23/11/2012

بيوس محرم مغيريءَ جي ڪهاڻي-ڪتاب ”اوجاڳن جو سوڳ“ جو مهاڳ - محمد صديق منگيو



بيوس محرم مغيريءَ جي ڪهاڻي-ڪتاب ”اوجاڳن جو سوڳ“ جو مهاڳ
ادب زندگيءَ جو ٽمپريچر آهي
محمد صديق منگيو
سعادت حسين منٽو چواڻي، ته ”ادب، زندگيءَ جو ٽمپريچر آهي“ ان ڪري، ته ادب کي زندگيءَ کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. جيون جي رنگن کان وانجهيل، ٻُسي ادب جو مثال، اُڏامڻ جي سگهه وڃايل ان پوپٽ جيان آهي، جنهن وٽ رنگن جي سونهن ته سلامت هجي، پر کنڀڙاٽيون ڀڳل هجن.
ادبُ، جيڪو زندگيءَ جي اڻ کٽ نظرئي سان سلهاڙجي، پنهنجو جوهر ڏيکاري، ته اهو ادبُ انساني زندگيءَ جي سنوار ۽ سکيا جو اصل مقصد به بڻجي ٿو پوي، ته انسان ذات جي رهنمائي ۽ ڏکن ۽ سکن، جذبن ۽ احساسن جي ترجمانيءَ جو سڻائو ۽ دڳائتو سِهو به بڻجي پوي ٿو.

تخليقي ادب جي صنف ڪهاڻي، جيڪا دنيا ۾ وڌيڪ ۽ چاهه سان پڙهي وڃي ٿي، اصل ۾ رد عمل هوندي آهي سماج ۾ ٿيندڙ اُٿل پٿل ۽ وهي واپريءَ جو. ڪهاڻيءَ ۾ اهوئي ڪجهه هجي ٿو، جيڪو اسان جي ماحول ۾ وهي واپري ٿو. ڪهاڻيڪار جو ڪم رڳو انهن وارتائن جا عڪس جهٽي، ڪهاڻيءَ جي فني ڪارب ۾ آرٽسٽڪ انداز۾ آڻي، سماج کي اُهي اولڙا موٽائي ڏيڻ آهي. ان سموري مرڳ ۾ ڪهاڻيڪار جي ڏات ۽ ڏانءُ جي معراج اها هئڻ گهرجي، ته سندس تخليقن جو سٽاءُ، ڪردارن جي ڀڃ گهڙ ۽ بيهڪ ۽ پيشڪش جو انداز اهڙو هجي، جو سندس تخليقي پورهئي مان پڙهندڙ کي مهميزون ملن، ذهن اُٿل پٿل وهيڻا ٿين، جمود ٽٽڻ لڳي ۽ انهن ۾ پرکڻ، پرجهڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ جي امنگ ۽ خواهش ڪَر موڙي جاڳي پوي.
هري پنڪج چواڻي، ته ”ڪهاڻي اُها، جيڪا ذهني احساس ذريعي من کي پڪڙي، جڪڙي ۽ دل تي ڇائنجي وڃي ۽ پاٺڪ پاڻ کي ان ڪهاڻيءَ جي هڪ ڪردار جي روپ ۾ ڏسي.“ ان ڪري، ته ڪهاڻي ته رڳو چهنڊڙي، ڪتڪتائي، هلڪو ٿڦ يا هلڪي ڌونڌاڙ هجي ٿي. ٻيو ته رڳو منظر نگاري، ڪردار نگاري ۽ واقعه نگاري جو ڀراءُ هوندو آهي.
