29/01/2013

ڪتاب ”خلافت تحريڪ ۽ جي ايم سيد“ - رکيل مورائي


آزاد قاضيءَ جو مرتب ڪيل ڪتاب
”خلافت تحريڪ ۽ جي ايم سيد“
رکيل مورائي
هيءُ هڪ اهم دستاويزي ڪتاب آهي، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جون تقريرون آهن ۽ اهي ليک آهن، جيڪي هن ان وقت ڪيا هئا، جڏهن سندس عمر ويهن سالن کان به گهٽ هئي، جن مان نه فقط سيد صاحب جي ذهني اوسر جي خبر پوي ٿي پر ننڍي کنڊ جي سياسي وايومنڊل ۽ ان ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي به سُڌ پوي ٿي، ته ساڳئي وقت ان وقت جي سياست ۾ سيد صاحب جي ادا ڪيل ڪردار جي به خبر پوي ٿي، ته سندس سنڌ دوستيءَ جو به پتو پوي ٿو.

هيءُ ڪتاب سندس پهريُن لکڻين جو چئي سگهجي ٿو. هي مضمون سيد صاحب تڏهن لکيا جڏهن هن ڦوهه جوانيءَ ۾ سياست جي شروعات ڪئي ۽ خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيو. اڄ ساڻس اسهمتي رکندڙ ۽ سندس سياست سان اختلاف رکندڙ هيءُ ڪتاب پڙهي سندس سنڌ سان ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ ظاهر ڪيل ويچار سمجهي سگهندا ۽ اهو به ڄاڻي سگهندا ته ذري گهٽ هڪ صدي اڳ سيد صاحب ڇا سوچيندو هو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين هو سنڌ ۽ سنڌين جي خوشحاليءَ لاءِ هو ڇا سوچيندو رهيو.
هي ناياب مضمون سنڌي پڙهندڙن جي نظرن کان گهڻو وقت اوجهل رهيا ۽ هاڻ اهي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري آزاد قاضي صاحب سنڌ جي سياسي ڪارڪنن تي سياسي تاريخ پڙهندڙن تي جيڪو وڙ ڪيو آهي، اهو نه وسارڻ جهڙو آهي. آزاد قاضيءَ صاحب پنهنجي عالماڻي مهاڳ ۾ نه رڳو ڪتاب تي روشني وڌي آهي، پر مضمونن جي ايترو وقت نه ڇپجي سگهڻ بابت به ٻڌايو آهي.
هيءُ ڪتاب سياسي تاريخ پڙهندڙن لاءِ نهايت ڪارائتو ڪتاب آهي، جيڪو نه رڳو حال ۾ پر مستقبل ۾ پڻ رهبري ڪندو. مضمونن جي آخر ۾ ڪن ضروري دستاويزن جون فوٽو ڪاپيون اصل صورت ۾ ڏنل آهن، جنهن ڪتاب کي وڌيڪ تاريخي اهميت بخشي آهي. 128 صفحن تي مشتمل هن پڪي جلد واري ڪتاب جو ملهه 200 رپيا آهي. ڪتاب جي ايم سيد فائونڊيشن ڪراچي ۽ موسيٰ پبليڪيشن ڄامشوري جي سهڪار سان ڇپيو آهي.

No comments:

Post a Comment