29/01/2013

هڪ وڏي ليکڪ کي ڀيٽا ”منٽوءَ جا 100 سال“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


نوجوان ليکڪ بشير منگيءَ جي هڪ وڏي ليکڪ کي ڀيٽا
”منٽوءَ جا 100 سال“
رکيل مورائي
سعادت حسن منٽو ۽ ڪرشن چندر کي اردو ڪهاڻيءَ ۾ هڪ خاص درجو حاصل آهي، جيتوڻيڪ ٻنهي جون ادب بابت ويچار ڌارائون بنھه الڳ رهيون پر گڏ هلنديون رهيون ريل جي پٽڙين جيئن. اردو ادب جي سمورن ادارن گڏجي ايڪهين صديءَ جي ٻارهين سال کي منٽو ءَ جو سال ڪري ملهايو، ڇاڪاڻ ته منٽوءَ ۱۹۱۲ع ۾ جنم ورتو، ان لحاظ کان ۲۰۱۲ع سندس سؤ سالا جنم سال ڪري ملهايو ويو جيڪا نهايت سـٺي روايت آهي. ممڪن آهي ته ۲۰۱۳ع ڪرشن چندر جو سال ڪري ملهايو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪرشن چندر منٽوءَ کان هڪ سال ننڍو هئو ۽ ۱۹۱۳ع ۾ ڄائو هئو. ڪرشن چندر ترقي پسنديءَ کان پوءِ رومانوي نظرئي ڏانهن مائل ٿيو ۽  منٽو ترقي پسنديءَ کان پوءِ سماجي حقيقت نگاريءَ ڏانهن مائل ٿيو ۽ هن اهڙي حقيقت نگاري پنهنجي ڪهاڻين ذريعي ڪئي، جنهن ننڍي کنڊ جي اردو ادب جا وڻ وڄائي ڇڏيا. منٽوءَ پنهنجي لکڻين ذريعي سماجي براين کي ڪمال آرٽ سان ننگو ڪري وچ چوڪ تي آڻي بيهاريو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو کيس فحاشي ڦلائيندڙ  جي لقب سان نه فقط نوازيو ويو پر قانون جي ڪٽهڙي ۾ پڻ کيس بيهاريو ويو. خير!
هن سال جي ئي نسبت سان الڳ الڳ ادارن منٽوءَ تي پروگرام رکيا. ڪيئي ڪتاب الڳ الڳ ادارن الڳ الڳ ٻولين ۾ شايع ڪيا. ائين کيس سنڌي ٻوليءَ ۾ به ياد ڪيو ويو، جو سندس 12 ننڍيون ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ترجمو ڪري هڪ ڪتابي صورت ۾ آنديون ويون ۽ ڪتاب جو نالو رکيو ويو ”منٽو جا سؤ سال“. هيءُ ڪتاب اسان جي دوست بشير منگيءَ ترجمو ڪيو ۽ ائين هڪ ليکڪ جي ٻئي ليکڪ کي ڀيٽا طور هيءُ سنڌي آيل ڪتاب شايد منٽوءَ جي گڏيل ترجمن جو سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب[i] هجي، جنهن لاءِ بشير منگي پڪ سان اسان دوستن ۽ سنڌي پڙهندڙن جو پيار لهڻي. 12 چونڊ ڪهاڻين جو هي ڪتاب 160 صفحن تي آهي ۽ پڪي جلد سان هن ڪتاب جو ملھه 300 رپيا رکيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب ٽي اينڊ ٽي پبلشرز بئنڪ ڪالوني سمن آباد لاهور مان ڇپيو آهي.


[i]  منٽو جي ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ”پنج ڏينهن“ جي نالي سان نوجوان ليکڪ رضوان گل جو به 2007ع ۾ ڇپيل آهي. جڏهن ته ان کان گھڻو اڳ شايد هڪ ڪتاب ”گلن جي ٽوڪري“ به ڪنهن سنڌيڪار پاران ڇپيل آهي، جنهن جو نالو ذهن تي نه ٿو چڙهي. - مرتب

1 comment:

  1. منٽو جو سنڌيءَ ۾ هڪ ڪتاب ”هينئڙو لوڻ پروڻ“ جي نالي سان به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي..
    رياضت اوهانجي مهرباني جو منهنجي ڪتاب جو ذڪر به ڪري ڇڏيوَ.

    ReplyDelete