26/08/2013

واءَ وکيريا خيال - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



نوجوان شاعر رياضت ٻرڙي جا
واءَ وکيريا خيال
رکيل مورائي
اسان جي دوست رياضت ٻرڙي جي جيتوڻيڪ پهرين سڃاڻپ شاعري آهي، پر سندس کاتي ۾ ٻيا به ڪيترائي ڪم آهن، مثال طور شاعري سهيڙڻ، تاريخ سهيڙڻ، پبليڪيشن هلائڻ. نوجوانن کي پڙهائڻ وغيره ۽ پيشو به پڙهائڻ، پر اهو فقط نصاب جي حد تائين، هونئن هن جيڪي پڙهائڻ چاهيو آهي، ان لاءِ هن وسيلا ڳولي لڌا آهن، جنهنڪري سندس حصي ۾ گهڻيون نيڪيون آهن.

سندس نالي ۾ هڪ وڌيڪ نيڪي اهي خيال آهي، جيڪي هوائن جي آڌار تي هو سنڌي ماڻهن تائين الڳ الڳ تاريخن ۽ الڳ الڳ موضوعن جي حوالي سان ريڊيو لاڙڪاڻي معرفت اوري چڪو آهي، پر جيئن ته ”سهيڙڻ“ هن جي مزاج جو حصو آهي، ان ڪري هن پنهنجي انهن سڀني خيالن، جيڪي الڳ موضوعن، الڳ وقتن ۾ الڳ مزاجن بابت لکيا آهن، انهن سڀني کي هڪ ڪتاب ۾ سهيڙي پنهنجي پڙهندڙن کي وکرڻ کان بچائي ورتو آهي. لڳ ڀڳ پنهنجي هڪ سال جي گڏ ڪيل ان موڙيءَ کي (جيڪا تخليقي موڙي آهي) نالو ڏنو آهي ”واءَ وکير يا خيال“. هيءُ ڪتاب، نه رڳو الڳ موضوعن جي ڄاڻ ڏئي ٿو، پر رياضت جي ان رياض جي به ڄاڻ ڏيئي ٿو جيڪو هن ادب تخليق ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي، اياز سچ چيو هئو ته ”ادب/شاعري زندگيءَ جو رياض آهي“. اڄ اهو سامهون آيو آهي ته جنهن نوجوان ادب کي ائين وقت ڏنو آهي، ان اها عزت/ آبرو به ماڻي آهي، جيڪا هو هڪ ليکڪ طور لهڻي. ۽ پڪ سان رياضت ٻرڙو انهن سنجيده نوجوانن لکندڙن مان آهي جن ادب کي سنجيدگيءَ سان پڙهيو به آهي ۽ سنجيدگيءَ سان لکيو به آهي. اهڙا نوجوان سنڌ ۾ بنهه ٿورا آهن.
هيءُ ڪتاب جنهن ۾ رياضت جا اهي ليک/اسڪرپٽس آهن، جيڪي هن ريڊيو لاڙڪاڻي تي الڳ وقتن تي پڙهيا آهن، پر هن اسڪرپٽس پڙهڻ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن فقط ريڊيو لاءِ لکڻ وارو پوراءُ نه ڪيو آهي، پر هو انهن ۾ به هڪ تخليقي ليکڪ طور ظاهر ٿي بيٺو آهي. رياضت جي هنن ليکن ۾ احساس، ٻولي، موضوع سڀ هڪ تخليقي رچاءَ  سان موجود آهن. ڪتاب ۾ هو پنهنجو نثر ته کڻي ٿو پر شاعراڻو اظهار به آڻي ٿو، جيڪو هڪ اسڪرپٽ لاءِ وڌيڪ خوبصورت واڌارو آهي. ڪتاب ”واءِ وکيريا خيال“ ۾ چوٽيهه ليک آهن، جيڪي پنهنجي حوالن سان نڀائيندڙ آهن ۽ جن ۾ وڏي خوبصورتي انهن شعرن آندي آهي جيڪي رياضت ليکن ۾ ڏنا آهن. هيءُ ڪتاب، ايندڙ وقت ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ لکندڙن کي پڪ سان هڪ اتساهه ڏياريندو، ساڳي وقت لکڻ جو هڪ گس به ڏيندو، جيڪو کين تخليقي رخ ۾ رهنمائي ڪندو. ريڊيو سان ۽ علم ادب سان لاڳاپيل شخصن ڪوثر ٻرڙي، احسان دانش، رضوان گل ۽ عابد ڪاظميءَ جي راين سان هن خوبصورت ڪتاب ۾ 152 صفحا آهن، ڪتاب جو ملهه 150 روپيا آهي. ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپيل هيءُ پڪي جلد ۽ خوبصورت ٽائيٽل وارو ڪتاب، رياضت ٻرڙي جي هڪ وڌيڪ سڃاڻپ ڪرائيندڙ آهي جيڪا کيس سدائين نيبهه هجي.

No comments:

Post a Comment