21/08/2013

واھ شيخ اياز واھ! - سسئي پليجو (Sasui Palijo)



واھ شيخ اياز واھ!
سسئي پليجو
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي
پر ائين نه مرنداسين ساٿي
ڪا آڳ لڳائي وينداسين
هي ڏينهن به گهاري وينداسين
ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين
هنن امر ۽ جيءَ کي جنجهوڙيندڙ سٽن جهڙين هزارين سٽن جو خالق، هزارين انوکين تشبيهن سان سينگاريل من گرمائي ڇڏيندڙ بيت، وايون، نظم، گيت ۽ غزل تخليق  ڪندڙ ۽ هزارين بهارن جهڙن تازن ۽ نفيس احساسن کي جنم ڏيندڙ شيخ اياز جنهن پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ لاءِ چيو ته: ”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان“ يا وري:

هي ڪنڌ ڪلهن تي آ جيسين
هو پير ڌريندا ڪيئن تيسين
هن ڌرتيءَ تي جا امي آ
هيءَ جندڙي هونءَ نڪمي آ
شل جيجل جي ڪنهن ڪار اچي
شل ان تي ڪا نه معيار اچي
يا ”سنڌڙي تنهنجو ساهه اياز“
مري نه ٿيڻو آ هي مات.
شيخ اياز هن صديءَ جو واحد سنڌي شاعر آهي جنهن سچ پچ شاعري جي ميدان ۾ پنهنجي ڏاهپ، تخليقي صلاحيت، ۽ بيش بها خدائي ڏات وسيلي شاعري جي انهن بلندين کي ڇهيو، جتي هر ڪنهن جي پهچ ڪونهي. اياز جيئن پاڻ منفرد هو تيئن سندس شاعري به، اياز عام شاعر ڪونه هو. هو قومي شاعر هو. هو ڌرتيءَ جو شاعر هو ۽ ان دور ۾ به پنهنجي ڌرتي، پنهنجي قوم ۽ پنهنجن شاعرن جي اصل مقصد سان ڪميٽڊ رهيو، جنهن وقت سنڌ جا ڪيئي ”سپوت“ ڪنڊ وٺي ويهي رهيا. واقعي ابراهيم جويي سچ چيو آهي ته اڄوڪيءَ سنڌ جي پاڪ ڌرتيءَ تي ادب ۽ فن جي ميدان ۾، سچ ۽ ڪوڙ جي هن جنگاهه ۾ دشمن جا سڀئي وار اياز وڌي وڌي پاڻ ڏانهن موڙيا ۽ پنهنجي اڪيلي سر تي سٺا. اسان جا اهي ساٿي جيڪي بنهه مهڙ ۾ هئا، سي سڀئي دشمن جي مورچن منجهان ڇٽل تيرن کان گهڻي قدر محفوظ رهيا، ڇاڪاڻ  جو اياز سندن تيرن آڏو  پڻ پنهنجو سينو سپر بنائي  بيٺو. پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌ ۾ شايد نجي فن ۽ ادب لاءِ ڪنهن کان ايتري قرباني ڪڏهن به نه گهري وئي، جيئن اياز کان. اياز سڀ ڪجهه سٺو، برداشت ڪيو پر پوءِ به هيڻو نه ٿيو!
ڪجهه وقت اڳ اسان سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي سنڌي ميڊيڪوز ايسوسيئيشن جي شاگردياڻين ايس ايم سي ۾ مهراڻ رنگ پروگرام ۾ شيخ اياز جو لکيل منظوم ڊرامو ”دودي سومري جو موت“ پيش ڪيو. اهو پهريون دفعو هو جو هيڏي عرصي ۾ هيترن مهاجرن ۽ پنجابين جي وچ ۾ زوريءَ ٽائيم ۽ اسپيس وٺي شاگردياڻين ڪنهن ڪراچيءَ جي تعليمي اداري ۾ ڪنهن سنڌي سوبه شيخ اياز جهڙي تخليقڪار جي ڪا شيءِ اسٽيج تي پيش ڪئي. اهي اياز جا ئي لفظ هئا، اهو اياز جو ئي سحر هو جو ماڻهن جا لڱ ڪانڊارجي ويا ۽ هڪ دفعو وري ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ سنڌين پنهنجي اندر نئون جوش عزم همٿ ۽ ولولو محسوس ڪيو.
ڊرامي جي ريهرسل دوران جيئن جيئن اسان اياز جي سٽن کي ياد ٿي ڪيو، اهي تير تلوار مثل لفظ اچاريا ٿي، تڏهن وات مان بي اختيار ٿي نڪتو، واهه اياز واهه، واقعي اياز اياز آهي! انهن ڏينهن ۾ امان زرينه (زرينه بلوچ) لنڊن مان آئي هئي ۽ ادا اياز (اياز لطيف پليجو) به ڪراچي آيو. سڀ گڏ ٿي ويٺاسين ۽ ”دودي سومري جو موت“ جي وڊيو ڏٺيسين ۽ پوءِ جيئن شيخ اياز تي ڳالهائڻ شروع ٿياسين ته ڪي پهر گذري ويا. سڀني چيو، حياتيءَ تي ڪو ڀروسو ڪونهي. لڳي ٿو شيخ اياز به ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي، ڇو نه ان سان رهاڻ ڪجي يا ڪو پروگرام رٿجي. ههڙن عظيم شاعري جي شاهوڪارن کي هيڪلي پڻي (ISOLATION) جو شڪار نه ٿيڻ کپي. اهو ان جو حق آهي ته هڪ دفعو وري مختلف نمونن سان ان جي شاعري کي مڃتا ڏئي ان جو ٿورو مڃجي. جنهن، اسان کي اسان جي پوئين نسل ۽ ايندڙ نسل کي جيئڻ جون نيون راهون ڏيکاريون ۽ حوصلا ڏنا. ڪنهن چيو، اياز عمر جي هن حصي ۾ ڀلي نظرياتي طور ڪمزور يا بدلجي ويو هجي، پر فقط ان ڪري ان جي هيستائين ڪيل قومي خدمتن کي IGNORE (نظر انداز) ڪرڻ بي واجبي ٿيندي. ادا اياز چيو، اصل ۾ اندروني طور سنڌ جو هر ماڻهو اڃا به شيخ اياز سان پيار ڪري ٿو ۽ هونئن به سڀاڻي ماڻهو اهو ڪونه ڏسندا ته اياز آخري ڏينهن ۾ ڇا چيو يا ٿي ويو آهي. هو ان جي ڪم کي جاچيندا ۽ پرکيندا ۽ مڃيندا ته هن پنهنجي شاعري ۾ واقعي زبردست انقلاب آندا آهن. ان ڪري ماڻهن کي وري شيخ اياز سان پيار ئي رهندو ۽ صدين تائين ماڻهو کيس ياد رکندا ۽ قدر ڪندا! ان ڏينهن امان زرينه، شيخ اياز جا سندس ڳايل ڪلام وري ٻڌايا، مزو اچي ويو. امان زرينه هونئن ئي گهڻو وڻندي آهي، پر شيخ اياز جي شاعري امان زرينه کي اڃا به وڻائڻ تي مجبور ڪندي آهي.
اسان سڀني جو پسنديده ڪلام ”ڪيئن ڪريان مان، ڪنهن به ريت، منهنجي من کي چين ناهي“ ٻڌي اصل روح جهومي اٿندو آهي يا وري ”گهرا گهرا نيڻ پرينءَ جا، ڪارا ڪارا نيڻ“ ٻڌي واقعي لڳندو آهي ته ماڻهو ڪنهن گهرائي ۾ حقيقتن ٻڏي رهيو هجي يا جيئن بيدل مسرور جو ڳايل اياز جو ڪلام:
مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
مون آزاديءَ جي سئن هنئي
مون لاٿا طوق غلامن جا
هي گيت هيا يا جادو ها
زنجير ٽٽا ايامن جا
سڀ موتي سمجهي چونڊن ٿا
اڄ ڳوڙها منهنجي دامن جا
گيت ٻڌي جسم ۾ چئنگون ڊوڙندي محسوس ٿينديون آهن. اسان جو نسل خوش قسمت آهي، جنهن نه فقط اياز کي پڙهيو پر سامهون وڃي سندس ڪچهري مان لطف اندوز به ٿيو.
مون کي ياد آهي، وچ ۾ جڏهن شيخ اياز کي دل جو شديد اٽيڪ ٿيو ۽ کيس مڊ ايسٽ جي ڊاڪٽرن وڏي ڪاوشن  کان پوءِ موت جي منهن مان بچائي ورتو ۽ اياز چيو ته ڪجهه لمحن لاءِ واقعي مون کي به لڳو ته منهنجو روح جسم ڇڏي پرواز ڪري پيو. مون وري نئين زندگي ماڻي. موت کي چائنٺ کان موٽائي ڇڏيم. انهن ڏينهن ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ منهنجو ۽ چاچا فقير محمد لاشاري جي ڌي نصرت لاشاري جو مسلسل شيخ اياز سان ملڻ ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو ڪمزوري وچان وڌيڪ ڳالهائي نه سگهندو هو ۽ اسين ڪافي دير ڪجهه به ڳالهائڻ کان سواءِ کيس ڏسندا رهندا هئاسين. اڪثر ائين ٿيندو هو جو اسين ويندا هئاسين ته هو هيٺ واڪ لاءِ وڃڻ وارو هوندو هو، پوءِ پنهنجي گهر واريءَ کي به سڏ ڪري چوندو هو: زرينا! پليجي جا ٻار آيا آهن انهن کي ويهار، اڪثر چوندو هو ڪافي ماڻهن اهڙي موٽ نه ڏني جنهن جي توقع هئم. هڪڙي ڳالهه مڃڻ مراد آهي ته هن وقتن فوقتن نئين نسل کي هميشه همٿايو ۽ سندس حوصلا افزائي ڪئي. نون شاعرن جي ڪتاب ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ جي مهاڳ ۾ لکيو اٿس ته ”... مون کي ان وقت خيال آيو ته سنڌ تي منهنجي پنجاهه سال هڪ هٽي رهي آهي، ادب ۾ ايتري آمريت به چڱي نه آهي جي منهنجي شاعري کي جٽاءُ ۽ اسٿرتا آهي ته اها مون کان پوءِ به رهندي! وقت بهترين منصف آهي ۽ ان جي تارازي ۾ ڪاڻ نٿي ٿي سگهي، گهڻي اينگهه ٻين کي اڌير، اتاولو ۽ کميا، رهت ڪري ٿي. ان کان اڳ ۾ جي مان زيبائتو موت کانوان ۽ جيئري ئي تسلط کان ٽارو  ڪيان ته بهتر ٿيندو. آخر مان ڪو حرف آخر ته نه آهيان. مون خود ڪيئي حرف آخر مٽايا آهن“. هڪڙي ٻي هنڌ، حسن درس جي نظم خانم گوگوش لاءِ لکي ٿو ”حسن درس جو اهو نظم سبطِ حسن پڙهي ها ته هو پنهنجي ڪتاب ’انقلابِ ايران‘ ۾ ترميم آڻي ها.“ هن جي خوبصورت تشبيهه جنهن تي تبصرو ان جي حسن کي وڌائڻ کان قاصر آهي. منهنجي خيال ۾ حسن درس کي شيخ اياز جهڙي عظيم ڪوي جي هن خوبصورت ڪمينٽ کان پوءِ ڪنهن ٻي مڃتا جي گهر نه ٿيندي، يا وري وسيم سومري جي لکيل سٽن تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته سٽون آهن يا شاعر هُد هُد ۽ ڪاٺ ڪُٽي کان پر وٺي ڪاغذ تي چنبڙائي ڇڏيا آهن، ههڙي شاعري ڏسي مون کي روايت سان بغاوت ۽ پنهنجي سٺ ورهين جي پورهئي تي پيار ٿو اچي. سنڌ پنهنجي راهه ڳولي لڌي آهي ۽ ان جي سڌي پنڌ کي ڪا به رڪاوٽ روڪي نٿي سگهي“. ان کان وڌيڪ نئين نسل جي شاعري جي حوصلا افزائي ۽ قدر داني ٻي ڇا چئبي.
جڏهن وقت جو ۽ قوم جو ايڏو وڏو شاعر انهن کي پڙهي چوي ته سنڌ پنهنجي راهه ڳولي لڌي آهي. اها آهي وسيع الذهني ۽ پنهنجي تسلسل تي اعتماد!
اياز نه فقط حُسن، عشق، وصل ۽ فراق جو شاعر هو پر هو وقت جو انقلابي ۽ باغي شاعر هو، جنهن ننڊا کڙي قوم ۾ سجاڳي جو روح ڦوڪيو. شيخ اياز جي ڪنهن سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪ جي ترقي يافته ٻوليءَ جو شاعر هجي ها ته هيستائين الائي گهڻن لقبن، خطابن ۽ ايوارڊن سان نوازيو وڃي ها ۽ نوبل پرائيز به مليس ها. پر نه اهو اياز کي افسوس رهيو ته هو ڪنهن پوئتي پيل غربت ۽ بي وسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل قوم جو ڄايو ۽ ان جي وچ ۾  پلجي جوان ٿي پوڙهو ڇو ٿيو؟ ۽ ها! اسان کي فخر آهي ۽ اسان کي ناز آهي. شيخ اياز تي سلام آهي. هن جي تخليق تي  سلام آهي. ان جي سلجهيل ذهن تي! گندي معاشري ۽ ڌپ هاڻي راڪاس مثل آمريت جي خلاف بغاوت ڪندڙ ۽ ان خلاف پنهنجي قوم کي ذهني شعور ڏيندڙ شاعر تي اسين لکين سلام ڪيون ته به گهٽ آهن! شيخ اياز پنهنجي هر نئين تخليق سان تاريخ ۾ هڪ نئين رواج ۽ رجحان جو اضافو ڪيو آهي. نئون نسل جڏهن به شيخ اياز کي پڙهندو، پنهنجون پاڙون هڪ عظيم الشان، همت ڀري ۽ ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪائيندڙ قوم ۾ محسوس ڪندو ۽ پنهنجي اصلوڪين واهڻ وستين، ڳوٺن، شهرن، ٻنين، ٻارن، رسمن رواجن ۽ اڳيان وڌندڙ بڇڙائين ۽ ڏاڍ سان هميشه مهاڏو اٽڪائيندڙ تاريخي وجودن سان شناسائي محسوس ڪندو رهندو! شيخ اياز صحيح چيو آهي ته:
کن پل تنهنجو منهنجو ميلو
روح گهڙيءَ لاءِ ڏيندو ريلو
سڀ اتفاقي ڪجهه آ نه باقي
تون به اڪيلي مان به اڪيلو
سڀ ڪجهه چانڊوڪي ۽ پيار
ان کان اڳيان آ انڌ وڪار
سمجهيئي ڇا آهي سنسار!

No comments:

Post a Comment