23/08/2013

سانوري عشق جو شهيد - غوث پيرزادو (Ghous Pirzado)



سانوري عشق جو شهيد يا ڊهندڙ سماج جو قلندر
غوث پيرزادو
هن سان منهنجي ملاقات تڏهن جي آهي، جڏهن مان ننڍڙي رلهڪي تي دڙهيون هڻي رهيو هيس. هن کي مان تڏهن کان سڃاڻان جڏهن مان اڃا چڍيءَ ۾ هلندو هيس. هو اسان جي گهر جو ڀاتي هو، ۽ آهي. تڏهن ته هو جڏهن منهنجي پس منظر بابت ڳالهائي ٿو ته مون کي ان مان کوڙ ساري معلومات فراهم ٿئي ٿي. هن وٽ منهنجي پس منظر بابت حقيقتن تي ٻڌل ايتريون ته پر اسرار ۽ نيون ڳالهيون هجن ٿيون جيڪي منهنجا ڪپاٽ کولي ٿيون ڇڏين. هو اهڙو ئي آهي، کرو، سچو، اڏول انقلابي، مذاحمت ڪار ۽ پيار ڪندڙ صوفي. جنهن لاءِ علي الاعلان چئي سگهجي ٿو ته تاج بلوچ پنهنجي اندر ۾ ايڏو ئي معصوم آهي، جيڏو هو ٻاهران نظر اچي رهيو آهي.

هو ائين ئي آهي، تڏهن ئي هر دور ۾ سنگسار ٿيو آهي. اڪيچار پٿر مٿس وسندا رهيا آهن، جو تصور ڪندي به هانءُ ٻڏي ٿو وڃي، جڏهن هو سنگسار ڪندڙن جي وچ ۾ ڪي اهڙا هٿ به ڏسي ٿو جن کي وٺي هلڻ سيکاريو اٿائين ۽ ان ڏک کي ڪنهن سان به نه اوريندي سور پي ٿو وڃي. تاج بلوچ جنهن کي مان ڪاڪو سڏيندو آهيان، ڇو ته هو ڪاڪي انور جو پڳ مٽ يار آهي، جنهن سان هن چنچلتائن سان ڀرپور جوانيءَ جون ڪيتريون ساعتون گڏجي گذاريون آهن، گڏجي کليو به اٿائون ته گڏجي رنو به اٿائون. هن سان منهنجي ادبي شناسائي جو مدو ڪو گهڻو ڊگهو ناهي، رڳو ٻه سال ئي مس ٿيا آهن، جو آئون کيس سڃاڻڻ لڳو آهيان، باقي منهنجي لاشعور ۾ سندس هڳاءُ صدين کان سمايل آهي.
بنيادي طور تي هو هڪ انقلابي ڪامريڊ آهي، تنهن کان پوءِ ئي هو هڪ شاعر آهي، اديب ۽ ايڊيٽر آهي. گذريل ڏهن سالن کان ماهوار ادبي رسالو ”سوجهرو ڪڍي رهيو آهي، جنهن ۾ هو خالص، تز ۽ فني پختگيءَ سان ڀرپور مواد پڙهندڙن کي ڏئي رهيو آهي، سنڌي ادبي سنگت کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن اداري جو نالو اچي ٿو ته اهو سوجهرو ئي آهي، جنهن نه رڳو ادبي شاگردن جي پرورش ڪئي آهي پر انهن کي پروان چاڙهڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو اٿس. هن جي ادب سان ڪميٽمينٽ آهي، تڏهن ئي هي هن جلاد دور ۾ رهندي به هر مهيني جي پهرين تاريخ کان اڳ رسالو مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو، هن کي ڪڏهن به ظاهري ڏيک ڏيکاءَ جي ضرورت محسوس نه ٿي آهي، ته هو ادبي ٺيڪيدارن جون سلاميون ڀري، پنهنجي هن اداري کي ڏيک ڏيکاءَ واري دنيا ۾ مٿي کڻي وڃي. هن جو ادبي آسمان ڪو ٻيو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن اسان هن سان پيار ڪندڙن کي پريشان ڪري ڇڏيندو آهي. سو آسمان اهو آهي ته رسالو ڪنهن به صورت ۾ مهيني جي پهرين تاريخ کان اڳ مارڪيٽ ۾ اچي وڃي ۽ پڙهندڙن کي Accurate ۽ حسناڪ مواد صحتمند انداز ۾ پڙهڻ جي لاءِ ملي وڃي ۽ سندن ادبي تربيت ٿي سگهي. جنهن مامري ۾ هن ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي آهي ۽ پوئتي قدم نه ڪيو اٿائين. ايڏو سچو ۽ ثابت قدم رهي هن نه رڳو سوجهري جو آسمان حاصل ڪيو آهي، پر ستين آسمان ڏانهن اڏري رهيو آهي. هڪ ڀيري شديد تڪليف جو احساس ٿيو ۽ اکين ۾ ڪجهه چڀندي محسوس ڪيم ۽ ڇپر آلا ٿي پيا جڏهن مان سنڌ جي هن اڏول ڪردار ۽ تمام وڏي اديب کي ايم پي اي هاسٽل جي سامهون فائيل ڪڇ ۾ ڪري ويندي ڏٺم، هن جي وجود جي حسن کي ائين ڏٺم جو روئي پيم، خوبصورت پينٽ شرٽ پاتل هن سهڻي ڳڀروءَ جي چهري تي ڪابه تاڻ نه هئي، هن جي مک تي ڪابه ٻيپهري نظر نه آئي هئي. هن جو چهرو ته مون کي ان ويل ڪنهن ننڍڙي ٻالڪ جي چهري جيان ٻهڪندڙ لڳو هو، جنهن کي چئبو آهي ته پڄ ته ريل گاڏي وٺي ڏيانءِ. ان مهل ڪاڪو به شايد ڪنهن اشتهار جي مليل آسري پويان وڃي رهيو هو. مون کيس ڪيترائي سڏ ڪيا، پر هو پنهنجي عشق ۾ ايترو ته محو هو جو نه منهنجا سڏ ٻڌائين ۽ نه مون ڏي اک کڻي ڏٺائين. اک کڻي نهاري به ڇو؟ جڏهن هن جي اکين اڳيان سري کاڌل سماج جا اهي نوجوان هجن جيڪي پنجويهين تاريخ کان وٺي سوجهري جو انتظار ڪندا هجن، جن جي سوجهري جي ذريعي تربيت ٿيندي هجي، تن نوجوانن تائين رسالو پهچائڻ لاءِ ٽن چئن اشتهارن جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن رسالو وقت سر مارڪيٽ ۾ اچي سگهي. ڪاڪو به ان وقت ڪنهن اشتهار لاءِ وڃي رهيو هو. کيس پيدل ويندو ڏٺم ته تمام گهڻو ڏک رسيو هو ڇو ته پيجارو وارا اديب جڏهن هن پيدل گهمندڙ ملنگ کان جلندي ڏسندو هوس ته لڳندو هو ته هن وٽ ته گاڏين جي قطار لڳل هوندي، پر جڏهن کيس هن روپ ۾ ڏٺو هيم ته سچ ظاهر ٿي پيو هو ۽ اها ڳالهه واضح ٿي پئي هئي ته سچ چوڻ وارن جو انگ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو ۽ بديءَ جي قوتن جي هڪ وڏي فوج هجي ٿي. پر تاج بلوچ جي مامري تي ته لڳندو آهي ته سچ چوڻ وارن جو انگ ته بنهه گهٽ آهي پر سچ هضم ڪندڙن جو به شديد ڏڪار آهي. اڄ جڏهن اسان جي سماج ۾ احساس ڪمتريءَ جي وائرس پکڙيل آهي، هر طرف مان جي بازار گرم آهي، ته اهڙي صورتحال ۾ هڪ صوفي منش ۽ ڪوڙ جي خلاف هڪ جنگي سپاهيءَ جيان وڙهندڙ تاج بلوچ کي ڏسي دل باغ بهار ٿي پئي ٿي. هو ايڏو وڏو ماڻهو آهي، جو هو هر ماڻهوءَ سان هر محفل ۾ هر وقت وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ جي ڀرپور صلاحيت رکندو آهي. هو اسان جهڙن ننڍڙن ۽ سيکڙاٽ لکارين سان به ائين فري ٿي ويندو آهي، جو پيڙهي وڇوٽيءَ جو احساس ئي ختم ٿي ويندو آهي. هن جي ساٿ ۾ رهي ماڻهو ڪڏهن به احساس ڪمتريءَ جو شڪار نه ٿو ٿئي، هي ته چاهيندو آهي ته ڀلي نوجوان پنهنجي اعتماد سان پيرن تي بيهن، پر ڪاڪي جي سڀ کان وڏي خامي اها آهي ته هو گيدي، ويڪائو ۽ ضمير فروشن سان ڪنهن به ريت ٺاهه ڪرڻ جي حق ۾ ناهي، نه رڳو اهو پر نقاب پاتل ٻهروپين جا نقاب ائين ته کڻي ٿو لاهي ڦٽا ڪري، نام نهاد عظمت جي پٺيان واري اونداهي پاسي کي به جيئن جو تيئن کڻي ماڻهن جي اڳيان رکندو آهي جو سموري سماج ۾ هڪ اٿل پٿل پيدا ٿي ويندي آهي، چوطرف ڪانون جي ڪان ڪان شروع ٿي ويندي آهي، نام نهاد عظيم لٽيرا جو دنيا جي اڳيان چٽا ٿي بيهندا آهن ته هڪ قسم جي واويلا مچي ويندي آهي، لاٺڙيا جيڪي نا اهليءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندي نام نهاد عظيم اديبن سان ويجهڙائيءَ جون گهوڙيون بغلن ۾ ڏيون پيا هلندا آهن، تن جا وجود وڃائجڻ جي خوف ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، دوستن جا ڍڍر ئي ڍرا ٿي پوندا آهن ۽ پوءِ هن جوڳين جهڙي انسان تي تبري بازيون شروع ٿي وينديون آهن. ڪيترا چوندا آهن تهڀلا ڪهڙي ضرورت آهيس، اختلافي ڳالهيون ڇاپڻ جي، هرو ڀرو پاڻ کي ڏٺو ڪري ٿو“، پر هن جو چوڻ آهي ته ”ڪميٽيڊ آهيان سماج سان، ۽ ڪرڻي آهي نئين نسل جي آبياري سو جيڪڏهن آئيندو سنوارڻو آهي ته ماضيءَ جي ڪک ۾ سڪي ويل حرامي ٻارن جي ايبارشن ڪرڻي پوندي.“ تنهنڪري ئي تاج بلوچ انقلاب جون ڳالهيون لکي ماڻهن کي گهمراهه ڪري عوام جي دردن تي واڳونءَ جا ڳوڙها ڳاڙي ان جي قيمت تي آمرن، جلادن ۽ جنرلن جا پير چٽيندڙن ۽ لانگ بوٽ پالش ڪندڙ ضمير فروشن کي لڪائڻ جي بدران نکيري نروار ڪري ٿو.
تاج بلوچ ڪڏهن به مهانتا جي بک جو شڪار نه ٿيو آهي، هن سماج جي جڙتو قائدن ۽ قانونن سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو آهي، هن ٺاهه ڪيو آهي ته پنهنجي دور سان ، تاريخ سان ۽ ايندڙ نسل سان. هن تاريخ جي جبر خلاف هميشه مذاحمت ڪئي آهي. ڏهن سالن کان هن جي سرپرستيءَ ۾ نڪرندڙ رسالو سوجهرو تاريخ جي سينڌ سنوارڻ ۾پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو. جڏهن اسان هن جي پيرن تي ڪري کيس منتون ڪريون ٿا ۽ ٻانهون ٻڌون ٿا ۽ چئون ٿا ته: ”گند کي نه کول، رهڻ ڏي“ تڏهن اسان وساري ويهون ٿا ته تاريخ ۾ جڏهن به تڪ تور ٿيندي، اسان جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جي سببن کي ڳوليو ويندو تڏهن سوجهرو هڪ اهڙو سورس هوندو جيڪو اسان کي مهائتي معلومات ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ڪڏهن ڪڏهن ذهن ۾ خيال ايندو آهي ته هيڏو سچو، اڏول ۽ ثابت قدم ماڻهو هن ڌرتيءَ جي گولي تي آخرڪار ڪيئن ٿو پيدا ٿي سگهي ته هڪ جواب ذهن ۾ اچي ٿو وڃي ته هو شاعر آهي تڏهن ئي ائين آهي، هن جي سيني ۾ جهرڪيءَ جي دل پيوند ٿيل آهي، تڏهن ئي هن کان ڪابه زيادتي، اڍنگائي ۽ ڪابه ستمگري برداشت نه ٿي ٿئي، ۽ جڏهن ڳالهه چرچي کان چڙهي ٿي وڃي ته هو ڦٿڪي پئي ٿو، ۽ پوءِ هو ٽچ مي جي نالي سان هڪ ننڍڙو آئينو سوجهري ۾ ٽاڪي ٿو ڇڏي، جنهن کي مڪروهه چهرا ڏسندي سراپجي وڃن ٿا، چهرن تي هيڊ هارجي وڃين ٿي. اچو ته پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پهتل هن باغي ڪردار کي سمجهايون ته: ”ڪاڪا! دڪان کليا پيا اٿئي، ڪجهه ڏي وٺ ڪري ٿڌو ٿي ويندو ڪر، ڏاهو ٿيءُ ائين نه ڪر، ڪٿي نه ڪٿي وڃي پنهنجو اگهه لڳراءِ، الا! ايڏو ته پوءِ به ملي ويندئي جو گهٽ ۾ گهٽ پيدل گهمڻ مان ته جان ڇٽي پوندئي. گهٽ ۾ گهٽ راتين جا اوجاڳا ڪري سوجهري جهڙو نج ادبي رسالو ڪڍي نوجوانن جي تربيت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گاريون ملڻ ته بند ٿي پوندئي. ڀلا ڪهڙي گتي پئي اٿئي، اڌ صديءَ کان مهانتا جون ٽوپيون پائي ماڻهن کي بيوقوف بنائيندڙ نام نهاد اديبن کي ظاهر ڪرڻ جي، جن کي سڌو جملو به لکڻ نه ٿو اچي، گرامر جن جي ڀر مان به نه گذريو آهي.جن کي ڌرتيءَ جي ڪلاسيڪل فڪر جي بابت ڪا ذري جي به ڄاڻ ناهي“.
