24/08/2013

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي جادوگري - رضوان گل (Rizwan Gul)



هڪ جھلڪ
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي جادوگري
رضوان گل
شاعري واءُ جو جھوٽو نه پر احساس جي هير جو هڳاءُ آهي، جنهن جو تعلق خارجي دنيا کان وڌيڪ داخلي ڪيفيتن سان آهي. شاعري احساس جي زبان آهي، جنهن کي اهو ئي ساڃاهي ۽ سمجھي سگھي ٿو، جنهن جو من دک کي ديا ۽ خوشي کي سرنهن جا ڦول ڄاڻيدو. شاعري ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙي اڻ ڏٺي دنيا به نظر ايندي آهي، جيڪا رڳو خوابن جي رنگ محلن ۾ ئي پسبي آهي. ”اها جذبن جي زبان شاعري ئي آهي، جيڪا انسان جي جبلتن جي سچاين کي به ڏيکاري ٿي ته ٻيا سچ به ظاهر ٿي ڪري. دنيا م جتي به ڪا قوم، ڪو سماج ظهور پزير ٿيو ۽ ٻولي سندس اظهار جو ذريعو بڻي تڏهن جيڪا به ساهت جي رچنا ٿي سا سُر ۾ هئي.“(1) شاعري ۾ جذبي جي سچائي، سُر، عڪس ۽ اهڃاڻ، علامتون ۽ استعارا، تجنيسون ۽ ترڪيبون ان کي اهڙو حسن ۽ لطافت عطا ڪن ٿيون، جنهن کي هڪ الڳ معنى ۽ محبوبيت هجي ٿي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ جن شاعرن وٽ اهو شعري جمال ۽ معنويت پنهنجي جوڀن تي نظر اچي ٿي انهن ۾ شيخ اياز جو نالو نهايت اتم آهي.

شاعريءَ جو تعلق لفظن سان آهي، لفظ جيڪي مسيحائي به ڪندا آهن، مرهم به بڻجندا آهن ته تير ۽ تفنگ بڻجي گھاءَ به ڏيندا آهن. لفظ جيڪي کلندا به آهن، کلائيندا به آهن ته اهي ئي لفظ ڪڏهن نيڻ به نم ڪري ڇڏيندا آهن. لفظ ئي شاعرن جو سرمايو آهن، جن مان هو ڪيفيتون ۽ احساس پيدا ڪن ٿا. لفظ ئي ٻولي ٺاهيندا آهن ۽ ٻولي سماج ۾ آهستي آهستي پنهنجي حسناڪين سان جلووگر ٿيندي آهي. شاعر ٻولين کي سونهن بخشيندا آهن ۽ سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ اهڙو سڀ کان وڏو شاعر جنهن پنهنجي پارس هٿن سان ٻوليءَ کي ڇهي انمول ڪري ڇڏيو، اهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. اهڙي طرح جديد شاعريءَ ۾ اهو ڪمال اياز کي حاصل هيو. اياز جي شاعريءَ ۾ اهڙيون انيڪ سٽون ملنديون، جن جڳ ۾ اهڙي جاگرتا ۽ جوت پيدا ڪئي جنهن جي سهائي اڄ تائين قائم آهي. عظيم شاعر جڏهن ڪا سٽ لکندو آهي ته اها اتهاس جواڻ مٽ حصو به بڻجي ويندي آهي. ڊاڪٽر سحر امداد لکي ٿي ته ”اسين جنهن کي محض سٽ ٿا سمجھون، چند بي معنى لفظن جو هڪ بيڪار ميڙ ٿا سمجھون، سا اتهاس جوڙي سگھي ٿي، اهو اتهاس جيڪو ڪوي ڪاليداس پنهنجي شاعريءَ وسيلي جوڙيو، اهو اتهاس جنهن ۾ وديا پتي جي سونهري سٽن جو اهاءُ آهي، اهو اتهاس جو شاهه عبد اللطيف ڀٽائي جي سٽ سٽ مان سونهن ڪرڻ جا صدين کان پيو تجلا ڏي، جنهن کي اڄ جو شاعر پنهنجو ”ماس“ ۽ ”وسواس“ ٻئي ڀيٽ ڪري ٿو ۽ اياز جڏهن ائين ڪيو تڏهن ئي ته هن جون سٽون جيئريون جاڳنديون سٽون بڻجي پيون.
تو جا سمجھي سٽ، سا اڄ تائين اتهاس
جنهن ۾ ڪر موڙي اٿيو، ڪوي ڪاليداس
آيو جنهن جي اوٽ مان وديا پتي واس
ڀٽائيءَ جي ڀٽ تي، جنهن جو نينهن نواس
جنهن ۾ منهنجو ماس، ڪوري آيو ڪينرو (2)
اهو هڪ کليل سچ آهي ته شاعر جي هر سٽ اتهاس جو آواز ٿي اڀرندي آهي، ڪن صورتن ۾ اها شاعر جي داخلي امنگن جي رنگن سان به رچيل هوندي آهي، پر اهڙا شاعر جيڪي پنهنجي دور جي سماجي حالتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پينٽ ڪندا آهن، صحيح معنى ۾ اهي ئي پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ جا خدمتگار هوندا آهن. اياز جي شاعري تي خارجي اثر ۽ سماجي فڪر غالب نظر اچي ٿو. حقيقت اها آهي ته اياز سنڌي ٻوليءَ جو وينجھار آهي. ”اياز جي ٻولي خالص سنڌي ٻولي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا پنهنجي خالص موڙي آهي، وس پڄندي هو ان کي ئي ڪم آڻي ٿو. ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي ڪجھ اوائلي نظمن ۽ غزلن کان سواءِ، هن جي سڄي شعر ۾ اها ٺيٺ پنهنجي ٻولي ڪم آيل آهي. سنئين سڌي ۽ سادي ٻوليءَ سان گڏ شعري رواني ۽ ميٺاج، جيڪو هن جي ڪلام ۾ موجود آهي، ۽ شعري خيالن ۽ صورتن لاءِ عام سنڌي ماحول جو استعمال، جيڪو هو بار بار ۽ هر موقعي تي ڪري ٿو، ان مان هن جي شعر ۾ بنهه موسيقيءَ جي پنهنجائپ، سادگي ۽ معصوميت پيدا ٿئي ٿي.“(3) اها پنهنجائپ ۽ پيار، معصوميت ۽ موهه اياز جي سٽ سٽ ۾ سمايل آهي.
هي ڪهڙي موڙهي مت لوڪو!
ڌرتي به ته آ جنت لوڪو،
هي کنهبا ويس کٿيريءَ تي!
اڄ پريت وڃائي پت لوڪو!
هي پير پٽيهر جهڙا ها
جي پنڌ پيا پربت لوڪو! (وڄون وسن آئيون ص 197)
هن غزل مان ڏيهي ٻوليءَ جي خوشبو، نازبوءِ جي هڳاهه وارو احساس ڏياري ٿي. هي سٽون نه رڳو ٻوليءَ جي حسن ۽ جمال جون ساکي آهن، پر خيال جي نازڪ ڏور سان ائين ٻڌل آهن، جيئن ڪوريءَ جي آڏاڻي تي رنگا رنگي تندون هڪ ٻئي سان جڙيل هونديون آهن. اياز جي تخيل جي تند به اهڙي ئي نازڪ ۽ نفيس آهي، جنهن کي احتياط جي آڱرين سان ڇهڻ جي ضرورت آهي.
شيخ اياز سنڌي شاعريءَ ۾ ان ڪري به هڪ الڳ ٿلڳ سڃاڻ رکي ٿو جو هن جو فن جامد نه آهي، هن جو تخيل متحرڪ ۽ اظهارِ بيان تازو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ فڪر جون نيون ڌارائون ملن ٿيون، هن وٽ ڪو به لٻيل ۽ لوسيل خيال نه ملندو، تنهنڪري سندس شعر جدت جو نئون جهان جوڙيندڙ آهي.
هي هرڻ بانورو ڪيستائين هَڄي؟
بادلو، بوند ڪا، ريت جنهن سان رڄي!
آءٌ سورج مکي، ڏينهن منهنجو ڏکي
تون ته اڀرين نه ٿو، اک ڇاٿي کڄي!
آگ بن ۾ لڳي، راڌڪا ٿي رڙي
بنسري شام جي بي سُري ٿي وڄي
او پرين! او پرين! آءٌ موٽان پيو
ڪير توکان ڀڄي! ڪيستائين ڀڄي
سِرُ اياز اڄ ڏئِي، منڌ موٽائجي
