21/08/2013

پيا ڄمندا ڄام - ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ (Dr. Dur Muhammad Pathan)



پيا ڄمندا ڄام، منهنجي ماتر-ڀون تي
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ڪيترن حوالن سان ”ڪاوش“ سنڌ جي تاريخ ۾ جوڳي جاءِ وٺندي. هن اخبار، عوام ۽ صحافت جي پاڻ ۾ جيڪا پڳ مٽ ياري قائم ڪئي، اهو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. اڳ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ غير سنڌي اخبارن جو جيڪو راڄ هو، ان جو خاتمو هن اخبار آندو. گذريل زماني ۾ ”الوحيد“ ۽ ”هندستان“ اخبارن جا دفتر سنڌ جي سياست جا بنيادي مرڪز ٿي رهيا. ”ڪاوش“ وري سنڌ جي ثقافت دوستيءَ جو اهڃاڻ ٿي اڀري. هن اخبار جيڪي ڏينهن ۽ ڏڻ ملهايا، انهن ثقافتي حوالي سان سنڌين کي متحرڪ بڻائي ڇڏيو. هيءَ ڳالهه ”ڪاوش“ جي ئي ڪُڻي ۾ آئي ته هيءَ پهرين ۽ واحد اخبار آهي، جيڪا ذري گهٽ سال کان وٺي روزانو پنهنجي قلم ڌڻين، دانشورن ۽ مدبرن جي ولادتن يا وفاتن جون تاريخون ڏيئي رهي آهي. ”ڪاوش“ ۾ شايع ٿيندڙ انهن تاريخن ۾ جتي ڪا غلطي رهجي وڃي ٿي، يا ڪا شخصيت رهجي وڃي ٿي، ان کي سڌاري ۽ وڌائي سگهجي ٿو. ”ڪاوش“ هن حوالي سان جيڪو فورم مهيا ڪيو آهي، ان لاءِ وِڪي انسائيڪلوپيڊيا جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو. وڪي انسائيڪلوپيڊيا ۾، جيڪي ويب تي موجود آهي، ڪوبه ماڻهو ان ۾ نه فقط اضافي مواد ۽ معلومات وجهي سگهي ٿو، بلڪه اڳ ۾ ٿيل غلطين کي به درست ڪري سگهي ٿو. جڏهن ”ڪاوش“ انهن مرحلن مان پڙهندڙ کان سهڪار وٺي، سڄي سال جون تاريخون مرتب ڪري وٺندي، ته ان مان ڊائريڪٽري ڇپرائي سگهجي ٿي. ڊائرين ڇپرائڻ وقت مکيه شخصيتن جون ولادتون ۽ وفاتون ان  ۾ شامل ڪري سگهجن ٿيون ۽ انهن شخصيتن جي سوانح ۽ خدمتن تي سوين مضمون لکي سگهجن ٿا.

هي اهو زمانو آهي، جو اسان کي پنهنجي انگن اکرن سان دنيا اڳيان پنهنجي حيثيت کي مڃرائڻو آهي. ولادتن ۽ وفاتن جي تاريخن جي آڌار تي اسان ٻين کي ٻڌائي سگهنداسين ته سنڌ ۾ قحط الرجال ناهي. هن ڌرتيءَ هر دور ۾ مثالي انسان پيدا ڪيا آهن، مثال طور: تحريڪ پاڪستان تي اسان جيڪي ڪتاب پڙهون ٿا، ان ۾ اسان جو اٽي ۾ لوڻ برابر به ذڪر ڪونهي، پر ”ڪاوش“ ۾ آزاديءَ جي اڳواڻن ۽ ورڪرن جا ولادتن ۽ وفاتن جي حوالي سان نالا شايع ٿيندا رهن ٿا، جيڪي ٻه ٽي نه پر هزارين آهن. انڊيا ۾ آزاديءَ جي اڳواڻن، رهبرن ۽ ورڪرن جي پونئيرن کي وظيفو ملندو آهي. سنڌ ڪيترا سياستدان، عالم، اديب، شاعر، ڳائڻا، اداڪار ۽ صحافي پيدا ڪيا آهن. ولادتن ۽ وفاتن جي تاريخن ڏيڻ سان ”ڪاوش“ انهن سوالن جا جواب پئي ڏنا آهن. هر مهيني جي پهرين تاريخ تي ولادتن جو انگ غير معمولي طور تي وڏو هوندو آهي. اهي سمورا نالا ڪنهن مضمون جي صورت ۾ ته ڏيئي سگهجن ٿا، ليڪن ان لاءِ مخصوص ڪيل اسپيس ۾ نه ٿا ڏيئي سگهجن. پهرين اپريل تي جن جون ولادتون ٿيون ۽ جيڪي اسان کان جدا ٿي ويا، انهن جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي:
الف؛ (ولادتون):
محمد صديق ”مسافر“ (تعليم دان ۽ ليکڪ ۱۸۷۹ع)،
ڀوڄراج ناگراڻي (حيدرآباد-ممبئي/ ليکڪ)،
سيد غلام مصطفى شاهه (سابق وائيس چانسلر ۽ وزير/ ۱۹۱۸ع،
ڀڳوان پشپ (حيدرآباد ممبئي/ اديب/ ۱۹۲۲ع،
ارباب علي ”مسافر“ (شاعر/ ۱۹۲۵ع)،
عمر الدين بيدار (صحافي/ ۱۹۲۹ع)،
نظير ٽکڙائي (شاعر/ ۱۹۳۰ع)،
امير بخش ”نظر“ (شاعر/ ۱۹۳۳ع)،
ناصر بروهي (صحافي/ ۱۹۳۷ع)،
بشير احمد ”شاد“ پٺاڻ (شاعر ۽ محقق/ ۱۹۴۲ع)،
منير احمد چانڊيو (ٻيڙو چانڊيو/ سماجي اڳواڻ ۱۹۴۳ع)،
عبدالڪريم ٽالپر (اديب/ ۱۹۴۷ع)،
بدرالدين اڄڻ (شڪارپور/ ليکڪ/ ۱۹۴۷ع)،
عزيز بروهي (اديب/ ۱۹۵۰ع)،
الله بچايو ميمڻ (هالا/ ليکڪ/ ۱۹۵۰ع)،
نورالنساءِ ميمڻ (اديبه/ ۱۹۶۰ع)،
انور فگار هڪڙو (شڪارپور/ محقق/ ۱۹۶۱ع)،
قربان منگي (خيرپور/ اديب ۽ پبلشر/ ۱۹۶۴ع)،
غلام نبي ڏيپر (اديب/ ۱۹۵۷ع)،
اسد کٽي (اديب/ ۱۹۵۷ع)،
سميع احمد ”سميع“ (شاعر/ ۱۹۶۳ع)،
بشير احمد بيدار ڀٽو (سکر/ صحافي/ ۱۹۵۹ع)،
بشير منگي (پنجو ديرو/ اديب/ ۱۹۶۳ع)،
ڊاڪٽر بشير احمد شيخ (شڪارپور/ سابق وائيس چانسلر/ ۱۹۴۴ع)،
عطيه دائود (مولي ڏنو لاڙڪ/ اديبه/ ۱۹۵۸ع)،
گلشير لوچي (خان واهڻ/ ۱۹۷۰ع)،
محمد پريل مري (شڪارپور/ صحافي/ ۱۹۵۷ع)،
رسول بخش تميمي (جاتي/ شاعر/ ۱۹۵۳ع)،
عبدالله خان جيسر (لليا/ علم دوست/ ۱۹۴۶ع)،
نعمت سومرو (ميرپور بٺورو/ اديب ۱۹۷۰ع)،
