06/01/2013

شيخ محمد بن عبداللھ عمويه جو ڪتاب - رکيل مورائي



شيخ محمد بن عبداللھ عمويه جو ڪتاب
”المفيد في العدد الهندي“
رکيل مورائي
 گمان آهي ته هيءُ ڪتاب جيڪو هند ۽ سنڌ ۾ عددن ۽ انهن جي استعمال بابت آهي، رياضيءَ جي قديم ڪتابن مان هڪ هُجي، جيڪو عربيءَ ۾ لکيو ويو. ڪتاب جي لکجڻ جو زمانو چوٿين صدي هجري ٻڌايو ويو آهي. ڪتاب جو لکندڙ شيخ محمد بن عبدالله عمويه سهروردي آهي، جيڪو اصل عربستان کان لڏي سهرورد ۾ اچي رهائش پذير ٿيو ۽ هتي ئي هيءُ ڪتاب لکيائين. ائين هن ڪتاب جو هن کنڊ ۾ لکجڻ هن کنڊ لاءِ سچ پچ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهي.

ڪتاب کي سواريندڙ ۽ محنت ڪري مٽياريءَ جي هڪ قديم ڪتب خاني مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻيندڙ مخدوم سليم الله صديقي صاحب جن جو چوڻ آهي ته ”هيءُ ڪتاب رياضيءَ جي آڳاٽن ڪتابن مان آهي، پوءِ ذڪر هيٺ نه آيو آهي“، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته يورپي قومون ڪيئن هن خطي جي علم ادب کي نظر انداز ڪنديون رهيون آهن.
رياضيءَ بابت هيءُ قديم ڪتاب جتي هن کنڊ جي علمي بصيرت کي ظاهر ڪري ٿو، اتي اهو فخر به ڪرائي ٿو ته انگن اکرن ۽ عددن جي ڄاڻ هتان ئي اولهه وارن ملڪن ڏانهن منتقل ٿي آهي، جنهن لاءِ هتان جي عالمن ۽ اديبن کي مڃتا ملڻ گهرجي.
صدين پڄاڻا هي املهه ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي، سنڌ جي علم ۾ هڪ ساراهه جوڳو اضافو ڪيو آهي. ڪتاب کي سنڌي ويس ۾ سنڌ جي نامياري عالم مولانا انس راڄپر آندو آهي. هن صاحب اهو خيال رکيو آهي ته هن ڪتاب کي سولي ٻوليءَ ۾ آندو وڃي، جيئن هر عام ۽ خاص هن ڪتاب کي پڙهي ۽ پروڙي سگهي. هن قديم ڪتاب جي اشاعت سنڌ لاءِ لاڀائتي ٿيندي ۽ هن موضوع سان لاڳاپو رکندڙن جي رهنمائي ڪندي. اهڙي پڪ آهي.
هيءُ نهايت علمي ۽ ٽڪنيڪي ڪتاب علم ۾ هڪ واڌاو آهي، جنهن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ ته جس لهڻي ئي، پر مخدوم سليم الله صديقي صاحب جا وڌيڪ احسان، جنهن هيءُ اهم ڪتاب ڳولي هٿ ڪيو ۽ سنڌين کي بيمثال ڪتاب سان شناس ڪرائي.
اسان کي اميد آهي ته هو ٻيا به اهڙا ناياب ڪتاب سنڌ کي ڏئي ان جي علم، ادب ۽ تاريخ جي ورقن ۾ اضافو ڪندو. هيءُ ڪتاب اصلي متن سميت شايع ڪيو ويو آهي، جنهن 240 صفحا آهن ۽ هن املهه ڪتاب جو مارڪيٽ ۾ ملهه 185 رپيا آهي. اسان کي اميد آهي ته جميل سائين جي رهنمائي ۽ اسان جي دوست الهڏتي وگهئي جي سربراهيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي اشاعتي سلسلي کي اڃا وڌيڪ خوبصورت بڻائيندو.
نهايت خوبصورت پني، ٽائيٽل ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ 350 آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 285 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment