04/08/2013

جت ويڄ نه طبيب - تبصرو: شوڪت چاچڙ (Shoukat Chachar)

ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجي جو ترجمو ڪيل هڪ اهم ڪتاب
”جت ويڄ نه طبيب“
تبصرو: شوڪت چاچڙ
طب جي دنيا جو هڪ مشهور انگريزي ڪتاب ”ويئر ديئر از نو ڊاڪٽر“ (Where there Is No Doctor) جنهن کي پنهنجي اهميت جي لحاظ کان دنيا ۾ ”صحت جي بائيبل“ جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو، ان جو سليس سنڌي ترجمو، سائنسي ادب جي نامياري ليکڪ ۽ مترجم ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي ”جت ويڄ نه طبيب“ جي نالي سان اصل ڪتاب جي ڏهين ايڊيشن تان ڪيو آهي. ڪتاب جي ايڊيٽنگ ڊاڪٽر محمد بخش ڀرڳڙي ڪئي آهي. هي ڪتاب تازو سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران شايع ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب جو خالق، ’ڊيوڊ ورنر‘ هڪ اهڙو انسان دوست آهي، جنهن 1970 ۾ جڏهن ميڪسيڪو جي ماڻهن جي صحت جي حالت زار ڏٺي ته سندن لاءِ اسپئني ٻولي ۾ اهو ڪتاب لکڻ تي مجبور ٿيو ته جيئن بيوس ۽ لاچار ڳوٺاڻا، جن وٽ ڊاڪٽر ۽ اسپتال جي سهولت موجود ناهي ۽ هو پنهنجو علاج، مقامي ريتن رسمن ۽ ساٺن سَوڻن سان ڪندا رهن ٿا تن جي جديد طبي سائنسي بنيادن تي مدد ڪري کين ان لائق ڪري سگھجي ته ڊاڪٽر ۽ اسپتال نه هوندي به هو پنهنجي مدد پاڻ ڪري سگھن.

هن ڪتاب ۾ هر عام پڙهندڙ لاءِ ننڍين وڏين بيمارين بابت باتصوير ڄاڻ، بيمارين جي علامتن ۽ علاج جو ڏس به ڏنل آهي. اسپيني ٻولي ۾ لکيل هي ڪتاب ايترو مشهور ٿيو جو اڳتي هلي ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو جيڪو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿيو. هن وقت تائين هي ڪتاب دنيا جي 100 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
مجموعي طور هي ڪتاب سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ رهندڙ سڀني پڙهندڙن کي ڪيترين مختلف بيمارين بابت آگاهي ۽ درست علاج بابت رهنمائي ڪري ٿو. هن ڪتاب جي مدد سان ننڍين آبادين ۾ ڪم ڪندڙ دايون، ليڊي هيلٿ ورڪر، نرسون، ميڊيڪل جي سکيا وٺندڙ نوجوان شاگرد ۽ ڪميونٽي ميڊيسن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ڪارڪن وڏي ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا. عام پڙهندڙن لاءِ ڪتاب جي آخر ۾ ڏکيَن طبي اصطلاحن جي سولي سنڌيءَ ۾ معنيٰ به ڏني ويئي آهي. انگريزيءَ ۾ هيسپيرين (Hesperian) فائونڊيشن، آمريڪا جي ڇپيل هن ڪتاب ۾، دنيا جا مختلف ماهر ڊاڪٽر هر ٻئي ٽئين سال، واڌارا سڌارا به ڪندا رهن ٿا.
507 صفحن جي پڪي جلد سان ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 600 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment