16/01/2013

مون تي ميارون - اعجاز منگي



مون تي ميارون
جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين محترم عبدالواحد آريسر پنهنجي مضمون ”واويلا وڻڪار“ ۾ شيخ اياز تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
دراصل تنقيد ڪجهه اهڙي قسم جي ڪئي وئي آهي جنهن جو جواب ڏيڻ لازمي ٿي پيو آهي، پر تنقيد جو جواب ڏيڻ کان اڳ اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته آريسر صاحب بذات خود ڇا آهي؟ ۽ شيخ اياز ڇا آهي؟
عبدالواحد آريسر لاءِ سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي ته ”عبدالواحد آريسر لاءِ سنڌ جا قوم پرست نوجوان چاهيندا آهن ته هو سندن محفلن کي رونق بخشي ڇو ته هو هڪ سٺو مقرر آهي.

عبدالواحد آريسر جي سٺي تقرير جون جڙون سندس ماضيءَ جي مولوي هجڻ جي پس منظر ۾ آهن، ڇو ته هو ڪافي عرصو مسجد ۾ مولوي رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ عبدالواحد آريسر جو مزاج سياست ۾ رومانوي آهي. جن جن ماڻهن سندس تقرير ٻڌي هوندي يا هن سان ڪچهري ڪئي هوندي ته عبدالواحد آريسر هڪ سياستدان کان وڌيڪ شاعري، ادب ۽ جماليات جي ڪوهيڙي ۾ رهندڙ شخص آهي.
هن جي ان ڳالهه تي انتهائي سخت ۽ شخصي بي عزتي ڪرڻ جهڙي تنقيد ڪندي رسول بخش پليجي پنهنجي ڪتاب ”...جيڪو سچ چوي[1] ۾ مزاح ۽ طنز ڪئي آهي.
منهنجو ذاتي خيال آهي ته عبدالواحد آريسر ۾ اهي خوبيون ۽ لياقتون گهٽ آهن، جيڪي هڪ وڏي پائي جي سياستدان ۾ هجڻ گهرجن.
شاعري ۽ ادب سان چاهه هجڻ جا ڪا بري ڳالهه ناهي پر ان جي برعڪس اها هڪ اضافي لياقت آهي، دنيا جي ڪيترن ئي سياستدانن کي ادب ۽ شاعريءَ سان تمام گهڻو چاهه رهيو آهي. گهڻن دوستن کي خبر هوندي ته ويٽنام جي عظيم انقلابي رهنما هوچي منهه کي ادب ۽ فن سان نه رڳو بي انتها انس هيو پر هو بذات خود شاعر به هيو. پر بنيادي ڳالهه اها آهي ته هن سياست جون بنيادي تقاضائون پوريون پئي ڪيون، جيڪي تقاضائون عبدالواحد آريسر پوريون ڪرڻ کان قاصر  آهي.
اسٽيج تي سٺا ڊائلاگ ڳالهائڻ هڪ الڳ خوبي آهي ۽ سياسي عمل ۾ قومي جدوجهد جي اڳواڻي ڪرڻ، تحريڪ کي منظم ڪرڻ، سياست جي وڏي پئماني تي ڄاڻ رکڻ ۽ سياست جي عملي گهرج کي پورو ڪرڻ هڪ ٻي خوبي آهي.
عبدالواحد آريسر جي ڪتابن جي حوالي سان کيس ڏٺو وڃي ته هو هڪ قومي رهنما هجڻ وارين خوبين سان سرشار نظر نه ٿو اچي، پر ان جي باوجود هو هڪ سياسي پارٽيءَ جو رهنما آهي، جيڪا افسوس جهڙي ڳالهه آهي، ۽ وڌيڪ افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ سياست جون اعليٰ هستيون ناهن جهڙيون روس، چين، ويٽنام، ڪيوبا يا نڪارا گئا ۾ رهيون آهن، جن سان عبدالواحد آريسر جي ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي.
مٿين ڳالهه جي جواب ۾ اڪثر چيو ويندو آهي ته سنڌ، روس، چين، ويٽنام يا نڪارا گئا ناهي.
پر جيستائين سنڌ جي سياست ۾ مٿين ملڪن جهڙي سياسي بلندي پيدا نه ٿيندي تيستائين سنڌ ۾ به ڪا اعليٰ انقلابي تبديلي ممڪن نه هوندي ان جي ڀيٽ ۾ شيخ اياز کي اسان ڪنهن نه ڪنهن َحوالي سان بين الاقوامي ادب جي معيار تي پرکي سگهون ٿا. اياز جو مطالعو، اياز جو فن، ٻئي بين الاقوامي ادب جي گهرج پوري ڪن ٿا.
شيخ اياز بنيادي طرح شاعر آهي ان ڪري هن ۾ شاعرن واريون خوبيون ۽ خاميون موجود آهن. اهو عام طور ڏٺو ويو آهي ته شاعرن ۾ تمام گهڻا تضاد ٿين ٿا. اهو ان ڪري ته شاعري احساسن جي پيداوار آهي ان ڪري انساني احساسن جون ڪيفيتون ۽ شڪليون مختلف ٿينديون آهن. مان ان طرح سان شاعرن جو بچاءُ نه ٿو ڪريان پر هڪ حيثيت ۾ مان وضاحت ڪري رهيو آهيان.
جيڪڏهن شيخ اياز جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو وڃي ته اها ڳالهه چٽي طور سامهون اچي ويندي ته اياز ۾ شاعرن وانگر تمام وڏا تضاد نظر اچن ٿا.
شيخ اياز جو ”روح رهاڻ“ ۾ هڪ خط ڇپيو  هيو جنهن ۾ هن اسٽالن جو مڪمل طور تي بچاءُ ڪيو هيو ۽ هڪ ماهر وڪيل وانگر اسٽالن جي حق ۾ دليل ڏيندي هن جي قتل عام ۽ جبر واري ڏوهاري پهلوءَ جو بچاءُ ڪندي اياز چيو هو ته ”جيڪڏهن صدين جا زنجير ڪپيندي ڪي بي گناهه هٿ به ڪپجي وڃن ته اهو ڪوئي ڏوهه ناهي.“
۽ ان جي ابتڙ اياز هزارين ڀيرا اسٽالن کي خوني درندو ڪوٺيو آهي.
اياز پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو آهي ”لنڪن، لينن، جمهوريت، سوشلزم، زنده باد، مرده باد پر مون کي اهو ڀؤ آهي، منهنجي ڌيءَ جيڪا ٻوڙ ماني کائي رهي آهي، ڪٿي هن تي بم نه ڪري ۽ هن جي جسم جون ٻوٽيون هن جي وٽيءَ ۾ نه ڪرن.“
اها هڪ شاعر جي سياست کان فرار واري ڪيفيت آهي.
چوڻ جو مطلب اهو آهي ته جڏهن اسان شاعر تي تنقيد ڪيون ته اهو سوچي ڪيون ته هو شاعر آهي.
