احمد خان مدهوش جي شاعريءَ جو اڀياس
زماني ۾ مدهوش مشهور ٿي ويو
احسان دانش
محبت بي چين روح جو اهڙو مضطرب گيت آهي، جيڪو هر ان ماڻهوءَ
جي لبن تي رقصان هوندو آهي، جنهن کي سونهن جي ساڃاهه هوندي آهي، جيڪو جمال جا پُر
جوت جگنو نيڻن جي جھروڪن ۾ سانڍي رکندو آهي. هونءَ به سونهن ان ڪاڪ محل جيان آهي
جنهن جو طلسم هر نظر کي مهوِ سحر بڻائي ڇڏيندو آهي.
تنهنجي درشن جي ڪرامت کي اڃا ڪيئن نه مڃان،
مون کي مدهوش بنائي ٿي ڇڏين او جانان.
احمد خان مدهوش ڀلاري سنڌ جو هڪ اهڙو شاعر هيو، جنهن کي سدا
جوان ۽ سدا بهار شاعر چئجي ته غلط نه ٿيندو. اڇي ڏاڙهي ۽ ڪمزور بدن وارو مدهوش ڏسڻ
۾ جھونو لڳندو هو پر سندس دل ان ماڪ ڀنل گلاب وانگر هئي، جنهن جي ڪوملتا، تازگي ۽
سُڳنڌ ساهن کي سُرور بخشيندي آهي. مدهوش جي دل مان نڪتل لفظن ۾ جيڪا پيار جي خوشبو
آهي اها شايد ڪڏهن به پاروٿي ناهي ٿيڻي. پيار هن جي سموري شاعريءَ جو مرڪز ۽ محور
آهي. پيار جي جيڪڏهن ڪا صورت هجي ها ته اها مدهوش جي لفظن جي آرسيءَ ۾ ضرور ڏسي
سگھجي ها، پر پيار ته هڪ احساس آهي جنهن کي مدهوش جي خماريل نيڻن ۾ ڳولي سگھجي
پيو.
نهار مون ڏي نهار مون ڏي، نهار مون ڏي نهار
جاني.
اهي محبت ڀريون خماريل کڻي نگاهون نهار جاني.
احمد خان مدهوش پنهنجي شاعريءَ ۾ پاڻ کي ان مڱتي جيان
ڏيکاريو آهي جنهن جي طلب جي تَند ۾ رڳو محبت جي دان جي صدا آهي. هن وٽ محبت جو
مقام انسانيت جي معراج برابر آهي ۽ کيس محبت کانسواءِ زندگيءَ جو تصور ئي ڌنڌلو ٿو
نظر اچي.
ڪوئي انسان نه ٿو انسان رهي،
جيڪڏهن ان ۾ محبت ناهي.
ــــــــــــ
پيار ڪر پيار ۾ حياتي آ.
ورنه آزار ۾ حياتي آ.
هُن جو اهو عوامي انداز سچ ته دل ڇڪيندڙ آهي. هن پيار کي
پنهنجي دل جي نهان خاني ۾ لڪائي نه رکيو هو پر پڌري پٽ ان جو اظهار به ڪيو هو. هو
پنهنجي محبوب اڳيان ڪنڌ جھُڪائي اظهار ڪري ٿو ته مون کي جيڪو مانُ، مرتبو، عزت ۽
شُهرت نصيب ٿي آهي اهو سڀ تُنهنجي محبت جو ئي ڪرشمو آهي.
زماني ۾ مدهوش مشهور ٿي ويو،
ڇڏي بخشي شهرت، اوهان جي محبت.
ــــــــــــــــ
هي جيڪو مرتبو مليو آهي،
سو محبت جو ڪرشمو آهي.
