05/01/2013

پريم پتافيءَ بابت - مشتاق گبول



پريم پتافيءَ بابت:
درد جي انتها کي ڀوڳيون ٿا
مشتاق گبول
دوستي، ڪپڙي جي ٿانَ وانگي ناهي، جنهن کي جڏهن چاهي کولي ڏيکارجي ۽ جڏهن چاهي پنهنجي هٿن سان ويڙهي ڇڏجي. دوستي ته پاڻ ۾ ايتري وسعت رکندڙ هوندي آهي جو اُن ۾ ڪيئي ڪائناتون سمايو وڃن. تعلقاتن جي دنيا ۾ دوستي، ڪائنات وانگي پکڙيل هوندي آهي، جنهن جي پنهنجي هڪ الڳ ۽ نرالي دنيا هوندي آهي، جنهن جو پنهنجو الڳ اُڀ هوندو آهي، ڪهڪشائون هونديون آهن، چنڊ هوندو آهي، پنهنجا ستارا هوندا آهن، پنهنجي زمين هوندي آهي. دوستي ۽ دوستن تي لکڻ ويهجي ته هڪ عمر تمام ٿوري آهي. اُن لاءِ ڪيئي عمريون گهُرجن ۽ لکندي لکندي ڪيئي راتيون کٽي وڃن ۽ لکندي ڪيترائي نوان سج اُڀاري ڇڏجن، پر پوءِ به دوستيءَ جون ۽ دوستن جون ڳالهيون نه کُٽنديون.
”ڇوٽيان راتيان ني،
عمر مُڪ جانيان،
نهين مُڪيان باتيان ني.“
(راتيون ننڍيون آهن، عمريون گذري ٿيون وڃن، ڳالهيون نه ٿيون کُٽن).

سو، دوستيءَ ۽ دوستن جا کوڙ قرض اهڙا به هوندا آهن، جيڪي انسان چاهيندي به چُڪائي ناهي سگهندو. اُهي قرض اهڙا هوندا آهن جو زندگي ڏئي به لاهي ناهن سگهبا.
اردو جي مشهور شاعر گلزار جو خوبصورت نظم آهي ته:
”اتني مهلت ڪهان ڪه گهٽنون سي،
سر اُٺا ڪر فلڪ ڪو ديک سڪون،
اپني ٽڪڙي اٺائون دانتون سي،
ذره ذره ڪريدتا جائون.
ڇيلتا جائون ريت سي افشان
وقت بيٺا هوا هي گردن پر
توڙتا جا رها هي ٽُڪڙون مين
زندگي دَي ڪي ڀي نهين چُڪتي،
زندگي ڪَي جو قرض ديني هين.“
زندگي جي سڀ کان وڏن قرضن ۾ محبت ۽ دوستي جا قرض اهم ليکيا وڃن ٿا.
مون تي به محبتن ۽ دوستيءَ جا اڻ ڳڻيا قرض آهن. اهڙا قرض جيڪي مان لاهي ته نٿو سگهان، پر ڳائي سگهان ٿو. سو اڄ مان پنهنجي دوست پريم پتافي جي محبتن جا قرض ۽ ٿورا ڳائڻ خاطر هي سڀ اوهان سان شيئر ڪري رهيو آهيا. پريم رنگ جو سانورو، قد جو پورو پنو ۽ اکين ۾ هڪ عجيب ”مقناطيسي ڇِڪ“ رکندڙ آهي. ان ۾ پريم جي محبتن ڀري سادي، نماڻي، نهٺي، نياز ۽ نوڙت ۽ عاجزي واري ”سڀاءُ“ جو به وڏو هٿ آهي.
مون کي اُهي ڏينهن چڱي طرح ياد آهن، جڏهن پريم پهريون دفعو ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو هو. اُن ڏينهن کان پوءِ جروار ادبي سنگت ۾ پريم جي اچڻ سان ”نئون روح“ ڦوڪي ويو ۽ پوءِ جڏهن پريم پتافي جروار ادبي سنگت جو سيڪريٽري ٿيو، تڏهن هُن پنهنجي دؤر ۾ نه رُڳو ”جروار“ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ شاندار ادبي پروگرام ڪرايا، پر اُنهن ادبي پروگرامن جي بدولت ”جروار“ شهر کي ضلعي گهوٽڪي ۾ ”ادبي مرڪز“ واري حيثيت ملي وئي. اسان جي وقت تائين جروار ادبي سنگت ”غير الحق شده شاخ“ هئي، پر پريم جي ذاتي دلچسپي، ادب سان محبت، اديبن سان رابطن ۽ جروار شاخ کي ادبي سرگرمين جي عروج تي پهچائڻ ۽ ان کان پوءِ ”الحاق“ ڏيارڻ پريم پتافي جو ئي ڪم هو ۽ جروار ادبي سنگت ۽ اُن جا دوست پريم جي اهڙن ڪوششن کي ڪڏهن فراموش نه ڪري سگهندا. جروار ادبي سنگت کي پنهنجي سيڪريٽري هجڻ واري دؤر ۾ ”الحاق“ ڏيارڻ، هاڻي هڪ ”تاريخ“ ٿي وئي آهي ۽ تاريخ کي ڪير به، نه فراموش ڪري سگهندو ۽ نه ئي ان کان اکيون چورائي سگهندو!
جڏهن به پريم وٽ اُن جي ڳوٺ وڃبو هو، ڊسمبر جي سرد راتين ۾ پنهنجي پنهنجي عشق جا قصا کڻبا هئا، ٿڌا ٿڌا ساهه ڀربا هئا، اکين ۾ ڳوڙها آڻبا هئا. چانهه جي ٿرماس ڀريل هوندي هئي، چانهه جا دؤر هلندا هئا. ڳالهيون ڪندي، ٿڌا ٿڌا ساهه ڀريندي، روئيندي، شاعري ٻُڌندي ۽ ٻُڌائيندي ۽ چانهه جا دؤر هلائيندي رات کُٽائي ڇڏبي هُئي.
ٽين دنيا جو ادب“ ۾ رضي عابدي لکي ٿو ته: ”ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته هڪ شاعر يا فنڪار هڪ ”موڊ“ ۾ ڦاسجي پئي ٿو، جيڪو نفسياتي لحاظ کان هڪ حد تائين معمول کان هٽيل هڪ ڪيفيت هوندي آهي. گهڻو ڪري هي هڪ ’موربڊ مريضاڻو‘ صورتحال هوندي آهي. مثال پڪاسو تي هڪ ’نيرو دؤر‘ آيو ۽ هڪ ’گُلابي دؤر‘. اهي ٻئي دؤر هڪٻئي کان مختلف آهن. ٻنهي دؤرن ۾ مصور کي هر شيءِ هڪ ئي رنگ ۾ نظر ايندي هئي. اهڙي نموني شيڪسپيئرهملٽ“ ۾ هڪ ’موڊ‘ ۾ اُلجهي پيو هو ۽ ڪجهه نقادن جو خيال آهي ته هُو ان راند ۾ هڪ اُلجهيل ڪيفيت کي ڊرامائي انداز ۾ منتقل ڪري رهيو آهي. پر حقيقت ۾ پاڻ اُلجهيل آهي، پوءِ هڪ مثال بليڪ (Blake) جو به آهي، جنهن پهريائين ’معصوميت جا گيت‘ لکيا ۽ بعد ۾ ’واردات جا گيت‘ پر اِهي اُهي فنڪار آهن، جيڪي عارضي طور هڪ ’موڊ‘ ۾ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ انهي مان ٻاهر نڪري آيا.“
