نامور شاعر شبير هاليپوٽي جي پهرئين شعري مجموعي
تي ويچار
دل جي غارِ حِرا جي در تي بيٺل شاعر
رفيق سيال
هڪ دفعي گوتم ٻُڌ پنهنجي هڪ ڀڪشوءَ کان پڇيو ته، ”تنهنجي
عمر ڪيتري آهي؟“
ڀڪشوءَ وراڻيو ته، ”اهي ڪي ست- اٺ سال“.
گوتم تعجب منجهان کانئس پڇيو ته، ”تنهنجي عمر ته لڳ
ڀڳ سٺ ستر سال کن ٿيندي!“
ڀڪشوءَ ڌيرج سان وراڻيو ته ”سائين مان جڏهن کان توهان
سان گڏجي گذارڻ لڳو آهيان، ان کي اهي ڪي ست-اٺ سال مَس ٿيندا. لِهاذا مان پنهنجي شعوري
عمر ڳڻيندس.“
بلڪل ان ڀڪشوءَ جي ڳالهه وانگر، ته هڪ شاعر ٻئي همعصر
شاعر کي تڏهن کان سڃاڻي، جڏهن کان سندس شاعري ميچوئر ٿيندي آهي. جيئن هڪ ماڻهوءَ جي
سڃاڻپ ظاهري ڏسڻ سان مڪمل نٿي ٿئي، جيستائين ڪنهن به شخص جي انفرادي يا اجتماعي، ٻاهرين
۽ اندرين ڪيفيتن، سماج ڏانهن يا سماج اندر رهندڙ جزوي يا ڪُلي شين ڏانهن سوچ جي سيڙپ
انساني شعور يا ڳانڍاپي سان معبتر نه ٿي ٿئي، تيستائين ڪنهن به فرد کي انساني ڪسوٽيءَ
تي پرکي نٿو سگهي. بلڪل ائين ئي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا راز پڌرا ٿي پوندا آهن، جن تي تعجب
ٿيندو آهي ته اسين ڪنهن به شاعر جي لکيل سِٽن جي سمورين سڀاويڪ ڪيفيتن، واقعن کان باخبر
ٿيندي ئي سوچڻ تي مجبور ٿي پوندا آهيون، ۽ دل چوندي آهي ته انهن محبوب سٽن جي مٿان
پاڻ گهوري ڇڏجي. جيئن ”لولي امرتا“ ۾ شبير لکيو آهي ته،
(امرتا شبير جي ڌيءُ آهي):
توکي
ماڻي جيون ماڻيم،
سچ
پچ ٻيهر جوڀن ماڻيم،
خالي
هئي اڳ جهولي امرتا،
لولي
امرتا، لولي.
مان جڏهن جڏهن به ويچاريندو آهيان ته ماڻهو انفرادي
طور جپسي ڇو ٿيندو آهي ۽ انسان مڪمل لڏپلاڻ کان پهرين شايد جسم جي هڪ هڪ حصي سان لڏپلاڻ
ڪندو آهي. خيالن جي لڏپلاڻ، اکين جي لڏپلاڻ جهڙي ٿيندي آهي. شايد اسان جون اکيون سچ
پچ ته لاڏائو آهن، جيڪي هونديون ته اسان وٽ آهن، پر سپنا محبوبائن جا ڏسنديون آهن.
۽ ائين ئي شبير جون به اکيون امرتا ۽ سنڌيا ڏانهن لڏي ويون آهن، جيڪي سندس نياڻيون
آهن. هاڻي هي شخص انهن جي اکين سان پاڻ کي ڏسي ٿو.
