29/01/2013

لاڙڪاڻي جي شاعرن جي نئين انٿالاجي - رکيل مورائي


لاڙڪاڻي جي شاعرن جي نئين انٿالاجي:
”مون ڏات انوکي آندي آ“
رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب لاڙڪاڻي جي شاعرن جي ان انٿالاجيءَ جي ٻي ڪڙي آهي، جنهن جي پهرئين ڪڙي ڪجهه سال اڳ ۾ اسان جي نوجوان شاعر دوست رياضت ٻرڙيڏات ڏيئا ٻاريا“ نالي سان آندي هئي. ائين سنڌي شاعريءَ جي هيءَ پنجين انٿالاجي آهي، جيڪا به اسان جي دوست رياضت ٻرڙي مرتب ڪئي آهي، جنهن ۾ سورنهن شاعر آهن ۽ سڀ ئي پنهنجي نالي جي سڃاڻپ آهن.
لاڙڪاڻي جي شاعرن جي هيءَ انٿالاجي، رياضت سهيڙي سنڌ جي سڀني دوستن کي اها دعوت ڏني آهي ته اهي به پنهنجي ضلعن جون ائين انٿالاجيون جوڙي سگهن ٿا. ائين ڪرڻ سان ڪنهن به اهم ۽ تڪڙي حوالي لاءِ ڪيئي ڪتاب ڏسڻ ۽ پرکڻ بجاءِ هيءُ مجموعا وڌيڪ آساني پيدا ڪندا، ڪنهن به اڀياس لکڻ لاءِ ۽ ٻيو فائدو اهو ٿيندو ته هيءُ ڪتاب انهن شاعرن لاءِ اڃا وڌيڪ لاڀائتا آهن، جن جو اڃا تائين ڪو به شاعراڻو ڪتاب نه آيو آهي. انهن جي هيءُ مختصر ئي سهي پر پهرين سڃاڻپ بڻجندو جنهن آڌار تي هو اڳتي هلي سنڌي شاعراڻي ادب ۾ پنهنجي ويڪري دائري ۾ سڃاڻپ پيدا ڪندا.

هن ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي جي نوجوانن شاعرن سان گڏ ڪي نالا سينيئرن جا به شامل آهن، ائين ڪري رياضت ڪنهن وقت هٿرادو جوڙيل محاوري، ”پيڙهي وڇوٽي“ کي رد ڪيو آهي ۽ محسوس ڪرايو آهي ته اسين تخليقي توڙي ذهني طور سڀ ان هڪ منزل جا مسافر آهيون، جيڪا سنڌ ۽ سنڌي ادب جي واڌاري واري آهي، ها اهو ضرور آهي ته ان پنڌ ۾ اسان نوجوانن کي سُري پري پنهنجي وڏڙن کي اڳيان جڳهه ڏيڻ گهرجي. ائين نه صرف اسان انهن کي مان ڏينداسين، پر انهن جي پٺيان هلي، پنڌ سکڻ به شروع ڪنداسين ۽ پڪ آهي ته اڳتي هلي اسان سڀ پنهنجا پيچرا پاڻ جوڙينداسين.
هيءُ ڪتاب جنهن ۾ 16 شاعر آهن، يقينن نوجوان شاعرن جي پڙهڻ جهڙو ۽ رکڻ جهڙو آهي. پڪي ۽ سهڻي ٽائيٽل واري هن ڪتاب ۾ 248 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 220 رپيا آهي. هيءُ ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپيو آهي.

No comments:

Post a Comment