امرجليل:
سنڌ
جي زندهه تاريخ جو تخليقي سفر
همسفر گاڏهي
![]() |
| امر جليل |
![]() |
| امر جليل |
سنڌ
جي لاڙ پٽ واري علائقي سجاول سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر مشتاق سعيد جي شاعريءَ جو
نڪور ڪتاب ”ڪينرو ڪيسين وڄايان“ منهنجي هٿن ۾
آهي. سوچي رهيو آهيان ته مشتاق ايڏو تيزي سان لکي رهيو آهي، جو هڪ ئي سال ۾ سندس
شاعريءَ جا ٽي مجموعا ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن، جڏهن ته سندس شاعريءَ جو چوٿون ڪتاب
به ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي. هن کان اڳ سندس شاعريءَ جا ڪتاب ”ڌيمي وهڪ درياء جي“ ۽ ”ڀرپور
سمندر گرجي ٿو“ هن ئي سال 2012 ۾ ڇپيا آهن.
ادب ۾ سدائين تجربن جي لاءِ
رستو کليل رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو قبول ڪيو ويو آهي ته ورجاءَ کان نواڻ بهتر آهي،
ذڪر هيٺ آيل ڪتاب لاءِ به ليکڪ پاران اهو ڄاڻايو ويو آهي ته هن ڪتاب ۾ هڪ تجربو
ڪيل آهي، اُهو هيءُ ته هن ڪتاب ۾ هڪ سَو غزل آهن ۽ اُهي هڪ ئي بحر وزن
تي لکيل آهن.
زندگي به ڄڻ ڪا عجيب ڳجهارت آهي يا وري ڪو منجهيل سُٽ، جنهن
کي ماڻهو جيترو سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اوترو ئي الجهندي ئي ويندي آهي. جيوَن جي
ان ڳـٺ جوڙ ۽ ڊُڪ ڊوڙ ۾ ڪي ٿورا ماڻهو هوندا آهن جي وقت جي سيما پار ڪري سڦلتا
ماڻي سگهندا آهن، باقي اڪثر ماڻهن جو درد ئي مقدر بڻبو آهي. درد جيڪو دل جي ديوارن
کي ڌوڏي ڇڏيندو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن وجود کي ريت جي ذرن جيان وکيري ڇڏيندو آهي.
ٿورا ماڻهو هوندا آهن جن کي حياتيءَ ۾ محبت جا ڪي اهڙا پل ملي ويندا ويندا آهن
جيڪي جيون جو اڻ کٽ سرمايو بڻجي ويندا آهن. هونءَ ته محبت هڪ احساس آهي جيڪو من جي
آڳر تي مسرت جا گل مهڪائي ٿو، پر جڏهن اهو ساڳيو احساس ڪو وجود بڻجي اڳيان اچي، ته
اهو محبت ٻرڙي کان سواءِ ٻيو ڪو به نه
ٿو ٿي سگهي....![]() |
| نجم عباسي |
ادبي تنقيد ۾ ادبي فن پاري جي تفهيم، تجزيي ۽ ادبي
حيثيت متعين ڪرڻ لاءِ مختلف نقادن مختلف ماڻ ۽ ماپا مقرر ڪيا آهن، جن ۾ هيٺين ٽن
پاسن جي خصوصي اهميت آهي:
آئون سعيد سومري کي
هڪ شاعر جي حيثيت سان سڃاڻان. سندس شاعري
مختلف صنفن جي صورت ۾ رسالن ۾ پڙهندو رهيو آهيان. تازو سندس غزلن جو مجموعو ’سرءُ جي اداس سانجهه‘ (2000) ۽ شاعريءَ جي مختلف صنفن
تي ٻڌل ٻيو مجموعو ’درد جي باک‘ (2001) هڪ ٻئي
پٺيان پڙهڻ جو موقعو مليو ته سندس اندر جي اڇل جي اثر پذيري، جذبن جي ڪوملتا ۽
احساس جي گهرائي منهنجي من کي پائي ويئي.
سنڌيءَ ۾ هر سال
ڪيترا ئي ڪتاب ڇپجن ٿا، جن ۾ اڪثريت اهڙن ڪتابن جي هوندي آهي، جن کي ڪتابن واري ڪٻٽ ۾ رکڻ به فقط جاءِ سيڙائڻ ئي
ٿيندو، پر انهن ۾ ڪي ڪتاب اهڙا به هوندا
آهن، جن کي ساهه ۾ سانڍي رکڻ لاءِ دل چوندي آهي. اهڙو ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو ڪتاب ”تقدير
ملي نه ملي“ وليج شاد آباد
ويلفيئر
آرگنائيزيشن جوهيءَ پاران ڇپايو ويو آهي، جنهن جو شاعر لياقت
علي ”لياقت“ آهي. هيءُ ڪتاب هر
ان ماڻهوءَ کي ضرور پڙهڻ گهرجي، جنهن جون سنڌي شاعريءَ جي مستقبل ۾ ڪي بهتر اُميدون نه آهن. مون کي پڪ آهي ته
لياقت علي ”لياقت“ جي شاعري پڙهي، هن جو سنڌي شاعريءَ جي بهتر مستقبل ۾ ويساهه
پختو ٿي ويندو.
سعادت حسين منٽو چواڻي، ته ”ادب، زندگيءَ جو ٽمپريچر آهي“ ان ڪري، ته ادب کي زندگيءَ کان ڌار
نٿو ڪري سگهجي. جيون جي رنگن کان وانجهيل، ٻُسي ادب جو مثال، اُڏامڻ جي سگهه وڃايل
ان پوپٽ جيان آهي، جنهن وٽ رنگن جي سونهن ته سلامت هجي، پر کنڀڙاٽيون ڀڳل هجن.| ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي |
سنڌي شاعريءَ جي پهراڻ تي چنڊ- ستارن جي جڙاوت ڪندڙ ۽ سنڌ جي
درد، بيوسي ۽ پيڙا کي معجزاڻي انداز ۾ چٽي روشنيءَ وانگر عيان ڪندڙ سنڌ جو نرالو
شاعر حسن درس ڪهڙي تعارف جو گهرجائو آهي. هن جي
ڪمهلي وڇوڙي کي ڪجهه مهينا ضرور ٿيا آهن، پر اڃا تائين هو سنڌ جي چهري تي ڳوڙهي جي
لار وانگر موجود آهي. چوڻ لاءِ ته غالب به چيو هو ته ”غالب خسته ڪي بغير کون سي
کام بند هين“ زندگي جو عجب چرخو ۽ وقت جو ڪانٽو ته رڪڻو ناهي، غم روزگار ۾ هر ڪو
صبح کي شام ۾ بدلائي ڇڏي ٿو، سڄي ڏينهن جي هڻ وٺ، ٿَڪ ۽ پگهر ۾ شل ٿي هر ڪو اچي
بستري جي ٻانهن ۾ هٿيڪو ٿئي ٿو پر ڪير چوندو ته اميد ۽ خوشيءَ جي احساس جهڙو هي
شاعر، هوا جي جهوٽي وانگر لمحي جي ڪنهن ڀاڱي ۾ ياد نه آيو هو- ها واقعي هو ”شاعريءَ
جي ديس جو البيلو شهزادو هو“.
سرڪش سنڌي،
سنڌ جي ادب ۽ شاعريءَ ۾ هڪ اهم نالو آهي، ساڳئي وقت سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ پڻ هُن جو
جوڳو ڪردار رهيو آهي. انهن سڀني اهم حوالن کان سواءِ سندس جيڪو ٽيون حوالو آهي اهو
هي ته هن سنڌ جي قبائلي ۽ جاگيرداري جي ماحول ۾ رهندي، پنهنجي نياڻين کي جيڪا تعليم
ڏياري اها نه رڳو سنڌ لاءِ پر سنڌي ادب لاءِ لاڀائتي ثابت ٿي آهي. هن پنهنجي نياڻن
کي قومي تحريڪ جو حصو به بڻايو، ته سنڌي ادب ۾ به هن جي نياڻيءَ جو هڪ ننڍو حصو رهندو،
جيڪو ڪتاب ”مون ۾ آهين تون“ جي نالي سان ڳڻيو ويندو. هيءُ ڪتاب ناياب سرڪش سنڌيءَ جي مڙني شعري توڻي نثري لکڻين جو گڏيل مجموعو آهي. ناياب سڄي عرصي ۾
نه رڳو شاعري ڪري رهي آهي پر الڳ الڳ موقعن تي هُن الڳ الڳ حوالن ۾ مضمون، مقالا ۽
ٻيا ليک به لکيا آهن ته ڪن اخبارن ۾ مشتمل ڪالم لکيا آهن، جن کي گڏي هيءُ ڪليات ترتيب
ڏنو ويو آهي.
انساني علمن ۾ ڪي اهڙا علم به آهن جيڪي انسان جي شخصي، سماجي ۽ معاشي
حالتن کي سوارڻ ۾ مددگار ٿيندا آهن، اڄ جي دنيا جنهن کي علمي دنيا ڪوٺجي ٿو ان ۾ ڪيئي
اهڙا ڪتاب به لکيا ويا آهن، جن جو سڌو واسطو انسان جي سماجي ۽ معاشي ڪاميابين سان آهي.
سنڌي شاعريءَ جي ڪاڪ محل ۾ ڪيترائي ”راڻا“ پيش ٿيا آهن، ڪيترن ئي
راڻن ڪاڪ محل جي جادوگريءَ کي سمجهي به ورتو ته ڪيترائي راڻا انهيءَ شاعراڻي ڪاڪ محل
۾ ويڳاڻن وانگر رُلندا رهيا. ڪتاب ”ناچڻي“ جو سرجڻهار
علي زاهد اهڙو ئي راڻو آهي، جنهن نه صرف شاعريءَ کي سمجهيو
آهي، بلڪ شاعري به کيس چڱي ريت سُڃاڻي ٿي. علي زاهد شاعريءَ جون رولاڪيون اختيار
ڪيون آهن يا رولاڪين کيس شاعريءَ جي ڪاڪ محل ۾ اُڇلايو آهي؟ انهيءَ سوال جو جواب
علي زاهد پاڻ ئي ڏئي سگهي ٿو.