کيس اهو به سمجهائجي ته: ”جيڪڏهن نام نهاد اديبن جا نقاب لاهي ڇڏيندين، ۽ سندن ٽوپيون ڌوڙ ڪري ڇڏيندين ته پوءِ هو ته توکي ڇيڇاڙي ڇڏيندا. تاريخ سان نڀائڻ جي سزا توکي اهڙي ڀوڳڻي پوندي جو هر پرچاري اداري جي اندر تنهنجي خلاف سازشن جو هڪ ڄار وڇايو ويندو، ۽ تنهنجا اشتهار بند ڪرايا ويندا“، پر اسان کي خبر آهي ته اهڙا مشورا هڪ زندهه فرد قبول نه ٿو ڪري سگهي. منافق ٿيڻ وارا اسان جا مشورا هو ويڙهي سيڙهي اسان جي منهن ۾ هڻي ٿو ڇڏي. تنهنڪري ئي ته اهڙي باغي ڪردار کي منافقيءَ جي دور سان سلهاڙجڻ جا مشورا لکڻ مهل اسان جا هٿ ڏڪن ٿا، بلاول، منصور، صوفي شاهه عنايت ۽ شهيد هيمون ڪالاڻي اسان جو دڳ جهلي بيهي ٿا رهن جن ساهه ڏنو هو پر ويساهه نه ڏنو هو. هن سهڻي شخص کي بانور سونهين ٿو، پر هو بانبولجي نه ٿو. هن جي رنگ ۾ رنگجي وڃڻ جي خواهش ته من ۾ ضرور جنم وٺي ٿي پر تاج بلوچ ٿيڻ لاءِ هڪ تپسيا گهربل آهي، سا هي جنم ته ڇا پر اڳلي جنم ۾ به نصيب نه ٿي ٿي سگهي. هڪ جاءِ تي مٿي مان کيس ڳڀرو چئي مخاطب ٿيو آهيان، ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته جنهن به تاج بلوچ جي شاعري پڙهي هوندي تنهن وٽ هن جو خاڪو ان سهڻي نوجوان جو هوندو، جنهن جي روح جي ڳولا جو سفر صبح سان شروع ٿئي ٿو ۽ آڌيءَ لڙيءَ ان وقت وڃي ختم ٿئي ٿو جڏهن سندس اکيون زوريءَ ٻوٽجي وڃن ٿيون تڏهن ته هو پنهنجي هڪ غزل ۾ چئي ٿو:
ڪنهن گداز جسم جو جلوو ٻري پيو،
ڪافر چپن تي هيج مان ڪلمو ٻري پيو
يا
مستيءَ ۾ ڪائنات کي رقصان ڏٺو اٿم،
چوڙين جي چاڳ جو جڏهن ڀڻڪو ٻري پيو
سندس سموري شاعريءَ جي ٻولي، احساس توڙي اظهار جديد سنڌي ادب جي راهه ۾ ٽمڪندڙ ڏيئا آهن. هن جي شاعري ڪنهن اهڙي پوڙهي شاعر جي شاعري ناهي، جيڪو سموري زندگي عيش عشرتن ۽ گناهن جي گند ۾ گذاري پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ٿڪجي پيو هجي، ۽ ڪيل انهن گناهن جي دٻاءَ هيٺ جابولي رهيو هجي، ڪمال آهي، جو سندس شاعري جي نه رڳو ٻولي ۽ احساس اتم آهن پر هنن ۾ جدت به چوٽان چوٽ آهي ۽ وڏي ڳالهه ته هن جي سموري شاعري ڪنهن سورنهن ورهين جي ڳاڙهي ڳڀروءَ جي چاڳلاين جو اظهار آهي. ڪيئن ممڪن آهي ته عمر جي هن حصي ۾ ڪو شاعر ايڏي روانيءَ سان اهڙيون تازيون نيون نڪور ۽ موسيقيءَ سان ڀرپور سٽون اظهاري سگهي پر اهو ڪمال ڪاڪي ڪري ڏيکاريو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ چوڙين جي چاڳ جا ڀڻڪا ٻري رهيا آهن، ڏيو منهن! جڏهن شاعرن جي اڪثريت تڪ بنديءَ جي بازار ۾ ليٿڙيون پائي واهه واهه جي خيرات گهري رهي هجي، ان دور ۾ هيڏي جدت ۽ علامتي اظهار ڪيڏو نه سڀاويڪ ٿو ڀاسي. هن شاعر کي جيڪا امرتا نصيب ٿي آهي، جيڪا صدين جيڏي عمر هن شاعر ماڻي آهي تنهن جو هڪڙو ئي ڪارڻ آهي سو هي آهي ته هن وٽ انفراديت آهي، هن وٽ ٻولي به پنهنجي آهي، ۽ اظهار جو ڍنگ به پنهنجو، ناز نخرا به پنهنجا ۽ عشق جا رنگ به پنهنجا آهن. هن جي شاعريءَ جو حسن تڏهن ٿو دل کي ڇهي وڃي جو اهڙو حسن پهرين ڪٿي به اکين سان نه ٽڪريو هوندو آهي. هن جي سرمستي تڏهن ئي پڙهندڙ کي مست بڻائي ٿي ڇڏي جو هن ۾ نواڻ جو چسڪوڪجهه ٻي طرح جو آهي:
ٻڪ مان ڦول اڏاري تو اماڻي خوشبو،
ٿي وئي لوڪ ۾ مشهور ڪهاڻي خوشبو
يا
گل جي ٻاريءَ ۾ جڏهن کيڙي ٽپي هوءَ پهتي،
ٿي وئي آهي، سڄي باغ جي ساڻي خوشبو
تاج جي خوشبو تڏهن ڳهر طاري ڪري ٿي ڇڏي جو هن جو انداز نرالو آهي، هن وٽ ٺلهي جدت ناهي، هن جي جدت پنهنجي ڪلچر ، ثقافت ۽ ڪلاسيڪيت سان ڳنڍيل آهي، هو رڳو ٻڪ مان ڦول اڏارڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪري پر هن وٽ گلڙن جون ٻاريون به آهن ته کيڙي به آهي، ڌرتي به آهي، ته سنڌ به آهي پر جڏهن محبوب جي اچڻ سان سڄي باغ جي خوشبو ساڻي ٿي وڃي ٿي تڏهن تاج جي عظيم اڏار جو ادراڪ رونءَ رونءَ کي معطر بڻائي هليو ٿو وڃي، ۽ وري هي سٽون پڙهي ماڻهو جو مٿين سٽن ۾ ايمان تازو ٿي ٿو وڃي:
ڇا آهي عبارت ۾ ۽ لفظن جي سونهن
ماٽ جي ڇاٽ ڀنل نيرو لفافو پهتو
يا
وري خط ۾ خوشبو ڪا هئي، تنهنجي هٿن جي خوشبو
جسم تنهنجي جي بدل نيرو لفافو پهتو
حمل فقير ته محبوب جي ڪتي تان قربان ٿي ويو هو، جنهن تي اسان سڄي عمر تاڙيون وڄائي واهه واهه ڪندا رهنداسين پر هي شاعر ته لاشعوري طور تي محبوب کي ٿو چئي ڏئي ته تنهنجي جسم جو متبادل نيرو لفافو پهتو آهي، نيرو لفافو جيڪو محبوب مڪو آهي، سو به غنيمت آهي. هن شاعر کي ادراڪ آهي ته محبوب هڪ نفيس قسم جي مخلوق آهي، ۽ محبوب چڻي جي ان ڪچڙي گونچ جهڙو ڪومل آهي، جيڪو اڃا مس زمين مان نڪري نروار ٿيو هوندو آهي تنهنڪري ئي نيري لفافي سان محبوب جي جسم کي ڀيٽيو اٿائين نه ته ڪنهن گهوڙي يا هاٿيءَ کي به محبوب جي جسم سان ڀيٽي پئي سگهيو.
تاج گڻائتو شاعر آهي، گهڻ گڻو شاعر آهي، سڀ کان وڌيڪ سهڻو گڻ هن جي شاعري ۾ موجود معصوميت آهي. هن عمر ۾ ته ماڻهو سموري معصوميت وڃائي پاروٿي گوشت جهڙو ٿي پوندو آهي، سموري پر اسراريت، موهه توڙي محبتون دم ٽوڙي ڇڏينديون آهن پر هي دلبر شاعر اڃا گلن جون ٽوڪريون پڙهندڙن کي ارپي رهيو آهي، سندس اڪيچار جملا، تشبيهون، استعارا ۽ اظهار جو انداز هڪ نئين ڪائنات ۾ وٺيو هليو ٿو وڃي:
ڪين هڏڪيءَ جو بس ڪئي هوندي
هن کي مون لاءِ سڪ لڳي هوندي
روايتي شاعرن کي ته محبوب جي سڪ لڳندي آهي، اسان ئي مري رهيا هوندا آهيون، اسان جي خواهش هوندي آهي ته محبوب اسان جي جدائيءَ تي اداس ٿي وڃي، اسان جي لاءِ ئي هان ڦاٽندو هجيس، اسان جي ياد ۾ راتين جون ننڊون ڦٽي وڃنس، پر اسان ائين اظهار نه ڪري سگهندا آهيون، سماجي دٻاءَ سبب اسان کي پنهنجي ئي پيڙا ۽ محبوب جي لاءِ تڙپ کي بيان ڪرڻو هوندو آهي پر تاج بلوچ هڪ باغي شاعر آهي تنهنڪري مذاحمت هن جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي تڏهن ئي هن پنهنجي هڏڪيءَ جو سبب بيان ڪندي چيو آهي ته محبوب کيس ياد ڪيو آهي. تاج! مان حيران آهيان ته تون ڪنهن به موڙ تي سماج جي ٺهيل رستن تي هلڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئين، تون سچ پچ به باغي آهين،
دل رکي آيو الائي ته ڪٿي،
تاج داناءُ ڳهيلو موٽيو
يا وري
ڪين بابو، نه وريا سي قولي
رت هاڻو رڳو ٺيلهو موٽيو
مٿيون سٽون ماڻهوءَ کي هڪ اهڙي بيچيني ۽ اداسيءَ جي دولت عطا ڪري ٿيون وڃن جو ماڻهو هڪ ڀيرو ٻيهر بيحسيءَ جي اجهاڳ سمنڊ مان نڪري دل جي معصوم نگر ۾ داخل ٿي وڃي ٿو، ۽ سالن کان صحرا بڻجي ويل اکين ۾ ڪا آلاڻ محسوس ڪرڻ لڳي ٿو، ۽ هڪ ڀيرو وري دل جو ڌڙڪو ٻڌڻ جي سگهه پيدا ٿئي ٿي. هن جي معصوميت ۽ دلربائيءَ کي اورانگهي سگهڻ سچ پچ به ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي. اڪثر شاعر ڏاڍا پر اسرار ٿيندا آهن، پر هي پنهنجي ذات ۾ ايڏو سندر آهي جو هن جيڪو ڪجهه به، جيئن به محسوس ڪيو آهي اهڙي ئي نموني ان جو اظهار به ڪري ويو آهي، جيڪا ئي هڪ وڏي فنڪار جي ئي خوبي آهي. تاج جو محبوب سانورو آهي. تمام ٿورن ماڻهن جا محبوب سانورا ٿيندا آهن، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ئي هوندا آهن جن کي سانوري رنگ جي گهرائي معلوم ٿي سگهندي آهي، گهڻائي انهن جي هوندي آهي، جيڪي اڇي رنگ کي ئي سونهن جي علامت سڏيندا آهن، پر تاج جي شاعري ۾ محبوب سانورو آهي:
آرسيون عڪس جي اگرا آڇين
سانورا شخص رسي ويا هوندا
يا وري
بس مان تڪڙو لهي جا وئي سانوري،
خوشبو پنهنجي وساري وئي
يا وري
سانوري جسم ۾ وڄ وراڪا هئا،
سڀ پهڻ ويئي پاڻي ڪري سانوري
خبر ناهي ڇو؟ سانوري ماڻهو جي انگ انگ مان سونهن ليئا پائيندي نظر ايندي آهي، هن جو هلڻ، هن جو کلڻ، هن جي اکين جا ڀرڪا، هن جا ٽهڪ، هن جا سڏڪا، هن جون ارڏايون، هن جو گهمڻ، هن جي وفا، هن جو ناتو، هن جو نينهن لڳائڻ ۽ نڀائڻ، ايڏو منفرد هوندو آهي جو هو هڪ ڀيرو ڪنهن جي زندگي ۾ هليو آيو ته پوءِ مڙئي خير ٿيڻ مشڪل هوندو آهي. تاج جي شاعريءَ تي اسان جي ڪهڙي مجال آهي جو ويهي ڳالهايون. هو ته پيار ڪرڻ جهڙي شيءِ آهي، سيني ۾ سانڍڻ جهڙو فرد آهي، هي جهڻڪڻ جهڙو ته ماڻهو ئي ناهي. اچو ته هن سان پيار ڪريون، اچو ته هن کي پرڀايون، ائين نه ٿئي جو جيستائين اسان کي سندس معصوميت جو پوريءَ ريت ادراڪ ٿئي تيستائين تمام گهڻي دير ٿي چڪي هجي.

No comments:

Post a Comment