وقار ناٿن شاهي (خيرپور ناٿن شاهه/ اديب/۱۹۵۳ع)،
رشمي راماڻي (انڊور/ اديبه/۱۹۶۰ع)،
اقبال احمد چانڊيو (وليداد چانڊيو/ صحافي/ ۱۹۶۷ع)،
اياز امر ميمڻ (فتح ميمڻ/ اديب/ ۱۹۷۸ع)،
نور حسين ڪلهوڙو (سگهڙ/ اديب/ ۱۹۶۸ع)،
محمد خان لاڙڪ ”غريب“ (بهار لاڙڪ/ سگهڙ /۱۹۹۳ع)،
عبدالله چانڊيو (خيرمحمد چانڊيو/صحافي/۱۹۶۸ع)،
عبدالرحمان راهوجو (راهوجا/ صحافي/ ۱۹۷۲ع)،
دليپ ڪمار اوڏ (مٺو ديرو/ اديب/ ۱۹۷۳ع)،
منظور ابڙو (پنواڙي/ اديب/ ۱۹۶۹ع)،
لياقت راڄپر (لاڙڪاڻو/ اديب/ ۱۹۵۲ع)،
ناصر مورائي (مورو/ اديب/۱۹۳۷ع)،
غلام نبي ”ناز“ ڀٽي (اديب/ ۱۹۴۶ع)،
عبدالنبي ”اسير“ (صوبدار سرگاڻي/ شاعر/ ۱۹۵۹ع)،
نياز همايوني (شاعر/ ۱۹۳۰ع)،
خليفو گل محمد هالائي (شاعر/ ۱۸۱۱ع)،
بيوس بهار (شڪارپور/ ۱۹۶۸ع)،
سڪندر ”ناز“ بلوچ (شڪارپور/ ۱۹۶۳ع)،
عمر دراز عباسي (حاجي ڍڍرو/ سياسي ڪارڪن/ ۱۹۳۸ع)،
نياز حسين ابڙو (طيب/ صحافي/۱۹۵۸ع)،
محمد صالح کوسو (شهدادڪوٽ/ صحافي/ ۱۹۷۲ع)،
عزيز الله عزيز بروهي (رسول بخش/ شاعر/ ۱۹۵۰ع)،
دلشاد ڀٽو (سعيد خان ڀٽو / صحافي ۽ سياسي ڪارڪن/ ۱۹۷۲ع)،
ذوالفقار ٻگهيو (ڪاراڻي/ صحافي/ ۱۹۷۳ع)،
مظفر حاجاڻو (شڪارپور/ صحافي/ ۱۹۶۲ع)،
عبدالجبار ميمڻ (شڪارپور/ صحافي/ ۱۹۵۷ع)،
جاويد علي سومرو (حيدرآباد/ صحافي/ ۱۹۶۰ع)،
امير بخش ”نظر“ (جهان خان عالماڻي/ شاعر/ ۱۹۳۳ع)،
علي انور شاهه ”اجمل“ (ٿلهو/ شاعر/ ۱۹۴۰ع)،
عثمان ميمڻ (بوبڪ/ اديب/ ۱۹۵۲ع)،
محمد يامين ”غمگين“ (ڪنڊو ٻٻر/ شاعر/ ۱۹۵۳ع)،
لياقت علي مگسي (گل مگسي/ اديب/ ۱۹۵۳ع)،
امداد سروري (آراضي/ شاعر/ ۱۹۵۹ع)،
مير الدين ”روشن“ (ڪوٽڙي/ شاعر/ ۱۹۶۲ع)،
الهڏنو ”اداسي“ لاکير (سوڀو مگسي/ شاعر/ ۱۹۶۳ع)،
فقير غلام مصطفى (رسولپور/ اديب/ ۱۹۶۳ع)،
حاجي اسحاق ملاح (رحيم ملاح/ اديب/ ۱۹۶۷ع)،
شهزادو سيتائي (امبڪو/ شاعر/ ۱۹۶۷ع)،
عمران سومرو (دادو/ اديب/ ۱۹۷۰ع)،
عامر فاروق (گاهي مهيسر/ اديب/ ۱۹۷۴ع)،
علي محمد ابڙو (ڳاهيجا/ سگهڙ/ ۱۹۷۵ع)،
مقبول خاصخيلي (خيرپور/ اديب/ ۱۹۷۷ع)،
آفتاب لاشاري (گهوٽڪي/ اديب/ ۱۹۷۹ع)،
”اداسي“ پريمي ڀٽو (مخدوم بلاول/ شاعر/ ۱۹۶۸ع)،
شاهه محمد بوزدار ”ياسر“ (بوزدار وڏا/ شاعر/ ۱۹۶۷ع)،
سچل صرفائي (موٽاڻي/ صحافي/ ۱۹۴۵ع)،
امين ڀٽو (شاعر/ ۱۹۸۶ع)،
اياز رضوي (عباس شاهه/ شاعر/ ۱۹۷۳ع)،
وفا ٻرڙو (ميرپور/ شاعر/ ۱۹۷۵ع)،
امداد جسڪاڻي (شاعر/ ۱۹۸۱ع).
ب : (وفاتون)
نارائڻ ڪرپلاڻي (اديب ۱۹۳۳ع،
مولانا مير صفي الله علوي (۱۹۴۱ع، ۽
عبدالله مگسي (گل مگسي/ اديب/۱۹۹۳ع).

No comments:

Post a Comment