، مثال به آهي ته تحقيق ڇا کي چئبو آهي. ڪتاب ۾ سنڌيءَ ادب ۾ آيل طنز ۽ مزاح جون تيرهن صديون بند آهن. ترتيب طور ڪتاب پندرهن بابن ۾ ورهايل آهي ۽ انهن بابن ۾ وري الڳ موضوع شامل آهن. طنز ۽ مزاح جي تاريخ آهي هيءُ ڪتاب.
ادب جي الڳ الڳ صنفن ۾ طنز ۽ مزاح ڪيئن آندي وئي آهي، سنڌي شاعريءَ
۾ طنز ۽ مزاح ڪيئن استعمال ڪئي وئي آهي، طنز يا مزاح آهي ڇا آهي، ان جي تاريخ ڇا
آهي، الڳ الڳ ٻولين ۾ اها ڪيئن استعمال ٿيل آهي، اهو سڀ هن ڪتاب جي جاچ جو هڪ حصو
آهي، جنهن بابت محقق تيرهن صدين جو تحقيقي ذهني سفر ڪيو آهي ۽ اهي پيچرا ووڙيا آهن، جن تان هلي، طنز ۽ مزاح سنڌ تائين ۽ سنڌي ادب
تائين پهتي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هن عالم سچ پچ تحقيق جو حق ادا ڪيو آهي. نه رڳو اهو
پر پنهنجي موضوع سان جيڪو انصاف ڪيو آهي، اهو نه رڳو هن جي نالي لاءِ هڪ فخر آهي،
پر هيءُ تحقيق جو هڪ لاجواب ڪتاب ڇپائڻ تي ثقافت کاتي لاءِ پڻ احترام وڌي ٿو، جنهن
هڪ بيحد اهم ڪتاب سنڌي پڙهندڙن کي ڏنو آهي. ڪتاب کي نهايت سهڻو ڪري ڇاپڻ لاءِ
پيڪاڪ پبليڪيشن جي نوجوان اڳواڻ قمر آفتاب جي جاکوڙ پڻ جس لهڻي. ڊبل ڪرائون سائيز
جو هي خوبصورت ڪتاب 696 صفحن جو آهي ۽ هن ڪتاب جو ملهه آهي 700 رپيا.
No comments:
Post a Comment