25/08/2013

قربان جتوئيءَ جي ”اڏار“ - غوث پيرزادو (Ghous Pirzado)

باهه جون ڪهاڻيون ۽ قربان جتوئيءَ جي ”اڏار
غوث پيرزادو
ڪهاڻيءَ جي آڪاس تي ڏينهن جي تاري وانگر چمڪندڙ ڪهاڻيڪار قربان جتوئيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو اڏار“ جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي ۽ اجهو هي منهنجي هٿن ۾ آهي. هن مجموعي سان سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٿڪل ماحول ۾ توانائيءَ جي لهر ڊوڙي وئي آهي ۽ سموري ادبي ماحول ۾ هڪ انوکي قسم جي تازگيءَ جواحساس پيدا ٿي ويو آهي.
قربان جتوئي موهن جي دڙيءَ جي ان چيڪي مٽيءَ جو خمير آهي، جنهن ٻن انقلابين، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي کي جنم ڏنو. ها! هي ان هڳساڻ ڦهلائيندر مٽيءَ مان مٽر جي نيري ڦليءَ جيان ڦٽي نڪتو آهي ۽ هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار ٿي اڀريو آهي جنهن پنهنجي ڪٿاڪاريءَ ذريعي سنڌ واسين کي پنهنجي ڪلچر ۽ تهذيب جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو آهي. هن جي اکر اکر ۾ سرسبز سنڌ، ان جون سموريون چنچلتائون، چهچٽا، عشق ۽ ارڏايون سمايون پيون آهن. هي پنهنجي ڪهاڻين جي ذريعي تاريخ ۾ زندهه رهندڙ ڪميٽيڊ فرد بڻجي اسان جي سامهون آيو آهي.

هي قلمڪار قلم کي رڳو ذهني آسودگي حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه ٿو سمجهي. هي قلم کان چرس ۽ آفيم جو ڪم نه ٿو وٺي. ادب ڏانهن هن جو رويو انتهائي سنجيدگيءَ تي ٻڌل آهي. هن وٽ هڪ نظريو آهي ته سماج اندر ٿيندڙ گندگين، ماڻهن مٿان ٿيندڙ جبر ۽ معصوم محبتن جي مروڙيل پنکڙين جي تاريخ لکي ماڻهن تائين پهچائي. هو ٺلها لفظ جوڙي پڙهندڙ جو وقت ضايع ڪرڻ جو قائل ناهي. هو عزيز قاسماڻيءَ جيان باهه جو ٺهيل آهي يا وري باهه تي بيهي ماتم ڪرڻ جو قائل آهي. هو اهڙن لفظن جوڙڻ جو قائل ئي ناهي جيڪي لفظ سماج جي اندر ڀنڀٽ ٻارڻ جو ڪم نه ٿا ڏين، جيڪي سماج جي اندر تبديليءَ جو سبب بنجڻ جي سگهه نه ٿا رکن، تنهنڪري ادب کي رڳو چاشني سمجهندڙ پاٺڪن کي قربان جتوئيءَ جون ڪهاڻيون انتهائي بور ڪنديون جيڪي پاٺڪ ٿي سگهي ٿو ته 15 سيڪڙو کن هجن. جڏهن ته 85 سيڪڙو پڙهندڙن جي دلين ۾ قربان جتوئي پنهنجي حيثيت هڪ برجستي ڪهاڻيڪار طور مڃائي چڪو آهي.
سندس هن مجموعي ۾ ٽوٽل 20 ڪهاڻيون آهن. سندس انتهائي مضبوط ڪهاڻيون نه رڳو ٻهراڙيءَ پر شهري سماج جي مفصل تاريخ کڻي اسان جي سامهون اچن ٿيون. جيئن ته هن ڪهاڻيڪار پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو تڻو حصو سنڌ جي دل ڪراچيءَ ۾ گذاريو آهي، تنهنڪري سندس ڪهاڻين ۾ ان خوبصورت ڪراچيءَ جي خوشبو به جيئن جو تيئن ساهه کڻندي نظر اچي ٿي ۽ پڙهندڙ جي روح کي معطر ڪري هلي ٿي وڃي، جنهن ڪراچيءَ جون حسن ۽ حسناڪيون 60 ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ ڏسڻ وٽان هيون، جنهن ڪراچيءَ جون چنچلتائون ماڻهوءَ کي چريو ڪري وجهنديون هيون. ان ڪراچيءَ کي جهڙي ريت قربان پنهنجي ڪهاڻين ۾ قلمبند ڪيو آهي سو سچ به هڪ تمام وڏو ڪانٽريبوشن آهي، نه ته اسان وٽ ته ڪهاڻيڪار ڳوٺاڻي زندگيءَ تي لکڻ کي ئي ڪهاڻي سمجهندا آهن ۽ شهري زندگيءَ کي هو ورلي ئي ٽچ ڪندا آهن. هن جي ڪهاڻي جو ٻولي انتهائي مضبوط، ثقافتي رنگ سان هم آهنگ ۽ منظر جيئرا جاڳندا ۽ روزانو نظر ايندڙ آهن. جن موضوعن کي وڏا وڏا ڪهاڻيڪار ڇهندي سراپجي ويندا آهن، جن کي ڇهڻ ته پري جي ڳالهه پر انهن کي تصور ۾ آڻڻ کي به گناهه سمجهندا آهن تن موضوعن کي قربان نه رڳو ڇهيو آهي پر انهن موضوعن جو سهارو وٺندي دوکي باز سماج جون ٿڳڙيون ٿڳڙيون ڪري ڇڏيون آهن.
ڪهاڻي ”رنڊي“ ترتيب جي حساب سان ڪتاب جي اندر ڏهين نمبر تي آهي. هن ڪهاڻيءَ کي پڙهندي سمورو سماج پنهنجي سمورن منظرن سان اکين اڳيان ڪنهن فلم جي سين جيان هلڻ شروع ٿي وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جي اندر چار اهڙا نوان نوان سامايل ڇوڪرا ڏيکاريا ويا آهن، جيڪي پڙهائيءَ سانگي ڳوٺ کان ڪراچيءَ آيل آهن (ستر جو ڏهاڪو ڏيکاريو ويو آهي شايد). هي الهڙ نوجوان ٽرام جو سفر ڪندي ڏيکاريا ويا آهن، سندن مستيون ۽ انگڙايون روح جي تارن کي ڇهي هليون ٿيون وڃن. سندن هل، هنگامو، ٽهڪ گاريون، ڀونڊا، چرچا ۽ ڇيڳرايون اسان جهڙن اڌڙوٽن کي به گهڙي کن لاءِ زمان ۽ مڪان کي الڳ ڪري ٿيو ڇڏين. سندن مٿي بيان ڪيل سموريون حرڪتون ٽرام هلائيندڙ کي بيزار ڪري ٿيون وجهن. ٽرام مان لهي پوءِ وري هو جڳ مشهور نيپيئر روڊ واري علائقي ۾ وارد ٿين ٿا ته هڪ ڪهاڻي بڻجي پئي ٿي. ڪهاڻيءَ جو اهو حصو جنهن ۾ هو چارئي نوجوان ان علائقي ۾ پسار ڪندي جنسي پورهيت عورتن سان رهاڻ ڪن ٿا سو ڪهاڻيءَ جو حصو جاندار بڻجي پئي ٿو. ڪهاڻيءَ جو خاتمو اتي ٿئي ٿو ته زندگيءَ جي سفر ۾ اڳتي هلي چارئي دوست هڪٻئي کان الڳ ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ وري جڏهن هڪ ڀيري اوچتو ملن ٿا ته هڪ دوست جي شاديءَ جو نيپيئر روڊ واري جنسي پورهيت عورت سان شاديءَ جو انڪشاف ٿئي ٿو. سموري ڪهاڻي پڙهندي ماڻهو تمام گڻي تفريح حاصل ڪري ٿو، ۽ ڪٿي به بوريت جو شڪار نه ٿو ٿئي. مثال طور تي ڪهاڻيءَ جي هڪ پيراگراف ۾ لکيو ويو آهي ته : ”ان ڏينهن هنن تي شرارت جو ڀوت سوار هو، مٿان وري ٽرام جو ڊرائيور به پٺاڻ سو به نئون، ڄڻ هنن کي شڪار هٿ اچي ويوهو، سيٽ تي ويهندي ڌاري ٻوليءَ ۾ دلدار وڏي واڪي احمد کي گار ڏيندي گهروڙي ڀونڊو ڏنو ۽ چيو ته تنهنجي ڄمڻ جي به ضرورت هئي؟ توکان ته هو ٽرام جو ڊرائيور رنڊيءَ جو ڦر به چڱو آهي آ..... اڙي مون کان ڇا ۾ ڀلو آ؟...... مان ته هن جي ماءُ کي به نه....... “اهڙيءَ ريت سموري ڪهاڻي درياءَ جي روانيءَ جيان سفر ڪندي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي ٿي.
ڪهاڻي تمام گهڻي گهڻ پاسائين آهي. هڪ پاسي هڪ نوجوان ريتن ۽ رسمن جي ديو سان بغاوت ڪندي جنسي پورهيت عورت سان شادي ڪري ٿو ته ٻئي پاسي وري ڪهاڻي ڪراچيءَ جي تاريخ ٻڌائي هلي ٿي وڃي. اهڙي ريت هڪ ٻي ڪهاڻي ”اڌوري ارپنا پڙهڻ لاءِ ملي ٿي، جيڪا هندو خاندان جي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي پريم ڪهاڻي آهي جيڪي ٻئي سڱ جي حساب سان هڪٻئي جا سوٽ لڳن ٿا. انتهائي حساس موضوع کي جتوئيءَ جي هيءَ ڪهاڻي تمام بولڊ انداز ۾ پيش ڪيل آهي. هندن جي اندر سوٽ ماسات سان شادي تي پابندي واري بدعت کي دليلن سان ننديو ويو آهي. هن موضوع کي منهنجي علم مطابق سنڌي ڪهاڻيءَ جي اندر قربان جتوئيءَ ئي ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪهاڻيءَ جي فارميٽ اندر رهندي هن ڏکئي موضوع کي هٿ ۾ کڻندي نه رڳو هن ڪهاڻيڪار ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي پر ان کي انتهائي ڪاميابيءَ سان پورو ڪري مبارڪباد جو مستحق به ٿيو آهي. ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ نوجوان جو پنهنجي سوٽ سان عشق ٿي وڃي ٿو، پر مذهبي پنڊتن طرفان ان تي پابندي سبب کين وصال نصيب نه ٿو ٿئي، نتيجي طور تي ڪنهن ٻئي نوجوان سان شادي ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڇوڪري پنهنجي محبوب کي جسماني طور تي پاڻ ارپي ڇڏي ٿي، جيڪا بغاوت جي انتهائي شڪل آهي.
مثال طور هڪ پيراگراف ۾ آهي ته ”ساوتري هاڻي اها ساوتري نه رهي هئي.....  ساوتري به هن سان هن کان گهٽ محبت نه ڪندي هئي...... ساوتري کي به گهڻو ڏک هو هن جي ڪنوار نه ٿيڻ جو ........ ساوتري سوچيو ته هڪ دفعو ئي سهي..... ها هڪ ئي دفعو..... ساوتري هن کي پنهنجو هر انگ ارپي ڇڏيو. ڪهاڻيڪار جيئن ته تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور فرد آهي سو هن پاڻ تي متوقع لڳندڙ تعصب پرستيءَ وارن الزامن کان اڳ ئي ڌرمي مثال ڏيندي ثابت ڪيو آهي ته هندو ڌرم جي اندر اها ڳالهه منع ٿيل ناهي ۽ ٻڌايو آهي ته مذهبي پنڊتن منافقيءَ جي آڌار تي اها پابندي لاڳو ڪئي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ نه رڳو هندو ڌرم پر ٻين مذهبن کي استعمال ڪرڻ وارن هٿڪنڊن کي به بحث هيٺ آندو آهي، مذهبي ٺيڪيدارن کي هڪ هنڌ ننديندي لکي ٿو ته: ”نيم به صرف ڀڳتن لاءِ....... پاڻ 16 هزار شاديون ڪن تڏهن به انهن تي نيم لاڳو نه ٿا ٿين، چار ڀائر هڪ عورت سان هڪ ئي وقت شادي ڪن ته خير! پر ڀڳت هڪ کان وڌيڪ شادي نه ٿا ڪري سگهن. واهه جا نيم آهن....“ وري هڪ هنڌ ساڳي ۽ ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو: ”هن بائيبل ۾ ڪٿي پڙهيو هو ته حضرت يوسف جنهن کي خدا جو پيغمبر چيو ٿو وڃي، تنهن جديد غلاميءَ جو رواج وڌو، عرب جي تقريبن هڙني ۽ ڪجهه آفريڪي ملڪن جي هڙني انسانن کي فرعون جو غلام بڻايو“.
ڪهاڻيڪار قرباني جتوئي جتي اسان کي هڪ ڀرپور ڪهاڻيڪار طور نظر اچي ٿو اتي، اتي ڪهاڻين جي اندر ڪجهه شين کي بهتر ڪرڻ جي به ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
مثال جي طور تي: •  ڪٿي ڪٿي سندس ڪهاڻيون غير ضروري طوالت جو شڪار ٿيندي نظر اچن ٿيون.هڪ ڪهاڻيءَ جي اندر ڪيتريون ئي ڪهاڻيون شيئر ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪري ٿو.ڪهاڻي رنڊي ، اڌوري ارپنا ۽ ٻيون کوڙ ساريون ڪهاڻيون شاهڪار هجڻ جي باوجود ڪيترين ئي ڪهاڻين جي اندر ورهائجي ويون آهن.ڪٿي ڪٿي ڪهاڻيڪار ڪهاڻي ۽ مضمون کي گڏ گڏ هلائيندي به نظر آيو آهي، جيڪا شيءَ کيس سخت نقصان رسائي سگهي ٿي
 ٿلهي ليکي جيڪڏهن ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ کي رڳو ڪهاڻي سمجهي ئي طبع آزمائيءَ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ هو هڪ ڪهاڻيءَ جي اندر هڪ ئي ڪهاڻيءَ کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ٻيءَ صورت ۾ اديب جي زندگيءَ جو سموري قلمي پورهيو سماج جي اندر موجود گند کي وائکو ڪرڻ ئي ته آهي.
هن مجموعي ۾ موجود ڪهاڻي ”اڏار“ ماڻڪ جي انداز ۾ لکيل آهي. مثال جي طور تي مختصر جملا، اڌ جملا، هڪ لفظ، انهن جي پٺيان ڊيش ڏئي ٿو. خير ائين ته ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿي به سگهي ٿو، پر سموري ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ اهو معلوم نه ٿو ٿئي ته آخر هن ڪهاڻيءَ جو ٿيم ڪهڙو آهي.
ڪهاڻي ”ملوڪان“ خوبصورت ڪهاڻيڪار قرباني جتوئيءَ جو اهڙو ڪارنامو آهي، جيڪو سماج جي تبديلي واري پنڌ ۾ سندس اهم حصي طور ڳڻجي سگهي ٿو. ڪارو ڪاريءَ جي موضوع تي لکيل سندس هيءَ ڪهاڻي اهم حيثيت جي حامل آهي. هيءَ منفرد ڪهاڻي سماج جي منهن تي زوردار چماٽ آهي، جنهن جو پڙاڏو صدين تائين محسوس ڪيو ويندو.
هن جي هڪ پيراگراف ۾ لکي ٿو: ”پر اڳيان به ملوڪان هئي، اٿي بيٺي، چي: ڇا ڪيو آ مون، پنهنجي ابي جيڏي سان ڳالهايو اٿم ته ڪهڙي اربا خطا ٿي پئي، ڪير نه ٿو وڏڙن سان ڳالهائي“، ” پر هو اسان جي ذات وارو ناهي، وڏيرو رڙ ڪندي اڀو ٿي ويو“ ”ڳوٺ جو ته آ، ننگ سڀني کي پيارا هوندا آهن“، ”ڇوري تون زبان ٿي هلائين“ وڏيري رڙ ڪندي بندوق کنئي ته بس پوءِ ڇا هو؟ هل هو، ڳوٺ سڄو هڪ طرف هو، سندس واٺڙيا ۽ لاٺڙيا ٻئي طرف. پٿر جي پتلي نفسياتي موضوع تي لکيل ڪهاڻي آهي، جنس جي حوالي سان سنڌ جي اندر لکيل ڪهاڻين جو نڪ آهي. جنهن وقت سنڌي ڪهاڻي کي گولي لڳڻ واري ڳالهه هلي رهي آهي. اهڙي وقت هڪ نئين ڪهاڻيڪار جو پهرئين مجموعي سان ڀرپور نموني وارد ٿيڻ سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ وڏو آٿت آهي.

No comments:

Post a Comment