21/08/2013

سنڌ جا علمي ۽ ادبي ادارا ڇا پيا ڪن؟ - ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ (Dr. Dur Muhammad Pathan)



سنڌ جا علمي ۽ ادبي ادارا ڇا پيا ڪن؟
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
 اسان جي علم دوستيءَ ۽ ادب پروريءَ جون به عجيب روايتون آهن. پاڻ ڪو نئين روايت کي قائم ڪرڻ وارو علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم مشڪل سان ئي ڪنداسين، پر جيڪڏهن ڪو ڪم ڪندو ته  ان مان وِڏون ڪڍڻ شروع ڪنداسين، اسان وٽ جيڪي ڪم ادارن کي ڪرڻ گهرجن، اهي فرد ڪن ٿا. ادارن ۾ جيڪا ڀينگ لڳي پئي آهي، ان تي ماٺ ڪري ويهبو، پر جيڪڏهن ڪو فرد ادارن کان به وڏو ڪم ڪندو ته ان جي پير ڪڍڻ لاءِ جتن ڪنداسين. زندهه ۽ جاويد قومن وٽ هر ڳالهه جو ڪارڊ موجود هوندو آهي ۽ روز بروز ان ۾ اضافا ۽ سڌارا ڪيا ويندا آهن. اسان وٽ ڪنهن به قسم جو ڪو رڪارڊ محفوظ ڪونهي، واقفيت جو وچور ناهي، ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون مرتب ٿيل نه آهن، نه ادارن ۽ تنطيمن جون تاريخون ترتيب ڏنل آهن. جتي ڪٿي مڙئي رڃ لڳي پئي آهي. گل حيات انسٽيٽيوٽ مون اڪيلي فرد جي ڪوشش، ذريعن، وسيلن جي قربانيءَ ۽ تحقيق خواهه تاريخ جي حوالي سان نت نئين روايت قائم ڪرڻ جو هڪ معمولي مثال آهي. هن اداري کي قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين، ڪنهن سرڪار يا درٻار، فرد يا اداري يا تنظيم مالي يا معلوماتي امداد ڪانه ڪئي آهي. بلڪه هن اداري ٻين ادارن ۽ قلمي خواهه تحقيقي پورهيتن جي علمي مدد پئي ڪئي آهي.

جيتري قدر ولادتن ۽ وفاتن جي تاريخن جي رڪارڊ جي ڳالهه آهي ته گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ مون اڪيلي فرد جي ميڙيءَ چونڊيءَ جي آڌار تي جملي 1800 صفحن جو مواد موجود آهي. پهرين جنوريءَ کان ايڪٽيهين ڊسمبر تائين، ۳۶۰ ڏينهن جا ولادتن جا  ۽ وفاتن جا ۳۶۰ صفحا عيسوي سن موجب، ايترا صفحا وري هجري سن موجب ۽ ۳۶۰ صفحا الف، بي وارا نالن مطابق. اهو ۽ اهڙو رڪارڊ ڪنهن به اداري اڃا تائين مرتب نه ڪيو آهي. مون جن ڪتابن مان معلومات ورتي، انهن مان ڪيترن ماڻهن جي ولادتن ۽ وفاتن جي تاريخن ۾ فرق موجود هو. ان جو سبب پروف جي غلطي هئي يا ڪتاب لکندڙ لاءِ معلومات جي حاصل ڪرڻ جو اڻ ڀروسي وارو ذريعو. هن هيڏي ساري ۽ اهم رڪارڊ جي انهن غلطين کي درست ڪرڻ، ان ۾ اضافا ڪرڻ ۽ ان بنيادي ڪم ڏانهن ماڻهن جي توجه ڇڪرائڻ جو بهترين طريقو اهو هو ته مان اها معلومات گوڏي هيٺان رکي نه ويهان، پر عالمن، اديبن ۽ صحافين سان ونڊيان. شروعات ۾ مون ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون فيس بوڪ تي رکڻ شروع ڪيم ۽ اهو سلسلو اڃا جاري آهي. ان کان پوءِ اهي اخبارن ۾ به اچڻ لڳيون. اخبارن ۾ اهو مواد ڇپجڻ لڳو ته منهنجي اڳيان علمي ۽ ادبي روايتن جا انوکا روپ اچڻ لڳا. سڀ کان وڏي دشواري اها اڳيان آئي ته اخبارن کي ايترو اسپيس نه هوندو آهي، جو هر ڪنهن جي ڄمڻ مرڻ جي تاريخ ڇاپين. اخبار جو هونءَ به بنيادي ڪم آهي، عوام کي صورتحال بابت اپ ڊيٽ ڪرڻ. اسان وٽ علمي ۽ تحقيقي ادارن ۾ رڃ پئي واڪا ڪري، ان ڪري ادبي ۽ تحقيقي بار به صحافت جي ڪلهن تي اچي ڪڙڪيو آهي. اهو اخبارن جو ڪم ڪونهي ته ادبي ۽ تحقيقي مضمون شايع ڪن، ٻارن، مردن ۽ عورتن جا صفحا ڪڍن. جيڪڏهن علمي ۽ ادبي رسالا عام ۽ جام هجن ۽ لڳاتار شايع ٿين ته صحافت کي ’عام راءِ‘ جوڙڻ ۽ عوام کي تازي صورتحال کان باخبر رکڻ جو وڌيڪ موقعو ملي ۽ ماڻهن جي شعور ۾ انقلابي ڦيرو اچي. پر مجبوري طور اسان وٽ صحافت ويچاري علم و ادب ۽ تحقيق جو بار به کنيو بيٺي آهي. ان حوالي سان جيڪو اخبارن جي وس ۾ آهي، ”حال پيران نال“ مصداق پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون  آهن.
انهيءَ صورتحال ۾ مان اخبارن کي جيڪي ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون موڪليان ٿو، اهي پنهنجي گنجائش مطابق ڏين ٿيون، پر جيڪڏهن ڪنهن جو نالو رهجي وڃي ٿو ته پوءِ مون لاءِ رڻ ٻاري ڏين ٿا ۽ دنيا جهان جا الزام/بهتان کڻي منهنجي جهوليءَ ۾ وجهن ٿا. هڪڙي همراهه جي ڏاڏي جو نالو نه اچي سگهيو ته ان ’فيس بوڪ‘ ۽ ايس ايم ايس ذريعي کڻي اشتهار هلايو ته: ”جاهل ڊاڪٽر تاريخ جي ٻيڙي ٻوڙي رهيو آهي.“ اهو اشتهار جڏهن مون کي پهتو ته خوشي به ٿي ته ڏک به ٿيو. خوشي انهيءَ ڳالهه  جي ته مون کي سنڌ جي تاريخ جي ڪن اهم رخن جو محافظ ۽ حافظ سڃاتو وڃي ٿو ۽ تحقيقي خواهه تاريخي ڪم ڪرڻ جو اهل سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري ئي دوست چڙ ۽ غصي جو مظاهرو ڪن ٿا ته مان اهڙيون غلطيون ڇو ٿو ڪريان. ڏک انهيءَ ڳالهه جو ٿيو ته ادارا جيڪي الله کي پيارا ٿي ويا آهن، انهن جي ڪو ڪن مهٽ نه ٿو ڪري ۽ نه وري ڪو مون سان سهڪار ڪري، تاريخ ڏياري موڪلي ٿو، پر ڇوهه مون تي ئي ڇنڊين ٿا.
مون کي ٽيون اهم مسئلو هي درپيش ايندو آهي ته اسان وٽ هر مهيني جي پهرين تاريخ تي راڄن جا راڄ پيدا ٿيندا آهن. اهو اخبارن ۽ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي ته سمورن جا نالا ڏنا وڃن. خبر ناهي ته اها والدين لاءِ آساني هوندي آهي ته ڄمڻ جي تاريخ جي لاءِ مهيني جو پهريون ڏينهن مقرر ڪن يا وري استادن کي سولو لڳندو آهي ته هو داخلا جي رجسٽر ۾ مهيني ۾ پهرين تاريخ لکي ڇڏين. پهرين جنوري تي ٽن سئو عالمن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سياستدانن جي ولادت ٿي. وفاتن جو انگ به چڱو خاصو هو. ”فيس بوڪ“ تي اهي نالا رکڻ لاءِ مون کي ٻه ڏينهن لڳي ويا، جيڪڏهن اهو مواد مان اخبارن کي ڏيان ها ته انهن کي خاص ولادتن ۽ وفاتن جو ايڊيشن ڪڍڻو پوي ها.