ڪارل مارڪس، اينگلس کي هڪ خط ۾ مشهور جرمن شاعر هائني لاءِ چيو هو ته ”هائني هڪ شاعر آهي هن، کي شاعر جي حيثيت سان ڏسڻ کپي.“ دنيا جا گهڻا شاعر سياست جي محاذ آرائيءَ ۾ نه پوندا آهن پر ان جي برعڪس اياز هميشه سياست جي ڪنهن نه ڪنهن ڌر جون ناراضگيون کڻندو رهيو آهي.
ڪافي عرصو اڳ اياز پاڪستان جي ڪميونسٽن جي تنقيد جو نشانو رهيو.
هو سوشلزم جي جبر واري پهلوءَ جي خلاف لکندو هيو، اسٽالن ۽ مائوءَ جي خلاف لکندو هو، ته ڪميونسٽ ڪاوڙجي پوندا هئا ۽ جڏهن سوويت يونين اهي سڀ ڳالهيون تسليم  ڪيون جيڪي اياز چوندو هو ته ڪميونسٽ چپ ٿي ويا. ساڳي طرح سان جڏهن اياز اهو چوندو هيو ته پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي تي مهاجرن جو قبضو آهي ۽ هر مهاجر ڪميونسٽ، پهرين مهاجر آهي پوءِ ڪميونسٽ آهي، ته ڪميونسٽ چڙي پوندا هئا پر جڏهن ڪميونسٽ پارٽي ٻه ٽڪر ٿي پئي ته مير ٿيٻي واري ڌر جمال نقويءَ تي اها ساڳي تنقيد ڪئي جيڪا اياز سالن جا سال ڪندو آيو هو ته،
ڪيفي گهر ۾ ڪيترا لينن وادي لوڪ،
روز ڪراچيءَ ڪنڊ ۾ اردوءَ ۾ ڪن ٻوڪ،
ها هو سڳر ٿوڪ، ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا.
يا
روز پڙهن لينن، چي گويرا ۽ ٽراٽسڪي،
ڳاڙها پستڪ پِي ويا، مائو تن جي من،
پوءِ به نه تن جي ڪن، آهون داهون سنڌ جون.
مطلب ته هڪ سڄاڻ شاعر جي حيثيت ۾ اياز پنهنجي سياسي تصور کي هميشه پيش ڪندو رهيو ته ڪا هڪ ڌر خوش ٿيندي رهي ۽ ٻي ڌر ناراض ٿيندي رهي.
”ميز مٿان هو مڪ هڻن ٿا
اڻويهه سو سترنهن جي وڻ مان پن ڇڻن ٿا
هو لينن ۾ ڇا لوچن ٿا.“
اهو هڪ پراڻو سلسلو آهي. هڪ وقت سڀني کي خوش رکڻ ناممڪن آهي.
رسول بخش پليجو هونئن ته اياز جو وڏو مداح آهي ۽ هاڻي آريسر صاحب اياز تي تنقيد ڪري کيس هڪ دفعو ٻيهر وجهه ڏنو آهي ته اياز جي بهاني هو آريسر کان سياسي مخالفت جو چڱو خاصو انتقام وٺي.
سو اهو ئي رسول بخش پليجو جيڪو اياز جو پرستار آهي پر ان مهل اهو به چڙي ٿو پوي جڏهن اياز مائوءَ جي شان ۾ ڪيل تقرير کي بڪواس ٿو چوي يا جڏهن اياز مائوءَ کي پيلو ٽنڊڻ ٿو ڪوٺي.
”مائو تون به مري ويو آهين
پيلا ٽنڊڻ پنهنجي ٻر ۾
ٽاڻي سنگ ٽري ويو آهين.“
۽ ساڳي طرح اياز جڏهن قومپرستيءَ جي جي. ايم سيد واري انداز تي تنقيد ٿو ڪري ته قومپرست توائيءَ ۾ اچي اياز جي خلاف گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا.
مان اياز جي شاعريءَ جو عاشق آهيان پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته مان اياز جي سياسي نظرين جو حامي به آهيان.
سنڌ ۾ هن مهل ٻه ڌريون هڪ ٻي سان بحث ۾ مصروف آهن، هڪڙا چون ٿا ته اياز عظيم آهي ۽ ٻيا چون ٿا ته اياز ذلت جي تري ۾ ڪري پيو آهي.
ڏوهه ٻنهي جو ناهي، سڄو ڏوهه اسان جي مذهبي معاشري جو آهي جنهن ۾ ڪنهن ڌر ۾ اعتدال يا توازن ناهي.
يا ته ماڻهو اسان وٽ عظيم آهي يا ته ذليل آهي يا ته املهه آهي يا ٽڪي جو به ناهي.
اسان پنهنجي مخصوص انداز سان هڪ ماڻهوءَ کي آسمان تي پهچائي ڇڏيندا آهيون ۽ هن جي عشق ۽ ساراهه ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويندا آهيون جو اسان جي ذهن مان اها ڳالهه ختم ٿي ويندي آهي ته هو سڀ ڪجهه هوندي هڪ ماڻهو به آهي، ۽ ماڻهن واريون ڪمزوريون هن ۾ به آهن، پر اسان پنهنجي ڌن ۾ اڳتي وڌندا ويندا آهيون ۽ اسان جي ذهن ۾ ان شخص جو تصور ماڻهوءَ وارو نه پر هڪ فرشتي جهڙو ٿي پوندو آهي ۽ جڏهن اهو ماڻهو اسان جي قائم ڪيل معيار تي پورو نه لهندو آهي ته اسان پاڻ ان شخص کي ٿڪون هڻي، ذليل ڪري ماتم ڪندا آهيون ته ”ابوءِ! اسان جو فني يا سياسي ديوتا ماڻهو ٿي پيو.“
محبت ۽ عقيدت وارو اهو انداز ڏاڍو خطرناڪ آهي.
اها عقيدت هڪ شخص ڏانهن هجي يا هڪ تنظيم ڏانهن هجي يا هڪ سماج ڏانهن هجي پر اها ڏاڍي گندي ۽ ظلم ڪندڙ آهي.
ڪجهه وقت اڳ تمام گهڻا ڪميونسٽ روس جي هر هڪ شيءِ ۽ عمل جو دفاع ڪندا هئا ۽ لاشعور ۾ ماسڪو هنن لاءِ مڪي مديني جي اهميت وٺي ويو هو ۽ مارڪسي تعليم، علم نه پر هڪ عقيدت وانگر هنن جي روحن ۾ لهي وئي هئي ۽ جڏهن خود پاڻ بين الاقوامي ڪميونسٽ تحريڪ جي امام گورباچوف پريسٽريڪا جي تلوار سان ماضيءَ تي ڀرپور حملو ڪيو ته هنن جا ايمان لڏي ويا ۽ گهڻا ڪميونسٽ حواس باخته ٿي ويا ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هنن کي محسوس ٿيو ته هنن سان هڪ وڏي ٺڳي ٿي آهي، هڪ ويساهه گهاتي ٿي آهي.
بهرحال شيخ اياز خود اسان جي ان نفسياتي روش جو شڪار ٿي پيو آهي.
عبدالواحد آريسر جيڪو اياز کان تمام گهڻو متاثر رهيو آهي، ان جو ثبوت سندس ڪتاب ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ آهي. ساڳيو آريسر اياز تي ڪاوڙجي پيو آهي. ۽ ”واويلا وڻڪار“ جي نالي سان اياز تي هڪ تنقيدي مضمون لکيو اٿس. پر ان تنقيد جو معيار تمام گهٽ ۽ پستيءَ وارو آهي.
اسان وٽ تنقيد جي به هڪ روايت رهي آهي ته اسان تنقيد نه پر طنز ڪندا آهيون، تنقيد هڪ علم آهي پر اسان تنقيد جي نالي ۾ ذاتي حملا ڪندا آهيون. تنقيد جي نالي ۾ هڪ ادبي ۽ سياسي ڏوهه ڪندا آهيون.
ساڳي طرح سان اياز تي آريسر جي تنقيد پڙهي مان محسوس ڪيو ته اياز تي ڪيترن ئي پاسن کان ادبي ۽ هڪ لحاظ کان سياسي تنقيد ٿي سگهي ٿي پر آريسر جي تنقيد اجائي ۽ بي بنياد آهي ۽ ان جو جواب نه ڏيڻ نه رڳو شعوري ڏوهه آهي پر ان سان گڏوگڏ تاريخي ڏوهه به آهي. مون سڀ کان اڳ ۾ اهو سوچيو ته اياز تي ڪيل اجائي ۽ بي بنياد تنقيد جو ڪهڙو جواب ڏيان ۽ ڇا مان اياز جو اهو جملو ورجايان جيڪو هن ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“ ۾ لکيو هيو ته ”ڪنهن مون کي چيو ته توتي فلاڻي صاحب تنقيد ڪئي آهي. مون پهاڙيءَ تان هيٺ ڏٺو ته ڪوئي وڇون پهاڙيءَ کي ڏنگ هڻي رهيو هيو پر پهاڙي پنهنجي جاءِ تي اڏول بيٺي هئي.“
پر پوءِ مون کي ذهن ۾ آيو ته اها تنقيد ڪنهن ڌارئي نه ڪئي آهي، ڪوئي جماعت اسلاميءَ جو ملو جيڪڏهن اياز تي تنقيد ڪري ها ته مان جيڪر مٿيون جملو لکي ڇڏيان ها يا ان جملي کي ناڪافي سمجهان هان ته پوءِ اياز جو هي  شعر لکان ها ته: 
توکي رد ڏيڻ جي چاهيان
شبد ڪوش ۾ لفظ نه آهن
ڪچيون گاريون آهن.
 پر اها تنقيد ڪنهن ڌارئي دشمن جي نه هئي اها تنقيد جيئي سنڌ جي رهنما عبدالواحد آريسر جي هئي جيڪو اسان جو پنهنجو آهي.
۽ ٻيو ته جيڪڏهن اها تنقيد ڪوئي ايرو غيرو نٿو خيرو ڪري ها ته مان اياز جي شاعريءَ مان صرف ۽ صرف هڪ شعر لکي ڇڏيان ها ۽ اهو ڪافي هيو ته:
چئه چئه چيهي کي
مٽيءَ هاڻا پيرڙا
ٽانگر تي نه رکي.
پر هيءَ تنقيد آريسر جي هئي، آريسر جنهن جي لاءِ اياز پاڻ لکيو آهي ته ”جڏهن آريسر ڳالهائيندو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڏاهپ جو درياءُ اٿلي پيو آهي.“
ان آريسر جي اڇاتري، اجائي ۽ غير منطقي تنقيد پڙهي مون سوچيو ته ان تنقيد کي ٻن جملن يا ڪنهن طنز جو جواب ڏئي لنوائڻ نه گهرجي پر اسان جنهن دؤر مان گذري رهيا آهيون ان ۾ اهڙن ڳالهين کي هلڪائي سان وٺڻ اسان جي لاءِ هاڃيڪار آهي پوءِ ڇو نه ان بي بنياد ۽ سياسي بليڪ ميلنگ جهڙي تنقيد کي بنياد بڻائي هڪ چڱو خاصو بحث ڪريون. پر ترسو جيئن ته مان عبدالواحد آريسر جي تنقيد کي اجائي، اڇاتري، غير منطقي ۽ سياسي بليڪ ميلنگ جهڙي تنقيد ڪوٺيو آهي ان ڪري ضروري آهي ته ٿوري ان ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ٿي وڃي ته اها تنقيد ڪيئن اجائي، اڇاتري، غير منطقي ۽ سياسي بليڪ ميلنگ جهڙي تنقيد آهي. مجموعي طور هي تنقيد، تنقيد نه پر الزام تراشي آهي، ڪردار ڪشي آهي ۽ هڪ لحاظ کان شخصي بيعزتي آهي.
مثال طور تنقيد جي شروعات ۾ چيل آهي ته ”فن جڏهن پنهنجي وسعت ڇڏي، هڪ شخص، گروهه ۽ پارٽي جي راضپي واري راهه اختيار ڪندو آهي، تڏهن خوشامد، چاپلوسي، لالچ ۽ لوڀ جي گندگيءَ ۽ غلاظت جو ڍير بنجي ويندو آهي پوءِ اهڙي فنڪار کي انهيءَ غلاظت ۾ ليٿڙين پائڻ واري عمل کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ انتهائي ڪين جهڙيون ۽ خسيس حرڪتون ڪرڻيون پونديون آهن، ڪوڙ ٺاهڻا پوندا آهن تاريخ جون هٿرادو تاويلون ڪرڻيون پونديون آهن ۽ هٿ ٺوڪيا فلسفا گهڙڻا پوندا آهن اهو ئي حال سنڌي زبان جي تمام وڏي شاعر شيخ اياز جو آهي.“
ڇا اياز جو فن غلاظت جو ڍير ٿي پيو آهي؟ ان جو جواب سندس تازو ڇپيل مجموعي ”جهڙ نيڻان نه لهي“ آهي. مان مثال طور ڪجهه بيت پيش ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪي آريسر صاحب جي بقول غليظ فن جو نمونو آهن.
جيئن اتر واءُ ۾ پپر پن ڏڪن،
ڇاتيءَ ائين لڳن، مون سان منهنجا سپرين.
يا
پوپٽ پرڙا جيئن ٿا کوهي وجهن ٻار،
تون به ائين سنسار، ماڻهو کوهي ٿو وجهين.
سنسار کان شڪايتون دنيا جي سڀني شاعرن ڪيون آهن پر اهڙي شڪايت! اهڙي پائي جي شڪايت ته نرودا به نه ڪئي آهي. هن پنهنجي نظم ”جل پريءَ“ (Marmaid) ۾ چيو هو ته ”دنيا جي ماڻهن جو بي رحم رويو ڏسي جل پري واپس سمنڊ ۾ موٽي وئي“. خليل جبران به ساڳي ڳالهه پنهنجي ڪهاڻي ”ٽي پريون“ (Three fairies) ۾ ورجائي هئي. هوريس به چيو هو ”دنيا جنگين ۽ جنون پڻي جو گهر آهي.“
غالب چيو هو ته
”بازيچه اطفال هي دنيا مري آگي
هوتا هي شب و روز تماشا ميري آگي.“
پر اياز ته ٻن سٽن ۾ سماج جي سموري سائنسي فلسفي کي ائين سمائي ڇڏيو آهي جيئن پنن، ٽارين، گلن، ميون ۽ ڇانو سان گڏ هڪ وڏو وڻ هڪ ننڍڙي ٻج ۾ سمايل هوندو آهي.
شاعريءَ جي اها اڏام اهڙي آهي جهڙي آئنسٽائين جي سائنس ۾ ”ٿيوري آف رليٽوٽي“، جيئن سياست ۾ مارڪس جو ”ڪميونسٽ مينيفسٽو“ اهڙي شاعري غلاظت جو ڍير آهي؟
ساڳي مجموعي ۾ اياز ٻي هنڌ لکيو آهي. 
رکي رکي مگرمان تي، پنهنجي مٿي کي،
اڄ ڇا ٿو سوچي، هر هر حبشيءَ جو هيئون.
 ٿورو تصور ڪجي ته ڪارو حبشي، جنهن جي تاريخ ظلم ۽ بربريت ڪري هن جهڙي ڪاري آهي، جنهن کي ڏسي ٻار ڊڄي ٿا وڃن ۽ وڏا کلن ٿا، جيڪو سڄي دنيا لاءِ مسخرو آهي، جنهن جي ڄنگهه ۾ صدين جي غلامي جو زنجير پيل آهي. ها اهو حبشي پنهنجي صدين پراڻي ساز کي وڄائي، وڄائي ٿڪجي پيو آهي ۽ هاڻي ان مگرمان تي مٿو رکي ڇا ٿو سوچي؟
ڇا! آزادي؟ بغاوت
يا
مايوسي؟ نااميدي؟
ڪيئن چئجي؟ ڇا چئجي؟
 هڪ ٻئي هنڌ اياز لکيو آ
امان هي کيڏاوڻو، ٻيڙي آ ڳل تي،
ان کي چنڊ چوي هر ڪوئي ٿو ڌيئڙي.
اهڙو منظر! ٻيڙي ۾ آڌي رات جو مهاڻيءَ جي ڌيءَ پنهنجو ڪارڙو هٿ کڻي چنڊ کي ڏسي چوي، ”امان هي رانديڪو آهي؟“ ۽ غربت جي ڄار ۾ ڦاٿل ماءُ چوي ”نه منهنجي ڌيءَ هي چنڊ آهي.“
رانديڪي جهڙو چنڊ، يا چنڊ جو رانديڪو، هڪ غريب مهاڻي جي ٻار جي پهچ کان پري آهن.
ٻار جو معصوم آس ڀريو سوال ماءُ جي غربت ڀريو نراس جواب.
اهو تصوير جهڙو شعر رڳو اياز ٿو لکي سگهي.
مان ٻيهر سوال ٿو پڇان ته ڇا هي فن غليظ آهي؟
ساڳي ڪتاب جي ۴۳ نمبر صفحي تي هڪ بيت آهي.
ان لهءِ ڪاري کار، ورتئه واڻيءَ هٽ تان؟
رات هٽائي يار، جيئن گهر ڌوتل ٻانڌڻي.
هن بيت ۾ جنهن نموني سنڌي سماج جي ڪلچر کي پيش ڪيو ويو آهي ان لحاظ کان اهو بيت پنهنجو مثال پاڻ آهي.
ڪير ٿو چوي ته اياز اسان جي عوام جو شاعر ناهي؟
هن جا ڪردار اسان جي ڳوٺاڻي زندگي جا عام ماڻهو آهن هٽ وارو واڻيو يا سودي واري مائي پر ان مائي کي اياز جنهن پيار سان پيش ڪيو آهي، جنهن رومانوي رنگ ۾ رنگيو آهي ان مان خبر ٿي پوي ته اياز جي هيروئن ڪا بخمل يا ڪيم خواب پاتل پٽ راڻي نه پر هن ڌرتي جي اها ناري آهي جنهن جي پوتي ميري آهي ۽ يار جي ملاقات جي تياري لاءِ هن واڻيي جي هٽ تان کار ورتي آهي.
واهه اياز واهه!
۽ جڏهن اياز ٻوليءَ تي لکي ٿو.
ڪو جي چوي ائين؟ تنهن جي ماءُ مري وئي.
۽ توکي ڳوڙها اچن اهو ٻڌڻ سيئن
ٻولي تنهنجي تيئن، آهي امڙ وانگيان.
ان بيت جي ڪيفيت حشو ڪيولراماڻي کان پڇجي جنهن جي ماءُ انڊيا ۾ مري وئي ۽ جنهن جي ٻولي اڄ انڊيا ۾ مري رهي آهي. ان جي ڪيفيت نارائڻ شيام کان پڇجي، موهن ڪلپنا کان پڇجي، ڪيرت ٻاٻاڻي کان پڇجي، اتم کان پڇجي، لعل کان پڇجي ۽ انهن سنڌين کان پڇجي جن کي اها سمجهه آهي ته اسان جي ٻولي ۽ قومي وجود کي اسان جي وطن جي اندر خطرو آهي.
ٻولي ۽ ڌرتيءَ کي ڪيترن ئي ماءُ چيو آهي ۽ اهو ايترا دفعا دهرايو ويو آهي جو ان جملي اسان جي احساساتي تصور کي ڇهڻ به ڇڏي ڏنو آهي پر ساڳيو جملو جڏهن اياز شعر ۾ جهونگاريو آهي ته اکين ۾ پاڻي ٿو ڀرجي اچي واقعي شاعر جادوگر آهن. ساحر آهن.
۽ اهو اياز جنهن جو تصور ان جي وجود کان الڳ قومي تصور ۾ تبديل ٿي پنهنجو پاڻ کي ٿو ڏسي. پنهنجي جهوني بت ۽ اڇن لوڻن کي نهاري تڏهن خارجي ”Objective“ انداز ۾ چوي ٿو ته:
وڃين ٿو پوڙها، اسان اڌ ۾ ڇڏي،
اڃان ته ڳوڙها، سڪا ناهن ديس جا.
ڇا هي شاعري، هي فن، هي فڪر غلاظت جو ڍير آهي، هي قومي سرمايو آهي، هي تاريخ جو عظيم ورثو، هي فڪر جون مشعلون، هي فن جو سج، هي ڏات جي سنڌو، هي غلاظت آهي. جي غلاظت آهي ته پوءِ فن ڇا آهي؟
باقي رهيو اعتراض اهو ته اياز هڪ فرد ۽ پارٽي جي لاءِ پنهنجو فن مخصوص ڪري ڇڏيو آهي ان جو جواب يقين سان آريسر صاحب وٽ به نه هوندو. جيڪڏهن مان کانئس اهو پڇان ته سائين سڄو فن ته ٺهيو رڳو ڪوئي هڪ بيت ٻڌايو جيڪو پيپلز پارٽيءَ يا ذوالفقار علي ڀٽي جي ساراهه ۾ چيل هجي.“
پر ان جي ابتڙ اياز جيڪي بيت سائين جي. ايم سيد جي حوالي سان چيا آهن، آريسر صاحب اهي بيت اسٽيج تي بيهي شد مد سان پڙهندو آهي ۽ ان وقت کانئس اهو وسري ويندو آهي ته سائين جي. ايم سيد هڪ فرد آهي.
ان ٻه طرفي رويي کي ڇا چئجي؟
معنيٰ ته اياز جيئي سنڌ تحريڪ کان هٽي ڪنهن ٻئي نموني ڳالهائيندو ته پوءِ عظمت جي مناري تان هيٺ ڪري ذلت جي تري ۾ پوندو.
ڇا اها تنگ نظري ناهي؟ ڇا اها سياسي بليڪ ميلنگ ناهي؟ پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن.
ٻئي هنڌ آريسر صاحب لکيو آهي ته ”اياز اڄڪلهه ڀٽ ڌڻيءَ وٽ جهول جهلڻ بدران لاڙڪاڻي، ڳڙهي خدابخش ۽ اسلام آباد وٽ جهول جهلي آهي.“
۽ آريسر صاحب اهو به چيو آهي ته ”اياز سياست ايتري ڪري جيتري سندس شاعري لاءِ ضروري هجي. شاعر کي سياست سمجهه ۾ ته ايندي آهي پر ان جي عملي استعمال ۽ اظهار جو کيس ڍنگ اهڙو نه ايندو آهي جهڙو هڪ سياستدان کي ايندو آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هندستان جو ليڊر ٽئگور هجي ها نه ڪي نهرو، چليءَ جو صدر پئبلو نرودا هجي هان نه ڪي آلندي.“
ان کان پوءِ آريسر صاحب چوي ٿو ته ”آءٌ سمجهان ٿو ته اڄڪلهه جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهي ان ۾ سچائي کان وڌيڪ ڪنهن طمع جي تنوار، ڪنهن ”مڻيئي کي مٺ ۾“ ڪرڻ جي تمنا آهي ۽ هو هار تي هرکي پيو آهي.“
هي ٻه متضاد ڳالهيون آهن، مٿي چيل آهي ته اياز سياست نه ڪري ڇو ته هو شاعر آهي ۽ سياست جي داءَ پيچن مان واقف نه آهي، ان مان اها ڳالهه چٽي نموني سمجهه ۾ اچي ٿي ته اياز جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي ان ۾ اياز جي بي سمجهي آهي ۽ پوءِ هيٺ اهو چوڻ ته هو ڄاڻي واڻي اهو سڀ ڪجهه ڪنهن مفاد خاطر ڪري رهيو آهي.
ٻه مختلف، هڪ ٻئي سان ٽڪر ۾ ايندڙ ڳالهيون آهن، ان سان لڳي ٿو ته آريسر صاحب اياز تي رڳو ڪاوڙ ڇنڊي آهي ۽ ان ڪاوڙ جو اظهار مختلف شڪلين ۾ ٿيو آهي. هو خود پنهنجو پاڻ سان متفق نظر نه ٿو اچي. جيڪڏهن ڪنهن شاعر يا اديب جي ڳالهه ۾ تضاد نظر اچي ته ان کي اهل جنون چئي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو پر جيڪڏهن ڪنهن سياستدان جي ڳالهه ۾ تضاد نظر اچي ته ان کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته سياستدان اهل هوش هوندو آهي.
ڇا آريسر صاحب جي سياست جنون واري آهي؟ ڇا آريسر صاحب جيڪا صلاح اياز کي ٿو ڏئي ته هن کي سياست جي اظهار جو ڍنگ نه ٿو اچي ان ڪري هو سياست نه ڪري، خود هن تي فٽ نه ٿي اچي؟
اسان کي خبر آهي ته آريسر صاحب سياستدان آهي ۽ کيس خبر هوندي ته سياسي ڪارڪن پنهنجي رهنما جي چوڻ کي سچ سمجهي ويهي رهندا آهن. ان ڪري کيس نه ٿو جڳائي ته پنهنجي ذاتي رد عمل ۾ هو قوم سان ويساهه گهاتي ڪري ۽ بنا ڪنهن جاچ جوچ جي اهو الزام هڻي ته اياز اسلام آباد ۾ جهول ٽنگي بيٺو آهي يا هو اقتداري ڌر کان ”طمع جي تنوارِ“ ٿو ڪري.
هڪ سياستدان کي پنهنجي ذات ۾ هڪ جمهوريت پسند هئڻ کپي، جيڪڏهن اياز جا سياسي نظريا آريسر صاحب جي نظرين کان مختلف آهن ته ان جو مطلب اهو هرگز نه هجڻ گهرجي ته اياز تي حڪومتي ايجنٽ جو ٺپو هڻي سنڌ ۾ قومي سوچ رکندڙ نوجوانن جي ذهن ۾ هڪ سچي پرخلوص ماڻهو جي تصور کي بگاڙيو وڃي جڏهن ته اهي نوجوان اياز جا سورما آهن جن لاءِ اياز پاڻ چيو آهي ته
ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منهنجو خواب،
تون ئي آهين جواب، صدين جي سوال جو.
شاعرن اديبن کي سياست سمجهه ۾ ايندي آهي پر ان جو عملي اظهار نه ايندو آهي. اها ڪهڙي فلاسافي آهي؟ ۽ آلندي ۽ نرودا جو مثال مٿين ڳالهين سان ڪيئن ٿو ٺهڪي؟
آريسر صاحب کان شايد وسري ويو آهي نه ته هن پڪ سان پڙهيو هوندو ته نرودا کي آلندي جي جاءِ تي سڄي پارٽي فيصلو ڪري صدارتي ٽڪيٽ ڏني هئي ۽ هن اليڪشن جي مهم به شروع ڪئي هئي پر پوءِ هن پاڻ ان  ٽڪيٽ کان آلندي جي حق ۾ هٿ کنيو هو ۽ ان کان سواءِ نرودا سڄي عمر سياست جي اهم ذميوار جڳهن تي رهيو آهي، جيڪڏهن نرودا کي عملي سياست جو ڍنگ نه اچي ها ته ڇا چليءَ جي پارٽي احمقن جو ٽولو هئي؟
۽ ڇا اها ڪسوٽي درست آهي ته شاعرن ۽ اديبن کي عملي سياست نه ايندي آهي، مان آريسر صاحب کي گذارش ڪندس ته کيس مهرباني ڪري سلمان رشديءَ جي بهترين نڪارا گئا جي سفرنامي ”The Jaguar Smile“ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ هن لکيو ته ”مون کي ائين محسوس پئي ٿيو ته نڪارا گئا ۾ شاعرن اديبن جي حڪومت آهي.“
پري ڇو وڃجي خود اياز جو آمريت جي خلاف سڄي عمر مهاڏو اٽڪائڻ ۽ ان جي ڪري سالن جا سال جيلن ۾ رهڻ، فيض احمد فيض، ابراهيم منشي، حبيب جالب، احمد سليم ۽ ٻين ڪيترن سنڌي ۽ غير سنڌي شاعرن اديبن جو سياسي ڪردار ۽ جدوجهد کي فراموش ڪرڻ هڪ وڏي بدديانتي ٿيندي ۽ ان کان سواءِ بينجمن مولائيس جنهن کي شاعري نه پر سندس ڦاسي امر ڪري ڇڏيو ۽ محمود درويش جهڙن مجاهدن لاءِ جيڪڏهن آريسر صاحب ساڳي ڪسوٽي رکندو ته اها انقلابي نظرئي ۽ عمل سان ڪيتري قدر وفاداري ۽ سچائي ٿيندي ان ڳالهه کي اڄ جو سنڌي نوجوان خوب سمجهي ٿو.
ان کان پوءِ آريسر صاحب ۱۹۷۸ع جي هڪ واقعي جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته ساڻس ٿيل هڪ ڪچهريءَ ۾ اياز ڀٽي صاحب کي گار ڏيندي چيو هو ته ”هو پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري ڪوٽ لکپت ۾ ويٺو آهي ۽ پٺيان اسان ڏچي ۾ پئجي ويا آهيون.“
ذاتي ڪچهري جي حوالي سان اهڙي ڳالهه نه رڳو سياسي ۽ ادبي تنقيد ۾ هڪ بدديانتي ليکي ويندي آهي پر ان سان گڏوگڏ صحافت ۾ ان کي بليڪ ميلنگ چئبو آهي. اها ڳالهه اياز چئي آ، يا نه چئي آ، ان جي تصديق يا ترديد ته اياز پاڻ ڪري سگهي ٿو پر مان رڳو ايترو چوندس ته اسان پنهنجي عام رواجي زندگي ۾ الائي ڇا ڇا چئون ٿا، اسان جيڪو چئون ۽ سوچيون ٿا جيڪڏهن اهو ڪجهه سرعام چئون ته هن سماج ۾ جيئڻ حرام ٿي وڃي. يا جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو پنهنجي ڪنهن دوست کي اهو چوي ته ”يار منهنجا پٽ ڏاڍا حرامي ٿي پيا آهن سڄو ڏينهن شراب ۾ مئل آهن“ ۽ اهو ماڻهو روزاني يا هفتيوار اخبار يا رسالي ۾ اها ڳالهه چوي ته سمجهو ۽ بااصول ماڻهو ان ڳالهه مان چوڻ واري جي ڪردار کي نه پر ڇپرائڻ واري جي ڪردار کي ڏسندا.
يعني اڳتي آريسر صاحب سان ملندي هر ماڻهو سوچي سمجهي ڳالهائي ته هو هڪ ماڻهو اڳيان نه پر لائوڊ اسپيڪر جي مائيڪ آڏو ڳالهائي رهيو آهي.
اها ويساهه گهاتي آهي ۽ ويساهه گهاتي چڱي شيءِ نه هوندي آهي.
ٻيو واقعو ۱۹۸۳ع جو آهي جڏهن ايم آر ڊي موومينٽ هلي رهي هئي، ان دؤر جي حوالي سان آريسر صاحب لکي ٿو ته ”ڪجهه اديب اياز سان ملڻ ويا جتي اياز جنرل ضياءَ الحق جي فائدي ۾ اديبن کي هن دليل سان مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”هاليوڊ جي ايڪٽر ۽ اگهاڙين فلمن ۾ گندگي چٽيندڙ مسخرو ريگن آمريڪا جو صدر ٿي سگهي ٿو، وحشي سوئا هڻي ماڻهن جون اکيون ڪڍندڙ پوليس وارو ڪي. جي. بي جو سربراهه يوري آندوروپوف، جيڪڏهن روس جو صدر ٿي سگهي ٿو ته ضياءَ پاڪستان جو صدر رهي ڇو نه ٿو سگهي.“
مٿين الزام ۾ اهو قطعن چيل ناهي ته ضياءُ الحق شريف النفس آهي ان ڪري کيس حڪومت ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي. پر ان مان هڪ شاعر جي حيثيت ۾ سندس سياست کان وقتي بيزاري جي جهلڪ ملي ٿي جڏهن هو پاڪستان سميت سڄي دنيا جي سياست کي ٺڪرائي رهيو آهي. شاعرن ۽ اديبن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهي لاها چاڙها اچي ويندا آهن جڏهن هو سڄي سياست کي ريٽيندا آهن.
پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اياز اهو چوندو هجي ته ”ضياءُ الحق جمهوريت کان بهتر آهي ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جي حق ۾ آهي ۽ ان جي هجڻ ڪري سنڌ جي مسئلن جي حل ۾ سولائي ٿيندي.“
پر ان جي ابتڙ ضياءَ جي دور ۾ پريس ڪلب ۾ پنهنجي واڪنگ اسٽڪ جي سهاري سان اچي اعليٰ اعلان ڪيو ته ”ضياءُ فوجي ورديءَ وارو ڪتو آهي“ ۽ سندس شهڪار نظم ”فاشي فوج جي شڪست“ آمريت جي موت جي پيشن گوئي ٿي پيو ۽ سندس ۸۳ جي تحريڪ تي لکيل بمن ۽ گولن جهڙا گيت اسان جي جدوجهد جي اهم تاريخ آهن.
سو اياز تي ٿيل تنقيد مان صاف ظاهر آهي ته آريسر صاحب کي رڳو ان تي اعتراض آهي ته اياز ائين ڇو نه ٿو چوي، جيئن مان ٿو چوان. ائين ڇو نه سوچي جيئن مان ٿو سوچان.
سوچ جي اها اسٽائل جمهوريت دشمن ۽ آمر جهڙي آهي. اسٽالن ۽ مائوزي تنگ ان جا ترقي پسند نمائندا آهن.
مون کي فرانس جو جمهوريت پسند سياستدان ڊيگال ٿو ياد اچي. جڏهن هن جي خلاف شاگردن جي جدوجهد ۾ سارتر به شامل ٿي ويو هيو ۽ ڪجهه ماڻهن کيس چيو هو ته هو سارتر خلاف ايڪشن ڇو نه ٿو کڻي ته هن چيو هو ”سارتر ته فرانس آهي مان فرانس تي ايڪشن ڪيئن کڻان؟“
سياستدان جو اهڙو رويو نه فقط جمهوري آهي پر اهو رويو عوام دوست ۽ ادب ۽ فن جي قدر وارو رويو آهي، جنهن کي اسان جا سياستدان وساري چڪا آهن. مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن سياست جي علم جي ابي افلاطون پنهنجي مشهور ڪتاب ”Republic“ ۾ لکيو ته هن ان ڪتاب ۾ شاعرن لاءِ خاص طور اهو لکيو آهي ته ”جيڪڏهن اسان جي آدرشي رياست جي اندر آيا ته اسان کين گلن جا هار پارائي پنهنجي رياست جي سرحدن کان ٻاهر ڪڍي ڇڏينداسين.“
شاعرن کي پنهنجي ملڪ ۾ برداشت نه ڪرڻ ۽ انهن تي ڪاوڙجي پوڻ ڪيترن سياستدانن جي تقريرن، ڳالهين ۽ لکڻين مان ظاهر آهي.
جڏهن هندستان رت ۽ خون جي درياهه ۾ لڙهي رهيو هو ۽ قومي تحريڪ عوامي ٻوڏ وانگر انگريزن جي سرن تي چڙهي آئي هئي ۽ ان تحريڪ جو اڳواڻ هڏن لپ گانڌي هو ۽ ٻئي طرف نئين هندستان جي اڏيندڙن جي ذهني تربيت ڪندڙ ۽ سندن روحن جو ڌوٻي رابندر ناٿ ٽئگور پنهنجي قائم ڪيل تعليمي اداري شانتي نڪيتن جنهن بعد ۾ هندستان جي حڪومت سنڀالڻ وارا ذهن تخليق ڪيا، ان جي خالق ٽئگور سان جڏهن هڪ دعوت ۾ گانڌي مليو ته ڪچهري دوران ٽئگور کي ٽوڪيندي گانڌي چيو هو ”گرو جي گهر مين آگ لگي هي او آپ چڙيون ڪا گانا سن رهي هين.“
ٽئگور پنهنجون نماڻيون اکيون کڻي گانڌي جي جهرڪيءَ جهڙي وجود ڏي ڏٺو ۽ ڪو جواب نه ڏنو. پر ان اکين ۾ ڪو مهڻو هو، ڪا ميار هئي، ڪو سوال هو جيڪو ٽئگور نه پڇيو پر سالن کان پوءِ ساڳي حالتن ۾ اهو سوال اياز پڇيو ته:
مون تي ميارون
آيون ساوڻ مينهن جيئن
آيل اوڇنگارون
دراصل اهو موضوع بحث طلب آهي ته سياستدان ۽ اديبن جو ٽڪراءُ ڇو ٿيندو آيو آهي؟
سڄي دنيا جا اديب لڳ ڀڳ ان ڳالهه جا قائل نظر ٿا اچن ته سياستدان يا حڪمران هنن کي هيڊ ماسٽر وانگر پنهنجي حڪم تي نه هلائين.
ادب بغاوت جو جاڙو ڀاءُ آهي، ان ڪري اديب اظهار جي آزادي تي هميشه سياستدان سان الجهي ٿا پون.
مشهور ڪميونسٽ ليکڪ مئڪسم گورڪي جيڪو لينن جو سٺو سنگتي به هيو، پر هو ڪنهن به لينن جي پارٽي آءِ.ايس.ڊي.ايل.پي جي ڊيسيپلين ۾ نه آيو پر ان جي ابتڙ هن پنهنجي ادبي تنظيم ”نو واديا زوزن“ کي سرگرم ڪيو ۽ منشويڪ ۽ بالشويڪ ٻنهي تي تنقيد ڪندو هيو.
لينن کان پوءِ ڪميونسٽ تاريخ جي بدترين ڪردار اسٽالن سان نه ٺهي ڪيترائي اديب جلاوطن ٿي ويا ۽ ڪيترائي اديب وٽيل مڇن جي وڪڙن ۾ اچي پنهنجا هڏ گڏ ڀڃائي مري ويا.
۽ اڄ تائين سولزي نيٽسن ۽ ڊاڪٽر زواگو جهڙا ليکڪ ۽ بورس پيٽرنڪ مزاحمتي ادب جا سرواڻ ليکڪ طور ياد ٿا ڪيا وڃن.
ان کان سواءِ Darkness at Noon جو ليکڪ آرٿر ڪوسلر فڪري آزادي جي معاملي تي ڪميونسٽ پارٽي کي خيرآباد چئي هليو ويو.
نوجوان مارڪسي جينئس ڪرسٽو فرڪادويل جنهن اسپين ۾ آمريت جي خلاف وڙهندي پنهنجي جان نثار ڪئي ان پنهنجي شهره آفاق ڪتاب Illusion and Reality ۾ لکيو آهي ته ”توهان ذهن تي پهرا لڳائي آزاد شعر تخليق نه ٿا ڪري سگهو.“
ساڳي سلسلي جون ڪيتريون ڪڙيون سڄي دنيا ۾ ڦهليل آهن ۽ هڪ مضبوط زنجير ٺاهي بيٺيون آهن ۽ آريسر صاحب جهڙي هلڪي تنقيد ان زنجير کي ٽوڙڻ ته ڇا پر لوڏي به نه ٿي سگهي. اهو خود هڪ لمبو بحث آهي ته ليکڪ جي ڪردار ۽ لکڻين ۾ ڪيتري هڪ جهڙائي هجڻ گهرجي؟
يا ليکڪ جي قول ۽ فعل ۾ فرق هجڻ گهرجي يا نه؟
ان تي ڪنهن ٻي ڀيري بحث ڪريون ته چڱو پر هڪ ڳالهه جي وضاحت ضرور ٿيڻ کپي ته ڪنهن به آرٽسٽ جي عظمت جو ماپو هن جو ذاتي ڪردار نه، پر هن جو فن هجڻ گهرجي. بين الاقوامي سطح جا نقاد اهو نه ڏسندا آهن ته ليکڪ ڇا ٿو چوي؟
عام طور اهو ڏٺو ويو آهي ته ذاتي ڪردار جون رڙيون اهي ليکڪ ڪندا آهن جن جو فن انتهائي ڪمزور ۽ اثرائتو نه هوندو آهي. فن ۽ ذاتي ڪردار جي حوالي سان ڀٽائي چيو آهي ته
”مڱڻهارن سڀ ڪانهي ٻيو ڪيرت ريءَ“
يعني فنڪار جو اصل ڪاٿو هن جو فن آهي. جيڪڏهن ائين چيو وڃي ته پئبلونرودا بيمار ٿي اسپتال ۾ مري ويو، ان جي ڀيٽ ۾ بينجامن مولائيس ڦاسي تي لٽڪايو ويو هو، ان ڪري بينجامن مولائيس پئبلو نرودا کان وڏو شاعر آهي ته اها ڳالهه کل جهڙي ٿي پوندي.
فنڪار جي اصل سڃاڻ ان جو فن آهي اسان کي ته خبر نه آهي پر ڪجهه ليکڪن ۽ محققن جو چوڻ آهي ته سقراط هم جنس پرست (Homo Sexual) هو، ته ڇا اها ڳالهه ان سقراط جي عظمت گهٽائي سگهي ٿي، جنهن اٿينس جي اونداهي گلين ۾ علم ۽ شعور جي باهه ٻاري هئي اها باهه جنهن نه رڳو روشني ڪئي هئي، پر اقتداري ڌر جي ايوانن کي به ساڙي رک ٿيڻ جو خطرو هو ۽ جنهن جي جرم ۾ کيس ”هيم لاڪ“ جو پيالو پياريو ويو هو.
۽ هوءَ بلبل جهڙي يوناني شاعره سيفو جنهن تي پڻ هم جنس پرستي (Lesbian) هجڻ جو الزام هيو. هن جا طبقاتي سماج خلاف زهر جهڙا گيت ۽ پريت جا آبشارن جهڙا گيت رد ڪري سگهجن ٿا. بائرن لاءِ هڪ نقاد وليم جارج چيو آهي ”هن شخص جي شاعري عاشقن جي دلين جي باهه آهي“.
هن جي عظيم شاعري کي رڳو ٺڪرائي ڇڏجي ڇا لاءِ ته هو ذاتي ڪردار ۾ هڪ بيوفا شخص هيو ۽ يورپ جي معصوم نارين جون دليون ٽوڙيندو هيو. ساڳئي نموني دوستو وسڪي جڏهن فائرنگ اسڪواڊ آڏو مرندي مرندي بچي ويو ۽ ان کان پوءِ ”زار“ جو نالو ٻڌي ڪنبي ويندو هيو يا هن عظيم ناول Brother Karamazov يا Ediot Insulted And Humilated ان ڪري ٺڪرايا وڃن ٿا جو هو هڪ ڊڄڻو ۽ ڪانئر ليکڪ هيو.
اهو هڪ وڏو ۽ گهڻ طرفو بحث آهي، جنهن کي ڪنهن ٻي وقت تفصيل سان اڳتي وڌائينداسين ته چڱو.
في الحال اسان پنهنجي موضوع تي موٽي ٿا اچون ته آريسر صاحب جنهن نموني اياز تي خواهه مخواهه ڇوهه ڇنڊيا آهن ۽ محب وطن ماڻهن مان سندس نالي کي ڌڪي وطن دشمن ماڻهن جي صف ۾ بيهاريو آهي، ان جو بنيادي نقطو اهو آهي ته اياز اهو چيو آهي ته شهيد ڀٽو، شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم بلاول کان عظيم هو.
مون اڪثر اها ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته تاريخ مٽيءَ جو اهو (Thunder Storm) طوفان آهي جنهن ۾ ماڻهو ته ڇا تهذيبون به لٽجي وينديون آهن.
پر اهي اسان جي فنڪارن جا ڪرشما آهن جن اسان جي تاريخ جي قدآور شخصيتن کي نه رڳو زندهه رکيو آهي پر انهن کي هڪ جذبو ۽ جدوجهد جو هڪ نعرو، هڪ للڪار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
ڀٽائي جهڙي طرح مومل کي سونهن جي نشاني ڪري ڇڏيو آهي. تهڙي طرح اسان جي شاعرن ۽ فنڪارن هوشو، دودي، دريا خان کي اسان جي لاڳيتي ويڙهه جا امر سپاهي بڻائي ڇڏيا آهن.
مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت تاريخ جي هن دؤر ۾ ٻه فرد نه پر هڪ تحريڪ ٿي چڪا آهن. هنن جي تصور کي اسان جي ذهنن ۽ اسان جي رت جي رڳن ۾ لاهڻ جو وڏو ڪم خود شيخ اياز جو آهي.
جيئن اياز چيو هو ته
”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“
ها اهڙا ماڻهو اسان جي تاريخ آهن. هو ڪنهن خاص پارٽي يا گروهه جو ورثو نه آهن. هو سڄي سنڌ جي لاءِ فخر ۽ اتساهه جو سبب آهن. ان جي ڀيٽ ۾ بدقسمتيءَ سان تازو شهيد ٿيڻ جي ڪري ڀٽي صاحب جي شخصيت متضاد بڻيل آهي ان ڪري شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول جي ڀٽي صاحب سان ڀيٽ صحيح نه آهي.
هڪ ته شهيدن جي چٽاڀيٽي به بذات خود غلط عمل آهي، ٻيو ته اهي اهڙا معاملا آهن جن جي نوعيت انتهائي حساس آهي جن جي ڇيڙڻ سان گهڻن جون دليون رنجي پونديون. ٽيون ته ان ڀيٽ جي آخر ضرورت به ڪهڙي آهي؟
باقي رهيو آريسر صاحب جو اعتراض ته ان لاءِ عرض هي آهي ته جيڪڏهن اياز ان قسم جي غلطي ڪئي به آهي ته ڇا ان غلطيءَ کي هن جي سڄي شاعري ۽ فن جي خلاف هڪ محاذ جي شڪل ڏيڻ ڪا سٺي ڳالهه آهي؟
۽ فن به اهو جنهن ۾ خود شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول جو آواز گونجي رهيو آهي. مان پڇان ٿو ته جڏهن عبدالواحد آريسر پاڻ اسٽيج تي اچي سائين جي ايم سيد جي عقيدت ڀريل تعريف ۾ شعر پڙهندو آهي ته
منصور کان مٿي او سيد تنهنجي رام ڪهاڻي آ
ٻيا مئي شهيد ٿيا تو جيئري شهادت ماڻي آ
ته ڇا ان عمل ڪري ساڳي سنڌ دشمنيءَ واري فتوا ۽ غداريءَ وارو ٺپو آريسر تي هڻي ڇڏجي؟
سنڌي ۾ چوندا آهن ”ڦيري هڻ فقير هٿ پنهنجي هيانءَ تي“.
ان ڪري منهنجي گذارش آهي ته ادب ۽ فن جي مٿي ۾ سياست جون ابتيون سبتيون لٺيون هڻڻ بند ڪيون وڃن ڇو ته ان طرح سان سياست ۽ ادب ۾ نه رڳو ويڇي پوڻ جو خطرو آهي پر ان مان اهو به خوف آهي ته متان اهي اڳتي هلي هڪ ٻئي جي تضاد ۾ نه وڃن.
اياز ڪلهه به اسان جو هيو. اڄ به اسان جو آهي. سڀاڻي به اسان جو رهندو.
شاعري جي دولت تي بنيادي ۽ وڏي ۾ وڏو حق سنڌ جي عوام جو آهي اهو حق خود شاعر به انهن کان کسي نه ٿو سگهي.
باقي مان ايترو ضرور چوندس ته پيپلز پارٽي ۽ جمهوريت جي سڄي نظام کي هڪ شيءِ سمجهڻ نه کپي پر جمهوري حڪومتن سان هڪ دوستاڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي آهي. ڪجهه مسئلن تي انهن جي مخالفت ڪبي ۽ ڪجهه مسئلن تي انهن جي حمايت ڪئي ويندي آهي. ان طريقي سان ان حڪومت جي رهنمائي ٿيندي آهي اها ڳالهه نه رڳو سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ واري آهي پر صحيح عوام دوست ۽ ان جمهوري حڪومت جي مفاد ۾ هوندي آهي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته پيپلز پارٽي کي نه ته صفا بنياد کان ننديو وڃي ۽ نه وري صفا معاف ڪري ڇڏجي، پر ان ڏي هڪ متوازن (Balance) رويو هجڻ گهرجي.
اها منهنجي پنهنجي سوچ آهي. جيڪڏهن ڪو ان سان اختلاف رکي ٿو ته کيس پورو پورو جمهوري حق آهي.

[1]  حقيقت ۾ هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو قلمي نالي ”لطيف ۽ سڄڻ“ سان لکيل آهي. مرتب

No comments:

Post a Comment