12/01/2013

ڪتاب ”انڊس اينڊ اٽس ڊيلٽا“ جي اھميت - وحيد ڀٽو



انور پيرزادي جي ڪتاب
”انڊس اينڊ اٽس ڊيلٽا“ جي اھميت
وحيد ڀٽو
”انور پيرزادو اڪيڊمي“ جيڪا سنڌ جي ليجنڊ صحافي، اديب، دانشور، مهم جو، نقاد ۽ ڀٽائي جي پارکو انور پيرزادي جي ٽيجهي جي موقعي تي، سال ۲۰۰۷ ۾ ٺاهي وئي هئي، تنهن ڇهن سالن اندر انور پيرزادي جا ۸ سنڌي ڪتاب ڇپيا آهن ۽ هن سال سنڌو درياهه ۽ انڊس ڊيلٽا تي انگريزيءَ ۾ لکيل مضمونن ۽ رپورٽن کي سهيڙي ”انڊس اينڊ اٽس ڊيلٽا“ جي نالي سان ڪتاب شايع ڪرايو آهي جيڪو مجموعي طور تي اڪيڊمي پاران ڇپايل نائون ڪتاب آهي، ۽ ائين سنڌي ڪتابن جي هليل ڪامياب سيريز کان پوءِ هاڻي انور صاحب جي انگريزي ڪتابن جي سيريز جي شروعات ڪئي وئي آهي.

ڪتاب ”انڊس اينڊ اٽس ڊيلٽا“ کي مجموعي طور ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين ڀاڱي ۾ انور پيرزادي جون ۱۹۸۹ع ۾ اٽڪ کان ڪيٽي بندر تائين واري سنڌو درياهه جي سفر يا مطالعاتي دوري جون رپورٽون شامل آهن ۽ وچين ڀاڱي ۾ واٽر اشوءَ تي مختلف مضمون ڏنل آهن ۽ آخر ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران کانس جيڪا انڊس ڊيلٽا تي اسٽڊي رپورٽ تيار ڪرائي وئي هئي، تنهن رپورٽ کي فشر فوڪ فورم جي سربراهه محمد علي شاهه جي ٿورن سان هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
مجموعي طور تي انور پيرزادي جو ”انڊس اينڊ اٽس ڊيلٽا“ تي لکيل هيءُ ڪتاب سنڌو درياهه ۽ ان جي ڊيلٽا جو هڪ ڪيس آهي، جيڪو عالمي سطح تي پيش ڪيو ويو آهي.
هيءُ ڪتاب نه رڳو سنڌي ذهن ۽ سنڌي دل رکندڙ ڪنهن سنڌي ليکڪ، اديب، دانشور ۽ صحافيءَ جو آهي پر اهو ”انور پيرزادي“ جو لکيل آهي، جيڪو سنڌ جو ڪيس ڪيترن ئي محاذن تي وڙهندو رهيو هو ۽  جنهن جو نالو ئي ڪتاب جي ڪاميابي جي ضمانت آهي. انگريزي ٻوليءَ ۾ هئڻ ڪري هيءُ ڪتاب يقيني طور تي غير سنڌين لاءِ سنڌو درياهه ۽ ڊيلٽا جو ڪيس سمجهڻ ۾ کين مدد ڏيندو ۽ ريفرنس طور ڪتب ايندو ۽ جيڪو ڪتاب ريفرنس طور ڪتب اچي، سو ئي ڪتاب ڪارائتو ۽ اهميت جوڳو سمجهيو ويندو آهي.

No comments:

Post a Comment