13/01/2013

تحليل النفسي/ نفسياتي ڇيد تنقيدنگاري - مبارڪ علي لاشاري



تحليل النفسي/ نفسياتي ڇيد تنقيدنگاري
Psychoanalytic Criticism
مبارڪ علي لاشاري
علم، ادب، سائنس و سماجيات ۾ ٻيا ڪئين نظريا، خيال، تجزيا، اڀياس ۽ طريقا وجود ۾ آيا ۽ انهن علمن تي لاڳو ٿي مختلف نتيجا به اخذ ڪيا پر ڪنهن به اڀياس، تجزيي يا نظريي انسان جي اندر جهاتي پائي، لڪل رازن، ڳجهن، قوتن کي ايترو نه پروڙيو جيترو تحليل النفسيءَ ڪيو. دنيا جي مختلف علمي پاسن انسان، ليکڪ يا فنڪار جي روين، روشن، تخليقن يا رد عمل کي خارجي عينڪ سان ڏٺو ۽ خارجي حالتن پٽاندڙ ئي انهن جي تشريح ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ خارجيت جون شاخون ته نڄاڻ ڪهڙن علمن کان ڦٽي ڪٿي پهتيون، پر انسان، ليکڪ يا فنڪار اندر جي دٻاءُ جو هميشه شڪار رهيو ۽ دٻيل حسرتن، خواهشن، مرضن، قوتن يا اوڻاين سان سموري زندگي ۽ مرڻ پڄاڻان مٽي ۾ دٻيل رهيو.

عام طور تي ڪنهن به فعل جا ٻه پهلو هوندا آهن: هڪ ٻاهريون يعني خارجي پهلو، جيڪو انسان جي آسپاس موجود ماحول، ماڻهن، ثقافت ۽ زمان و مڪان جي اثر هيٺ اچي عمل ۾ ايندو آهي، ٻيو سندس داخلي پهلو يعني انسان جون جبلتي شيون/گهرجون، قوتون يا ڪمزوريون، جيڪي ٻاهر واهندڙ ۽ واپرجندڙ شين سان لاتعلق رهي ٿينديون يا ڪيون وينديون آهن. انهن شين ۾ بظاهر ته انسان جي پنهنجي مرضي، ضد، حوس يا خواهش جو عمل دخل نظر ايندو آهي پر هن نظريي مطابق ان جي پٺيان وڏيون ڳجهيون ۽ طاقتور قوتون ڪارفرما هونديون آهن جيڪي نظر نه ايندڙ تجريدي Abstract سطح جون هونديون آهن. اهي قوتون ڪنهن ۾ گهٽ يا وڌ ٿي سگهن ٿيون پر اهي انسان جي وجود جون اڻٽر حصو هونديون آهن، جنهن کان جيترو انڪار ڪبو اوترو پنهنجي پاڻ کي ڌوڪو ڏيڻ برابر هوندو آهي. انهي نقطهء نظر سان ڪو انسان ڏوهه ۽ ثواب جو مرتب جو اڪيلو ذميوار نه پر داخلي يا خارجي حالتن جي دٻاءُ جي ڪري Victim هوندو آهي ۽ سموريون حالتون انهي سڀني شين جون برابر ذميوار هونديون آهن.
انهي ساڳي پسمنظر ۾ اديب، شاعر يا فنڪار به انهي جو حصو آهي. ڇوته هو سڀ کان پهرين انسان پوءِ اديب، فنڪار يا شاعر آهي. جيئن انسان جا فعل، ڪردار، رويا اندرين ۽ ٻاهرين قوتن جو نتيجو آهن. ساڳئي نموني اديب، فنڪار يا شاعر جي تخليق به سندس داخلي يا خارجي قوتن جو اولڙو هوندي آهي، ڇوته فن جي سائنسي طرح تخليق جي آفاقي يا الهامي حيثيت واري دعويٰ بحث طلب ۽ سواليه آهي جڏهن ته تنقيد، تجزيه ۽ تبصرا غير الهامي ۽ سماجي شين تي لاڳو ٿيندا آهن جيڪي بنا شڪ جي سماج سان جڙيل آهن نڪي مافوق الفطرت شين جي لاءِ.
تحليل النفسي يا نفسياتي ڇيد اگرچه هڪ ذهني علاج جو طريقهء ڪار آهي جيڪو نفسياتي مريضن جي ذهني بي ترتيبي جي علاج طور استعمال ٿيندو رهيو، جنهن کي The Concise Oxford Dictionary هيئن بيان ڪري ٿي ته:
Psychoanalysis itself is a form of therapy which aims to cure mental disorders ‘by investigating the interaction of conscious and unconscious elements in the mind’.
(تحليل النفسي خود هڪ علاج جو طريقو آهي جنهن جو مقصد ’ذهن ۾ موجود شعور ۽ لاشعور جي گڏيل عمل دخل جي تجزيي تحت‘ دماغي بيماري جو علاج ڪرڻ آهي.)
پر اهو ساڳيو روڳ يا مظهر هر انسان سان ڳنڍيل آهي جن ۾ ليکڪ، اديب يا شاعر به اچي وڃن ٿا، تنهڪري ادب يا فن جو تجزيو به انهي پس منظر ۾ تز طرح ڪيو ويندو آهي.
هن نظريي تحت انسان جي سموري زندگي جون ڪارروايون ۽ ڪم جيڪو هو شعوري ۽ غير شعوري انجام ڏي ٿو، انهن پٺيان انسان جي داخليت جو وڏو عمل دخل آهي ۽ انسان جي اها داخليت شعور Conscious ، تحت الشعور Subconscious، لاشعور Unconscious تي ٻڌل آهي. هيٺين شڪل ۾ ڏسي سگهجي ٿو جيڪو عام طور تي هڪ خاڪو آهي جنهن مطابق سڀ کان گهري/هيٺين سطح تي لاشعور آهي جنهن ۾ انسان جا پنهنجا اونها تصور، خيال ۽ انسان جي خودي يا جبلتي قوتن جو ديرو هوندو آهي ۽ انهي سطح جون قوتون انسان جي ٻين سطحن تي اثر انداز ٿي. هيٺين خاڪي ۾ هڪ ٽرم جيڪو شعور ۽ تحت الشعور جي وچ ۾ اچي ٿو سو اسان جي اڻڄاڻائي ۾ موجود جذبن، خيالن ۽ ڄاڻ جو خانو آهي ڇوته شيون لاشعور کان ايندي آخري ڏاڪي طور Pre-Conscious جو اسٽيج فائنلي ڪراس ڪن ٿيون. فرائيڊ جي نظريي تحت پري ڪانشس اسٽيج لاشعور وانگر آهي پر اتي خيال ۽ سوچون لاشعور وانگر دٻيل ناهن پر مجهولي Passive حالت ۾ آهن جنهن کي ڪنهن به وقت ضرورت تحت ياد ڪري سگهجي ٿو اگرچه اهي شعور وانگر متحرڪ ناهن. ڪٿي ڪٿي هو sub conscious سان گڏ هڪ سمجهيو ويندو آهي پر ڪٿي الڳ. باقي مخروطي شڪل جي ٻاهرين ڪنارن تي لکيل ٽرانسپرسنل آهن جيڪي ڪنهن شخص جي ذات کان وڌي ٻين شخصن جي عمل دخل جو گهرجائو ۽ مظهر طور آهن.
تحليل النفسي/نفسياتي ڇيد جو علم ۽ ان جي تشريح ته وڏي عرصي کان ٿيندي پئي آئي آهي، ڇوته جڏهن کان انسان جو پالو عقل ۽ فهم سان پيو آهي تڏهن کان مختلف دورن جي ماڻهن مختلف طرح سان شعور، لاشعور ۽ خوابن جي تشريح ڪندا پئي آيا آهن. پر جديد طرح سان شعور جي تشريح امريڪي فلسفي، طبيب ۽ روشن خيالي جي فلسفي جو پرچارڪ جان لاڪ John Locke پنهنجي مضمون  Essay Concerning Human Understanding ۾ تفصيلي طرح ڪئي. جنهن کي اڳتي هلي انگريزي ٻولي جي سڀ کان پهرين مايه ناز لغت/ڊڪشنري ۾ سيموئل جانسن Samuel Johnson 1755 ۾ شامل ڪيو. پر شعور جو بحث 1500 صدي ۾ ئي انگريزي ٻولي ۽ ادب ۾ شروع ٿي چڪو هو. پر افسوس ته ان موضوع تحت سنڌي ادب يا ٻولي ۾ ڪو جامع مواد موجود ناهي، نه ئي ان علمي نظريي يا سوچ تحت ڪنهن ادب پاري جي تشريح ٿيل آهي.
هن سوچ ۽ فلسفي تحت تشريح ۽ شين تي ان جو اطلاق پوري دنيا ۾ ڪيترن ئي سوچيندڙن ۽ ليکڪن توڻي حڪيمن ڪيو هوندو جيڪي ايڏي مٿاهين سطح تي نه آيا هوندا جيترو ڪم آسٽريا ڄائي نفسياتدان ۽ فلسفي Sigmund Freud سگمنڊ فرائيڊ (1856_1939) ڪيو آهي. سگمنڊ فرائيڊ جو ڪمال اهو ناهي ته هن شعور۽ لاشعور کي دريافت ڪيو آهي پر سندس ڪمال هي آهي ته هن لاشعور جي اونهائين ۾ اهي شيون دريافت ڪيون جيڪي انساني ڪردار ۽ عمل تي حاوي ٿي ٿيون. هن ثابت ڪيو ته لاشعور جي دٻيل قوتن سبب انسان پنهنجي اصل جوهر کي اجاري نه سگهيو آهي، هو تخليقي بلندين تائين نه پهتو آهي ۽ انسان پنهنجي دٻيل جبلتن جي غلامي مان آزاد ٿي ڪڏهن اڳتي جو سوچيو ناهي. توڻي جو پوين ايندڙ نفسياتدانن، فلسفين ۽ نقادن سندن طريقهء ڪار جي اصولن تي اختلاف به ڪيا پر فرائيڊ جو اثر سموري ثقافتي ترقي تي رهيو، جنهن جي ڇانءُ ۾ علم و ادب جون سموريون شاخون اچي ٿي ويون. جيستائين يورپ سندن خيالن کي اپنائي جنسي ۽ جبلتي غلامي مان آزاد نه ٿيو تيستائين اهي پنهنجي اندر جي خلشن ۽ پيچيدگين جا غلام رهيا جهڙي طرح اڄ اسان جو ماڻهو، اديب، فنڪار ۽ ليکڪ انهن دٻيل شين جي غلامي تحت انهن قوتن کي نه مڃيندي به انهن شين جو غلام آهي.
فرائيڊ جو سڀ کان اهم اصطلاح سندس ”دٻيل“ Repression/Repressed Instinct آهي جيڪو مختلف خواهشن يا جذبن کي وسارڻ يا نظر انداز ڪرڻ کي چيو ويندو آهي. اصل ڳالهه سندن چوڻ موجب انهي دٻاءُ کي درست واٽ تي وٺي وڃڻ آهي، جنهن مان ڪا اعليٰ شي جي حاصلات ممڪن بڻائجي.
انهن شين کي سمجهڻ لاءِ فرائيڊ جي شعور، تحت الشعور ۽ لاشعور کي ڄاڻڻ ضروري آهي.
1.                  شعور Consciousness: شعور دماغ جي هلندڙ وهڪري وانگر آهي جيڪو سدائين متحرڪ ۽ حاضر آهي. شعور کي اسان ڪم ڪندڙ/متحرڪ ياداشت Working Memory به سڏيندا آهيون ۽ شعور هر وقت انسان جي رسائين ۾ هجي ٿو. سو ڪنهن به وقت انسان ان جي استعمال ڪري سگهي ٿو.
2.                  تحت الشعور Subconscious/Preconscious: تحت الشعور ذهن ۾ موجود اهو تهه خانو آهي جنهن بابت توهان بي خبر آهيو ۽ اوهان متحرڪ طرح سان ان جي استعمال يا موجودگي کان لاعلم آهيو پر حقيقت ۾ اها شيءِ موجود آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ڪم به ڪري ٿي. انهي خاني ۾ خيال، يادون، احساس، جذبا وغيره موجود آهن جيڪي ضرورت تحت استعمال هيٺ آڻي سگهجن ٿيون.
3.                  لاشعور Unconscious: هي بلڪل ئي غيرشعوريت يا لاشعوريت ۾ رهي ٿو. هي اها جاءِ آهي جيڪا فرائيڊ موجب دٻيل آهي. هتي جبلتي شيون شعوري ڄاڻ کان پري رکيل آهن جيڪي بلڪل به انساني شعوري رسائي ۾ ناهن. هن هنڌ تي موجود شيون انساني شخصيت کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪن ٿيون جيڪي جيتوڻيڪ ظاهري عمل ۾ شمار نه ٿا ٿين پر ڳجهي طرح انسان جي شخصيت هن هنڌ تي موجود قوتن جي غلامي ۾ رهي ٿي.
ادبي طرح به شعور ۾ موجود شيون انسان جي عقلي سطح جون دليل آهن جيڪي انسان خارجي حقيقت جي پس منظر ۾ لکي ٿو. جڏهن ته تحت الشعور تحت ڪو به انسان پنهنجي جذبن کي جبلتي ۽ خارجي ضرورتن پٽاندڙ بيان ڪري ٿو جڏهن ته لاشعور تحت انسان پنهنجي لڪل يا ڳجهين قوتن جي اپٽار تحت ادب پارو سرجي ٿو، جنهن ۾ اظهار بيان واضح طور نه هوندو آهي پر ان جي پٺيان انسان جي شخصيت جي خامين ۽ پيچيدگين جو عمل دخل هوندو آهي ۽ انهي جو اثر انسان جي خارجي عملن تي به ڏاڍو پوي ٿو.
سگمنڊ فرائيڊ مٿين شعوري سطحن کي ڪردار يا تخليق جي پيش نظر وڌيڪ ٻن/ٽن سطحن تي بيان ڪيو آهي جيڪي هيٺين خاڪي ۾ ڏسي سگهجن ٿا، جنهن تحت انسان جي شخصيت انا Ego، ضمير Super Ego، ۽ جبلت Id آهن، جنهن کي هيئن ڀيٽي سگهجي ٿو:
CONSCIOUS
شعور

EGO equals to
CONSCIENCE
ضمير
SUPER EGO

UNCONSCIOUS
لاشور
ID


فرائيڊ تحت شعور جون اهي سطحون انسان جي شخصيت جي اندر سدائين تضادن جو شڪار آهن. ڇوته هر ڪنهن سطح جون گهرجون ۽ قوتون پنهنجون آهن، جنهن جي بنياد تي انسان جون شخصي توڻي تخليقي قوتون انهن جي جي اثرن تحت هجن ٿيون. انهن ۾ سڀ کان هيٺاهين سطح اڊ ID جي آهي جيڪو صرف پنهنجي لست يا جبلتي پورائو جو گهرجائو آهي ۽ هو ڪنهن به سطح تي مفاهمت يا اخلاقي قدرن جي پرواهه نه ڪندو آهي. انسان جي شخصيت جون سموريون قوتون ۽ توانائيون اتي لڪل آهن. فرائيڊ جي نظريي تحت اعليٰ انسان جي شعوري قوت جو نتيجو نه، پر لاشعور ۾ لڪل بي پناه قوتن جو نتيجو آهي جنهن بي پناهه قوت هيٺ هڪڙو اديب انتهائي اعليٰ ادب يا فن پارو تخليق ڪري ٿو يا عام زندگي ۾ غير معمولي عملن جو مظاهرو ڪري ٿو. سو جنهن انسان جي شخصيت ۾ طاقتور اڊ اوترو فن جي اعليٰ تخليق يا عمل جو مظاهرو. پر سندن شرط آهي ته توانائين جو رخ انهي طرف مرڪوز هجي. ان اعليٰ تخليق يا عمل کي فرائيڊ  SUBLIMATION سڏي ٿو. هي ID جسماني ساخت ۾ انسان جي پيٽ ۽ نهائين کان هيٺاهين حصي کي سڏيو ويندو آهي. هن اصول تحت سرجندڙ ادب يا فن ڪنهن به ٻاهرين يا خارجي پابندين کي نظر انداز ڪيل لڳندو آهي.
انهي جبلت Id يا لستي اصول Pleasure Principle جو ضميرُ Super Ego سان سدائين جنگ رهي ٿو، ڇوته هن ليول تي انسان اخلاقي ۽ نظرياتي شين جو انتها حد تائين خيال رکي ٿو ۽ انهن جي پاسداري تي ڪڏهن به سمجهوتو نٿو ڪري. هي انسان جي ڇاتي کان مٿي نڪ ۽ دماغ جي حصي کي چيو ويندو آهي  انسان جي هي سطح عمر جي 5 سالن کان وڌڻ ويجهڻ شروع ٿيندي آهي. جيڪو شروعاتي طور سماج ۽ معاشري جي اصولن جي پاسداري ۽ خوف سان شروع ٿي پوءِ شخصيت جو حصو بنجي وڃي ٿو. هن سطح جي اثر هيٺ سرجيل ادب ۽ فن اڪثر سماج جي فلاح و بهبود تي مرڪوز هجي ٿو.
جڏهن ته شعور Ego جبلتي ۽ ضمير جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ مفاهمتي عمل سرانجام ڏيندو آهي. ايگو انسان جي سجاڳي يا شعور جي هر سطح تي موجود هوندو آهي. هي حصو انسان جي عملن يا فن جي حقيقت پرستي جو امين سڏيو ويندو آهي. تخليقي طرح هي سطح انساني شخصيت جي داخليت ۽ خارجيت ٻنهي کي گڏي کڻي هلندو آهي.
فرائيڊ جو نظريو تقريبن جنس Sex  جي قوتن کي واضح ڪرڻ آهي، ڇوته سندن چوڻ موجب ڌيءُ جو پيءُ ڏانهن متوجه ٿيڻ يا کيس پسند ڪرڻ ۽ پٽ جو ماءُ کي پيارو گهرڻ اصل ۾ Electra ۽ Oedipus complex جو نتيجو آهن. ايڊيپس ڪمپليڪس تحت ماءُ جو توجهه پٽ يعني مخالف جنس ڏانهن جنسي پورائو ڪرڻ جو نتيجو آهي جيڪو بيشڪ جسماني سطح تي بظاهر نه هجي ۽ ڌيءُ پاران پيءَ کي پسند ڪرڻ يا پيءَ جو پٽ جي نسبت ڌيءُ ڏانهن رويو Electra Complex جنسي قوتن جي مظهر آهي. پٽ ۽ ڌيءُ طرفان والدين جي قربت حاصل ڪرڻ جو مقابلو ۽ حسد (منفي يا مثبت) پڻ انهي ڪمپليڪس يا پيچيدگين جو نتيجو آهي. ساڳي طرح سان ادبي تخليقڪارن طرفان ادبي طرح هڪٻئي سان سٺي مان سٺي شيءِ تخليق ڪري صف اول ۾ بيهڻ وارو مقابلو به انهي پس منظر جو حصو آهي.
اهي فرائيڊ جي اصطلاح موجب Libido جي اصول تحت ڪم ڪن ٿا ۽ لبيڊو جون وڌيڪ سطحون آهن. پر لبيڊو خود ڪنهن انفرادي شخص جي عام قوتن Eros ۽ Thanatos جو حصو آهي. ايروز يوناني لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي ”پيار، محبت“ ۽ ٿينيٽوز به يوناني ٻولي جو لفظ آهي جنهن جو مطلب ”موت“ آهي. فرائيڊ تحت انسان محبت ۽ موت جي وچ واري جبلت ۾ گهمي ٿو. فرائيڊ انهي تشريح کي ڪيترن ئي اصطلاحن تي محيط ڪري ٿو جنهن کي هن مضمون ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ناهي ۽ ضروري ناهي ته سڀ نفسياتدان، فلسفي، طبيب يا نقاد متفق هجن پر فرائيڊ چواڻي ادب يا فن جي تخليق جو عمل به انهن قوتن جي اثرن کان بالاتر ناهي نه ئي ٿي سگهي ٿو. فرائيڊ انهن شين کي خوابن جي تعبير سان به جوڙي ٿو. سندس ڪتاب The Interpretation of Dreams خوابن جي تشريح“ پڙهڻ وٽان آهي، جنهن ۾ تحليل النفسي، شعور ۽ خوابن جي پٺيان ٿيبدڙ مظهرن کي چڱي طرح بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو پيچيده هوندي به دلچسپ آهي.
تنهنڪري ادبي، فني يا تخليقي سطح تي ڪنهن به تخليق جي تشريح ڪندي فرائيڊ جي تحليل النفسي سڀ کان پهرين ذهن جي لاشعور ۽ شعور ۾ تفاوت ڪري ٿي ۽ انهي ادبي تخليق ۾ باطني ۽ ظاهري متن جو تعلق جوڙي ٿي. جنهن تحت لاشعور باطني ۽ شعور ظاهري اظهار جو نتيجو آهن. ۽ انهن مان وڌيڪ توجهه باطني اظهار تي ڪجي ٿو ڇوته اهو انتهائي طاقتور قوت جو اظهار آهي ۽ تجزيو ڪجي ٿو ته تخليق حقيقت ۾ ڪهڙي لڪل شيءِ تي مبني آهي.
ان کان بعد هي تشريح ادب جي متن ۾ موجود لاشعور ي قوتن، احساسن جو تجزيو ڪجي ٿو. اهو تجزيو بيشڪ ليکڪ جي حوالي سان ڪجي يا تخليق جي ڪردار جو ڪجي، جيڪو ڪردار پڻ ڪنهن نه سطح تي تخليقڪار جو عڪس هوندو آهي.
تنهن پڄاڻان اهو تجزيو ادبي لکڻي ۾ موجود جنسي طرح Libido جي سطحن جي موجودگي کي جاچيو وڃي ٿو ته ان لکڻي يا ادب پاري ۾ لبيڊو جي مرحلن، ڏاڪن جهڙوڪ Oral, Anal, Phallic جي تشريح ڪري ليکڪ جي پيچيدگين کي اجاگر ڪيو ويندو آهي.
ليکڪن ۽ اديبن جي حوالي سان پنهنجن تخليقن يا تخليقي قوتن کي ڪن ٻين ليکڪن يا فنڪارن سان ڳنڍي پنهنجي حيثيت مڃائڻ يا پنهنجي حيثيت کي مٿاهين ڀانئڻ وارو ڪمپليڪس يا پيچيدگي به آڊيپس ۽ اليڪٽرا ڪمپليڪس جو نتيجو آهي. جيئن شيخ اياز توڻي ٻيا سنڌ جا شاعر پنهنجي تخليق يا تخليقي قوتن کي دنيا جي وڏن ليکڪن، اديبن يا مفڪرن سان ڀيٽيندي، مٿاهون ڄاڻائيندي پيچيدگين جو اظهار ڪندا آهن/هئا.
۽ تحليل النفسي نقاد يا تشريح ڪندڙ ليکڪ ڪنهن ادب پاري ۾ نفسياتي/نفسي پس و پيش جاچيندو آهي ۽ ان ۾ سماجي پس و پيش کي نظر ڪندو آهي. سندس ترجيح ۾ داخلي ڊرامو اهم هوندو آهي بنسبت سماجي يا معاشرتي ڪاروهنوار جي. هن ۾ والدين واري قربت جو مقابلي واري ڊوڙ يا سندس اردگرد موجود للڪاريندڙ قوتن کي منهن ڏيندڙ علامتون اهم هونديون آهن جيڪي بيشڪ انفرادي يا سماجي طور تي هجن.
سگمنڊ فرائيڊ کان پوءِ هڪ اهم ترين نفسياني سائنس جو ماهر گرمن ڄائو ڪارل زونگ آهي. هو تجزياتي نفسيات Analytical Psychoanalysis جو بنياد وجهندڙ آهي. هن جو ۽ فرائيڊ جو هڪٻئي تي تمام گهرو آهي اثر آهي. هو پهرين گڏجاڻي ۾ مسلسل 15 ڪلاڪن تي انهي موضوع تي ڳالهائي هڪٻئي کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو. پر اڳتي هلي زونگ فرائيڊ سان اختلافن جي نتيجي ۾ International Psychological Association کان استعيفيٰ ڏني ڇوته انهي جاءِ تي زونگ فرائيڊ جي ڪري پهتو هو. زونگ ڪيترن ئي حوالن سان فرائيڊ سان اختلاف رکندڙ هو جهڙوڪ لاشعور جو مسئلو آهي جيڪو زونگ مطابق فرائيڊ جي نظريي مطابق هميشه منفي ناهي. زونگ چواڻي فرائيڊ کي لاشعور جي ته خاني ۾ صرف جنسي قوتون يا منفي شيون ڇو نظر اينديون آهن وغيره تي اختلاف رکندڙ هو پر هو ڪڏهن به هڪ ٻئي جي اهميت کان انڪار نه ڪندا هئا.
سگمنڊ فرائيڊ جو هڪ ٻيو اهم دوست، شاگرد ۽ نفسياتدان فرانس ڄائو زاڪ لڪان Jacques Lacan (1901-1981) پڻ انهي تحليل النفسي کي اڳتي وڌايو پر هو ڪيترين ئي ڳالهين ۾ فرائيڊ سان اختلاف رکندڙ هو. سندس اختلاف بنيادي طرح ٻن ڳالهين تي هو. هڪ ته فرائيڊ جو سمور زور جنس Sex تي هو، جڏهن ته لڪان جو مرڪز اهو نه هو. جڏهن ته ٻيو سندس اهم اختلاف طريقهء ڪار تي هو ته جيئن فرائيڊ نظريي جو اطلاق ٿي ڪيو ۽ تشريح ٿي ڪئي لڪان ان سان سو سيڪڙو سهمت نه هو پر پوءِ لڪان گهڻي ڀاڱي فرائيڊ جو ئي پوئلڳ هو، ڇوته تحليل النفسي کي جنهن بنيادي سطح تي فرائيڊ کڻي آيو ان کان نه ته اڄ ڪو انڪار ڪري سگهي ٿو نه ئي ڪو ان رد ڪري سگهي ٿو. لڪان ۽ ان کان پوءِ ايندڙ نفسياتدان يا مفڪرن تي لکڻ انتهائي دلچسپ آهي ۽ الڳ لکڻين جو گهرجائو آهي.