منهنجي گذارش هي آهي ته اچو ته اسان پنهنجي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ادارن کي پنهنجون ذميواريون ياد ڏياريون ۽ نه ڪي صحافت لاءِ بار ۽ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لاءِ مصيبت بڻجي پئون. اسان ڏيون ته ڪونه ٿا، پر ڏکويون ڏاڍو ٿا. اها علم دوستي ۽ ادب پروري نه آهي. ڪنهن اداري تي بار رکجي ته اهو ولادتن ۽ وفاتن جو رڪارڊ مرتب ڪري ۽ ان کي مسلسل پراجيڪٽ بڻائي، ان ۾ اضافا ۽ سڌارا ڪندو رهي. مان ان مضمون ۾ پهرين مارچ جي حوالي سان ڪي ولادتون ۽ وفاتون ڏئي رهيو آهيان، پر ان ۾ سال وار ترتيب نه ڏني اٿم، ان هوندي به ڪوشش اها ڪئي اٿم ته گهڻي کان گهڻا نالا ڏئي سگهان:
(الف) ولادتون:
حامد ڪلوڙ (عادلپور / شاعر / ۱۹۶۰
سڪندر مگسي (بدل مگسي / شاعر / ۱۹۶۴
ڊاڪٽر شاهنواز ٻرڙو (گهٽهڙ / محقق / ۱۹۳۸
ثاقب لطيف (جيڪب آباد / صحافي / ۱۹۷۰
ملڪ الطاف حسين (جيڪب آباد / صحافي / ۱۹۵۳
سجاد ميراڻي (پريان لوءِ / شاعر / ۱۹۵۶
منصور گوزائي (گوزو / شاعر / ۱۹۶۹
نٿو مورواڻي (ٽنڊوباگو / شاعر / ۱۹۴۵
سرور سميجو (دلدار سميجو / اديب / ۱۹۶۸
منصور عالم ابڙو (قمبر / مصور ۽ اديب / ۱۹۵۳
جبار ملاح (عليم / شاعر ۱۹۷۳
نثار عڪاس (رتوديرو / شاعر / ۱۹۷۱
احمد علي ڪلهوڙو (خيرمحمد آريجا / صحافي / ۱۹۷۲
منصور حسين شيخ (شڪارپور / صحافي / ۱۹۶۹
نورالدين”نور“ (ڏاتو جي وانڍ / شاعر / ۱۹۲۹
امدادحسيني (ٽکڙ / شاعر / ۱۹۴۰
احسن ڪربلائي (ٽنڊوآغا / شاعر / ۱۸۹۷
عبدالخالق ”آزاد“ ڀٽو (شاعر ۽ سياستدان / ۱۹۴۲
سيد غلام رسول ”سوز“ (اصغرآباد / شاعر / ۱۹۳۸
قمبر ڪوهستاني (ٿاڻو بولان خان / شاعر / ۱۹۳۵
عبدالحليم ”جوش“ (ڪراچي / شاعر / ۱۹۳۱
محمد ابراهيم ”منشي“ (شاعر / ۱۹۳۴
محمد پنهل شيخ (ڦل پوٽا / سگهڙ شاعر / ۱۹۳۰
گل حسن گوپانگ (شاعر / ۱۹۳۳
گورڌن ڪرشناڻي (ڳيريلو – اجين / اديب / ۱۹۳۳
صوڀراج مينگهاڻي (ميرپورخاص – ممبئي / اداڪار / ۱۹۳۴
مختيارسهتو (ٽنڊو غلام علي / شاعر / ۱۹۸۲
شيرمهراڻي (احدي راڄپر / شاعر / ۱۹۸۰
گلڻ ڄامڙو (گل محمد ڄامڙو / شاعر / ۱۹۷۹
مارو جمالي (اديب / ۱۹۷۰
”حبيب“ سنڌي (چئوڪنڊي / شاعر / ۱۹۴۸
موتي لعل ٺڪر(سيوهڻ – اجمير / سماج سڌارڪ / ۱۹۳۴
ڪشن موٽواڻي (ملڪ – اجمير / اداڪار / ۱۹۳۶
لعل ”لاچار“(نواب شاهه – گانڌيڌام / شاعر / ۱۹۳۸
هريش ميرچنداڻي(حيدرآباد – ممبئي / سنگيتڪار / ۱۹۴۶
غلام عباس ”بدر“ (شاعر / ۱۹۴۷
جئه ڪشن ”آمليٽ“ (الهاس نگر/گائڪ، سنگيتڪار / ۱۹۴۷
بلاول اوٺو(اديب / ۱۹۵۰
شفيع ”شفن“(شاعر / ۱۹۵۵
”سائل“ وسطڙو (شاعر / ۱۹۵۸
سائينداد ساند(شاعر / ۱۹۵۹
غلام اصغر ”آزاد“ (شاعر / ۱۹۶۱
گل بيگ ”گل“(شاعر / ۱۹۵۷
زاهد راهوجو (اديب / ۱۹۶۱
ناز سهتو (صحافي / ۱۹۶۳
جڳديش شيوڪاڻي (اجمير /  اديب / ۱۹۶۳
مينهل فقير مهر (طيب / شاعر / ۱۹۲۰
(عام جائي ڪوڏ) عامر جي – بئراڳڙهه / شاعر / ۱۹۳۵
ڊاڪٽر درشهوار سيد (سن / محققه / ۱۹۴۹
محمد قاسم ”نوشاد“ (رستم / شاعر / ۱۹۵۸
عنايت راهي (ميهڙ / شاعر / ۱۹۶۶
جاويد لانگاهه (گوزو / اديب / ۱۹۶۹
امان الله عرف سليم لاکو (آباد لاکا / اديب / ۱۹۷۰
مير محمد ”رضا“ (تاڪو وڏو / شاعر / ۱۹۷۳
اخلاق چارڻ (دادو / ۱۹۷۶
ساحل لاشاري (ڳاڙهي / شاعر / ۱۹۷۶
”وفا“ ڪوڙل چنو (ابڙان / شاعر / ۱۹۷۷
يوسف سارنگ (مڪومعظم / اديب / ۱۹۷۸
زمان سومرو (پاٽ / اديب / ۱۹۷۹
عبدالصمد سومرو (ميرڻ دڙو / اديب / ۱۹۷۹
نورحسين مغيري (خدابخش / اديب / ۱۹۸۰
سلامت جويو (دادو / اديب / ۱۹۸۱
فرحانه قريشي (دادو / اديبه / ۱۹۸۱
اصغر جمالي (شاهه محمد / اديب / ۱۹۸۶
حسن هڪڙو (بٺي هڪڙا / شاعر / ۱۹۴۵
”وفا“ منظور چوهاڻ (شڪارپور / شاعر / ۱۹۶۹
ڪرم خان احمداڻي (ڊگهڙي / اديب / ۱۹۸۰
محسن علي ”محسن“ شر (مينگهو شر / شاعر / ۱۹۴۸
حبدار سولنگي (ڳيريلو / شاعر / ۱۹۷۸
دامن علي جتوئي (ماٽو / صحافي / ۱۹۷۲
منصور عباسي (مسو ڪلهوڙو / اديب / ۱۹۵۹
سيد منظور شاهه (موندر / اديب / ۱۹۸۴
جاويد سوز هالائي (شاعر / ۱۹۷۸
جان محمد ڪٽوهر (اميد علي / اديب / ۱۹۳۹
امان چنو (ڇتومنگي / شاعر / ۱۹۶۶).
(ب) وفاتون:
مولانا محمد هاشم قاسمي (۱۹۴۰
پيرخداڏنو رضوي (۱۹۶۳
سيد خادم حسين شاهه نصرپوري (۱۹۶۳
مولانا علي محمد ڪاڪيپوٽو (۱۹۶۷
محمد خان ”غني“ (ٽنڊومحمد خان / شاعر / ۱۹۷۹) ۽
ميرسهراب خان ثالث (۱۹۶۲).

No comments:

Post a Comment