ڪامريڊ سوڀي
گيانچنداڻيءَ جي آتم ڪهاڻي
روشني
جي پنڌ ۾
اڀياس:
زرار پيرزادو
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جهڙين شخصيتن
لاءِ ئي اهو چيو ويندو آهي ته اهڙيون شخصيتون روز روز ناهن پيدا ٿينديون، صدين ۾
ڪو جنم وٺنديون آهن. سو اهڙين صدين ۾ ڦهليل شخصيتن جي اهميت ۽ ضرورت جي تقاضا اِها
آهي ته انهن کي جيترو ممڪن ٿي سگهي ته ريڪارڊ ڪجي ۽ قلمبند ڪري ڇڏجي.
ڪامريڊ سوڀي کي ريڪارڊ ڪرڻ جي اهميت ۽ ضرورت جو احساس سڀ کان
اڳ انور پيرزادي صاحب ڏياريو هو ۽ سندس چيلي محمد علي پٺاڻ سندس ان خواب کي ساڀيان
ڪري ڏيکاريو ۽ اڄ جڏهن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي پهرين آتم ڪهاڻي ڪتابي شڪل ۾ آهي
ان جو سڄو سارو ڪريڊٽ محمد علي پٺاڻ ڏانهن وڃي ٿو.
محمد علي پٺاڻ واقعي به اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو ادارا به
نٿا ڪري سگهن.، ادارن وٽ برابر فنڊ ۽ وسيلا آهن پر انهن ۾ اُها تڙپ، جنونيت، جذباتيت
۽ جوش ناهي جيڪو ان ڪم جي ڊيمانڊ آهي ۽ اها ڊيمانڊ محمد علي پٺاڻ جهڙو ماڻهو ئي
پوري ڪري سگهي ٿو ۽ ان پوري ڪري ڏيکاري به آهي. ڪامريڊ سوڀي جا 1990 کانپوءِ اوهان
جيترا به ڪالم ۽ مضمون پڙهيا آهن سي سڀ زباني چيل آهن ۽ اهو محمد علي پٺاڻ جو قلم
آهي جيڪو ڪامريڊ سوڀي جي زبان مان نڪتل هڪ هڪ لفظ ۽ جملي کي پني تي اتاريندو رهيو.
اهو ڪم ٿيندي ڪامريڊ به ڪڏهن ڪڏهن بيزار ٿي پوندو هو ۽ ٿڪجي به پوندو هو ۽ محمد علي
پٺاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن ڇڙٻون به ڏئي وجهندو هو پر محمد علي پٺاڻ پاڻ ڪڏهن به نه بيزار
ٿيو، نه ٿڪيو ۽ نه ئي منهن گهنجايو. ڇاڪاڻ ته اهو سندس محبوب مشغلو هو، پيار جو
پورهيو هو ۽ تاريخ کي قلمبند ڪرڻ جو عظيم فرض هو.
ڪامريڊ سوڀي جڏهن پنهنجي آتم ڪهاڻي ”روشنيءَ جي پنڌ ۾“ اُنَ
محمد علي پٺاڻ کي منسوب ڪئي آهي ته ان جي معنيٰ وڃي اها ٿي ته
”محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن
تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو“
سو محمد علي پٺاڻ لاءِ برابر اهو اعزاز آهي پر ان اعزاز جو هو
بيشڪ حقدار به آهي.
ڪتاب ”روشنيءَ جي پنڌ ۾“ هيءَ
جيڪا آتم ڪهاڻي ڏني وئي آهي سان سال 2002 کان محمد علي پٺاڻ، ڪامريڊ سوڀي کان
لکرائڻ شروع ڪئي هُئي، جيڪا تاج بلوچ جي ماهوار رسالي ”سوجهرو“
۾ قسطن ۾ ڇپجي چُڪي آهي ۽ هاڻي ان کي ماءِ پبليڪشن ڪتابي شڪل ڏني آهي. 158 صفحن تي
ٻڌل هن ڪتاب جو ملهه صرف 250 رپيا آهي.
