22/08/2013

سنڌ مٿان انگريزن جو قبضو - مختيار سمون (Mukhtiar Samo)



مياڻي جي جنگ ۾ سنڌ مٿان انگريزن جو قبضو
مختيار سمون
۱۷ فيبروري ۱۸۴۳ع تي مياڻيءَ جي جنگ ۽ پوءِ ۲۴ مارچ ۱۸۴۳ع ۾ دٻي واري جنگ ۾ انگريزن جي قبضاگيريءَ واري ڪوشش خلاف سنڌ جي لشڪر جو هڪ سئو ستر سال اڳ بلند ڪيل نعرو ”مرويسون، پر سنڌ نه ڏيسون“ اڄ به سنڌ جي بقاءِ تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي جلا بخشيندو رهي ٿو.
۱۷ فيبروري ۱۸۴۳ع تي، مياڻي جو ميدان انگريزن ۽ ڏيهي ماڻهن وچ ۾ انهيءَ فيصله ڪن جنگ جو منظر بڻجي ويو، جنهن بعد ۲۴ مارچ ۱۸۴۳ع ۾ مير شير محمد ٽالپر ۽ هوش محمد شيديءَ جي اڳواڻيءَ ۾ دٻي جي جنگ جي صورت ۾ انگريزن پاران سنڌ تي قبضي خلاف ٻي مزاحمت کي جنم ڏنو، پر ٻنهي جنگين ۾ سنڌ جي بچاءُ لاءِ وڙهندڙ جوڌن جي صورتحال، ”ڳچين سدا ڳچ ويچارن وڃايا“ واري رهندي آئي، هزارين مزاحمتي مجاهد ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو هڻندا، انگريزي گولن، بارودن ۽ تلوارن جو کاڄ بڻجندا ويا.

سنڌ ۾ انگريزن جي آمد جي شروعات ۱۷۵۸ع کان ٿي، ميان غلام شاهه جي ايام ڪاريءَ ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ تي انگريز واپاريءَ جي آمد، حقيقت ۾ سنڌ لاءِ ڪو سٺو سنئوڻ ڪو نه هئي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کان ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ جي اجازت وٺي، انگريزن سنڌ ۾ واپار جي شروعات ڪئي. انگريزن جي ٺٽي ۾ موجودگي، سنڌ جي ٻئي ڪلهوڙي حڪمران ميان سرفراز ڪلهوڙي کي ڀانءِ نه پئي، جنهن کين ۱۷۷۵ع ۾ سنڌ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍيو. انگريزن جي عقابي نگاهه، جيڪا سنڌ جي مالي ذريعن تي ڄميل هئي، تنهن کين وري وري سنڌ ڏانهن پئي ڇڪيو. نيٺ ٽالپرن جي سنڌ مٿان حڪمرانيءَ واري زماني ۾، انگريز سوداگرن هڪ دفعو ٻيهر ۱۷۹۹ع ۾ سنڌ جي حڪمران مير غلام علي ٽالپر کان اجازت وٺي، ڪراچيءَ ۽ ٺٽي ۾ انگريزن جي ”مسٽر ڪرئو“ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاروبار شروع ڪيو. نيٺ ۱۸۰۹ع ۾ سنڌ جي ٽالپر حڪمران مير غلام علي سان پنهنجي نمائندن ”سمٿ“ ۽ ”پاٽنجر“ ذريعي هڪ معاهدو ڪيو، جنهن ۾ ميرن جي صاحبيءَ کي درپيش ٻاهرين خطرن کي ٽارڻ لاءِ مدد ڏيڻ جي عيوض، پنهنجي لاءِ سنڌ ۾ ڪجهه سهولتون ۽ رعايتون حاصل ڪيون، جنهن موجب مير توڙي انگريز، هڪ ٻئي جي درٻار ۾ پنهنجا نمائندا مقرر ڪندا ۽ فرينچن کي سنڌ ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اهڙي نموني انگريزن سنڌ ۾ مضبوطيءَ سان پنهنجا پير ڄمائڻ جي شروعات ڪئي ۽ ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ويا ميرن کي معاهدن ۾ جڪڙيندا.
۱۸۳۱ع ۾ مير مراد علي پنهنجي معالج ڊاڪٽر برنس جي ڀاءُ اليگزينڊر برنس کي سنڌو دريا ذريعي سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني، جيڪا حقيقت ۾ انگريزن لاءِ سنڌ تي قبضي جو پروانو ثابت ٿي. ۱۸۳۲ع ۾ هڪ عهدنامي ذريعي ميرن، انگريزن کي سنڌ ۾ واپاري سرگرميون جاري رکڻ جي اجازت ڏني. وري ۱۸۳۸ع ۾ ٽالپر حڪمرانن، انگريزن کي سنڌو دريا رستي، انگريز لشڪر افغانستان موڪلڻ ۽ شڪارپور ۾ منزل ڪرڻ جي اجازت ڏني. انگريزن جي لشڪر سنڌو دريا ۾ سفر ڇا ڪيو، جو جيئن ئي سندن فوجي جهاز ڪراچيءَ ۾ منوڙي واري بندر تي پهتو ته اچي توپن مان گولا وسايائون، جنهن ڪري ميرن کي ڏاڍي مُٺيان لڳي ۽ هنن جا انگريزن سان اختلاف ٿي پيا.
۱۸۴۲ع ۾ انگريزن طرفان سر چارلس نيپيئر سنڌ ۾ ريزيڊنٽ مقرر ٿيو ۽ ميرن تي زور ڀريائين ته هو ڪراچي، ٺٽو، سکر، بکر ۽ روهڙي هميشه لاءِ انگريزن جي حوالي ڪرڻ جو معاهدو ڪن. ميرن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته، نيپيئر هڪدم جنگ لاءِ سنبري بيهي رهيو ۽ ٿر ڏانهن وڃي ميرن جي قلعي امام ڳڙهه تي چڙهائي ڪري، ان کي تباهه ڪري، حيدرآباد جو رُخ ڪيائين. هيڏانهن ميرن به ساڻس مقابلي ڪرڻ جي سنبت ڪئي ۽ ۱۳ فيبروري تي حيدرآباد ۾ ريزيڊنٽ جي رهائش کي تباهه ڪري، اتي رهيل انگريز عملدار آئوٽرام ۽ سندس ماڻهن کي ڀڄائي ڪڍيو. اٽڪل ٽيهه هزار ماڻهن تي مشتمل لشڪر تيار ڪري حيدرآبار جي ڀرسان واقع مياڻيءَ جي ميدان تي جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا. ۱۷ فيبروري ۱۸۴۳ع تي چارلس نيپيئر پڻ هالا واري رستي کان ٿيندو، اٽڪل اڍائي هزار فوجين جو لشڪر، توپون ۽ بم گولا ساڻ ڪري، اچي مياڻيءَ واري ميدان تي پهتو. جڏهن ته سنڌ جو لشڪر روايتي هٿيارن سان ليس هو. ميرن دشمن کي لَلڪاريو. طبل وڳو، ڏيهي لشڪر جي تلوارن چمڪاٽ ڪيا. انگريزن جي توپن ۽ بم گولن مياڻيءَ جي ميدان کي رت سان ريٽو ڪرڻ شروع ڪيو. انگريزن جي هٿيارن اٽڪل پنج هزار ڏيهي جوڌن جي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي، انگريزن لاءِ سنڌ مٿان قبضي جي راهه هموار ڪئي ۽ هو اچي حيدرآباد جي قلعي تي قابض ٿيا ۽ لُٽ مار شروع ڪيائون. هوڏانهن سنڌ جو لشڪر وري منظم ٿي، ميرپور خاص واري مير شير محمد خان جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن کان قبضو ڇڏرائڻ لاءِ ڪاهيندو، حيدرآباد ڏانهن وڌيو ته وري چارلس نيپيئر لشڪر ساڻ ڪري مارچ ۱۸۴۳ع ۾ دٻي واري علائقي ۾ اچي ساڻن مهاڏو اٽڪايو. هتي به سنڌ جي بچاءَ لاءِ وڙهندڙ سُورهين جا ڪنڌ ڪرندا رهيا ۽ لهوءَ جا دريا ٺهيا، جن کي اورانگهيندي انگريزي لشڪر جي سپهه سالار سر چارلس نيپيئر سموري سنڌ تي قبضو ڪري ورتو ۽ انگريز گورنر جي حيثيت سان سنڌ مٿان انگريزي راڄ جي شروعات ڪئي.

No comments:

Post a Comment