18/01/2013

عظيم سائنسدانن جا خاڪا - حميد سبزوئي



عظيم سائنسدانن جا خاڪا
حميد سبزوئي
اهي عظيم سائنسدان جن انسان ذات جي زندگي ۾ روشنين جا هزارين ڏيئا ٻاري ڇڏيا ۽ ڄاڻ سميت سهولتن ۽ خوشين جا مٽ ڀري ڏنا ۽ فطرت کي زير بار ڪري هن ڌرتي کي رهڻ لائق خيالي جنت جهڙو بڻائي ڇڏيو- اهي دماغ، هٿ ۽ ڪم يقينن تحسين لائق آهن. نوجوان اديب ۽ مترجم، گرو ولسن جو مشهور ڪتاب عظيم سائنسدان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هڪ ڳڻپ جوڳو ۽ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي. هن ڪتاب کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته هن ڪتاب کي سنڌي ۾ ٻه سنڌيڪار مليا آهن ۽ ٻئي ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ان مان هن ڪتاب جي اهميت به پڌري ٿئي ٿي.

گرو ولسن جو هي ڪتاب پنهنجي سلاست ۽ لکڻ جي خوبصورت ڏانءَ سبب به بي حد مشهور ۽ مقبول آهي، جنهن ۾ هن سائنس جا يونان کان وٺي پيرا کنيا آهن ۽ سڀني معتبر ۽ ڳڻپ ۾ ايندڙ سائنسدانن جي حياتي جا احوال سندن ڪيل ايجاد ۽ نتيجي سميت پڌرا ڪيا آهن. ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته هن ٻن پيرن تي بيٺل انسان کي سائنس باهه جي ايجاد کان موبائل تائين وٺي آئي آهي، ۽ ايئن کيس هن ڌرتي، خلائن جو ڌڻي ۽ زنده مخلوق جو ڌنار بڻائي ڇڏيوآهي. هندستان جي تڪراري پر معتبر دانشور گرو رجنيش ڇا ته ٺيڪ چيو آهي ته ”مذهب ته ڪيترائي آهن پر سائنس صرف هڪڙي آهي.“
ڪتاب جي شروعات ۾ سنڌيڪار لکيو آهي ته ”گرو ولسن مختصر انداز ۾ لکيو آهي ته يورپ جي ترقي ۾ مسلمانن جو ڪو به ڪردار ناهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.“ منهنجو خيال آهي ته ان ڳالهه سان اختلاف جي گنجائش نڪري سگهي ٿي ته مسلمانن سائنس ۾ جيڪا ٿوري ٿڪي عباسين جي دور ۾ اڳڀرائي ڪئي هئي، اها به يوناني علم جي ذخيرن جي عربيءَ ۾ ترجمي سبب ممڪن ٿي هئي، پر خود مسلمان حڪمرانن توڙي مذهبي عالمن سائنس جي خلاف ظلم ۽ بدتميزي جا طوفان  کڙا ڪيا. ان جو ذڪر هودٻائي جي ڪتاب ”اسلام ۽ سائنس“ ۾ پڙهي سگهجي ٿو، جنهن کي اسلامي دنيا ۾ پنهنجي گهربل ڄمار کان اڳ ڄاول سائنس جي ٻارڙي کي جياپو ڏيڻ جا سڀ گس بند ڪيا ويا هئا. ڪهڙي مسلمان سائنسدان کي ڪو وقار مليو هو جا سائنس جي دنيا ۾ مسلمانن جا ڪارناما ڳڻپ ۾ اچن ها. ان ڪري انسان ذات کي زندگي ۾ صحت، سهولت، آرام ۽ آسيس جا جيڪي رستا نڪتا انهن جو مرڪز اوڀر کي ئي سمجهڻ گهرجي. باقي رهي جنگي هٿيارن ۾ اڳڀرائي ان ۾ جنهن به قوم يا ملڪ برتري حاصل ڪئي، ان دنيا ۾ پنهنجي فتح جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا. ايرانين، يونانين، رومين، عربن ۽ انگريزن جو ذڪر پنهنجي پنهنجي سگهه ۽ اٽڪل سميت اچي ٿو.
اهو طويل بحث آهي جيڪو وري ڪنهن ٻئي ڀيري. اچون ٿا هن ڪتاب تي، ته هن ڪتاب ۾ طاليس، فيثاغورس، سقراط، ارسطو، بطيلموس، راجربيڪن، ڪوپرنيڪس، وليم هاروي، جان ڪيپلر، گليلو گليلو، نيوٽن ۽ آئن اسٽائن سميت ستاويهه سائنسدانن جي زندگي ۽ ڪارنامن جا احوال بيحد دلچسپ انداز ۾ ڏنل آهن. راجر بيڪن کي يورپ جي اونداهي دور کان پوءِ اڀرندڙ صبح سان تعبير ڏني ويندي آهي، جنهن پنهنجي زندگي جا 24 سال جيل ۾ گهاريا. هن پنهنجي حياتي جي آخر ۾ ڪنهن پيغامبر وانگر دانهن ڪري چيو هو ته ”آئون جن ماڻهن سان واسطي ۾ هئس انهن جي جهالت سبب گهڻو ڪجهه نه ڪري سگهيس.“ ۽ پوءِ ان درد کي موت جي بستري تي انهن اکرن سان اچاريائين ته ”مون کي هاڻي پاڻ تي افسوس ٿو ٿئي ته مون سائنس جي محبت ۾ پاڻ کي ايتري تڪليف ڇو ڏني؟“
ايئن سڄو ڪتاب ڄاڻ سان ڀرپور ۽ دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي. اهي سمورا سوانحي خاڪا ايڏا ته شاندار آهن جو وري وري پڙهڻ لاءِ دل ٿي چوي. 

No comments:

Post a Comment