انهي ادبي تنقيدي معيار تحت سنڌي شاعري جي رومانوي ۽ پنهنجي ٽهي جي انتهائي سيبتي شاعر سعيد ميمڻ جي هيٺين ترائيل تحت تجزيو ڪري ڏسجي ته ڪهڙيون لڪل شيون ٿيون ظاهر ٿين جنهن سان بيشڪ ته باقي پڙهندڙ يا شاعر خود متفق نه هجي ڇو ته هر ماڻهو کي شين کي ڏسڻ جو پنهنجو رخ هوندو آهي ۽ شاعر پنهنجي مخصوص پس و پيش ۾ شعر چوندو آهي. سندس ترائيل ڪتاب ”اسان جو عشق اڻپورو“ جي صفحي 105 تان کنيل آهي. هڪ ٻي اهم وضاحت به ڪندو هلجي ته هن ادبي تنقيدنگاري جي اطلاق جو اهو مطلب ناهي ته شعر يا شاعر سٺو/خراب آهي يا شعر جو صرف هي ئي مطلب آهي، پر شعر هي ڏسڻ يا سمجهڻ جي ٻين ڪيترن ئي رخن ۽ پاسن سان گڏوگڏ هڪ به هڪ پاسو آهي ڀلي شعر ٻين معنائن ۽ رخن کان ٻي معنيٰ ڏيندو هجي.
راز جيڪي مون لڪايا جيءَ ۾،
روپ گيتن جو وٺي ظاهر ٿيا؛
ڄڻ ته بڻجي باه آيا جيءَ ۾،
راز جيڪي مون لڪايا جيءِ ۾_
مون سڄڻ جيڪي سمايا جيءَ ۾،
سي نه ڪڏهين دل منجهان ٻاهر ٿيا؛
راز جيڪي مون لڪايا جيءَ ۾_
روپ گيتن جو وٺي ظاهر ٿيا.
سعيد ميمڻ جي مٿين ترائيل کي سگمنڊ فرائيڊ جي تحليل النفسي تحت ٻن سطحن تي بيان ڪري سگهجي. هڪ هن نظم ۾ موجود لفظن جي بنياد تي ڪري سگهجي ٿو جيڪا لساني نفسياتي ڇيد Linguistic Psychoanalysis آهي ڇوته هن ترائيل ۾ آزاد بيهندڙ ۽ ڪنهن پس و پيش کا سواءِ خودبخود اهڙي معنيٰ ڏين ٿا جهڙوڪ راز، لڪايا، روپ، گيت، ظاهر ٿيڻ، بڻجي، باهه، سڄڻ، سمايا، جيءُ، ٻاهر وغيره. انهي لفظي تشريح تحت ڏسو ته ڪهڙيون شيون آهن جيڪي راز هونديون آهن؟ يعني جيڪي عام يا سماجي قابل قبول شيون آهن ۽ سماجي ناقابل شيون ظاهر انساني جبلتون ۽ انهن جو پورائو آهي. تنهنڪري ئي ته مذهبي ۽ سماجي علوم انسان کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ سرگردان آهن. ورنه شيون راز ۾ ڇو ٿيون لڪائجن؟ ان پڄاڻان لفظن روپ ۽ گيت جو ڪيڏو تعلق آهي. ”روپ“ جو مطلب ته ان جون شڪليون جيڪي هيٺاهين طرف وينديون ٻيون ٿي وينديون، مٿاهين طرف ويندي ٻيون ٿي وينديون آهن. مثال طور اڳيون ايندڙ لفظ گيت آهي. گيت شعوري لفظ آهي جيڪو روپ مذهبي نه سهي پر تهذيبي ۽ ثقافتي سطح تي قابل قبول ظاهر آهي. پر جيڪڏهن لفظ گيت جي شعور يعني Conscious کان هيٺين سطحن جهڙوڪ تحت الشعور Subconscious or preconscious ۽ لاشعور Unconscious آهي. جن کي هيٺين سطح تي ڏسي سگهجي ٿو. جنهن ۾ شعور جا ليول پنهنجا ۽ جبلت يا ليبيڊو جا ليول پنهنجي آهن جيڪي بظاهر مٿي بيان ڪيل عام فهم کان بيشڪ تضاد ۾ آهي سپر ايگو شعور نه پر ضمير آهي ۽ لاشعور ايگو ناهي پر باقي آخري سطح پنهنجي درست معيار ته آهي باقي شين جي تشريح پنهنجي طرح سان ڪري سگهجي ٿي جيڪا تفصيل طلب آهي.
1.              گيت =   Conscious/Super Ego  
2.                 پيار/محبت/ رومانس   = Ego /Subconscious
3.       جنسي جبلت  =          / Unconscious  ID
ان کان علاوه لفظي طرح، سڄڻ، سمائڻ، باهه، ٻاهر ٿيڻ وغيره لفظي يعني نفسياني يا جنسي لغتي سطح تي پڻ تشريح ۽ توجهه طلب آهن.
خيال يا معنيٰ جي سطح تي شعر ۾ ٻه مکيه پهلو آهن. هڪ آهي راز کي لڪائڻ يعني فرائيڊ جي اصطلاح ۾ دٻاءَ يا دٻيل جبلت Suppression/suppressed آهي جنهن مان مراد مان جنس يا جنسي اطلاق دنيا ۾ سڀ کان وڏو گناهه ۽ انساني شعور جون سڀ قوتون دٻائڻ جي برابر آهي جنهن جي انساني زندگي جو سمورو ڪاروهنوار متاثر ٿئي ٿو ۽ سندس تخليقي قوتون تباهه ٿي 99 سيڪڙو قبر ۾ هليون ٿيون وڃن پر جيڪڏهن انهن دٻيل قوتن جي توانائين جو رخ ٻين مثبت ڪمن طرح موڙي ڪو انتها درجي جو جينيس به ٿي سگهي ٿو جيئن شعر ۾ روپ مٽائي يعني قوتن جو رخ موڙي باهه ٿيڻ جو اشارو آهي پر ايئن ورلي Rare Cases ۾ ٿئي ٿو ۽ انسان ذات جي گهڻائي انهي دٻاءَ جو شڪار ٿي تباهه ٿي وڃي ٿي ۽ سندس ترائيل ۾ خيال ۽ تصور جي حوالي سان ٻيو اهم پهلو سڄڻ جو سمائڻ ۽ کيس ڪڏهن ٻاهر نه ڪڍڻ آهي. اهو سڄڻ سندسComplex  آهي اهو ڪمپليڪس Oedipus يا Electra به سگهي ٿو جيڪو جنس يعني Gender جي بنياد تي آهي. جيڪڏهن شعر چوندڙ مرد آهي ته اهو سڄڻ عورت آهي، جيڪڏهن شعر چوندڙ عورت آهي ته اهو سڄڻ مرد آهي، جيڪڏهن شعر چوندڙ ماءَ آهي ته اهو سڄڻ سندس پٽ آهي يا پيءَ آهي ته پوءِ ڌيءُ.
۽ آخر ۾ سندس اظهار ”سي نه ڪڏهين دل منجهان ٻاهر ٿيا“ انساني جنسي خواهش يا گهرج ڏانهن آهي ته انهن بنا انساني زندگي ناڪاره آهي ۽ هن اظهار جو ٻيو پهلو اهو آهي ته هو مقابلي Rivalry واري خلاف آهي. جيئن سگمنڊ فرائيڊ جو چوڻ آهي ته هڪ ٻار جو پنهنجي والدين ڏانهن رويو سندس دلين کٽڻ جو انهي ڪري آهي جو سندس ڀاءَ يا ڀيڻ Siblings سان حسد وارو رويو هوندو ته والدين کي هو پيارو يا پياري نه ٿئي تنهنڪري هو کيس ٻاهر ڪڍڻ پسند نه ڪندو/ڪندي آهي. تنهنڪري فرائيڊ جي شعوري سطحن جي مطابق نظم جي دٻيل قوت يعني جبلت هن نظم جي پٺيان پڻ ڪارفرما آهي. اها ڳالهه بيشڪ شاعر جي شعور ۾ به نه هجي، پوءِ به سندس اڻ ڄاڻائي ۾ ئي سهي شعور جي قبوليت جي اثر هيٺ اظهار کي ايگو جي مفاهمت سان ID ۽ ضمير Conscience/superego جو وچ وارو روپ ڏنو يعني جنسي جبلت يا گهرج Sexual Pleasure کي ڪجهه پالش ڪري ان جي روپ کي بدلائي جنسي عمل ڪرڻ جو وچ وارو رويو ”پيار /محبت/رومانس“ جو عمل ڏنو جيڪو ظاهر آهي جنسي قوت جو بدليل روپ آهي ۽ انهي روپ جو نعم البدل اظهار جي شڪل ۾ ”گيت“ چوڻ آهي جيڪو بنهه وڌيڪ سڌريل Reformed Shape آهي. انهي ڪارفرما پٺيان سمورا ڪمپليڪس پڻ موجود آهن ۽ انهن ۾ موجود Id کان ويندي لبيڊو Libido جو اظهار پڻ آهي اگرچه اهي شعوري سطحن تي ڪنهن کي محسوس نه به ٿين ڇوته تحليل النفسي شعور سطح جي اظهار جي پس منظر ۾ ڪارفرما لاشعور جي دٻيل قوتن کي کولي ٿي.
من ڪي بات من مين رهي تو من مين لاگي روگ،
من کهولين تو مشکل کر دين جيون اپنا لوگ. (ڪبير)

No comments:

Post a Comment