05/08/2013

اڏار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



قربان جتوئيءَ جي ڪهاڻي ۾ پهرين
اڏار
رکيل مورائي
سنڌي ڪهاڻي جي سفر ۾ بنهه نئون شامل ٿيندڙ نالو آهي، قربان جتوئي! جيتوڻيڪ هيءُ نالو، سنڌ جي وطن دوست ۽ قومي تحريڪو سان جڙيل سڀني لکيل پڙهيل ماڻهن لاءِ اوپرو نه آهي. قربان جتوئي قومي تحريڪ سان جڙيل اهو نوجوان هئو، جنهن ڪراچيءَ ۾ خاص طور مشين ٽول فيڪٽريءَ ۾ جيڪو سنڌي پورهتن لاءِ جاکوڙيو اهو، قومي تحريڪ جي تارخ جو هڪ حصو آهي، جيڪو اڳتي هلي شايد لکيو وڃي، پر سنڌي ادب ۾ قربان جي آمد ويجهڙ ۾ ٿي آهي، جڏهن هن نوڪريءَ مان فارغ ٿي، پنهنجو خوبصورت ڳوٺ اچي وسايو آهي ۽ هاڻ هو لڳاتار لکڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي.

منهنجي دوست ۽ خوبصورت شاعر اياز جانيءَ جي سمپادڪيءَ هيٺ نڪرندڙ رسالي ”همرچو“ ۾ قربان جتوئيءَ جي ڇپيل ڪهاڻي ”جيئندو“ جمال ابڙي صاحب جي پشو ۽ اياز قادري صاحب جي شيدو ڌاڙيل ڪهاڻيءَ جي ياد ڏياري ويئي، جنهن بعد قربان جون ڪهاڻيون لڳاتار ڇپجي رهيون آهن ۽ پڙهجي رهيون آهن. تازو ئي، سندس ڪهاڻين جو ڪتاب به ڇپيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”اڏار“.
ويهين ڪهاڻين جي هن گڏيل مجموعي ۾ قربان جتوئي، هڪ اهڙي ڪهاڻيڪار طور ظاهر ٿيو آهي، جنهن وٽ سياسي شعور به آهي، ته سماج کي پرکڻ جو ذهن به، سنڌ دوستي به آهي ته پورهيتن لاءِ همدردي به ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته مٿين احساسن کي اظهارڻ جون تخليقي صلاحيتون به! جيڪي هن جي هر ڪهاڻيءَ مان ظاهر ٿين ٿيون. هن جي لکڻ جي شروعات آهي. اها به عمر جي اڌ حصي کان پوءِ واري عرصي ۾ جڏهن ڪو به شخص شعوري طور گهڻو سگهارو هوندو آهي. اها سگهه قربان جي بنهه سلوڻي پيرائي لکيل ڪهاڻين مان ظاهر ٿئي ٿي، هو گهڻو عرصو ڪراچيءَ ۾ رهيو آهي ۽ سندس خوبصورت ڳوٺ ٻهراڙي ۾ آهي، ان ڪري سندس ڪهاڻين ۾ شهري ۽ ڳوٺائي زندگيءَ جو ميلاپ آهي. ”ملوڪان“ ڪهاڻي ان لاءِ مثال طور پڙهي سگهجي ٿي. قربان شهر ۾ رهندي به پنهنجي اندر ۾ ٻهراڙيءَ جي سونهن کي سانڍي رکيو آهي، ساڳئي وقت هڪ ڳوٺاڻي شخص کي پڻ هن پنهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مستقل رهائش ڏني آهي، جيڪو هن جي تخليقڪار جو صلاحو آهي. قربان وٽ سنڌي ٻوليءَ جو ٻهراڙيءَ وارو حسن به آهي، سندس ڪهاڻي ۾ آيل سنڌي محاوري واري ٻوليءَ جو استعمال اڄ جي شهري ليکڪ کان گهڻو پري آهي. قربان جون ڪهاڻيون پڙهي گهڻي حد تائين سنڌي مهاوري جي سونهن هڪ نئون پيار ڏياري ٿي، سنڌي ٻوليءَ ڏانهن قربان جا موضوع جيڪي ڪردارن جي آس پاس آهن، اهي شهري ماحول ۾ جيئندڙن جا به آهن ته ٻهراڙيءَ ۾ جيئندڙن جا به آهن ۽ انهن جي گذريل زندگيءَ کي ڪهاڻين ۾ بيحد ئي سهڻي ڍنگ سان اظهاريو آهي، اسان جي دوست ليکڪ.
سنڌي ڪهاڻي، نهايت تيزيءَ سان پنهنجو دائرو ويڪرو ڪري رهي آهي. موضوعاتي حوالي ۾ هن اڄ تائين چڱيون ئي سرحدون ڪراس ڪيون آهن، ان تيزيءَ واري سفر ۾ قربان جتوئيءَ جو ڪيترو حصو شامل هوندو، اهو طي ڪرڻ جو وقت اڃا اڳتي اچڻو آهي. هيءُ وقت سندس سنڌي ڪهاڻيءَ جي سفر ۾ شامل ٿيڻ تي آجيان ڪرڻ جو آهي. ان اميد سان ته هو نه رڳو مسلسل سنڌي ڪهاڻي سنڌي ادب کي ڏيندو رهندو پر پنهنجي هٿ ۾ کنيل ناول پڻ جلد سنڌي ادب کي ڏيندو. ”اڏار“ نالي واري هن ڪهاڻي ڪتاب کي سنڌي ساهت گهر ڇپايو آهي. پڪي جلد وارو هي ٻه سَو ٽيهن صفحن جو ڪتاب 260 رپين جي ملهه وارو آهي. لاجواب ڪتاب سان ادب ۾ شامل ٿيندڙ قربان جتوئي جي اڏار لاءِ نيڪ خواهشون.

No comments:

Post a Comment