ڪتاب روشنيءَ جي پنڌ ۾ واقعيءَ به روشنيءَ جو پنڌ آهي، اوندهه
جي خاتمي جو پنڌ آهي ۽ ان پنڌ ۾ڪامريڊ ائين ئي سج جيان ٻرندو نظر آيو، جيئن ٽائيٽل
جي تصوير ۾ هو سراپا روشني ۽ نور نظر اچي رهيو آهي.
آتم ڪهاڻيءَ ۾ ظاهر آهي ته سوڀي گيانچنداڻي جي عظيم زندگيءَ جا
ورق ۽ باب سمايل آهن جن ۾ سندس ذاتي زندگيءَ کان وٺي تاريخ جي اڻ وسرندڙ ۽ يادگار واقعن
جو ذڪر آهي. سوڀي جي آتم ڪهاڻي هجڻ سان ظاهر آهي ته ان ۾ کاٻي ڌر جي سياست پڻ
قلمبند ٿي وئي آهي، جيڪا هن ڪتاب جي انفراديت آهي پر ان سان گڏوگڏ نج سنڌ جو چهرو
به نظر اچي ٿو ته ڪلاسيڪل سياسي، سماجي، تعليمي قدر به ان ۾ موجود ملن ٿا ۽ هيءُ
ڪتاب جيئن جيئن وقت پٽاندر پراڻو ٿيندو ويندو تيئن تيئن اهو ويتر ناياب، ڪلاسيڪل ۽
تاريخي ڳٽڪو بڻجندو ويندو.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، جنهن کي ننڍي کنڊ جي جيئري جاڳندي
تاريخ چيو ويندو آهي، تنهن جي آتم ڪهاڻيءَ ۾ انگريزن جو راڄ، عالمي سياسي اٿلون پٿلون،
ٻي مهاڀاري جنگ، 1940 وارو ٺهراءُ، هندستان جو ورهاڱو، ورهاڱي کانپوءِ وارو
هندستان ۽ پاڪستان، سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ، مارشل لائون، ون يونٽ جو دور،
بنگلاديش جي عليحدگي، بلوچستان ننڍن صوبن ۾ عليحدگي جون تحريڪون، ڪميونسٽ پارٽي،
سوڀي جي جيلن جون ياترائون، ساروڻيون، نظربنديءَ جو دور، ڀٽو دور، بحث مباحثا،
اختلاف، سازشون، انڪشاف ڇا ڪجهه ناهي هن ڪتاب ۾. سياسي ۽ تاريخي واقعا ته آهن پر
انهن جو پسمنظر ۽ پيش منظر به آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته انهن تي ننڍي کنڊ جي هن
مهان دانشور جا املهه ڪمنيٽ ڏنل آهن، جن هن ڪتاب کي ويتر جاندار ۽ معلوماتي بڻائي
ڇڏيو آهي.
سياسي حوالي سان ڪيترائي دلچسپ حوالا ۽ واقعا آهن. سوڀو جيئن
ته بقول انور پيرزادي جي ته سنڌي به هو، هندو به هو ۽ ڪميونسٽ به هو تنهن ڪري هو اسٽيبلشمينٽ
جي نظر ۾ بيحد خطرناڪ هو ۽ مٿس هر وقت ڪرڙي نظر هئي. لاهور قلعي ۾ گهاريل اسيري
وارن ڏينهن ۾ کانئس جيڪا پڇا ڳاڇا ٿي ۽ هن جنهن بهادري ۽ ثابت قدميءَ مان جواب ڏنا
تن جو تفصيلي ۽ قيمتي احوال پڻ ملي ٿو. ”هن قلعي ۾ جئه پرڪاش نارائڻ کي به سچ
ڳالهائڻو پيو جڏهن ٻه ٽي ڪلاڪ برف جي ناديءَ تي سمهاريو ويندين ته پاڻ ئي سچ ڪوڙ
ظاهر ٿيندو.کِلي وراڻيو مانس.
“ هو سوشلسٽ هو،
مان ڪميونسٽ آهيان“ اهو ئي ته تنهنجو ڏوهه آهي ته تون ڪميونسٽ تحريڪ جو دماغ
آهين“. ڪامريڊ سوڀو ٻڌائي ٿو ته هو جنهن به جيل ويندو هو ته ان مان اتساهه وٺندو
هو. سکر جيل ويو ته هيمو ڪالاڻي جي ڦاهي جو اتساهه ورتائين. اسيريءَ ۾ شيخ اياز
سان ٿيل ڪچهرين جو به هن ڪتاب ۾ ججهو مواد آهي. شيخ اياز جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وي
سي ٿيڻ واري پسمنظر بابت به ڪامريڊ سوڀي تفصيلي احوال ڏنو آهي ۽ ڄاڻايو آهي ته اهو
عهدو وٺڻ شيخ اياز جي خوشي نه پراڻ ٽر مجبوري هئي. ائين ڀٽي ۽ سائين جي ايم سيد
سان ملاقاتن جا به دلچسپ واقعا ۽ ڪنمينٽ هن ڪتاب ۾ شامل آهن. 1959 کان 1964 ۾ پنهنجي
ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ نظربند ٿيڻ کان پوءِ هو اتي ڪيئن رهيو ۽ ڇا ڪندو رهيو ۽ اتان جو ڪهڙو ماحول هو سو مواد پڙهڻ وٽان آهي.
هن ڪتاب ۾ سوڀو جڏهن پنهنجو ننڍپڻ ۽ خانداني پسمنظر ٻڌائي ٿو
ته اصل سنڌ ۽ نج سنڌي ثقافت جو منظرنامو جڙي اکين آڏو تري اچي ٿو. مثال طور ڪامريڊ
سوڀو پنهنجي دور جي اسڪولن جو معيار ٻڌائي ٿو ته ”اسڪول جي اسيمبلي ۾ هڪ استاد ٻين
ڳالهين سان گڏ سڀني ٻارن جا ڏند خيال سان ڏسندو هو ۽ جن ٻارن جو ڏندڻ نه ڪيل هوندو
هو تن کي نم جو يا ڪرڙ جو ڏندڻ گهرائي اسڪول ۾ ئي کانئن ڏند صاف ڪرائيندو هو. تپا
وليءَ (مليريا) جي موسم ۾ سڀني ٻارن جي نبض ڏسندو هو جن کي بخار هوندو هو تن کي
ڪونين جي ٽڪي کارائيندو هو. استاد هيمنداس جيڪو سخت استاد هوندو هو تنهن خلاف
”ڪافي“ سکڻ وارو دلچسپ واقعو به ڪتاب ۾ شامل آهي. ”هليو وڃ، هليو وڃ ڇڏي شهر قمبر،
تون هيمون هليو وڃ“
هن ڪتاب ۾ اُهو اهم دور به پڙهڻ لاءِ ملي ٿو جنهن سوڀي
گيانچنداڻي کي ”ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي“ بڻايو. اُهو
دور هو 1939 وارو شانتي نڪيتن وارو دور، جنهن ۾ هن ٽئگور جي شاگردي ماڻڻ جو اعزاز
۽ ”مئن فرام موهن جو دڙو“ جو
لقب ماڻيو. ٽئگور جي شخصيت، ساڻس ملاقاتون، سندن ڳالهيون پڙهڻ جهڙيون آهن. هن آتم
ڪهاڻي ۾ ڪامريڊ اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته مٿس سندس يارن دوستن جو زور هو ته هو به
ٻنڊيءَ ۾ شانتي نڪيتن جهڙو آشرم ناهي. شانتي نڪيتن وارو دور هن ڪتاب جو هڪ سنهري
باب آهي جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀي کي عشق جو ڪرنٽ به محسوس ٿيو پر هو پاڻ بچائي ويو.
”سندري مونکي گهڻو پسند ڪندي هُئي پر مون ڪڏهن به کيس لکا نه ڏني ته مان به کيس
چاهيان ٿو. مون سندريءَ کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته مان ٻنڌڻن ۾ جڪڙيل آهيان،
تنهن ڪري منهنجي باري ۾ خيال لاهي ڇڏ. پوءِ به هوءَ ڇوڪرين سان جهيڙا ڪندي هئي ۽
جيڪڏهن ڪا ڇوڪري منهنجي باري ۾ گٿو ڳالهائيندي هئي ته هوءَ ان سان ورچي ۽ وڙهي
پوندي هئي“ (محمد علي پٺاڻ ٻڌايو ته اها سندري اڃا به زندهه آهي.) جيل ۾ شيخ اياز
اڪثر پڇندو هو ته ”آخر ڪو ته عشق ڪيو هوندئيءَ مون هن کي ٻڌايو، ان معاملي ۾ مان
صفا واڱڻ جو واڱڻ رهيو آهيان. هن کي عجب لڳو ته منهنجا هيو يلاڪ ايلس جا 6 مشهور
جُلد پڙهيل هوندي به مان ڪيئن ڪوري جو ڪورو رهيو هوس.“
ان دور جو ٻيو دلچسپ واقعو ڪامريڊ سوڀي جي شاديءَ بابت آهي.
ڪامريڊ سوڀي هن ڪتاب ۾ پنهنجي شاديءَ جو هڪ دلچسپ واقعو ٻڌايو آهي ته 1941 جي
پهرين مهيني ۾ اسان شانتينڪيتن مان موٽڻ وارا هياسون ته منهنجي ڀاءُ ڪيولرام جو ڪارڊ
مليو جنهن ۾ لکيل هو ته 24 تاريخ تي تنهنجي شادي آهي. ظاهر آهي ته مون 24 انگريزيءَ جي سمجهي جيتوڻيڪ بعد ۾ گهر پهچڻ تي پتو پيو ته شادي
چنڊ جي مهيني واري تاريخ مطابق طئي ڪئي وئي هئي جنهن ڪري مان لگن کان هڪ ڏينهن پوءِ
پهتس ته گهر ۾ مڃ ۽ ڄڃ ۾ وڏو ٻڙڌڪ متل هو.سو سائين اهو آهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي
جي آتم ڪهاڻي“ روشنيءَ جي پنڌ ۾“ جو مختصر احوال جي.
ايئن ڪامريڊ جي هيءَ آتم ڪهاڻي به اڻ مڪمل آهي. هيءُ آتم ڪهاڻي
ڀٽي جي حڪومتي دور تائين جي آهي ۽ بس.- هاڻي ته ڪامريڊ سوڀي جو ايڏو حافظو به نه رهيو
آهي. جهور پوڙهو ٿي ويو آهي. جيڪڏهن سندس آتم ڪٿا جو هيءُ سلسلو تيستائين جاري رهي
ها جيستائين ڪامريڊ جو حافظو صحتمند هو ته هيڙا ٽي چار وڌيڪ ڪتاب اچي سگهن پيا. جن
۾ 5 جولاءِ تي جمهوريت وارو راتاهو، ڀٽي جي ڦاهي، نذير عباسي جي شهادت، ضياءَ جي
مارشل لا جا يارنهن ڪارا سال، ايم آر ڊي تحريڪ، سويت يونين جو ٽٽڻ، جمهوريت جي
بحالي، 1988 واريون چونڊون، سندس چونڊن ۾ بيهڻ، کٽي وڃڻ وارو معجزو ۽ نتيجن ۾ هارئڻ،
ڏيکارڻ وارو الميو، ”عوامي آواز“ ۾ ڪالم لکڻ جو تجربو،
ڪتاب ڇپجڻ ۽ ان تي ڪمال فن ايوارڊ ملڻ جا واقعا شامل هجن ها. هاڻي ڪا بايوگرافي ئي
اهو ڪم ڪري سگهي ٿي.
No comments:
Post a Comment