خودساخته تنقيدي ليبارٽري...!
شوڪت لوهار
پاڻي
جي حبابن عرف Water Bubbles ۽ سندس ڏيڍ فٽن (هونئن مان پڻ
به ايترو ئي آهيان) گڏجي ڪري تنقيدي ليبارٽري قائم ڪئي آهي. اهي واٽر ببل اينڊ
ڪمپني وارا تنقيد جي ليبارٽري قائم ڪرڻ کان اڳ ۾ چيونگم ۽ ٽافيون ٺاهيندا هئا پر
اهي ٽافيون به هو اصلي ڪو نه ٺاهيندا هئا بلڪه اهي چيونگم ۽ ٽافيون هو لوڪل قسم
جون ٺاهيندا هئا ۽ انهن ئي ٻين سٺن ٽافين ۽ چيونگم جا ٽريڊ مارڪ هڻي لوڪل مارڪيٽ ۾
کپائيندا هئا. ڪجهه عرصو ٿيندو جو اهي جي چيونگم ۽ ٽافين جي غير معياري هئڻ جي
چوري پڪڙجڻ ڪري ۽ اتي ڇاپائي ڪمشنر جي اوچتي ڇاپي جي ڪري انهن جي چيونگم ٺاهڻ واري
لوڪل ڪمپني کي لوڪل ميڻ بتين ۽ پتل جي مُهرن سان مهر بند ڪيو ويو آهي. ان
کان پوءِ انهن واري هي تنقيدي ليبارٽري قائم ڪئي آهي. ليبارٽري لاءِ انهن شهر کان
ڏور هڪ مخصوص جاءِ جي چونڊ ڪئي آهي جتي ڪو ايرو گيرو نٿو خيرو مُنهن نه هڻي سگهي.
انهن واٽر ببل اينڊ ڪمپني جي غير معياري چيونگمن ۽ ٽافين ٺاهڻ جو ڪم به انهيءَ ڪري
بند ٿيو جو انهن تسليم ٿيل برانڊن جو ايترو گهڻو استعمال ڪيو هو جو هاڻ وطن عزيز
پاڪ سرزمين ۽ پاڙيسري ڏتڙيل ملڪن ۾ ڪو اهڙو برانڊ ڪو نه بچيو هو، جنهن سان لوڪل ۽
غير معياري ڪينڊين ۽ چيونگمن جي ڪري ٻارڙن کي ادب جا جراثيم ورائي ويا ۽ انهيءَ
کان علاوه ڪن شگر جي مريضن به انهن ٽافين ۽ چيونگمن مان فادئو ورتو، جنهنڪري انهن
جي ادب جون صنفون به ڪرپٽ ٿي ويون. اهو ڪم گهڻي عرصي تائين جاري رهيو. جڏهن ڳالهه ننڍي
قد و قامت وارو واڌو واهه به پار ڪري ته پوءِ رياستي مشينري حرڪت ۾ آئي.
سنڌي
ادب جي هر صنف جي اهڙي اسڪيننگ ڪئي ويندي آهي جهڙي پاڪستاني پاسپورٽ واري جي
آمريڪا جي هوائي اڏي تي به نه ڪئي ويندي هجي. انهيءَ تنقيدي ليبارٽري جيڪا اڳ ۾
غير معياري ٽافين ۽ چيونگم ٺاهڻ واري سيڪرين مليل سيڪنڊ هينڊ ڪمپني هئي، هاڻ ان جو
مالڪ ۽ ان جا سڀ ڪارندا اوچا برانڊ پاڻي ۽ پرڏيهي نظرين جي مشين ذريعي سنڌي ٻولي
کي درپيش خطرن جون پيشنگويون ڪيون آهن. انهن وٽ تمام وڏيون وڏيون ولايتي دوربينيون
لڳل آهن، جن ۾ هو راتين جون راتيون جاڳي سنڌي ٻولي کي لڳل خطرن جي آگاهي، هن غريب
۽ اٻوجهه قوم کي ڏيندا آهن. هنن جي تحقيق ۽ تجربي مان، مان هڪ اڌ چيونگم ۽ ٽيسٽي سوپاري
کائي اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته انهن موجب ڪجهه ئي وقت ۾ سڌي ٻولي ختم ٿي ويندي، ڇاڪاڻ
ته انهن جي تحقيق موجب سنڌي ٻولي کي ڪئين بيماريون لڳل آهن جيڪي وبال جان آهن يعني
اهي جان لاءِ خطرو آهن انهن جو ڪو حبيب ۽ طبيب ڪونهي، انهن جو ڪو عطائي ڊاڪٽر علاج
نٿو ڪري سگهي، انهن جو عالج ٿيڻ ممڪن نه آهي ۽ اهي لاعلاج ٿي چڪيون آهن. تنقيدي
ليبارٽري جي ڏکين اکرن ۽ ٿلهن لفظن ۽ وڏي پيٽ وارن جملن ۾ لکيل تحقيق مان پتو پوي
ٿو ته سنڌي ٻولي کي سلهه آهي، سنڌي ٻولي کي پوليو آهي، سنڌي ٻولي کي اُڀهه ساهي
آهي. سنڌي ٻولي کي ڪجهه ئي وقت ۾ لولي لنگڙي ٿي ويندي، سنڌي ٻولي ڪجهه ئي وقت ۾
جذباتي ٿي پوندي پنهنجي گهر جا ٽپڙ ڀڃندي. تنهن ڪري في الحال سنڌي ٻولي کي ڪو
بافتي جو مفلر پارائي ان کي ٻوڪي ٻڌائي ڪوئينين جون گوريون کارايون، ٿي سگهي ته ڪجهه
فائدو ٿئي پر بچڻ مشڪل آهي.
تنقيدي
ليبارٽري ۾ سنڌي ادب تي پڻ ڳڻتي ڏيکاري وئي آهي. تنقيدي ليبارٽري جتي هر هڪ نظريو
ولايتي ۽ ولايتي اکرن ۽ لفظن سان مُسلح آهي، جنهن جي اکرن ۽ لفظن ۽ جملن کي سنڌي
ادب پروف مصالحو لڳل آهي ولايتي نظرين کي تمام ولايتي عينڪون پاتل آهن ۽ اِهي اُهي
عينڪون آهن، جيڪي اسان جي عرف عام ۾ راوي جي رياست جا ڪرڪيٽر ڀائي ميچ هارائي
ايندا آهن يا ميچ فڪسنگ لاءِ استعمال ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن عينڪن ۾ هر شيءِ جي
جسامت پنهنجي اصلي جسامت کان ملين ۽ ٽرلين ٽن وڌيڪ وڏي نظر ايندي آهي ۽ انهن جي
لينسن کي جيڪڏهن ٿورو ڦيرجي گهيرجي ته انهن جي جسامت بلڪل رئي جي داڻي جيتري پڻ
نظر ايندي آهي. انهيءَ تنقيدي ليبارٽري ۾ انهن کي سنڌي ادب جي هر صنف پنهنجي پنهنجي
حساب سان نظر ايندي آهي. انهيءَ تنقيدي ليبارٽري جي رپورٽن مان پتو پئي ٿو ته اُتي
سنڌي ادب ۾ سرجندڙ ٽني مُنهن پنن مان اهڙي شيءِ ڪانهي جيڪا ولايتي نظرين جي آڌار
تي پوري ٿيندي هجي، انهن جي نظر ۾ سنڌي ادب ڏاڍو ڪمزور آهي، هيڻو آهي، بيمار آهي،
لاغر آهي، لاچار آهي، صفا هلي نٿو سگهي. سنڌي ادب عالمي ادب سان ڪلهوڪلهي ۾ نٿو ملائي سگهي.
ڪلهو ڇا اکيون به نٿو ملائي سگهي. جڏهن تنقيدي ليبارٽري جي ايماندار ڏيڍ فوٽن
ڪارندن سنڌي ادب جون اکيون چيڪ ڪيون ته انهن کي معلوم ٿيو ته سنڌي ادب جي اکين ۾
ڪو به ادب ڪو نه آهي. هو بي ادب آهي. هن ۾ رڳو ”سکي ۽ پيا“ جون ڳالهيون آهيون،
سنڌي ادب جي اکين ۾ موتيو لهي آيو آهي، جنهن جو ليبارٽري ۾ هاڻي علاج ٿيندو جي سنڌي
ادب عالمي ادب عرف literature ٿي سگهيو
ته ٺيڪ آهي، نه ته ليبارٽري جي گودام ۾ اڇليو ويندو.
تنقيدي
ليبارٽري ۾ ادب جي صنف جي باري ۾ ڳالهه ٻول ٿئي ٿي. ادبي ليبارٽري کي سنڌي ادب جي
عالمي معيار مطابقت نه هئڻ ڪري تمام گهڻي ڳڻتي آهي. ايتري ئي ڳڻتي ۽ ڳاراڻو آهي
جيترو آمريڪي حوارين کي ايران جي جوهري پروگرام جو آهي. هن جوهري لفظ جو سنڌي
شاعري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪنهن جوهري لفظ سان ڪو واسطو نه آهي. تنقيدي ليبارٽري ۾
ڪئين تهه خانا آهن، ڪئين جايون آهن. ڪيتريون ئي تيزاب، آساس ۽ ڊيٽول واريون برنيون
پيل آهن. هر هڪ تي اڇي پرچي لڳل آهي. ڪنهن ۾ غزل وڌا وڃن ٿا، ڪنهن ۾ نظم رکيا وڃن
ٿا، ڪنهن ۾ چوسٽن کي ٻوڙيو وڃي ٿو. ٽيڙن ۽ هائيڪن لاءِ وڏا وڏا ٽين تيار ڪيا وڃن
ٿا جن ۾ ولايتي نظرين جو سرف ۽ صابڻ وجهي، پرڏيهي لکڻين سان گڏ وهنجاريو وڃي ٿو پر
وري به نتيجو اهو ئي ساڳيو نڪري ٿو ته سنڌي ادب پرڏيهي ادب جي معيار کان نوري سالن
جي مفاصلي تي بيٺل آهي. سنڌي ادب جي ساخت هيئت ۽ ماهيت هاٺي ۽ ڪاٺي بت ۽ بدن ڪنهن
به طرح سان پرڏيهي ادب سان ملهه وڙهڻ جي قابل ناهي.
تنقيدي
ليبارٽري جا عظيم محقق، ڊاڪٽر ۽ علامه فعامه آهن، انهن توڙي جو پنهنجو نور لوڪل ۽
غير معياري قسم جا چيونگم ٺاهڻ ۾ وڃايو، توڙي جو ليبارٽري جي سڀني ايم ڊيز ڪڏهن هڪ
سٽ ادبي نه لکي آهي ۽ اهي تنقيدي ليبارٽري ۾ ملازمت اختيار ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪڪڙين جي
ٽنگن مان تيل ڪڍي لوڪل سطح جا چپس ٺاهيندا هئا ۽ اهي مقامي سطح تي وڪرو ڪندا هئا.
پوءِ انهن کي ليبارٽري ۾ وڏي عهدي تي ويهاريو ويو، جتي انهن کي اها ڊيوٽي اسائين
ڪئي ويئي ته هو سنڌي ادب جي صحت ۽ سنڌي ٻولي جو دماغ چيڪ ڪن. سنڌي ٻولي ۾ سرجندڙ
هر صنف تي نظر رکن ۽ انهيءَ صنف کي پنهنجي تنقيدي ليبارٽري ۾ کڻي اچن ۽ ان جي چڪاس
ڪن ته انهيءَ جو هيموگلوبن پرڏيهي ادب جهڙو آهي، جي آهي ته واهه واهه جي ناهي ته
پوءِ ان کي گهٽو ڏيئي ليبارٽري جي زندان ۾ اُڇليو وڃي.
تنقيدي
ليبارٽري کي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي فڪر جي حد کان وڌيڪ فڪر آهي اهي فيبروري جي هر
اوڻٽيهه تاريخ تي ادب جي ڪنهن نه ڪنهن صنف تي ويهڪ ڪرائيندا آهن. ادب جي تلوار کان
تکي ۽ وار کان سنهي تنقيد کان انهيءَ صنفِ نازڪ کي گذاريو ويندو آهي. هينئر
ويجهڙائي ۾ سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي ڪٿي بيٺي آهي؟ جي عنوان هيٺ طنبو هڻي گڏجاڻي ڪئي
ويئي. ”سنڌي ڪهاڻي ڪٿي بيٺي آهي؟“ جي عنوان سان هن ويهڪ ۾ ليبارٽري جن عظيم ۽ مهان
ماڻهن، قلمڪارن، افسانه نگارن کي قرب جي ڪوٺ ڏني هئي، اُنهن ۾ ڪيئي هئا. ”ڪهاڻي
ڪٿي بيٺي آهي؟“ تي ڳالهائڻ لاءِ ڏيهه توڙي پرڏيهه مان ڪئين عظيم سرجڻهار آيا هئا،
انهن ۾ ڪيئي ادب جا وهائو تارا هئا، ڪيئي قطب تارا هئا، ڪيئي ڪهڪشائون هيون، ڪيئي
ٽيڙو هئا ۽ ڪيئي ڪتيون هيون. انهن پنهنجي تمام قيمتي مان قيمتي وقت مان چند گهڙيون
سيڙائي پنهنجا خوبصورت لفظن جا موتي وکيريا ۽ ٻڌايو ته سنڌي ڪهاڻي هينئر ڪٿي بيٺي
آهي؟ انهن وٽ سڄي سنڌ جا نقشا هئا. چارٽ هئا، انهن مان ڪن جو خيال آهي ته سنڌي
ڪهاڻي ڪٿي گم ٿي ويئي آهي. ڪن جو خيال هو ته سنڌي ڪهاڻي ڪوٽڙي ۾ موجود آهي، ڪي پيا
چون ته سنڌي ڪهاڻي نوابشاهه ۾ ڪٿي موجود آهي، ڪن جو خيال هو ته سنڌي ڪهاڻي ڪٿي
ڄامشوري جي هوائن ۾ گم ٿي ويئي آهي. بهرحال مهان نقاد پنهنجي پنهنجي نظرين تي ائين
قائم هئا جيئن ڪارونجهر ۽ بڊو جبل قائم آهن بعد ۾ سنڌي ڪهاڻي جي تاحال لاپتا هئڻ
تي اتفاق ڪري گڏجاڻي کي پڄاڻي تي پهچايو ويو.
تنقيدي
ليبارٽري ۾ شاعري جي ڪنهن به صنف کي معاف نه ڪيو ويو آهي. تنقيدي ليبارٽري ۾ کوڙ
غزل آندا ويا جن تي اهو الزام هو ته اُهي ڪنهن نظريي تحت نه لکيل آهن. کوڙ غزلن تي
اهو بهتان هو ته انهن جا پير سڄيل آهن. کوڙ غزلن جي ڪپڙن تي اعتراض هو ته اِهي
تمام سنها ڪپڙا پهريل آهن جن مان جسم عيان هو ۽ فحاشي جي ور چڙهڻ جا قوي امڪان
هئا. انهيءَ لاءِ انهن غزلن کي ابايا پائڻ لاءِ چيو ويو. تنقيدي ليبارٽري ۾ کوڙ
نظم يرغمال بڻائي آندا ويا ۽ اڃا سوڌو آندا وڃن ٿا، جن تي الزامن جي بوڇاڙ ڪئي وڃي
ٿي ته هي نظم وزن ۾ گهٽ آهي، هي نظم نظرين کان خالي آهي، هن نظم ۾ گئس گهٽ آهي، هن
نظم جا اسڪرو ڍرا آهن انهيءَ کانپوءِ انهن نظمن کي تنقيدي ليبارٽري ۾ موجود تيزاب
۽ آساس جي برنين ۾ اُڇليو وڃي ٿو جتي انهن نظمن جا جسم ڳري سڙي وڃن ٿا ۽ اهي تنقيدي
ليبارٽري جي اصولن پٽاندڙ ٿي نڪرن ٿا.
ڪجهه
ڏينهن اڳ تنقيدي ليبارٽري ۾ سنڌي ادب ۾ ”ناولن جي اُڻاٺ“ تي ويهڪ ڪرائي ويئي، جنهن
تي ڏيهه توڙي پرڏيهه مان آيل مهان ناولنگارن دانهون، ڪوڪون ڪيون، آهون ۽ ڪيهون
ڪيون ته وارو ڙي وارو سنڌي ناول کي بچايو، سنڌي ناول ختم ٿي رهيو آهي، ڪن چيو ته
سنڌي ناول ختم ٿي ويو آهي. ڪن چيو ته سنڌي ناول ان ڪري نٿو لکيو وڃي جو
ليکڪ وٽ پين ۾ ايتري مس ڪو نه آهي، جيئن ناول لکڻ ويهي ٿو ته مس کٽڻ جي ڪري ڪهاڻي
ٿيو وڃي. ڪيترن ئي سنڌي ناولن کي ناولن جي جسامت تي نسواني حسن نه هجڻ ڪري انهن
کان ناول هجڻ جو حق کسيو ويو. ڪيترن ئي ناولن کي فقط شخصي ڊائريون ۽ يادگيرين جا
ڪتاب طور نالو ڏنو ويو. وارو ڙي سنڌي ۾ ناول ختم ٿي رهيو آهي، ڪيئي اديب رُنا، ڪن
مُنهن مٿو پٽيو ۽ ڪيترن ئي پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو جيڪڏهن سنڌي ادب ۾ ناول نه لکيو
ويو ته هڪ مقامي اديب به روئندي روئندي بيهوش ٿي ويو. انهيءَ صدمي ۾ ته آخر ڇو سنڌي
ادب ۾ ناولن جي اَڻاٺ پيدا ٿي ويئي آهي؟ پوءِ تنقيدي ليبارٽري جي مقامي سطح تي
انهيءَ بيهوش اديب کي ناولن جا ٻه ٽي مسودا منهن ۾ هنيا ويا ته هو سجاڳ ٿي ويو.
طئي ٿيو ۽ خبر پيئي ته ناول انهيءَ ڪري نٿا لکيا وڃن جو ليکڪ کي رائلٽي نٿي ملي،
جڏهن ته پرڏيهه ۾ ناول نگار کي پنهنجي ناول جي ايتري رائلٽي ملي ٿي جو سڄي ڄمار هو
انهن پيسن مان اُٺ گهوڙا وٺي سگهي ٿو. اسان وٽ ناول نگار کي رائلٽي ته پنهنجي جاءِ تي پر رائل پکو به
نٿو ملي جو فخر سان چئي سگهي ته ناول لکو ۽ رائل فين وٺو. ناول جي اَڻاٺ تي ويهڪ
انهي ڳالهه تي ختم ٿي ته آئينده سنڌي ادب ۾ ناول لکيا ويندا ۽ جيڪو به ناول لکندو
اُن کي راڻي باغ جو مفت ۾ سير ڪرايو ويندو.
تنقيدي
ليبارٽري ۾ کوڙ انگريزي نظريا سنڌي ويس وڳا پائي، ٽوپيون ۽ اجرڪ اوڍي، گج ۽ هر مچن
جو آر ڀريو گج پهري ويٺل آهن. پوري ڪوشش ڪئي پيئي وڃي ته انهن کي سنڌيائو وڃي پر
ڪي ڪي نظريا اهڙا آهن جن جي لاءِ سنڌي لفظ هٿ نٿا اچن، پر امڪان آهي ته انهن جو به
جلد حل ڪڍيو ويندو. پاڻي جي حُبابنwater
Bubbles ۽ سندس ڏيڍ فوٽن طرفان قائم ڪيل هي تنقيدي ليبارٽري جيڪا سنڌي ادب جي سرٽيفڪيٽن
(سندڻ) لاءِ قائم ڪيئي ويئي ان جا هلائيندڙ بهرحال پهرئين مقامي سطح تي تيار ٿيل
ٽافين ۽ چيونگمن ٺاهڻ جي ڪاروبار سان وابسته هئا ۽ هاڻ اهي خود ساخته تنقيدي
ليبارٽري جا وڏا گڙنگ حواري آهن.
shoukatali.lohar@gmail.com
tmaam behtreen
ReplyDeleteSain chot ta tmaam bhali kai ahy, hin dharti tay ajaan daat dhuni mojod ahn aen panhjian panhjian sinf'n men likhn ba piya... ha unjy mayar ( standred ) khy parkhun aen ehyo chavn ta sindhi kahani ya novel khtm th vai aam, tamam vadi galh ahy, nasur tory nazm men tmam bhlo likhjy payo, sain shokat khy misalun san sabit karun ghurjy haa, ta baba panhjio akhiyuu patyo.. hee vethea ahn aen hunun he he likhyo aa, ... ta tamam behtr thiye haa..
ReplyDeletemehran ujjan 13ES44
Delete