سنڌ سستي وڪي آهي ڪنهن نِرلڄي. (ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 79)
اياز جو هي غزل نه رڳو خيال جي نازڪ تند ۽ تار سان جڙيل آهي پر فني ۽ لسانياتي لحاظ کان به هي هڪ انوکو غزل آهي. لفظن جي ترتيب، بيهڪ ۽ منفرد قافيي جي استعمال هن غزل جي سونهن کي هيڪاري وڌايو آهي. ”هڄي“، ”رڄي“ ۽ ”نرلڄي“ جا لفظ سنڌي شاعريءَ ۾ ڪو ورلي ئي استعمال ٿيا هوندا. غزل ۾ نه رڳو قافيي جي ندرت آهي پر فڪري لحاظ کان به هي هڪ خوبصورت غزل آهي، پاڻ کي سورج مکي سان ڀيٽ ڏئي محبوب کي سورج سان تشبيهه ڏيڻ، راڌا جي رڙ ۽ شام جي بنسريءَ جو بي سُرو ٿي وڃڻ جون علامتون به ڪمال جون آهن.
محمد ابراهيم جويي لکيو هو ته ”اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ڪرشمو آهي. ٻولين جا اهڙا ڪرشما جُڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن، ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اهي ٻولين سان گڏ، پنهنجي پنهنجي دور جي ڪايا پلٽ جا داعي ۽ اٽل سبب بنبا آهن.“(4) اهو سچ آهي ته اياز جي شاعري هڪ دور جو سچ آهي، اهڙو سچ ۽ اهڙي صدا جنهن جو پڙاڏو صدين تائين گونجندو رهندو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي فني ۽ موضوعاتي تجربا ڪيا آهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي گنج کي پنهنجن لفظن سان جنهن نموني مال مال ڪيو آهي، ان جو مثال گھٽ ۾ گھٽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ملڻ محال آهي. حقيقت اها آهي ته ”اياز جديد سنڌي شاعريءَ کي نه رڳو صدين جي زنده جاويد ثقافتي ورثي سان ڳنڍيو آهي، پر پنهنجي دور جي ٻوليءَ جي اهڙي خوبصورت تخليق ڪئي آهي، جيڪا صدين تائين ايندڙ سرجڻهارن کي نه رڳو اتساهيندي رهندي، پر سندن رهنمائي به ڪندي رهندي، ۽ نئين معنائن جي نئين روشني به پکيڙيندي رهندي.“(5)
ڌرتي چمڪي واري اڏري، رائو، ڏينهن تتو!
هرڻي هونءَ به مرڻي، پر جي ماري رڃ رڳو
جُڳ جُڳ جو جادو آ، تنهنجي سانجھيءَ ويلا لاڙ!
تل ترائيءَ تي اڏري جي، ڪونج وجھي پاڇو.  (وڄون وسڻ آئيون ص 65)
اياز جي هنن سٽن مان منظرَ ۽ احساسَ گڏ گڏ اڀرن ٿا. هڪ پاسي ڌرتيءَ جي چمڪ، واريءَ جي اڏار ۽ تتل ڏينهن جا عڪس پڌرا آهن ته ٻي پاسي رڃ ۾ ڊوڙندڙ هيسيل هرڻيءَ جي موت جي احساس کي سٽن ۾ عجيب انداز سان اڀاريل آهي. اهڙي طرح  لاڙ جي سانجھيءَ جي جادوگري ۽ جھيڻي جوت ۾ تل مٿان اڏرندڙ ڪونجن جي ڇايا، اياز جي شاعريءَ جي لفظي جمال جو پورو تاثر کڻي شعر ۾ هڪ خوبصورت تصوير ٺاهي ٿي. هنن سٽن ۾ لفظن جي ترتيب ۽ توازن توڙي جادو بياني ڪمال جي آهي. ”اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ وسَ ڪندي ڪابه وائڙي ۽ وئرٿ سٽ نه سرجي، پر اهڙيون سگھاريون ۽ سندر سٽون تخليق ڪيون، جن ۾ جذبي ۽ فڪر جو مناسب توازن موجود هيو.“ (6) نه رڳو اهو پر هن جي ٻولي ان لوليءَ وانگر آهي، جنهن ۾ عجيب جادوگري آهي ۽ جيڪا ماءُ جي چپن مان ڦٽي سرور جا سوء سُر ڳوهيندي آهي.
منهنجي ڇاتي ڇولي وو!
لولي وو! لولي وو!
لالن منهنجا لولي!
اهڙي ٻولي ڪا به نه جهڙي، ٻاروتي جي ٻولي وو
لالڻ منهنجا، لولي! (وڄون وسڻ آئيون ص 170)
شيخ اياز جي شاعري ان مها ساگر وانگر آهي، جنهن جي پاتال تائين پڄڻ لاءِ وڏي جرئت ۽ حوصلو کپندو آهي. سندس لفظن جي موتين جي جوتي به تڏهن ئي حاصل ٿي سگھندي، جڏهن اسين پنهنجين اکين تان نظرين جون عينڪون لاهي ڏسندا سين. اياز جي شاعريءَ ۾ شعري جمال ۽ لسانياتي خوبين انيڪ آهن. حقيقت ۾ اياز جي شاعريءَ جي لفظي ۽ صوتي نظام ۽ حسناڪين پسڻ لاءِ انوکين بصارتن ۽ بصيرتن جي ضرورت آهي.
حوالا
  1. حسين فهميده ڊاڪٽر  ”شاهه لطيف جي شاعريءَ م عورت جو روپ“ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993 ص 91
  2. سحر امداد (مضمون) ”تو جا سمجھي سٽ“ ڪتاب ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ شيخ اياز چيئر لطيف يونيورسٽي خيرپور 2001 ص 194
  3. جويو محمد ابراهيم (مهاڳ) ”هي گيت اڃايل مورن جا“ ــــ شيخ اياز روشني پبليڪيشن ڇاپو چوٿون 2008 ص 328
  4. جويو محمد ابراهيم (مهاڳ) ”جل جل مشعل جل جل“ ــــ شيخ اياز روشني پبليڪيشن ڇاپو چوٿون 2008 ص 320
  5. جويو تاج  ”مان ورڻو هان مان ورڻو هان“ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ 2000 ص 70
  6. ساڳيو ص 72

No comments:

Post a Comment