هر شاعر کي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻ ۽ انفراديت هوندي آهي. احمد
خان مدهوش کي به لفظن جي رواني، ۽ انوکي اندازِ بيان جي حوالي سان هڪ جدا حيثيت
حاصل هئي. فن جي پُختگي، لفظن جو تڪرار ۽ رواني فڪر جي گھرائي ۽ تسلسل، نذاڪت ۽
نفاست، نغگي ۽ ترنم ڪو مدهوش کان سکي ها. هن جا هي ڪجھ شعر ئي ڏسو.
ڪين کي ڇڏ، ڪين ۾ ڪجھ ڪين ٿئي،
ڪين جي رَهه ڪين ڪُنَ ۾ مبتلا.
نياز ۾ تون ناز ۾ هو خوش رهي،
هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڌن ۾ مبتلا.
ـــــــــــــــ
اوهان جي نظر کان نظر ڪيئن ڇڏايان،
سَڄو ئي نظر ۾ نظربند آهيان.
اکين ۾ اُڪو ئي کڻي يار گم ڪر،
هي هستي ۽ مستي گَڏي ٻئي گنوايان.
مٿين شعرن ۾ ’ڪين‘ ۽ ’نظر‘ جو پُر مفهوم تڪرار ڪيڏو نه
موهيندڙ آهي. فني حوالي سان مدهوش جي شعر ۾ جيڪا پُختگي هئي سا سندس ٽهيءَ جي
عوامي شاعرن مان ٿورن شاعرن ۾ نظر ايندي. هن جي شاعريءَ ۾ فصاحت، بلاغت، سلاست،
جوش ۽ جدت کان علاوه خوبصورت تجنيسون، تشبيهون ۽ تلميحون به نظر اچن ٿيون. سندس
شاعريءَ مان رڳو تشبيهه جو ئي مثال وٺون.
وارَ چهري تي وڇائي ٿي ڇڏين او جانان.
رات ۾ ڏينهن لڪائي ٿي ڇڏين او جانان.
خاص خوشبوءِ ڀريا ٻول ٿي ٻولين اهڙا،
ڄڻ ته ڪي گُلَ ورهائي ٿي ڇڏين او جانان.
ــــــــــــــــ
حسنِ زيبا کي ڏسي حسنِ ازل چئي ويٺس.
سونهن کي سونهن جي خالق جو بدل چئي ويٺس.
تنهنجي مُرڪڻ کي چيم روپ مسيحائيءَ جو،
۽ ڪجلدار نگاهن کي ازل چئي ويٺس.
مٿين شعرن ۾ محبوب جي چهري تي وڇايل وارن کي رات ۽ ڏينهن
سان تشبيهه ڏئي مدهوش نازڪ خيالي جو عمدو مثال ڏنو آهي، جڏهن ته ٻئي شعر ۾ پرينءَ
جي سُڳنڌ ڀريل گفتار کي گل ورهائڻ سان تشبيهه ڏئي ڄڻ ته شاعر خود پنهنجي لفظن ۾
امرت اوتي ڇڏيو آهي. اهڙي طرح ٻئي غزل جي شعرن ۾ حسنِ زيبا کي حسنِ ازل ۽ سونهن کي
سونهن جي خالق جو بدل چوڻ واريون تشبيهون ايتريون ته خوبصورت لڳن ٿيون جن کي رڳو
تصور جي گھرائيءَ سان ئي محسوس ڪري سگھجي ٿو. جڏهن ته ٻئي شعر ۾ محبوب جي مُرڪ کي
مسيحائي ۽ ڪَجلدار اکين کي اجل سان ڀيٽي سچ ته مدهوش تشبيهه جي فن کي خود ڪمال حسن
بخشيو آهي.
