مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن
ٻولين جي عالمي تحريڪ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو سوال
مجيد مڱريو
مادري ٻولي، ثقافت، تهذيب و تمدن، رسم رواج، فلسفي ۽ انسان جي روين ۽
قدرن جي ترجمان هوندي آهي. انسان سڀ کان پهريائين سمجهه ۽ شعور مادري ٻوليءَ ۾ سکندو
آهي. انسان ۽ مادري ٻوليءَ جو رشتو ايترو مضبوط ۽ پيارو هوندو آهي، جيترو ان جو سندس
ماءُ سان پاڪ ۽ اڻ ٽٽ محبت ڀريو رشتو هوندو آهي. مادري ٻولي قومن ۽ ڪلچر جي سڃاڻپ هوندي
آهي، جيڪا نسل در نسل منتقل ٿيندي رهندي آهي. ٻار سڀ کان سولو اظهار پنهنجي مادري ٻوليءَ
۾ ڪري سگهندو آهي. ڪيليفورنيا يونيورسٽيءَ
جي مادري ٻوليءَ بابت هڪ تحقيقي رپورٽ ۾ پروفيسر للي وونگ فلمور لکي ٿو ته ”جڏهن ٻار
کي تعليم ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڏني ويندي آهي ته هو مادري ٻولي وساري ڇڏيندو آهي.“ اهوئي
سبب آهي جو دنيا جا سمورا سڌريل ملڪ ٻار کي تعليم مادري ٻوليءَ ۾ ڏيندا آهن. ان جو
زندهه مثال جپان، چين ۽ جرمني آهن. چين جي ٽيڪنالاجي سڄي دنيا ۾ مشهور ۽ مقبول آهي.
چيني انجنيئر پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اهي پنهنجي ملڪ ۾ تعليم پنهنجي
مادري ٻوليءَ چيني ۾ ڏين ٿا. جرمني ۽ جپان جو به اهڙوئي مثال آهي. سانگهڙ جو هڪ دوست
روزگار خاطر جرمني ويو ته اتي هن هڪ سال جرمني ٻولي سکي پوءِ ڪنهن روزگار جي قابل ٿي
سگهيو.
اقوام متحده جي اداري يونيسڪو طرفان ۱۷
نومبر ۱۹۹۹ع هر سال ۲۱
فيبروري کي”مادري ٻوليءَ جو
عالمي ڏينهن“ ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ اهو پهريون دفعو ۲۱ فيبروري ۲۰۰۰ع تي ملهايو ويو.
مادري ٻوليءَ جي عالمي تحريڪ ۽ عالمي ڏينهن جو پسمنظر؛ مادري ٻوليءَ جو
عالمي ڏينهن ۲۱ فيبروري
ڇو منتخب ڪيو ويو ان جو مختصر تاريخي جائزو پيش ڪجي ٿو. جڏهن ۱۹۴۷ع ۾ برصغير جو ورهاڱو ٿيو هو ته مذهب جي بنياد تي ٻن
حصن ۾ ورهايو ويو. هڪ انڍيا ۽ ٻيو پاڪستان. وري پاڪستان جا ٻه حصا ڪيا ويا هڪ مغربي
پاڪستان (موجوده پاڪستان) ۽ ٻيو مشرقي پاڪستان (موجوده بنگلاديش). پاڪستان جي ٻنهي
حصن جي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪرڻي مختلف هئي. ٻئي طرف جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ان
کان پوءِ ۱۹۴۷ع ۾ ان وقت پاڪستان جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ هڪ تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.
انهيءَ ڪانفرنس ۾ پاڪستاني حڪمرانن ان وقت مغربي پاسي ۶۱
سيڪڙو ڳالهائي ويندڙ سنڌي
ٻولي کي نظر انداز ڪري ۽ مشرقي پاڪستان ۾ ۹۰
سيڪڙو ڳالهائي ويندڙ بنگالي
ٻولي کي به ڪا اهميت نه ڏني ۽ ان وقت صرف ۶
سيڪڙو ڳالهائي ويندڙ اردو
ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ۽ دفتري ٻولي وري انگريزيءَ کي قرار ڏنو. انهيءَ
کان وڌيڪ ڪهڙي بي سمجهي ٿيندي جو اها ٻولي ۽ انهن جي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي قرار ڏنو
ويو، جن کي برصغير مان ڪڍڻ لاءِ ۱۰۰
سال جي جدوجهد ڪئي وئي، هزارين
ماڻهو شهيد ڪرايا ويا. انهيءِ ڪانفرنس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته مشرقي پاڪستان (موجوده
بنگلاديش) ۾ مني آرڊر جا فارم، پوسٽ ڪارڊ ۽ خط و ڪتابت اردو يا انگريزيءَ ۾ هوندا.
ان ڏينهن کان مغربي ۽ مشرقي پاڪستان جي اڳواڻن ۾ اختلاف شروع ٿيا، ڇو ته بنگالي صرف
بنگالي ٻولي ڄاڻندا هئا ۽ ان کي اهميت ڏيندا هئا. بس پوءِ بنگالين ان ڏينهن کان سندن
مادري ٻوليءَ کي بچائڻ جي تحريڪ کي تيز ڪري ڇڏيو. بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ جو بنيادي ڪارڻ
به اهو ئي هو. بنگالين جي اها تحريڪ ايتري ته وڌي وئي جو اها مادري ٻوليءَ جي عالمي
تحريڪ ٿي وئي، جيئن بنگالين ان تحريڪ کي تيز ڪيو ته پاڪستان جي حڪمرانن ۽ فوج بنگالين
مٿان بي انتها ظلم شروع ڪيا.
ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي بنگالي شاگردن انهيءَ تحريڪ کي روح ڦوڪيو ۽ باقائده
منظم انداز سان تحريڪ کي زور وٺرايو. مختلف وقتن تي مختلف طريقن سان احتجاج شروع ڪيا
ويا. ۲۱ جنوري۱۹۵۲ع تي بنگلاديش جي شاگردن ۽ سياسي اڳواڻن جي هڪ گڏجاڻي
ڍاڪا ۾ ڪئي وئي ۽ ان گڏجاڻيءَ ۾ ”آل پارٽيز اسٽيٽ لنگويج ڪاميٽي“ جوڙي وئي. انهيءَ
ڪاميٽيءَ وري هڪ ۱۶ رڪني
ايڪشن ڪاميٽي جوڙي، جيڪا ٻوليءَ جي تحريڪ کي منظم انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي ذميوار هئي.
انهيءَ ڪاميٽيءَ ۱۶ فيبروري۱۹۵۲ع تي گڏجاڻي ڪري ۲۱
فيبروري ۱۹۵۲ع تي احتجاج جو اعلان ڪيو. انهيءَ ڏينهن بنگال جي بجيٽ
سيشن جو اجلاس ٿيڻو هو. پاڪستان حڪومت طرفان ۲۰
فيبروري ۱۹۵۲غ تي شام جو ڍاڪا شهر ۾ قلم ۱۴۴ نافذ ڪري شهر ۾ ڪنهن به قسم
جو اجلاس، جلوس يا گهٽ ۾گهٽ ۵ ماڻهن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. انهيءَ
فيصلي کان پوءِ ۲۱ فيبروري
جي صبح جو عوامي ليگ پارٽيءَ جي آفيس ۾ ”آل پارٽيز اسٽيٽ لنگويج ڪاميٽي“ جي گڏجاڻي
رکي وئي پر اها گڏجاڻي ان ڪري نه ٿي سگهي جو اهم اڳواڻ مجيب الرحمان کي جيل موڪليو
ويو هو ۽ مولانا اي ايڇ ڪي باشاني کي ڍاڪا کان پري سندس ڳوٺ ۾ گهر اندر نظر بند ڪيو
ويو هو. اهڙيءَ طرح ٻين اڳواڻن کي به نظر بند ۽ ڪجهه کي گرفتار ڪيو ويو هو. آخر ڪار
۲۱ فيبروري
تي ڍاڪا يونيورسٽي، ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽي جا شاگرد ۽ نوجوان شهري ڍاڪا
يونيورسٽيءَ ۾ گڏ ٿي ويا ۽ اهو نعرو بلند ڪيو ته ”اسان بنگلا ٻوليءَ کي ئي رياستي ٻولي
چاهيون ٿا!! اسان قلم ۱۴۴ کي نٿا مڃون. ۽ مادري ٻوليءَ کان سواءِ هڪ ڏينهن به
ناممڪن!“
“We want Bangla as State Language”
“We don’t obey section ۱۴۴”
“A single day without mother language!
Impossible!”
