20/08/2013

جهڙو ساٿ سڳنڌ جو - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



جهڙو ساٿ سڳنڌ جو
رکيل مورائي
سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي، ڪم ۽ شخصيت کي سندن جيئري ئي مانُ ڏيڻ جو سلسلو ويجهي عرصي ۾ سنڌ اندر تيزيءَ سان اڀري آيو آهي، جنهن عمل گهڻي حد تائين ان چوڻيءَ کي پوئتي ڌڪيو آهي ته ”سنڌي مرده پرست آهن“.  هاڻ سنڌيجيئرن پرست“ پڻ بڻيا آهن، جيڪا سندن چڱائي لکبي ۽ اهڙي هڪ چڱائي، اسان جي دوست، نوجوان لکندڙ ۽ ڪويتا پبليڪيشن جي سرواڻ موهن مدهوش جي کاتي ۾ به آئي آهي، جيڪا هڪ لاجواب ڪتاب جي صورت ۾ سنڌي ادب پڙهندڙن ۽ ساڳئي وقت سنڌي لکندڙن جي آڏو آئي آهي. هن ڪتاب جو نالو آهي ”جهڙو ساٿ سڳنڌ جو“. هن ڪتاب ۾ هڪ اديب، هڪ شخص ۽ ان جي ذري گهٽ مني صدي جو پورهيو محفوظ آهي ۽ ان پورهئي تي ويچار محفوظ آهن، اهو شخص ۽ ادب آهي، ناميارو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نگار ۽ مترجم، قاضي خادم، هيءُ سندس ادبي نالو آهي، جيتوڻيڪ هو هڪ اسڪالر آهي، جنهن ڪري نالي اڳيان ڊاڪٽر پڻ لکي ٿو.
ڪتاب ”جهڙو ساٿ سڳنڌ جو“ ۾ قاضي صاحب جي شخصيت ۽ علمي ادبي ڪم بابت اهي سڀ لکڻيون سهيڙيل آهن جيڪي مختلف وقتن تي، الڳ الڳ لکندڙ لکيون آهن، جيڪي، سندس ڪتابن بابت آهن، ترجمن بابت آهن ناٽڪن بابت آهن، آتم ڪٿا بابت آهن ۽ سندس شخصيت جي ٻين پهلوئن بابت آهن. هنن لکندڙ ۾ ڪي عالم آهن، اديب آهن، شاعر آهن، ڪي قاضي صاحب جا پڙهندڙ آهن ۽ ڪي سندس ذاتي دوست. مٿين سڀني الڳ الڳ ويچار رکندڙ، قاضي صاحب جي ادب ۽ شخصيت کي جيئن ڏٺو آهي، اهو سڀ هنن پنهنجي پنهنجي طريقي سان اظهاريو آهي، جنهن سموري اظهار کي، اسان جي دوست موهن مدهوش ڏاڍي محبت ۽ محنت سان سهيڙيو آهي. ائين هيءُ هڪ دستاويزي ڪتاب بڻجي پيو آهي جنهن جو هن مجموعي تاثر علامتي طور ”سڳنڌ“ وارو کنيو آهي، جنهن کي سولي سنڌيءَ ۾ چئبو ته قاضي خادم ۽ سندس ادب سان گڏ هجڻ، ائين آهي، جيئن سڳنڌ (خوشبوءِ) سان گڏ هجبو آهي.
نهايت خوبصورت نالي وارو هي ضخيم ڪتاب هڪ شخص/اديب جي سڃاڻپ لاءِ وڏو دستاويز آهي، جنهن کي محفوظ ڪري هزارين پڙهندڙن جي آڏو آڻڻ لاءِ موهن مدهوش ٻه جس لهڻي. هڪ هو سهيڙيندڙ طور ۽ ٻيو ڇاپيندڙ طور، ڪتاب سنڌي ادب ۾ شخصيتن بابت ڇپيل ڪتابن جي فهرست ۾ هڪ اهم واڌارو ته آهي ئي، پر خود قاضي خادم صاحب بابت جيڪا ڇنڊ ڇاڻ ڪتاب ۾ آهي، اها هڪ ادبي، تنقيدي، اڀياس واري به آهي، جنهنڪري، سنڌي ادب ۾ هن ڪتاب جي هڪ اڀياس طور به سڃاڻپ ٿيڻ گهرجي، جيڪو اڀياس قاضي خادم واري نالي سان هڪ اديب جو اڀياس آهي، واڌو ڪتاب جي آخر ۾ ڪي خط شامل ڪيا ويا آهن، اهي ڪتاب کي اڃا وڌيڪ اهم بڻائين ٿا. ڪي خط ته ادارن طرفان لکيل آهن جن جي ادبي اهميت کان وڌيڪ شخصي اهميت آهي پر ڪي خط اهڙا آهن، جيڪي قاضي صاحب جي ادب سان جڙيل آهن، ۽ خط جڏهن به لکيا ويندا آهن يا هئا ته انهن جي ڇپجڻ جي منشا نه هوندي هئي، ان ڪري اهي لکندڙ جي اندر جو اظهار هوندا هئا. هاڻي خط ڇپجڻ لڳا آهن ته انهن مان اصليت جو اظهار غائب ٿي رهيو آهي، پر ڪتاب ۾ شامل ڪي خط لکندڙن جي اندر جو اظهار محسوس ٿين ٿا. سڀ گڏي سنڌي ادب ۾ هڪ سهڻي ۽ پڙهڻ جهڙي ڪتاب جي واڌاري تي ڪويتا پبليڪيشن جس لهڻي. پڪي جلد سان 582 صفحن جي هن ڪتاب جو ملهه 750 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment