14/08/2013

کنڀ مورڻين جا - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



امر اقبال پنهنجي نثري ڪتاب کي ڪوٺي ٿو
کنڀ مورڻين جا
رکيل مورائي
امر اقبال سنڌي ٻوليءَ جو نوجوان شاعر آهي. سندس شمار انهن ٿورن شاعرن ۾ آهي، جيڪي سنڌي شعري ادب کي تخليقي ادب ڏيئي سگهيا آهن. ڪتابن ڇپائڻ جي ڊوڙ ۾ اکيون ٻوٽي ڊوڙندڙ شاعرن کان امر اقبال بنهه پري آهي. هو جهڙو شاعر خوبصورت ۽ تخليقي آهي. اهڙو نثر ۾ تخليقي لکندڙ آهي ۽ مٿين ٻنهي ڳالهين کان پهرئين هو پنهنجي سڀاءَ ۾ هڪ خوبصورت شخص آهي. اهڙو شخص جنهن سان ملندي ۽ ڪچهري ڪندي دلي خوشي محسوس ٿئي ۽ وري وري ملڻ تي دل چوي. سندس تازو آيل ڪتاب ”کنڀ مورڻين جا“ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ ڪيئي رنگ آهن، ۽ جنهن ۾ هر رنگ اکين کي وڻندڙ آهي ۽ پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرائي ٿو.
امر اقبال جڏهن نئون نئون شعر لکڻ لڳو هئو تڏهن به هن پاڻ ڏانهن جلدي پڙهندڙ ۽ ويچاريندڙن کي متوجهه ڪرايو هئو. سندس شاعريءَ جا ٽئي ڪتاب جيڪي اڳ ۾ پنهنجو هڪ شاعراڻو مرتبو ماڻي چڪا آهن، جن جي معرفت امر اقبال هڪ خوبصورت نوجوان شاعر طور اڀري آيو هئو. سندس هن چوٿين ڪتاب ۽ نثر جي پهرئين ڪتاب جو نثر پڙهي، هن جي شاعر هجڻ جو هر ان شخص کي يقين ٿيندو جيڪو سندس شاعري نه پڙهي سگهيو آهي، يا شاعريءَ جو پڙهندڙ نه آهي. امر جو هيءُ نثر جو ڪتاب پڙهي، قبول ڪيو ويندو ته هيءُ نثر هڪ شاعر ئي لکي سگهي ٿو. امر اقبال پنهنجي هن ڪتاب کي چئن بابن ۾ ورهايو آهي، پر هو ائين نه ڪري ها تڏهن به هن جي هر لکڻيءَ جو پنهنجو پنهنجو تاثر آهي، جيڪو پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيندو ته سندس چوڻ جو ۽ ٻوليءَ جو حسين نمونو آهي، تنهن هوندي به هن پهريون باب انهن شاعرن جي اڀياس ۽ احترامن کي ڏنو آهي جيڪي هن جي دل جي ويجهو پهتا آهن. ٻئي باب ۾ ڪن ڪتابن تي لکيل ڪي مهاڳ ۽ مضمون آهن پر انهن لاءِ هن پاڻ وضاحت ڪئي آهي ته لکڻ وقت هن دوستن جي دل رکي آهي، تنهن هوندي به سندس لکڻ جي سونهن ته ظاهر ٿي بيٺي آهي. ٽئين باب ۾ ڪي ڪالم آهن جيڪي هن پنهنجي دوست ۽ خوبصورت شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جان خاصخيلي جي چوڻ تي جاڳو اخبار ۾ 95-1994 ۾ لکيا. ائين هيءُ ڪتاب ٻين ڪيترن ئي خوبصورت لکڻين سان ڀريل آهي، جيڪي امر اقبال الڳ الڳ وقتن ۽ الڳ الڳ موضوعن تي لکيون آهن. سڀ گڏي هيءُ ڪتاب خوبصورت نثر جو، سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ خيالن، ويچارن جي سونهن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن به ڏسي سگهجي ٿي، جيڪا هڪ شاعر جي اکين ۾ رهي ٿي ۽ سندس قلم مان نڪري ڪاغذ تي اچي ٿي. هي ڪتاب امر اقبال کي هڪ خوبصورت نثرلکندڙ طور به سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ جاءِ ڏياريندو، جيڪا سندس نالي سان سدائين سڃاتي ويندي.
کنڀ مورڻين جا“ نالي سان امر جو هيءُ ڪتاب سنڌ جا ۽ سنڌي ادب جا، شاعريءَ جا، ڪتابن جا ۽ سنڌي سماج جا ڪيترائي رنگ پسائي ٿو، ۽ اهي سڀ رنگ ڪي اکين کي وڻندڙ آهن ته ڪي روح کي ۽ ڪي دل کي وڻندڙ آهن، ائين هيءُ سڀ رنگ سانڍڻ جهڙا آهن. پڙهندڙن کي پڻ اها صلاح ڏيڻ اوس چاهيندس ته اسان جو نئون نسل، جيڪو تخليقي طور ڪجهه سنڌي ادب کي ڏيڻ چاهي ٿو اهو هن ڪتاب کي پڙهي گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيڪو نوجوان سٺو پڙهڻ ڄاڻندو اهو سٺو لکي پڻ سگهندو، اهو ادب ۾ قبول ڪيل آهي ان ڪري ”کنڀ مورڻين جا“ ڪتاب پڙهڻ هڪ سٺو ڪتاب پڙهڻ آهي. امر اقبال جي قلم جي سلامتيءَ لاءِ نيڪ خواهشون سانڍيندي فقط ايترو چوڻ چاهيندس ته هن نهايت خوبصورت لکيل ۽ ڇپيل ڪتاب ۾ 208 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 200 روپيا آهي. ڪتاب جي خوبصورتيءَ جو سهرو اسان جي دوست پوپٽ پبليڪيشن خيرپور ميرس جي اڳواڻ قربان منگيءَ جي سر تي، جنهن ڪتاب کي بيحد سهڻو ڪري ڇپايو آهي. اهڙو سهڻو جهڙو ” کنڀ مورڻين جا“!

No comments:

Post a Comment