سچائي، چڱائي ۽ سونهن، ادب جا مڃيل بنيادي قدر آهن. ادب جي انهن مڃيل قدرن جي آڌار تي سرجيل ادب ئي سچو ۽ جٽادار ادب هجي ٿو. اهو ادب، جنهن ۾ فطرت جون حسناڪيون به هجن، زندگيءَ جون ڪڙيون، مٺيون سچايون به هجن، ته انسان ذات لاءِ چڱائي ۽ سٺائي  جو سنيهو به هجي. هر اها تخليق، جنهن ۾ ڏکويل انسانيت لاءِ آسن، اميدن ۽ ڀرجهلاين جا ڏڍ ۽ دلاسا هجن، اکين جو اهو ڪارائتو پورهيو، زندگيءَ جي محبوبا جيان هوندو آهي. جيئن سقراط چيو هو، ته ”اميد زندگيءَ جي محبوبا آهي.“
ڪهاڻيءَ جي فارميٽ ۽ اسلوب کان وٺي عنوان تائين کوڙ تجربا ڪيا ويا آهن. پلاٽ ليس ڪهاڻي، اَڪهاڻي، ڪالم ڪهاڻي ۽ ننڍڙي ڪهاڻيءَ تائين سنڌي ڪهاڻيءَ سفر ڪيو آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ داخليت ۽ خارجيت جا لاڙا به رهيا آهن. تجربا ٿيڻ به گهرجن. ان ڪري ته تبديلي زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي. بيٺل پاڻي بانس ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ کي تبديليءَ جي سگهه آهي، ان ڪري اڄ تائين زندهه آهي. پر چوڻ آکڻ جي ڳالهه اها آهي، ته هڪ سچ، جيڪو ماڻهو جي من ۾ هجي ٿو ۽ ٻيو سچ، جيڪو ماڻهوءَ جي ذات کان ٻاهر هجي ٿو. درد، ڪرب ۽ پيڙا جي مانڌاڻي، جيڪا ماڻهو پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪري ٿو ۽ دردن جا اُهي آڙاهه جيڪي ماڻهو ٻاهر ڏسي پسي محسوس ڪري ٿو. ان حالت ۾ اهو سچ، جيڪو زميني حقيقتن کان پرانهون رڳو جذباتي، تفريحي ۽ رومانوي لکڻين وسيلي سامهون اچي، اهو ماڻهوءَ جو ذاتي سچ هجي ٿو. ان ۾ انساني فطرت جو مطالعو(study of human nature)  ۽ زندگيءَ جي تنقيد  (criticism of  life) نه هوندي.
اڄ جيڪا سنڌي ڪهاڻي لکجي پئي وڃي. اها ادبي لاڙن، فني رچاءَ ۽ فڪري اڏام جي حوالي سان ڪٿي بيٺي آهي؟ اهو اهڙو سوال آهي، جيڪو جواب لهڻي ٿو. اڄ جي ڪهاڻيءَ تي اڌ پڙهيل ملان واريون فتوائون ته کوڙ آيون آهن، پر اڄ جي ڪهاڻي جي تنقيدي سرت سان کول اُکيل نه ٿي آهي. گوئٽي چيو هو، ”اسان جي راءِ به اُهائي هوندي، جهڙا رجحان هوندا.“ اسان وٽ ادبي رجحان به ڪجهه ان قسم جا ٿيندا پيا وڃن. تنقيد جي اهميت کان انڪاري ناهيون، پر مطالعاتي پس منظر کان سواءِ، اکيون ٻوٽي چاٻيءَ تي بندوق هلائڻ واري ڇسي راءِ پاڻ کي قبول ناهي. اها ڪهڙي ادب دوستي آهي؟
ڪهاڻي کيتر ۾ بيوس محرم مغيريءَ جو نالو نئون ڪونهي. گذريل سال سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري ۽ منهنجي پياري دوست ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سال 2010ع ۾ ڇپيل ڪهاڻي ڪتاب تي سال جو بهترين ڪهاڻي ڪتاب جو ايوارڊ ڏيڻ جي سلسلي ۾، مون ڏانهن ڇهه ڪهاڻي ڪتاب اماڻيا هئا. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ڪونهي، ته مون ڪنهن ڪهاڻي ڪتاب کي ڪيتريون مارڪون ڏنيون، پر اهو ٻڌائڻ ضروري آهي، ته انهن ڇهن ڪتابن ۾ هڪ بيوس محرم مغيري جو ڪتاب ”زندگيءَ جي ٻي تصوير“ به شامل هو. تڏهن مون پهريون ڀيرو ”بيوس“ جو ڪهاڻيون پيار، پرک، ڌيان ۽ تنقيدي نگاهه سان پڙهيون هيون. سچي ڳالهه ته، سندس ننڍڙين ڪهاڻين منهنجو گهڻو ڌيان ڇڪايو هو. انهن مان ڪجهه ڪهاڻيون ته مون وَرَ وَرَ ڏئي پڙهيون هيون. انهن ڪهاڻين جي آڌار تي هن لاءِ ذهن ۾ هڪ راءِ جڙي هئي، ته ”بيوس“ پنهنجي تخلص ۽ وهنواري جيون ۾ ڪٿي بيوس هجي، ته هجي، پر پنهنجي سوچ، فڪر ۽ ڏات ۾ بيوس نه آهي. هن وٽ موضوعاتي ڪوالٽي آهي. وٽس ڇرڪائيندڙ ۽ ذري گهٽ اڻ ڇهيا موضوع آهن.
هو پنهنجي سوچ ۽ تحريرن ۾ بي باڪ ۽ روشن خيال آهي. اها بيباڪي ۽ روشن خيالي، سندس ننڍڙين ڪهاڻين ۾ وڌيڪ نيشانبر آهي. انهن ۾ ”چريو سماج اڳيان ٿي بيٺو“، ”نابالغ چميءَ جو درد“ ، ”شهپر وات ۾“، ”باهه برداشت“، ”گونگي چماٽ“ ۽ ”اڃا ڪيترا ڪپڙا لاهيان مان“ ته اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن تي اگهاڙپ جي فتوى لڳي سگهي ٿي. آءٌ پنهنجي ذاتي راءِ ۾ ان خيال جو آهيان، ته اگهاڙپ، جيڪا ڪهاڻيءَ جي موضوع سان ٺهڪندڙ ۽ ڪردار جي اڻٽر گهرج آهي، ته اها اگهاڙپ نه آهي، پر ڪڙو سچ ۽ حقيقت پسندي آهي. اهو سچ، جنهن کي مهذب پڻي، اخلاقيات ۽ مذهب جي نالي ۾ پردا وجهي ڍڪيو ٿو وڃي، ان کي وائکو ٿيڻ گهرجي. اها اگهاڙپ، جيڪا سماج جي ٺيڪيدارن، مذهب جي نالي تي نفرتن جا ٻج ڇٽيندڙن، سياسي آدمخورن ۽ انسانيت جا ليڪا لتاڙيندڙن جي چهرن جا ٻوٿاڙ لاهي کين اصلي مڪروه چهرن ۽ ڪردارن سان سامهون آڻي، اها اگهاڙپ ناهي، پر سماج جو آئينو آهي. هونئن به هر ليکڪ، شاعر، ڪهاڻيڪار وٽ شين کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي اک پنهنجي پنهنجي هوندي آهي ۽ ڪنهن نظر ۽ واقعي کان متاثر ٿيڻ ۽ ان کي پيش ڪرڻ جو ڏانءُ پنهنجو پنهنجو هوندو آهي.
”بيوس“ مٽيءَ جو ڪهاڻيڪار آهي. هو پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان ڪميٽيڊ ڪهاڻيڪار آهي. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار آسماني، الهامي، خيالي ۽ ڏند ڪٿائي نه آهن، پر اهي مٽيءَ مان ليٽي پيٽي نڪرن ٿا. اهي اسان جي ماحول ۽ سماج جا جيئرا جاڳندا ۽ ساهه پساهه کڻندڙ ڪردار آهن. ان ڪري هن جي ڪهاڻين مان مٽيءَ جو هڳاءُ اچي ٿو.
هن ڳٽڪي ۾ شامل ڪهاڻين کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. فارميٽ (منڍ، وچ ۽ پڄاڻي) واريون ڪهاڻيون ۽ ننڍڙيون ڪهاڻيون.
پهرين قسم جي ڪهاڻين ۾ ”مان ڪنهن کي حج تي وڃڻ نه ڏيندس!“ ٻين سمورين ڪهاڻين ۾ ڀرپور ۽ نيشانبر ڪهاڻي آهي. جهڙو هن ڪهاڻيءَ جو موضوع نئون نيارو ۽ ذري گهٽ اڻ ڇهيو آهي، تهڙو ئي ڪهاڻيِءَ جي ٽريٽمينٽ وڻندڙ آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار نگاري ۽ مڪالما به ڀرپور آهن، ته ڪهاڻيءَ جو ڪلائمڪس به ڇرڪائيندڙ ۽ اثرائتو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪار جي گرفت محسوس ڪري سگهجي ٿي.
تنهنجي پيءُ جو دوست“ هن ڪهاڻيءَ جو انداز پراڻو آهي. پر ان هوندي به هي بيوس جي سٺي ڪهاڻي آهي. خاص ڪري ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي آرٽسٽڪ انداز ۾ ڪئي وئي آهي.
قبر مان نڪتل ماڻهو“ هي سادي بيان ۾ لکيل نصيحت ڀري ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻِيءَ مان پڙهندڙن ڏانهن ڀرپور ميسيج وڃي ٿو.
منهنجو خواب مئو ناهي“ ماڻهوءَ جي ڇهين حس ڪڏهن ڪڏهن ٻولائيندي آهي. ماڻهوءَ کي ڪنهن ٿيڻي جا اڳواٽ پسڻ پوندا آهن. ان موضوع تي بيوس سٺي ڪوشش ڪئي آهي. هڪ لاوارث ۽ مصيبت ۾ ورتل ٻار جو خواب ۾ اچڻ ۽ ان جو ڪچري جي ڍير تان ملڻ.
اڌ روشن اڌ .....“ موضوعاتي نيارپ رکندڙ، اينٽي ڪلائمڪس ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ روشن جو پيءُ ۽ روشن جي پريميڪا نيلم جو مڙس، اها ڄاڻ هوندي به، ته سندس زالن جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار سندن ناهي. ان هوندي به اهي کين ڪاري ڪري قتل نٿا ڪن، پر صبر ۽ سهپ سان کين برداشت ڪن ٿا. اهو ڪهاڻيءَ جو اتساهڪ پاسو آهي.
سٻوجهه روپوشي“ اهو سچ آهي، ته رت جي رشتن ۽ اولاد جي خوشين لاءِ مائٽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي موت جي ٻوهي ۾ ڏيڻ کان به ڪين ڪيٻائيندا آهن. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ ڪمزور هوندي به، سٺي ڪوشش آهي.
سنڌي ادب ۾ ننڍڙيون ڪهاڻيون به لکيون پيون وڃن. هونئن ته سنڌ ۾ گهڻو اڳ ڪافڪا جيان وتايو فقير ۽ پيراڻو ڀنڀرو ننڍڙين ڪهاڻين جا وڏا ڏات ڌڻي ٿي گذريا آهن. سندن ٽوٽڪا، خيال جي گهرائي، سماج تي تکي طنز ۽ ڪاٽ جي حوالي سان ڀرپور ڪهاڻيون آهن. پر اڄ سنڌ ۾ کوڙ ڏات ڌڻي ان صنف تي لکن پيا. پير عبيد راشدي، منظور ڪوهيار ۽ عزيز قاسماڻي هن صنف تي سٺي هٿ پهچ رکن ٿا.
بيوس جي ننڍڙين ڪهاڻين جو سٽاءُ، اڻت ۽ ردم، ڪٿي ڪٿي نثري نظم يا ان کي ويجهو لڳي ٿو، پر پوءِ به اهي ڀرپور ڪهاڻيون آهن. ان ڪري به، ته اصل ڳالهه خيال جي آهي، جيڪو ڪهڙي به سٽاءَ يا فارميٽ ۾ هجي، پر ضايع نه ٿيڻ گهرجي. ان کي ڪهڙو به نالو ڏجي، پر اهو سگهارو خيال مرڻ نه گهرجي. ائين، جيئن سعادت حسين منٽو جي ڪتاب ”پنچر“ ۽ اشفاق احمد جي ڪتاب ”زاويه“ ۾ شامل تخليقون.
بيوس جي ڪجهه ڪهاڻين کي ڇڏي سموريون ننڍڙيون ڪهاڻيون، ذهن کي اُٿل وهيڻو ڪرڻ جي سگهه رکن ٿيون. انهن ۾ ڪي ته اهڙيون به آهن، جيڪي سماج جي سُن ٿي ويل سرير تي کبڙ جي تلهڙن جهڙا چٽڪا ڏئي، ڇرڪ ڇڏائيندڙ آهن. ننڍڙيون آرسيون آهن، جن ۾ سماج کي پنهنجو اصل چهرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. عام واقعا ۽ انهن جي وجود مان ڦٽي نڪرندڙ احساسن جون چهنڊڙيون، جيڪي يورپ ۽ عالمي افسانوي ادب جي سڃاڻپ جو حوالو بڻيل آهن. بيوس انهن ننڍڙن احساسن کي کڻي آرٽسٽڪ انداز ۾ ڪهاڻيءَ جو روپ ڏنو آهي.
انت کان پوءِ“ سنڌي سماج ۾ ناسور جي شڪل اختيار ڪري ويل ڪاروڪاريءَ جي ڪڌي رسم جي موضوع تي، ٿورن لفظن ۾ انوکي ۽ وڻندڙ انداز ۾، تمام وڏي ڳالهه کي آندو ويو آهي. مرداڻي مٿڀرائپ واري سنڌي سماج ۾ ڪاري ڪري قتل ڪيل ناريءَ جو ته غيرت جي نالي ۾ جنازو به نٿو پڙهيو وڃي، پر ساڳئي وقت ڪارو ڪري قتل ڪيل مرد کي پوري مانَ شان سان هٿن پيرن تي ميندي لائي، موڙون ٻڌي گهوٽ بڻائي، ڪفن ڏئي دفنايو ٿو وڃي ۽ تڏو به وڇايو ٿو وڃي. ڏوهه ته ٻنهيءَ جو ساڳيو آهي، پوءِ غيرت جي نالي ۾ ڪاريءَ کان نفرت ۽ ڪاري سان پيار ڇو؟ هن ننڍڙي ڪهاڻيءَ ۾ ان مرداڻي متڀيد واري ڪني سوچ کي اثرائتي انداز ۾ وائکو ڪيو ويو آهي.
نابالغ چميءَ جو درد“ بي جوڙ شادين جي انڌين ريتن جي ٽياس تي ٽنگيل جوان نارين جي سڙندڙ جوڀن ۽ ٽانڊن جيان دکندڙ جذبن کي، مهارت سان ائين ڪهاڻيءَ ۾ آندو ويو آهي، جو ان جي ڪاٽ شدت سان محسوس ٿئي ٿي.
گونگي چماٽ“ هي ننڍڙي ڪهاڻي تيزيءَ سان مرندڙ انساني ۽ اخلاقي قدرن ۽ سنڌ جي روايتي لڄاداريءَ واري سرهي سوچ جي نپوڙجڻ جو نوحو آهي.
شهپر وات ۾“ سنڌي سماج ۾ وڏن شهپرن کي مردانگي جو اهڃاڻ سمجهڻ وارا، عورت کي شهپر جي وار جيتري اهميت به ڪو نه ٿا ڏين، پر اهي پنهنجي ان مردانگيءَ جي کوٽ کي به شهپرن ۾ لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن، جيڪا هڪ عورت ۽ زندگيءَ جي ضرورت هوندي آهي. ان موضوع تي ڀرپور طنزيه ڪهاڻي آهي.
چريو سماج اڳيان ٿي بيٺو“ هونئن ته، ماڻهو، ماڻهوءَ کان بڇان ڪري ٿو، پر جنسي وحشت جو جن جڏهن ماڻهوءَ تي سوار ٿئي ٿو، تڏهن ڪرڀ، بڇان، نفرت، حقارت ۽ انا جا سمورا برج ڊهي پٽ پئجي ٿا وڃن. ۽ جنسي خواهشن جي پورائيءَ لاءِ هو ان کي چمڻ ۽ چٽڻ ٿو لڳي، جنهن کان بڇان ڪندو آهي. اهڙي سوچ رکڻ وارن تي هيءَ ڪهاڻي ڀرپور چماٽ آهي.
سنڌ صورتحال“ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي سنڌي ماڻهن جي بي حسيءَ تي نشتر جهڙي چُڀن رکندڙ ڪهاڻي آهي.
مٿين ڪهاڻين کان سواءِ ”باهه برداشت ۾“، ”مان تنهنجو ڪتو آهيان“، ”بالغپڻي جي سرحد“، ”زماني جي کيسي ۾ کوٽو سڪو“ ۽ ”عزرائيل“ بيوس جون سٺيون ڪهاڻيون آهن.
”بيوس“ محرم مغيريءَ سميت نئين ٽهيءَ جي ڏات ڌڻين وٽ ڪهاڻي به آهي، ته ڪهاڻي پڻو به. وٽن ڪهاڻيءَ جو ادارڪ به آهي، ته ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ ۽ ساهس به آهي. ڪٿي ڪا کوٽ آهي، ته اها آهي سندس تخليقي پورهئي تي تنقيدي سرت سان ڇنڊڇاڻ جي. نقاد، تخليقڪارن لاءِ نوان گس ۽ نيون راهون کوليندا ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرائيندا آهن ۽ اڄ جي ڪهاڻيڪار جي اها به بدقسمتي چئبي جو کيس سٺا نقاد نه مليا آهن. جمال ابڙي کان نسيم کرل ۽ شوڪت حسين شوري کان طارق عالم تائين جي ڪهاڻيڪارن کي ابن حيات پنهور، رسول بخش پليجي، سليم خواجه، تاج بلوچ، بدر قريشي، عبدالرحمان نقاش ۽ فقير احمد لاشاري جهڙا نقاد نه ملن ها، ته انهن جي ڪهاڻين ۾ اها سگهه ۽ نکار نه اوتجي سگهي ها.
بيوس کي هڪ هنڌ ٽِڪ ٻڌي بيهي ناهي رهڻو، پر کيس اڃا گهڻو پنڌ جهاڳڻو آهي. گهڻو ڪجهه پڙهڻو، پرائڻو ۽ سکڻو آهي. ڪهاڻيءَ جي معراج کي ماڻڻ لاءِ کيس پنهنجي مطالعاتي ساهس، مشاهداتي سگهه ۽ پنهنجي فن کي وسيع ۽ پختو ڪرڻو پوندو. ان ڪري ته ڪهاڻيڪار پنهنجي ڏات، ڏانءُ، مشاهدي ۽ مطالعي ۾ جيترو برجستو هوندو، سندس تخليقون به اوتريون ئي سگهاريون هونديون. لفظن جي پنهنجي حرمت ۽ تقدس ٿئي ٿو. ان ڪري بيوس کي ٻوليءَ جي صحت، جملن جي بي ترتيبيءَ تي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ وڏي ڳالهه ته پنهنجي ڪهاڻين جا عنوان ڏيڻ ۾ سمجهه ۽ سچيتائي کان ڪم وٺڻو پوندو.
”بيوس“ جي ڪهاڻيءَ سان اٿاهه لڳاءُ، ڌرتيءَ سان ڪمٽنمٽ، روشن خيالي ۽ اڻ ورچائيءَ کي محسوس ڪندي، چئي سگهجي ٿو، ته هن جي اندر ۾ وڏو ڪهاڻيڪار موجود آهي. هو پنهنجي سوچ، فڪر، ڏات ۽ ڏانءُ سان سنڌي ڪهاڻيءَ جي آڪاس تي جرڪندڙ ستارو ٿي اُڀري.
 اها دعا دل مان اُٿي ٿي.

3 comments:

  1. توهان جو بلاگ سنڌي بلاگ ايگريگيٽر ۾ شامل ڪيو ويو آهي ٻيا بلاگ شامل ڪرڻ لاءِ اسان جي رهنمائي ڪريو
    http://sba.iacc.edu.pk/?page_id=323

    ReplyDelete
  2. http://larkanolakhlahey.blogspot.com/
    http://sindhitravelogues.blogspot.com/
    http://sindhfolkwisdom.blogspot.com/
    http://sindhiproverbs.blogspot.com/

    ReplyDelete