جيئن جيئن ڏينهن گذرندو ويو تيئن تيئن ويا ماڻهو گڏ ٿيندا ۽ سخت قسم جا
نعرا ويا گوجندا. احتجاج ۾ جيئن ماڻهن جو تعداد وڌندو ويو تيئن حڪومت جي پريشاني وڌندي
وئي. احتجاج ڪندڙ شاگردن بجيٽ اجلاس ۾ ايندڙ مالياتي وزير ۽ اجلاس جو گهيراءُ ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو هو. ٻئي طرف حڪومت طرفان پوليس جي نفري وڏي تعداد ۾ وڌائي وئي هئي. شام جو
۳ وڳي
جيئن اجلاس جو ٽائيم ٿيو ته شاگردن اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ۽ نعرن ۾ جوش ويو وڌندو. بس پوءِ
ان وقت جي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ پنهنجي نفري کي سڌا فائر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پوليس سڌي فائرنگ،
شيلنگ ۽ آنسو گيس جو استعمال ڪيو، جنهن سان هزارن جي تعداد ۾ شاگرد زخمي ٿيا ۽ هزارن
جي تعداد ۾ انهن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. انهيءَ حملي ۾ ست شاگرد ۽ نوجوان شهيد
ٿيا. هر طرف آهون ۽ دانهون ۽ نعرا هئا، ٻئي طرف ڍاڪا شهر جا روڊ ۽ رستا رت ۾ ڳاڙها
هئا. بنگالي شاگردن ٻئي ڏينهن به احتجاج ۽
هڙتال ڪئي ان ڏينهن به سوين نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو. پوءِ اها تحريڪ وئي زور وٺندي ۽ حڪومت طرفان به ظلم ۽ ڏاڍ ويو وڌندو. ان کان پوءِ
نيٺ بنگالين جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ قربانين رنگ لاتو ۽ هنن نه رڳو آزاد رياست جي حيثيت ۾
پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياريو. اڄ پوري دنيا ۾ ۲۳۰ ملين ماڻهو بنگلا ٻولي ڳالهائيندڙ
آهن ۽ دنيا ۾ پنجون نمبر ڳالهائي ويندڙ وڏي ۾ وڏي ٻولي آهي. نه صرف اهو پر پوءِ بنگالين
ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ ”ٻوليءَ جي شهيدن جو يادگار“ نالي هڪ بهترين ۽ خوبصورت يادگار تعمير
ڪرايو جتي هر سال لکين ماڻهو گڏ ٿي شهيدن کي گلن جي ڀيٽا ڏين ٿا. اهو بنگلاديش جو وڏي
۾ وڏو عوامي ميڙ هوندو آهي جتي بنگلاديش جي هر ضلعي مان هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿين ٿا.
بنگالين انهيءَ تحريڪ کي ايترو ته مشهور ڪيو
۽ زور وٺرايو جو جپان جي پارڪ اڪيبڪورو ۾ به ٻوليءَ جي شهيدن جو يادگار جوڙايو
ويو. ان کان سواءِ آمريڪا، برطانيه، اٽلي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻوليءَ جي شهيدن جا
يادگار تعمير ڪرايا ويا. ان کان پوءِ بنگالي جي نالي واري خوبصورت شاعر رفيق الاسلام اقوام متحده جي ادارن کي ٻوليءَ جي شهيدن جي باري
۾ ايترو ته لکيو جو جنوري ۱۹۹۸ع
۾ اقوامه متحده ان جو نوٽيس وٺندي يونيسڪو جي ٻولي جي ڊائريڪٽر جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ڪاميٽي
جوڙي. انهيءَ ڪاميٽي انهيءَ فيلڊ ورڪ مڪمل ڪري اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل کي رپورٽ
پيش ڪئي وئي. انهيءَ رپورٽ جي بنياد تي اقوام متحده جي اداري يونيسڪو طرفان ۱۷ نومبر ۱۹۹۹ع هر سال ۲۱
فيبروري کي ”مادري ٻوليءَ
جو عالمي ڏينهن“ ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. هن وقت پوري دنيا جي ۳۰ ملڪن ۾ بنگالي مادري ٻوليءَ
جو عالمي ڏينهن ۽ شهيدن جو ڏينهن عالمي دوستن سان گڏجي ملهائين ٿا.
انهيءَ سموري حقيقت کي نظر ۾ رکندي اسان کي پنهنجي قديم سنڌي ٻوليءَ لاءِ
سوچڻ کپي. سنڌي ٻولي جنهن جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي پر هن وقت هن جو ڪهڙو حال
آهي؟ اسان ان لاءِ ڪيترو ڪم ڪيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته اسان ڪڏهن سچائي سان ڪوشش ئي
نه ڪئي آهي. اسان جي حڪمرانن جا ٻار ته ٻاهرين ملڪن جي انگريزي ميڊيم وارين يونيورسٽين
مان پڙهي اچن ٿا پوءِ انهن کي سنڌي ته ٺهيو پر مرڳو اردو ڳالهائڻ به نٿي اچي. جيڪي
اسان جا اديب ۽ دانشور حضرات آهن جيڪي ظاهر طور سنڌي ٻوليءَ جي جدوجهد هلائيندي نظر
اچن ٿا ۽ ميڊيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ وڏا وڏا بيان ڏيندي احتجاجن ۾ اڳين صف
۾ نظر اچن ٿا پر انهن جا پنهنجا ٻار انگلش ميڊيم جي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا. اهي ويچارا ايترو
ته احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهن جو گهرن ۾ ٻارن انگريزي ۾ ڳالهائين ٿا ته جيئن انهن جو
انگريزي ڳالهائڻ ۾ اعتماد وڌي.
اڄ مادري ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن تي آئون سنڌ جي سمورن سڄاڻ دوستن کي عرض ڪندس ته هڪ دفعو وري مادري ٻوليءَ جي لاءِ سوچين
۽ بنگالين جي جدوجهد مان سبق حاصل ڪندي ڪا نئين سر عملي جدوجهد ڪن ته هي اسان جي مادري
ٻولي بچي سگهي ٿي.
No comments:
Post a Comment