هوش
۾ مدهوش واپس ڪيئن اچي
ڊاڪٽر
بشير احمد شاد
سنڌ جي سون
ورني سرزمين زندگيءَ جي ٻين شعبن کان علاوه ادبي ميدان
۾ پڻ اهڙن بيشمار انمول انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فڪر ۽ فن ذريعي اهڙو پاڻ موکيو آهي جو سندن نالو جڳن تائين
زندهه رهندو. ماٺيڻي، ملنسار، مخلص، محنتي ۽ محبت
ڀريي مدهوش جو نالو اهڙن ئي انسانن ۾ شمار ٿئي ٿو.
سندس وڇوڙي سان سنڌ هڪ سٺي ماڻهو کان محروم ٿي وئي آهي.
مدهوش تي لکڻ
لاءِ جڏهن سندس شاعريءَ جو مطالعو ڪيم ته دل چاهيو ته سندس شعر
جي هر هڪ سٽ تي لکان، هر سٽ جي هر لفظ تي لکان، هر لفظ جي هر حرف تي لکان، سندس شاعريءَ ۾ عجب جهڙي نازڪ خيالي ۽ نررت
سلاست سادگي مٺاس ۽ رواني نظر آئي. مدهوش جهڙا انسان سچ
جي سڃاڻ ۽ الفت جا اهڃاڻ هوندا آهن. منهنجي نظر
۾ هو سنڌي ادب جو نمائندو ۽ عوامي شاعر هو، هو اسان جو انمول ۽ قابل فخر سرمايو هو.
مون هتي احمد
خان مدهوش جي غزل جو مختصر جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه ڏانهن
مختصر به ڌيان ڏنو آهي ته هن صاحب غزل ۾ پنهنجي تخلص سان ڪيتري قدر نڀاءُ ڪيو آهي. مطالعي دوران مون محسوس ڪيو ته
مدهوشي ان ڏس ۾ مڪمل طور ڪامياب ويو آهي. هن صاحب
پنهنجي تخلص جي معنيٰ ۽ مفهوم سان پورو پورو انصاف ڪيو
آهي.
شاعريءَ ۾
تخلص کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي. دراصل تخلص ئي شاعر جي سڃاڻ بڻجي ويندو آهي. ايتري قدر جو ڪن صورتن ۾ ڪيترن
شاعرن کي فقط سندن تخلص ذريعي ئي سڃاتو ويندو آهي. عام
ماڻهن کي انهن جي اصل نالن جي خبر ئي ڪانه هوندي
آهي. جيئن سرڪش سنڌي، تنوير عباسي، ادل سومرو، استاد بخاري، شيخ اياز، فيض بخشاپوري، نياز همايوني، وفا ناٿن شاهي،
جوش مليح آبادي، انيس، دبير، داغ دهلوي، سودا، ذوق
وغيره شاعر لاءِ تخلص اختيار ڪرڻ لازمي ليکيو ويندو
آهي. پوءِ ڀل اهو سندس نالي جو حصو ئي ڇو نه هجي. جيئن فيض احمد فيض، مومن خان مومن، مير تقي مير، امجد اسلام امجد،
خليل جبران خليل وغيره وغيره. تخلص اختيار ڪرڻ وقت
وڏي سوچ ۽ سمجهه درڪار هوندي آهي. ان جو شاعريءَ
۾ نڀاءُ هڪ محنت طلب عمل آهي. تخصل سان نڀاءُ شاعر جي حيثيت متعين ڪرڻ ۾ نهايت معاون ۽ مددگار ثابت ٿيندو آهي.
احمد خان
مدهوش پنهنجي غزل ۾ مدهوشي واري ڪيفيت جي سمورن عوامل جو دل کولي ذڪر ڪيو آهي. مثلن مئخانو، پئمانو، ساقي جام،
سرڪي، مئه ڪشي، مدهوشي، رند، شيخ، زاهد، مستي، بيخودي ۽
جلوه نمائي جو ذڪر سندس اڪثر ڪلام ۾ ملي ٿو.
هڪ غزل جون
چند سٽون ملاحظه ٿين:
سامهون
سڄڻ هجي ۽ نظر ۾ نظر هجي
پنهنجي خبر هجي، نڪي ٻئي جي خبر هجي
ساقي نگاهه مست هجي ۽ رند ڀي هجن
محفل ۾ مئي ڪشي جو مزو رات ڀر هجي
مٿين غزل جي سٽن ۾ ساقي رند، مئي ڪشي، نگاهه ناز مدهوشيءَ جا ئي سامان آهن. مدهوشي جي هڪ ٻئي خوبصورت غزل جون سٽون ۽ تخلص جو نڀاءُ ڏسو.

جا
جدائيءَ جي گهڙي آهي سڄڻ
سا گهڙي گويا صدي آهي سڄڻ
توکي آهي پئي لڳي سينگار جي
مون کي پنهنجي ساهه جي آهي سڄڻ
هوش ۾ مدهوش واپس ڪيئن اچي
چوڻ ڪاپاري لڳي آهي سڄڻ
هتي جدائي جي گهڙيءَ کي صديءَ سان تمثيل ڏني ويئي آهي، جيڪا عشق جي دل جي بيقراري جي ترجماني ڪري ٿي. غزل جي مقطع ۾ تخلص سان ڪيترو نه خوبصورت نڀاءُ اٿس. ڀلا جيڪو آهي ئي مدهوش سو واپس هوش ۾ ڪيئن اچي.

چوٽ
ڪاپاري لڳي آهي سڄڻ.
چرچن ۾ تو چيو هو مدهوش تنهنجو آهيان
هن قول تي پڪو ئي اعتبار منهنجو
مٿين غزل جي مقطعي ۾ تخلص جو ڪيترو نه تز استعمال ڪيل آهي. محبوب جي چرچن ۾ چيل ڳالهه تي هو پڪو اعتبار ڪري ويٺو آهي.
چرچن ۾ تو چيو هو مدهوش تنهنجو آهيان
هن قول تي پڪو ئي اعتبار منهنجو
مٿين غزل جي مقطعي ۾ تخلص جو ڪيترو نه تز استعمال ڪيل آهي. محبوب جي چرچن ۾ چيل ڳالهه تي هو پڪو اعتبار ڪري ويٺو آهي.
بلاشڪ
محتسب ڏسندو رهي، پڇندو رهي ليڪن
رهي مدهوش کي شب روز ملندو بارها ساغر
مدهوش جو فن ۽ فڪر سان ڀرپور معروف غزل ملاحظه ٿئي.
رهي مدهوش کي شب روز ملندو بارها ساغر
مدهوش جو فن ۽ فڪر سان ڀرپور معروف غزل ملاحظه ٿئي.
جڏهن
کان اک لڳي توسان تڏهن کان اک لڳي ناهي،
جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو، تڏهن کان چاڪ ٿي ناهي.
ڪيا غم دل ۽ ۾ اوتارا، ٿڪا تارا تڪي تارا
سڄڻ بيچين دل کي چين، هڪڙو دم گهڙي ناهي.
لفظن جي جادروگري، فن ۽ حرفت سان ڀريل مٿيون غزل سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خاص جاءِ والاري ٿو. اک جو لڳڻ ذو معنيٰ ۾ استعمال ٿيل آهي. اهڙي طرح چاڪ لفظ کي ٻن معنائن ۾ آندو ويو آهي. ٿڪا تارا تڪي تارا ۾ ٻنهي تارن جو مطلب الڳ آهي. لفظ وار کي هڪ ئي وقت ٽن معنائن ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. مقطع ۾ ڪاڻ جو لفظ پڻ ايترين ئي معنائن لاءِ آيل آهي.

رندي
۽ مستيءَ ۾ ٻڏل هڪ غزل جون چند سٽون پيش آهن.
پيئڻ سان ئي مستيءَ ۾ اٿلي پياسين
اسان کان ڀلو آ نصيب آر سيءِ جو
محبت ۾ مدهوش مشهور آهيان.
سرعام چرچو آ ديوانگيءَ جو
مدهوش جي شاعري اجهاڳ سمنڊ آهي، جنهن ۾ بيشمار ملهائتا موتي موجود آهن، مون ته فقط ڪناري تي بيهي ڪوڏ چونڊيا آهن يا يوسف جي خريدارن ۾ نالو ڳڻائڻ خاطر رنڍا روڙيا اٿم.
مدهوش جي وڇوڙي سان سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي.

No comments:
Post a Comment