مشهور نقاد ڊرائيڊن چيو هو ته ”رڳو زندگيءَ جو مشاهدو ئي شاعريءَ
لاءِ ضروري ناهي، بلڪه ان مشاهدي جي تخيلاتي استعمال سان ئي شاعري وجود ۾ ايندي
آهي، پر ضروري آهي ته تخيل کي عقل ۽ شعور ذريعي، وزن ۽ قافين جي مدد سان ضابطي ۾
رکجي.“ ڊرائيڊن جي ڪسوٽيءَ تي جڏهن مدهوش جي شاعريءَ جي پرک ڪجي ٿي ته اها ان تي
بلڪل پوري نظر اچي ٿي. هن وٽ نه رڳو زندگيءَ جو ڳوڙهو مشاهدو هيو پر وٽس شاعريءَ جي
فن جو ادراڪ به هيو. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي جداري اسلوب ۾ رهندي اظهار جي الڳ
آهنگ وسيلي تخيل جي پرواز سان آسمان کي ٿي ڇهيو.
خودي مٽايم ته بي خوديءَ جو مزو اچي ويو.
مرڻ کي ماريم ته زندگيءَ جو مزو اچي ويو.
مقامِ انسانيت کي جنهن دم صحيح سُڃاتم،
خدا سُڃاڻڻ جي آگهيءَ جو مزو اچي ويو.
ـــــــــــــــ
نگاهِ مست جي نظرن جو فيض عام ٿئي.
عقل غلام ٿئي ۽ جنون امام ٿئي.
ــــــــــــــ
جنون منزل تي پهچائي ڇڏي ٿو.
خرد، پُهتل کي موٽائي ڇڏي ٿو.
احمد خان مدهوش پنهنجي فڪري سفر جو آغاز پنهنجي دور جي هڪ
مشڪل پسند شاعر فيض بخشاپوري جي رهنمائي ۾ ڪيو، جنهن جو اظهار مدهوش خود پنهنجي هڪ
شعر ۾ هن طرح ڪيو آهي:
رهي مدهوش ٿو خوش فيضيابي ۾،
جو اُستادي جنابِ فيض جي آهي.
فيض بخشاپوريءَ جي شاعري فارسي لفظن ۽ ترڪيبن سان جنجھ آهي.
ايتري قدر جو هڪ ڀيري ڪنهن مشاعري ۾ فيض پنهنجو غزل پڙهي پورو ڪيو ته پنڊال مان مذاق
خاطر مرحوم عطا محمد حامي چيس ته ”فيض صاحب ان فارسي غزل کان پوءِ هاڻي ڪو سنڌي
غزل به ٻڌايو.“ جنهن تي فيض چيس ته ”اهو سنڌي غزل ئي ته هيو.“ مدهوش، فيض جو شاگرد
هجڻ ناتي سندس ڪافي اثر ورتو نتيجي ۾ هن پنهنجي شاعريءَ ۾ دير و حرم، هم دم، برهم،
خم خم، رخصتياب، مرغوب، مغلوب، ورءِ زيبا، دلِ گوش، خوش نام، گُلفام، سينهءِ بسمل،
زيرِ پا، نازو ادا، ذوقِ نظر، خيالِ گيسو، عاشقِ ناشاد، وحشتِ دل، اهلِ گُلشن،
زيبِ دامن، رشڪِ گُلستان، پيزارِ ناگهاني، ناوڪ، ناتوان، پابوس وغيره جهڙا لفظ ڪتب
آندا آهن. جيڪي زيرِ اضافت ۽ فارسي لفظي آهنگ سان ڀرپور آهن. اهو ئي سبب آهي جو
مدهوش جي شاعريءَ ۾ ڪجھ ههڙا غزل به ملن ٿا.
خيالِ گيسوءِ دلدار بهتر آ.
جنونِ آرزوءِ دار بهتر آ.
رهڻ ڏي زخمِ دل اهڙي جو اهڙو،
نشانِ ناوڪِ خمدار بهتر آ.
اَجايا ورق اٿلائڻ فضول آهن،
مطالعِ مصحفِ رخسار بهتر آ.
ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته سنڌي غزل تي
ماضي ۾ وڏي عرصي تائين فارسي غزل جي ڇاپ رهي آهي، جيڪا ڳالهه ڪافي حد تائين فطري
به لڳي ٿي، ڇوته غزل جنهن ڀونءِ جو پيدائشي هيو اتان جو رنگ ۽ خوشبو منجھس رهڻي ئي
هُئي پر بعد ۾ جڏهن غزل کي سنڌي ٻوليءَ جي سونهن، سڳنڌ ۽ سُرن سان آشنائي ٿي ته اها
جوت، اهو آهنگ ۽ خوشبو هن جي روح ۾ سمائجي وئي..... پر احمد خان مدهوش جي ابتدائي
شاعريءَ ۾ غزل جو اهو ساڳيو ايراني رنگ جھلڪي ٿو جنهن کي ابراهيم خليل ۽ فيض
بخشاپوري جهڙن شاعرن قبول ڪيو....... پر اسين ان ڳالهه کان به انڪار نه ڪري سگھندا
سين ته انهيءَ احمد خان مدهوش جي شاعريءَ ۾ ’سامهون سڄڻ هجي ۽ نظر ۾ نظر هجي‘ يا
’سِرُ لڳي سهڻي سڄڻ سان سِرُ لڳي‘ جهڙا سليس ۽ سهڻا غزل به ملن ٿا، جن کيس مقبوليت
۽ شهرت جون بلنديون عطا ڪيون ۽ انهيءَ قسم جي غزلن جي بنياد تي هن کي هڪ عوامي
شاعر واري حيثيت پڻ ملي.
شاعرَ قومن جا نقيب ۽ پنهنجي دور جا مورخ به هوندا آهن سو
جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي لفظن ۾ سماج جو اجتماعي درد شامل نه آهي ته سندس شاعري اڌروري
۽ اڻ پوري ليکي ويندي. جيتوڻيڪ احمد خان مدهوش جي شاعريءَ جو گھڻو تڻو حصو رومانوي
رنگ ۾ رڱيل آهي، ايتري قدر جو مدهوش پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿي چيو ته:
تون ياد آهين ۽ ياد رهندين،
باقي ڇڏيو مون سڀ ڪجھ وساري.
پر تَنهن جي باوجود هن پنهنجي شاعريءَ ۾ غم جانان سان گڏ غم
دوران جي ڳالهه به ڪئي آهي. ان حوالي سان سندس هيٺيان شعر ڌيان ڇڪائين ٿا.
هت ڏاڍ جو دامن ڀرجي ٿو ۽ راهه مسافر ڦرجي
ٿو،
هن شهر کي سمجھان، ڇا سمجھان، هت داد به آ بي
داد به آ
ــــــــــــــ
نه ڪنهن جي دانهن ورنائي ٿو ڪوئي،
عدالت ڀي ڀلا ڪهڙي رهي آ.
جواهر بي بها رلندا رهن ٿا،
۽ ڪوڏين جي بَها ڪٿجي رهي آ.
ــــــــــــــــ
هتي اهڙا به ڪي عادل رهن ٿا.
جيڪي انصاف جا قاتل رهن ٿا.
جِيان پيو ٿو انهيءَ بَستيءَ ۾ جاني،
جِتي انسان پٿردل رهن ٿا.
مدهوش جي شاعريءَ ۾ ڪيئي رنگ ۽ آهنگ آهن. هن جي شاعريءَ جي
فني ۽ فڪري جهتن تي گھڻو لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي ۽ سندس شاعريءَ جي انهن سڀني
رنگن ۽ آهنگن تي تحقيق ۽ تنقيد جي سخت گھرج آهي، جنهن سان ئي سندس شاعريءَ جي صحيح
ڪٿ ممڪن آهي. مان ان ڪٿ ۽ اڀياس بابت ڪجھ سوچيان ٿو ته مدهوش جو هي شعر منهنجي
سامهون اچي ٿو وڃي.
جنهن گھڙي وات مان لفظ جاري ڪجي.
عيب جوئي بجا پرديداري ڪجي.
No comments:
Post a Comment