پريم پتافي تي به انهن شاعرن ۽ فنڪارن وانگي ڪڏهن ڪهڙي، ته ڪڏهن ڪهڙي ”موڊ“ ۾ رهيو آهي. پريم جي شاعري ۾، پريم جا ”مختلف موڊ“ بخوبي ڏسي سگهجن ٿا. جيئن پڪاسو تي جڏهن ’نيرو دؤر‘ آيو ته هن کي اُن وقت هر شيءِ ’نيري‘ نظر ايندي هئي يا ’گُلابي دؤر‘ ۾ هر شيءِ ’گُلابي‘ نظر ايندي هُئي يا جيئن بليڪ ڪڏهن ’معصوميت جا گيت‘ لکيا ته ڪڏهن ’واردات جا گيت‘ لکيا. اهڙي نموني پريم پتافي به ڪڏهن هڪڙي ”موڊ“ ۾ رهي، هي شعر لکيو:
”تنهنجي پويان ڪڏهن نه مرندو هُو،
هاڻ جيئڻ سِکي ويو آهي.“
ته ڪڏهن وري ٻي ”موڊ“ ۾ رهي ساڳي خيال جي اُبتڙ هيئن به لکيائين ته:
”رات ڪنهن جا رڱيا ويا هٿڙا،
رات ڪوئي مري ويو آهي.“
سنڌ ۽ هند جي نامور شاعر ۽ نقاد واسديو موهي لکيو آهي ته: ”اڄوڪي زماني جي شاعري جي خوبي اِها آهي ته اها ڪنهن هڪ واڙي ۾ پاڻ کي ٻڌي نه ٿي ڇڏي، شاعر ڪنهن مقرر سوچ جي خميس پائي نٿو گهمي. ايتري قدر جو هُو پنهنجي ئي بيان جي اُبتڙ بيان، هڪ ئي ساهه ۾ ڪري سگهي ٿو. بعد جديد شاعريءَ جي اها وڏي خاصيت مڃي وئي آهي. پريم پتافي جي هڪ ئي غزل جا مٿيان ٻه شعر ان جو بهترين مثال آهن.“
پريم پتافي پنهنجي شاعراڻي سفر ۾ ڪيترن ئي دوستن کي ”پُٺتي“ ڇڏي آيو آهي. انهيءَ ڳالهه جو اعتراف، گهوٽڪي ضلعي جا ”سينيئر“ ۽ ”جونيئر“ شاعر وقت بوقت ڪندا رهندا آهن. پريم جي اهڙي ڪامياب شاعراڻي سفر تي اسان جي ڪُجهه دوستن کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي، ته گهڻن کي ”ساڙ“ به ٿيندو آهي.
پريم پتافي غزل ۾ پاڻ مڃايو آهي ۽ هن جي سُڃاڻپ ڪامياب غزل گو شاعر طور سنڌ ۽ هند ۾ ٿيل آهي. پريم پتافي جي غزلن جا ڪُجهه شعر پڙهندڙن لاءِ حاضر آهن:
”جيڪا دنيا جو درد ڳالهائي،
سوچ اهڙي زبان ڳولي ٿي.“
”لُڙڪ ناهن اهي، جي سمجهي ڪو،
منهنجي اکڙين جون آيتون آهن.“
”هاڻي ڦٽندا نوان سِلا مون مان،
خاڪ ئي خاڪ ٿي ويو آهيان.“
”پل ڪو تنهنجي نيڻن ۾ ڇا ترسيو هو،
پنهنجا سارا خواب وساري آيو آ.“
پريم پتافي جي شاعريءَ ۾ ”جانا“ ۽ ”سکي“ جهڙن لفظن تي اعتراض واريندڙ ڪُوڙن ۽ ٺڳ ”لينن واد“ دوستن کي اُهو ٻُڌائيندو هلان ته اياز جي مشهور غزل جي سِٽ آهي ته:
”سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سوا نه ٿيندي.“
”سکي“ لفظ ته شيخ اياز بار بار پنهنجي شاعري ۾ استعمال ڪيو آهي. مان، ”ذهني غربت“ ۾ ورتل اُنهن ڪُوڙن ۽ ٺڳ ”لينن واد“ دوستن کي اياز جو بيت ٻُڌايان ٿو ته:
”هو سڀ لينن واد جي، ڪفن ۾ ڪِيڙا،
هو ڇا ڄاڻن سنڌ جا، آڌيءَ اوسيڙا،
پيڙهين جي پيڙا، ڪوٽ ڪڙا ۽ مارِوِيون!
سنڌ جي ”اڻڀي سينڌ“ ڏسي پريم پتافي تڙپي پئي ٿو ۽ وڏي واڪ چئي ٿو ته:
”سنڌ جي سينڌ کي سنواريندس،
مون ۾ ”هوشو“ جو خون جاڳي ٿو.“
موجوده وقت ۾ سنڌي ماڻهو جيڪا پيڙا ڀوڳن پيا، پنهنجن گهرن ۾ به ائين محسوس ڪن ٿا ڄڻ اُهي ڦاسي- گهرن ۾ رهن پيا. انهي درد جي انتها جي ڳالهه ڪندي پريم پتافي لکي ٿو ته:
”روز ڦاسيءَ جي گهر ۾ گذري ٿي،
درد جي انتها کي ڀوڳيون ٿا.“
پريم پتافي، اُنهن ”لينن واد شاعرن“ وانگي نعريباز شاعر ناهي. پريم پتافي ”جديد شاعري“ سان شاعراڻي سفر جي شروعات ڪئي هئي، پر هينئر بقول واسديو موهي جي ته هُن ”بعد جديد شاعر“ طور پاڻ مڃرايو آهي.
”قبيلائي جهڳڙن جا خوني چنبا“ وقت بوقت گهوٽڪي ضلعي ۾ امن جو، محبتن جو رونقن جو، چين، سڪون جو ۽ سُک جو ”ماس پٽيندا“ رهندا آهن. اهڙي وقت ۾ ڪيترائي شهر ۽ علائقا بارود جي بوءِ سان جلڻ لڳندا آهن. پريم پتافي ان وقت ته پنهنجي گهر ۾ ”قيدي“ ٿي ڪُجهه نه ڪُجهه لکندو رهيو آهي.
پريم پتافي اهڙي ماحول ۾ هميشه پاڻ کي ”ان فِٽ“ ۽ ”بي چين“ محسوس ڪيو آهي. ”بي چيني“ پريم پتافي کي ”بهتر ماحول“، امن ۽ محبتن جي تلاش، پنهنجي ڳوٺ کان ”ڏهرڪي“ جو سفر ڪرايو. ائين هُو ڳوٺ کي ڇڏي ”جروار“ ادبي سنگت کان ڪٽجي ويو. تڏهن هن جي ”بي چين روح“، سنڌي ادبي سنگت شاخ ”ڏهرڪي“ ۾ شامل ٿي اُن کي متحرڪ ڪيو. ڪُجهه وقت رهڻ کان پوءِ هن کي ڏهرڪي به راس نه آئي ۽ پريم اُتان لَڏو کڻي اچي ”ميرپور ماٿيلو“ ۾ لاٿو. ميرپور ماٿيلو ۾ اچڻ کان پوءِ پريم کي ادبي گڏجاڻين جي طلب ٿي يا ائين چوان ته ”ٻاڙ“ لڳي. پر هِن دفعي قصو اُبتڙ هو، جو ”ميرپور ماٿيلو“ ۾ ادبي سنگت جي غير الحاق شُده شاخ ته هئي، پر اُها غير متحرڪ (سرگرم) هُئي. پريم ڇا ڪيو، جو دوستن کي پاڻ ۾ گڏائي ادبي سنگت جي شاخ کي سرگرم ڪيائين ۽ باقاعده گڏجاڻيون هلايائين ۽ گڏجاڻين کان علاوه ”ادبي پروگرام“ ڪرايائين، پر ادبي سنگت ”ميرپور ماٿيلو“ شاخ کي الحاق نه ملي سگهيو!
پريم پتافي شاعري جي ڪيترن ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ هُن هر صنف ۾ پنهنجو وقار قائم رکيو آهي. پريم پتافي جون وايون به جديد سنڌي شاعري ۾ اهم اضافو آهن. موجوده وقت ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر، بهترين وايون لکن پيا، پريم جو نالو به انهن چند شاعرن ۾ ورتو وڃي ٿو.
منهنجي من جون سُندر مُندون،
ساريون قيد ڪري.
راڻا! ڪهڙي پار هليو وئين؟
من جي ڪاڪ ڪڪوري تولئه،
اچ تون پير ڀري،
راڻا! ڪهڙي پار هليو وئين؟
هڪڙو پنجابي شعر آهي ته:
”تيري لؤنگ دا پيا لشڪارا،
هاليان نه هَل ڇڊ ليئي.“
ترجمو: جڏهن تنهنجي لؤنگ جي چمڪ پئي ته هارين هَر ڇڏي ڏنا.
پريم پتافي جي ”ڏات جي لؤنگ“ جي ”چمڪ“ به اهڙي آهي، جو جنهن جي ”چمڪ“ سان ڪيترن ئي ”زوري لکندڙ“ کان ”قلم“ ڇڏائجي ويا!

No comments:

Post a Comment