20/08/2013

شمشير الحيدري شخصيت ۽ فن - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سنڌي ادبي بورڊ پاران شمشير الحيدريءَ کي ڀيٽا
شمشير الحيدري شخصيت ۽ فن
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جي نهايت محترم شاعر ۽ گهڻ رخي لکندڙ اديب شمشير الحيدري کي، اسان کان وڇڙئي، ڀريو هڪ سال گذري ويو. ڪا خبر ئي نه پئي. وقت تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي رهيو آهي، پر يادگيريون آهن جيڪي اتي ئي بيٺل آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان اڃا وڌيڪ چٽيون ٿي رهيون آهن. اهي يادگيريون جن جا ڪيئي رنگ آهن، جن رنگن کي، اسان جي آبرودار ڀيڻ مهرالنساءِ لاڙڪ سهيڙيو آهي ۽ سهيڙي اسان سڀني آڏو رکيو آهي ته اسان انهن رنگن کي ڏسون ۽ انهن ۾ شمشير کي تلاش ڪريون، سندس الڳ الڳ پهلن بابت گهڻو وڌيڪ معلوم ڪريون ۽ سندس وڌيڪ لڪل پاسن کي ظاهر ڪريون، جن رنگن کي مهرالنساءِ لاڙڪ صاحبه سهيڙيون آهي. انهن کي نالو ڏنو اٿائين ”شمشير الحيدري شخصيت ۽ فن“ جنهن ۾ شمشير صاحب جا الڳ الڳ روپ آهن ۽ هر روپ ۾ هو هڪ مڪمل لکندڙ شخص نظر اچي رهيو آهي، ساڳئي وقت سندس نظريو به سامهون اچي رهيو آهي جيڪو آهي، ”مولا تي ننگ آهي“ ۽ جنهن نظرئي کي سندس ۽ اسان جي رهبر ڀٽائي سائينءَ هن طرح بيان ڪيو هئو ته
سڀيئي سبحان جي، ڪر حوالي ڪم.
اڄ جڏهن ڀٽائي به نه آهي ۽ شمشير سائين به نه آهي، تڏهن سندن اهو سڀ اسان وٽ لکت جي صورت ۾ موجود آهي، جيڪو هنن لکيو يا فرمايو. شمشير صاحب جو ڪيل ڪم ته گهڻو ئي رهيل آهي، سندس ڪيل ڪم جا ڪي پهلو، مختلف لکندڙن جي لکڻين ۾ محفوظ ٿي ويا آهن ۽ ڪي اڃا محفوظ ٿي رهيا آهن، کيس بابت تازو ئي هيءُ محفوظ ٿيل ڪم جنهن کي مهرالنساءِ لاڙڪ صاحبه سهيڙيو آهي، ان مان ايندڙ نسل سندس باري ۾ گهڻو ئي ڄاڻي سگهندو. پوءِ اهو سندس شخصيت جي باري ۾ ڄاڻڻ هجي يا سندس ادب ۾ ڪيل، ڪيترين ئي صنفن ۾ موجود ڪم بابت ڄاڻڻ هجي، اهو سچ آهي، ته اهو ڄاڻڻ ٿورو آهي، شمشير صاحب جو ڪم گهڻو آهي، جنهن تي مسلسل لکيو ويندو پر جيڪو لکيو ويو آهي، هو سهيڙجي ويو آهي. اهو بهتر عمل آهي.
هن شمشير الحيدري فن ۽ شخصيت ۽ فن“ نالي واري ڪتاب ۾ هدايت بلوچ، قاضي خادم، ڊاڪٽر عابد مظهر، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر سليمان شيخ، دستگير ڀٽي، اسد جمال پلي، ڊاڪٽر انور نگار هڪڙي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، حفيظ ڪنڀر، عزيز گوپانگ، ڊاڪٽر مخمور بخاري، زاهده ابڙي، زهير حسين، نصير حيدري، حسينه ساند، عبدالوهاب منشي، نسيم حيدري، ڊاڪٽر ايوب شيخ، مولائي ملاح، ناصر بلوچ، رزاق کٽي، رضوان گل، مظهر خاصخيلي، خالد پنهور، محمد بخش مري، الطاف ملڪاڻي، شوڪت لوهار، مشتاق گبول، امين لاکو، نسيم النساءِ، عبدالرزاق عمراڻي، ۽ ٻين جا شمشير صاحب بابت مضمون ۽ ليک آهن، جن ۾ سندس شخصيت ۽ ادب ظاهر ٿي بيٺو آهي.
تڪڙو آيل هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي. ايئن هيءُ ڪتاب ڇپائي، بورڊ نه رڳو پنهنجي پراڻي مددگار کي ياد ڪيو آهي، پر هن کي هڪ ڀيٽا به ڏني آهي، جنهن لاءِ اداري جي تعريف ڪرڻ جڳائي، ۽ اداري ۾ ويٺل انهن شخصن کي احترام ڏنو وڃي، جن گهڻو جلد ئي، سندس خدمتون سهيڙي ورتيون آهن ۽ سندس پهرين ورسيءَ تي کيس ڀيٽ ڪيون آهن. ساڳئي وقت ڪتاب سهڙيندڙ کي به جس هجي، جنهن هن ڪتاب کي جلد سهيڙي ورتو. جيتوڻيڪ سهيڙ وقت تڪڙ محسوس ٿئي ٿي. ڪتاب کي ڪجهه وقت ڏجي ها ته وڌيڪ بهتر نتيجا سامهون اچي وڃن ها! تنهن هوندي هوندي به جڙي کي جس چوڻيءَ وانگر، هڪ ڪتاب شمشير صاحب تي اچي ويو آهي، خوشي جي ڳالهه آهي. سهڻي پني تي ڇپيل هيءُ پڪي جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل سان آهي، جنهن ۾ 215 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 250 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment