11/08/2013

تارا تارا جهول ۾ - طالب حسين کوکر (Talib Hussain Khokhar)



ضلعي گهوٽڪي جي جديد سنڌي ادب جو هڪ باب
تارا تارا جهول ۾
طالب حسين کوکر
ڪتاب پڙهڻ، انهيءَ کي سمجهڻ، انهيءَ تي تحقيقي ۽ تنقيدي رايا ڏيڻ انسان جو ذاتي ۽ نج داخلي مسئلو آهي. ائين ئي جيڪو ڪم اڄ آئون ڪري رهيو آهيان، انهيءَ جو هڪڙو به عنصر خارجي نه آهي. آئون سمجهان ٿو ته انهيءَ ۾ ڪجهه ابتا سبتا جملا ضرور لکندس پر فڪر ناهي ڇو جو اهو وري ڪنهن ٻئي پارکو، نقاد ۽ محقق جو داخلي مسئلو هوندو آهي. جيڪڏهن گمان نه ڪيان ۽ ڪجهه حقيقت پسند ٿي ۽ عام ماڻهن وانگر ائين نه سوچيان ته ڪتاب (تارا تارا جهول ۾) هڪ عام ۽ ننڍڙي بڪ اسٽال تي وڪامجڻ جي حيثيت رکندڙ ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪجهه رومانوي ۽ دل کي وندرائيندڙ ڳالهيون آهن ته يقين ڄاڻيو پنهنجي پاڻ کي عقل سوچ سمجهه ۽ ذهني بلوغت کان دور ٿيندي محسوس ڪندس. جڏهن به ڪو محقق ضلعي گهوٽڪي جي جديد ادبي تاريخ تي تحقيق ڪندو ته هي ڪتاب سندس لاءِ پيڙهه جو پٿر هوندو. مجموعي ۾ شامل نئين ٽهي جي جديد 16 شاعرن جو مختصر جائزو وٺون ٿا.

1. مفتون ڪورائي:
مفتون ڪورائي سنڌ جو البيلو ۽ قومي شاعر آهي، جنهن کي سنڌ ۽ اهل سنڌ جو اونو رهندو آهي ۽ سنڌ ۽ سنڌين کي مستقبل بابت تڻندو رهندو آهي، سندس سوچ، ڳالهائڻ ۾ به اڻ تڻ محسوس ٿيندي آهي ۽ جڏهن جيجل سنڌ جا ٻار نوجوان ۽ نياڻيون ويڳاڻيون ٿيل ڏسندو آهي ته پنهنجي اندر ۾ جهري پوندو آهي ۽ پنهنجي اندر جا اڌما پنهنجي تخليق ذريعي سماج تائين پهچائيندو آهي، اُنهيءَ جو ئي شعر آهي ته:
اوپرو اوپرو اڻ ڏٺل ٿو لڳين
سنڌ جي ڀاڳ جان ڇو رٺل ٿو لڳين
ليڙ تنهنجا لٽا ڇو ڀلا اي ٻچا!
آئيندي جا ابا اڻ پڙهيل ٿو لڳين.
مفتون جو ٻاهريون ڏيک ويک سادو ۽ عام رواجي آهي پر اندر جو انسان هميشه خوش باش ۽ ٻهڪندڙ محسوس ٿيندو آهي، جيئن انهيءَ جو شعر آهي ته:
خار آهيان عقل جي انڌن لئه
آئون اندر گلاب- گهر آهيان
2. مشتاق گبول:
مشتاق نئين ٽهي جو اهڙو با ارادا شاعر آهي جنهن تي جيترو لکجي گهٽ آهي، سندس شاعري گهڻ رخي آهي ۽ تمام لوازمات بهترين نموني سان سمايل آهن. سندس تنقيدي شعور ۽ شعري ذوق ۾ پاڻ کي مڃايو اٿس. سندس تخيل ايتري ڪمال حد تائين پهتل آهي جو لفظن مان پيڪر تراشي ٿو، جڏهن مشتاق جي فن ۽ طبيعت جو موازنو ڪيون ٿا ته هو سنڌي ادب جو حسرت موهاني لڳي ٿو ڇو جو هن به حسرت وانگر ڏکن سکن جي باوجود شاعري سان پاڻ نڀايو اٿس.
مشتاق اهڙي ڪيفيت مان گذرندي چوي ٿو ته:
تو اڳيان ٻار جيان هوندو آهيان
مون وٽان سرت هلي ويندي آ
مشتاق ڪمال جي تشبيهه ڏيندڙ شاعر آهي. جيئن هو غريبي کي ڏائڻ سان تشبيهه ڏي ٿو اهو صرف تشبيهه جو ڪمال نه آهي بلڪه اهو منظر مشتاق پنهنجي اکين سان ڏسي ۽ پڄري ٿو ۽ چوي ٿو:
تون به ڏائڻ جيئن غريبي ٿي وئي آ
ڪنهن نه ڪنهن جي ماس ۾ هن ڏند تنهنجا
3. عطا قاضي:
مٿيون شعر عطا قاضي جو آهي جيڪو لفظ کان بندوق جو ڪم وٺڻ ڄاڻي ٿو. اها انهيءَ جي جرئت آهي ۽ شاعري جو اثر آهي، جنهن کان چڱي طرح واقف آهي. هي ذهني ڪيفيت جو پرچار ڪندڙ شاعر آهي ۽ انهيءَ ڪيفيت کي گهٽ شاعر بيان ڪندا آهن، مٿين شعر مان واضح آهي ته هي دوست پنهنجا املهه لفظ انهن ڏاڍن جي ذهن ۾ منتقل ڪري انهن تي خوف طاري ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو انتهائي ڪمال جو فن آهي عطا جي حسايت جو هڪ پهلو هي به آهي ته:
سونهن جي جيڪو سين کان واقف نه هجي
ان جي ڪڇ ۾ حور ڏسي دل جهرندي آ
۽ اهو ئي شعر سماجي اڻ برابري جو هڪ مظهر به آهي.
4. پريم پتافي:
پريم جو صرف ادبي نالو پريم نه آهي بلڪه پريم اهو ساگر آهي جنهن ۾ هر وقت پريم جون موجون موجزن رهنديون آهن، سندس شعر شعري معنويت سان پُر آهن، جنهن ۾ تاريخ جي جهلڪ ۽ پنهنجي ڌرتي سان محبت واضح سمايل آهي جيئن:
اڄ سوڳ ٻيهر ڏس
زينب جي ردا آهي
يا
ڌرتي جو سڏ سامهون پوءِ
ڦاهيون، مقتل ڪير ٿو سوچي
سندس نظم (لتاڙجي پئي زندگي) سنڌي ادب جي شاهڪار نظمن ۾ هڪ بهترين اضافو آهي، پريم شاعر، هڪ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻي پسند هجڻ سان گڏوگڏ هڪ نهٽائي پسند صوفي طريقت ۽ خودار انسان پڻ آهي جيئن:
منهنجو پڇندو ڪير اچي
مون ۾ ڪنهن جو ڪهڙو ڪم
پريم سنڌي زبان کي جيڪا محبوبيت، مقبوليت ۽ اهميت ڏني آهي انهيءَ کان انڪاري نٿا ٿي سگهون.
5. سڪندر مگسي:
اسين هوشو حوالن جا، اسين هيمون خيالن ۾
عمل جي وقت پاسيرا، ندامت جي ضرورت آ
مٿيون شعر سڪندر مگسي جو آهي جنهن ڪوڙن مفاد پرستن ۽ ٺلهن نعرن هڻندڙن کي منهن ۾ چماٽ وهائي ڪڍي آهي. بيشڪ اهو سڪندر جي شاعري جو ئي ڪمال آهي، جيڪو ڪوڙن جي خلاف تاريخ آهي، سڪندر نئين ٽهي جو شاعرن ۾ پختو ۽ شعري لوازمات کان واقف شاعر آهي ۽ سنڌ جي تاريخ جي جڳهه جڳهه پرچار ڪندڙ آهي ۽ درو حاضر تي به هڪ تاريخ رقم ڪري ڇڏي اٿس.
6. امر کهاوڙ:
غلام رسول امر شاعري جي لوازمات جو پارکو ۽ پختو شاعر آهي، پختي تخيل ۽ تيز ترين مشاهدي جو مالڪ پڻ. اُهي پختا ۽ وقتائتا دليل سندس شاعري جو حسن آهن. امر شاعري جي اصناف ۾ پاڻ مڃايو آهي، پر بيت جي پختگي ڪمال جي اٿس.
اڀرندي ئي ٻارڙي وٽو کڻي ٿي
۽ پوءِ ساري شهر ۾ ڏاڍو تڻي ٿي
سانجهي جو گهر ۾ پڄي سڪا ڳڻي ٿي
ڪيڏو وڻي ٿي هو موالي پيءُ کي
مٿين بيت ۾ سنڌي سماج جي موجوده حالت تي امر جيڪا منظر نگاري ڪئي آهي شايد ڪو ڪري. سندس شاعري مان واضح آهي ته شاعر جي پنهنجي قوم ۽ وطن سان ازلي محبت آهي ۽ سنڌ سان محبت نه هجڻ واري کي ڪجهه هن طرح بد دعا ڏئي ٿو.
جو سنڌ سان سوڌو ناهي امر
سرطان لڳيس شل جيرن ۾
7. جميل سومرو:
جميل سومرو نئين ٽهي جو نزاڪتن سان ڀريل شاعر آهي، سندس شاعري ۾ بهترين تلميحون ڏنل آهن.
جيئن:
پڳا مومل کي ماڻڻ لاءِ ها هزارين راڄ جا راڻا
سوائي مينڌري جي اتي سڀ مدفون ٿيندا ويا
تاريخ جو ورجاءَ جن لفظن ۾ جميل ڪري ٿو ڪا عام ڳالهه نه آهي. سندس نزاڪت ۽ وطن پرستي جو مظهر اهو آهي ته هو ديوار تي سنڌ امڙ جي خلاف لکندڙ جي به جان وٺڻ چاهي ٿو. جميل اکين جي ڪائنات ۽ سندس قسم بهترين نموني سان پيش ڪيا جيئن:
ڪي بلوريون، چيرويون ڪي ويڪريون
پنهنجي پنهنجي آ اکين جي ڪائنات
8. دوست سومرو:
دوست سومرو اهو جاکوڙي شاعر آهي جيڪو ٻين کي به جاکوڙ جو درس ڏئي ٿو جيئن هن شعر ۾ آهي ته:
اڄ به ڀاڳن تي ڀاڙين ٿو ڀاڙي
مقدر ڪا ماڙي ڪنهن لئه ٺاهي ڪين نه ڪي
دوست وائي جو بهترين شاعر آهي. سندس شاعري لوازمات تي به دسترس اٿس. سندس وائي ’مون کي رنگ لڳي ويو‘ ڪمال جي تخليق اٿس ۽ غزل ”اسان سان ڪو متان اٽڪي“ ۾ پاڻ کي مڃايو اٿس. هي ديشي دوست پنهنجي ارادن ۾ اٽل آهي، جنهن کي ديس جي خاطر وڙهڻ کان روڪڻ تي سندس محبوب جو پيار به ڦاهي مثل ٿو لڳي.
ديس جي ويڙهاند کان روڪين پئي
پيار تنهنجو هاڻي ڳارو ٿو لڳي
9. حق نواز شيراز چانڊيو:
شيراز ظلم، انيا، ڏاڍ ۽ موجوده دور ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي جهڙي ريت لفظن جي شڪل ۾ چٽيو آهي ڪا عام ڳالهه نه آهي. تخيل ته هر شاعر جو ورثو آهي ۽ هر شاعر تخيل جي ذريعي ئي لفظن مان تصويرون ٺاهي ٿو پر شيراز جيڪي تصويرون ٺاهي ٿو انهن جا عڪس ڌنڌلا نه آهن. صاف چٽا ائين جيئن پينافليڪس مان نڪتل عڪس سندس غزل سولي تي نه چاڙهيو ۾ جيڪا منظر نگاري ڪئي اٿس انهيءَ ۾ ويساهه گهاتيون ڪرڻ، ايوانن ۾ پهتل سنڌي نمائندن جو ڪردار، سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر ۽ ڪلاشن راڄ کي واضح نموني سان ظاهر ڪيو اٿس. موجوده دور ۾ تعليمي ترقي تي ڳالهائيندي شيراز جيڪا طنز ڪئي آهي کيس جس هجي.
مڃيوسين ته اسڪول ٺهندا وڃن ٿا
مگر ڇا جهالت اڳ جهڙي ناهي؟
10. درگاهي گبول:
درگاهي پنهنجا خواب پنهنجي هستي ۽ پنهنجون حسرتون سڀ موت جي تري تي رکي ڇڏڻ لاءِ تيار آهي، پر خاموش ۽ به مقصد موت نه ٿو مرڻ چاهي. پنهنجي خيالن جي اوچائي ۽ گهرائي جيڪا هن مجموعي ۾ شامل اٿس سا بامقصد زندگي طرف هڪ سڌو سنئون رستو آهي. درگاهي جي شخصيت جا جوهر انهيءَ جي نظريي مان چمڪن ٿا ته هو شرافت نفس، شرافت ذهن ۽ شرافت زبان ڀريل معاشرو تخليق ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو سچن آدرشن تي ٻڌل هجي جيڪو رسمن کان آزاد هجي ۽ معاشري جي هر فرد جي نرڙ تي لکيل هجي ته مان هر رسم ۽ هر ڪڌي ڪم کان انڪاري آهيان، انڪاري آهيان، انڪاري آهيان.
11. مخمور ميراڻي:
ڍاپلن کي وري وري مليو
سرڪ پيتي نه ڪنهن اڃارن مان
هي مخمور جو شعر آهي، جنهن ۾ مخمور گهڻ رخيون ڳالهيون ڪري ويو آهي، جنهن ۾ پنهنجائپ نوازي جو وڏو عنصر شامل آهي، جنهن سماجي اڻ برابري جي ڪري امير ويتر امير غريب ويتر غريب ٿيندو ٿو وڃي. سندس حقيقي منظر کي عجيب نموني سان پيش ڪيو اٿس، مخمور جي شاعري ۾ حقيقي رنگ آهن، جيڪي پاڻ ۾ گڏجي انڊلٺ ٺاهين ٿا. شاعري کي پڙهڻ سان سندس فطري شيون جيڪي بيان ڪيون اٿس، انهن ۾ صبح، شام، چمن، گل، بهار، پن، مکڙي، سج، سانوڻ، رات چنڊ، چانڊوڪي وغيره ڪمال طريقي سان استعمال ڪيون اٿس. جيڪڏهن شاعر فطرت سڏجيس ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.
12. عاجز چاچڙ:
منهنجو وشواس آ اُهو عاجز
ري محبت جيئڻ ٺڳي آ
مٿيون شعر محبتن جي شاعر عاجز جو آهي، جنهن جو مقصد محبت سان جيئڻ هو ۽ بغير محبت جي جيئڻ پاڻ سا ۽ معاشري سان ٺڳي لڳي هئس، جيڪا سچائي هن شعر ۾ اوتي آهي سا حقيقي زندگي جو عڪس آهي. سنڌ، معصوميت ۽ محبت سان چاهه رکندڙ هي دوست اڄ ظاهري طرح اسان سان گڏ نه آهي، پر سندس نظريه ۽ آدرش اڄ به زنده آهن ۽ زنده رهندا. هي دوست پنهنجي قوم جي ٻارن جو الڪو ۽ فڪر اسان تائين پهچائي پاڻ اسان کان جدا ڪيو ويو، سندس يادگيريون اڄ به موجود آهن.
چنڊ مٿان هت ڳوٺ اڏيا هت
پير اگهاڙا ٻار اسان جا
13. فدا ملڪ:
فدا جنهن خطي سان واڳيل آهي، انهيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مرضي سان ساهه کڻڻ به ڏوهه سمجهيو ويندو آهي، عشق محبت ته اتي گناهه ڪبيره ۾ شامل آهن پر پوءِ به عاشق پنهنجي محبوبن تائين پهچي ويندا آهن، بلڪل ائين جيئن فدا چيو آهي
ڏس ڪهاڙي جي ڌار تي ڀي ڪيئن
هن کي سڪ تو تائين وٺي آئي
فدا نئين ٽهي جو بهترين ۽ پختو شاعر آهي. مشاهدو انتهائي بهترين اٿس.
14. جبار بوزدار:
جبار نئين ٽهي جو نمائندو شاعر آهي. سندس شاعري ۾ پاڻ تي پختو ويساهه ۽ زماني ۽ دوستن کان شڪايتن جا انبار اٿس، جنهن کي هو پنهنجي تخليق ذريعي ٻين تائين پهچائي ٿو. سندس شاعري ۾ چٽا عڪس چٽيل آهن، جن ۾ هو پنهنجي فني ڪمال سان روشني کي اونداهه ذريعي شڪست ڏئي ٿو. جبار ڏکن ۾ سک جهڙي زندگي گذارڻ جو هنر سکي ورتو آهي ۽ اها ڏات ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندي آهي.
آ مون لئه رڳو خزان موسم
هو سڀني کي بهار ٿي ارپي
15. عرفان لُنڊ
عرفان پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ جيڪا حوصلا افزائي ڪئي آهي، تنهن لاءِ کيس جس هجي ۽ منزل ڏانهن ويندڙ راهه تي پاڻ ئي مشعل راهه آهي. هو پنهنجي نثري نظمن ۾ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف سندرو ٻڌي بيٺل نظر اچي ٿو ۽ سماج کي اگهور ننڊ مان جهنجوڙي اٿاري ٿو. هو پنهنجي پاڻ تي طنز ڪري ٻين کي احساس ڏياري ٿو بيشڪ عرفان زنده ضمير ۽ زنده احساسن جو مالڪ آهي.
16. وسيم گبول:
وسيم مجموعي ۾ صرف هڪ صنف پنجڪڙا تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن ۾ اڪثر فطري شين جو ذڪر آهي، جيئن کجيون، انب، سورج مکي، گلاب، ڪنڊا، ڳيرا، ڇيلا، ڪونجون، ڪانگ، ماڪوڙا وغيره. سندس بابت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فطرت جي قريب آهي، پر سندس ڄاڻ وسيع آهي. سندس پنجڪڙو (ڪيڏو بهتر نظام آ يارو) بهترين تخليق آهي. وسيم جا پنجڪڙا پڙهندي پنهنجو پاڻ کي ٻهراڙين جي انهن گهٽين ۾ محسوس ڪجي ٿو جتي حقيقي زندگي جا عڪس آهن.

No comments:

Post a Comment