01/01/2013

پروين شاڪر ـــــ خوشبو جهڙي شاعره - مهتاب هنجهڙو

پروين شاڪر ـــــ خوشبو جهڙي شاعره
مهتاب هنجهڙو
دل ته چوندي آهي ته پنهنجي محبوب عظيم شاعر فيض احمد فيض (جنهن کي مان فيضو چوندو آهيان. اها منهنجي گستاخي آهي يا پيار!) تي ڪجهه لکي وٺان. ان جي هر ورسي تي دلي طور لکڻ جو سوچيندو آهيان پر ڪڏهن به لکي ناهيان سگهيو. انهيءَ جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته فيض تي لکڻ وارن جو دماغ، قد ڪاٺ به فيض جيڏو هجي جيڪو شايد منهنجي وس جي ڳالهه ناهي! پر مان پروين شاڪر تي ڪيترائي ڪالم لکي چڪو آهيان، پوءِ الائي پروين جي ورسي ڊسمبر ۾ هجڻ ڪري ڊسمبر مون کان لکائيندو آهي يا اڃا ٻيو ڪو سبب آهي! ڊسمبر رومانوي مهينو هجڻ ڪري ڊگهين سرد راتين ۾ سگريٽ ۽ پروين شاڪر جي شاعري سهارو بڻيل رهي ٿي. ائين اتفاق سان پروين جي شاعري ۽ ڊسمبر سان ڪجهه پلن جون يادون سلهاڙيل آهن. بهرحال پاڻ کي اڄ ذڪر پروين شاڪر جو ئي ڪرڻو آهي نه ئي محبوبا جو، نه وري مولانا طاهر القادري جي آمد جو. اهڙا اشو پاڪستاني چئنلن تي ۲۴ ڪلاڪ تفريح بڻيل آهن.

پروين شاڪر ارڙهن بهارون پهرين اسلام آباد جي سفاڪ شاهراهه تي هميشه جي لاءِ خوشبو بڻجي ويئي پر اڄ تائين هُن جي شاعري ياد تازي ڪندي رهي ٿي. تڏهن تڏهن چيو هو ته
مر ڀي جائون تو ڪهان لوگ ڀُلا ڀي دينگي،
لفظ ميري مري هوني ڪِي گواهي دينگي.
پروين جي شاعري کي هر طبقي جو ريڊر پسند ڪري ٿو، جيئن گهڻن ليکڪن کي صرف ڪو هڪ ڪلاس ئي ڪندو آهي، جيئن جگجيت ٻڌڻ وارن جو ڪلاس الڳ هوندو آهي ته غلام حسين عمراڻي کي ٻڌڻ وارن جو طبقو ئي وري الڳ هوندو آهي، ائين پروين جي شاعري ۾ اها شفا آهي ته هر طبقي جو پڙهندو آهي. رومانيت، جنس ۽ سماجيت جا سمورا پهلو هن جي شاعر جو حصو رهيا آهن، تڏهن ته هُن جي شاعري مان پيار ۽ احساس سان گڏ عجيب لطف اندوزي نظر ايندي آهي. رومانيت جي موضوع تي هن انتها درجي جي شاعري لکي. هيئن به چيو آهي ته:
هوا ني موسم بازارن سي سازشين ڪر لي،
مگر شجر ڪو خبر هي نهين شرارت ڪي.
هن پنهنجي شاعري ۾چئن مردن کي کلي طرح حصو بڻايو آهي، جنهن ۾ ڀاءُ، پٽ ۽ محبوب ۽ والد صاحب شامل آهي، انهن جو روايتي اظهار نه، هُن انهن جي ذات ۾ جيڪو ڪجهه پاتو آهي ان جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ بي هٻڪائي جي ڪري سندس سموري شاعري معتبر آهي جيئن هن پاڻ جيان سندس شاعري خوبصورت هئي/ آهي، ائين سندن پڙهڻ جو انداز به فيض احمد فيض جيان ڪمال جو هوندو هو. مان اڪثر يُو ٽيوب تي پروين کي ٻڌندو رهندو آهيان. هُن جو  پڙهڻ وارو انداز موسيقي بڻجي ويندو آهي. انهيءَ شيرواني ڪڙتي ۽ کليل وارن واري پروين جا خيال رومانس جي آخري حد تائين ويندا هئا. آخري دور واري شاعري ۾ هُن جي شڪست ۽ بوريت نظر اچي ٿي. جڏهن هُن لکيو هو:
اب ياد نهين ڪي زندگي مين،
مين آخري بار ڪب هنسي ٿِي!
هن جي شاعري جو اصل موضوع پيار، رومانس ۽ احساس رهيو آهي. هن جا ڪتاب انڪار، خود ڪلامي، صد برگ، ماهه تمام ۽ ڪف آئينه بيشڪ ناياب ڪتاب آهن پر ”خوشبو“ سڄي دنيا ۾ خوشبو جيان ڦهلجي ويو هو. انهيءَ مجوعي پروين کي شهرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو آهي. جنهن ڪتاب جي پهرئين پيج تي هن پنهنجي محبوب جي لاءِ لکيو آهي:
وه سايه دار شجر
جو مجهه سي دور، بهت دور هي، مگر اسي ڪي
لطيف چهاؤن
سجل، نرم چاندني ڪي طرح
ميري وجود، ميري شخصيت پي ڇائي هي!
وه مان ڪي باهون مانند مهربان شاخين
جو هر عذاب مين مجهه ڪو سميٽ ليتي هين
وه ايڪ مشفق ديرينه ڪي دعا ڪي طرح
محبوب جي پيار کي ماءُ جي شفيق ٻانهن سان ڀيٽو آهي. اها هُن جي بي انتها محبت کي ظاهر ڪري ٿي. هُن ڪنهن کان ڪجهه به لڪايو ناهي. جيڪو هُن محسوس ڪيو آهي اُهو هُن لکيو آهي. فيض احمد فيض ۽ گلزار کان پوءِ پروين شاڪر منهنجي فيورٽ شاعره رهي آهي. پروين پيار جي ترجمان شاعره هُئي، ان جي ڪري سندس ڪتاب ”خوشبو“ پريمي جوڙن ۾ وڏو مشهور ٿيو. نوجوان جوڙا هڪ ٻئي کي گفٽ ۾ ”خوشبو“ ڏئي کلي طرح اظهار ڪري وٺندا آهن ڇو ته ”خوشبو“ مجموعو پيار جي اظهار ۽ اقرار جيان آهي.
ابر بهاني
پهول ڪا چهرا
اپني بنفشي هاتهه مين لي ڪر
ايسي چوها
ڦول ڪي ساري دکه
خوشبو بن ڪر بهه نڪلي هين.

1 comment: