26/08/2013

ضميري پڇاڙيون - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو اڀياس
ضميري پڇاڙيون
رکيل مورائي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اسان کان وقت کان اڳ وڇڙي ويل اهڙو ليکڪ ۽ دوست هئو، جنهن کي قدرت جيڪو وقت ڏنو ان ۾ هن سنڌي ٻوليءَ کي ۽ سنڌي ادب کي جيڪو ڪجهه ڏنو، اهو بنهه گهڻو آهي. ائين چوڻ شايد وڌيڪ مناسب ٿئي ته ”هن ٿوري عمر ۾ گهڻو ڏنو“. هو نهايت پڙهيل لکيل ۽ ذهين نوجوان هئو، گڏوگڏ هن لکڻ کي قومي ڪم ڪري کنيون، جنهنڪري هن جيڪي لکيو آهي، اهو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي اهڙي ميراث آهي، جيڪا تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي ۾ ياد ڪئي ويندي. ٻوليءَ جي حوالي ۾ سندس ڪيل خدمتون، سنڌ ۽ سنڌي ادب ياد رکندو. هڪ جاکوڙي ليکڪ طور ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ڪم ممڪن آهي اڃا سمورو ڇپائيءَ هيٺ نه آيو هجي، پر جيڪو ڪتابي صورت ۾ آيو آهي، اهو سندس هڪ سچيت عالم طور نالو لکائيندو اهڙي پڪ آهي. سندس ڪم کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڀاءُ رياضت ٻرڙو سچ پچ جس لهڻي، جيڪو لڳاتار ڪتاب به آڻي رهيو آهي ته لکي به رهيو آهي، ۽ ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ جي اڳواڻي به ڪري رهيو آهي.
ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ پاران تازو ڇپيل ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي پورهئي جو ثمر آهي ۽ لسانيات بابت آهي، جنهن جو نالو آهي ”ضميري پڇاڙيون“. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهو قبول ڪيل آهي ته، جيترا شاعريءَ جا ڪتاب اچي رهيا آهن اوترا ڪنهن به صنف ۾ نه اچي رهيا آهن، خاص طور تحقيق وارو ۽ تنقيد وارو پاسو سنڌي ادب جو عيوضيپڻو ٻيڻو ادا نٿو ڪري. اهڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽر محبت جيڪا محنت ڪئي آهي، اها احترام لائق آهي، ۽ سندس هيءُ تازو ڪتاب ”ضميري پڇاڙيون“ پڻ انهيءَ محنت جو نتيجو آهي. جيڪو گهڻو ساراهڻ جوڳو آهي.
ڊاڪٽر محبت پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ پنهنجون تخليقي صلاحيتون ته استعمال ڪيون آهن پر سندس روح به ان تحقيقي ڪم ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ڪم دلي لڳاءَ سان ڪيو ويندو آهي، اهو روح سان پڙهيو به ويندو آهي. ائين نوجوان ٻوليءَ تي لکندڙن مان ڊاڪٽر محبت سنڌ ۾ جيڪا آبرو ماڻي، اها ٿورن لکندڙن کي نصيب ٿي آهي. ڊاڪٽر محبت ان حوالي ۾ خوش نصيب آهي ۽ سندس اها خوشنصيبي سڄي سنڌ جي خوشنصيبي آهي. ڊاڪٽر جي هن ڪتاب ۾ ضميري پڇاڙين بابت هڪ بحث آهي، هڪ اڀياس آهي جيڪو ٻوليءَ بابت لکندڙن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ گهڻو گهڻو فائدي وارو ٿيندو ۽ ان مان ڪيئي نيون ڳالهيون ۽ نوان نقطا ظاهر ٿيندام جيڪي تحقيق لاءِ ڪي نوان پيچرا ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب جديد تحقيق جي حالتن ۾ لکيل آهي ۽ ڪيتريون ئي ٻوليءَ بابت نيون ڳالهيون اڄ تائين ظاهر ٿي بيٺيون آهن. ساڳئي وقت ڪتاب لکڻ لاءِ جيڪو ويچار گهرجي، اهو ڊاڪٽر محبت وٽ چٽو آهي.
هو هڪ وطن دوست /شخص/ليکڪ/ محقق آهي، جيڪو نقطئِه نظر هن جي لکڻين ۾ به ظاهر ٿي بيٺو آهي، ۽ اهو اڄ جي نوجوانن جي رهنمائي پڻ ڪندو. هيءُ تحقيقي ڪتاب ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. 110 صفحن تي ٻڌل هيءُ جديد تحقيقي ڪتاب پڙهڻ ۽ پروڙڻ جهڙو آهي، ڪتاب جو ملهه 100 رپيا آهي، هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت جي ياد ڏياري ٿو.

No comments:

Post a Comment