جڏهن شاعر شاعريءَ سان بيمار سماج کي ڏسندا آهن، تڏهن
ڪنهن به لقمان، اجمل ۽ نول گهوٽ جي تپاس ان جي حصي جي برابر نه هوندي آهي، تڏهن ئي
شاعر سماجن جي اندر ٻرندڙ ماحول ۽ ماحول جي طبيعت کي ڏسي اهڙو ته لکي ويهندا آهن، جو
روميءَ جهڙي جوان کي به ان جو دليل ڏيڻو پئجي ويندو آهي، ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙو انسان اهڙو
خيال پيش ڪري وٺندو آهي، جو زمين ۽ آسمان جي وسعتن ۾ به نه ماپي سگهندو آهي.
”بي يقيني به آ يقين هڪڙو.“
(شبير)
شبير کي هڪ دفعي مون چيو هو ته، هاڻي تون ان جاءِ تي
وڃي بيٺو آهين، جتي درد ئي دوا ٿي پوندا آهن، جتي بيچيني ۾ ئي چين هوندو آهي.
حال
شبير جو صفا ڪونهي،
جا
به هوندي، اها عطا هوندي.
هاڻي شاعري شبير لاءِ ”فذڪروني اذڪرڪم“ وارو ڪم ڪري
ٿي، ڇاڪاڻ ته شبير وٽ پنهنجي لاءِ گهٽ، پر شاعريءَ لاءِ وقت گهڻو آهي. شايد هي ”يوجيني
يووشڪي“ واري ڳالهه سمجهي ويو آهي ته، شاعري بي وفا ساهيڙيءَ وانگر ٿيندي آهي کيس ڪبو
ته هوءَ به ياد ڪندي. تڏهن ئي ته هي مسلسل لکي رهيو آهي.
شبير جي شاعري ته مون کي وڻندي ئي آهي، پر هي درياهه
دل شاعر شبير هاليپوٽو مون کي هر حال ۽ حوالي سان ايترو وڻندو آهي، جو جيڪڏهن
مون کان ڪو به خواهش پڇي ۽ خواهش پوري ڪرڻ ان جي وس ۾ هجي، ته شايد مان کانئس اها خواهش
رکان ته مان شبير وانگر ”نه ڏسڻ مان ڏسڻ چاهيندس.“
بلڪل ائين ته:
سينو
ڦرهي سڌي، وقت اُلٽا اکر،
تو
نظر سان ڪيا صاف سٿرا سَنوان.
مان پوري ذميواريءَ سان هيئن چوان ته شايد وڌاءُ نه
ٿيندو ته، ”ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ سان اسين ڪنهن به قيمت تي انصاف نٿا ڪري سگهون،“
ڇاڪاڻ ته شاعري صحراءِ عرب آهي ته ڪو به نٻل ابوذر پنهنجي پوڙهن پيرن سان سمورو پنڌ
پير- پير سان نٿو لتاڙي سگهي. سنڌ جو هي ڀاڳوان شاعر آهي، جنهن سان اسان دوست بي انتها
اُڪير ۽ پيار رکون ٿا. سندس چواڻي ته:
مون
جهڙو ڪو ماڻهو جڳ ۾ ملندئي ڪونه،
مون
کان پوءِ يا مون کان اڳ ۾ ملندئي ڪونه.
جِستي
ٿانون عيوض توکي ملندو جست،
دل
جهڙو ڪو ٿانءُ ته ڀڳ ۾ ملندئي ڪونه.
بقول شبير ته: رويا درجه بنديءَ جيان ٿيندا آهن. ماڻهو
جڏهن واضح ٿي پوندو آهي، تڏهن سندس چٽو ڪرداري رويو ساميءَ جي سلوڪن
جهڙو ٿي پوندو آهي.
جبران چيو هو ته الجبرا ان ڪري مون کي پسند ناهي جو آلجبرا ۾ ۱+۱=۲ ٿيندا آهن ۽ آءٌ چاهيان ٿو ته ۱+۱=۱ هجي. جيئن ساجن هم تم ايڪ هين، ديکن مين هين دو.
تون
جي آهين آهي پوري ڪائنات،
تو
سوا سهڻا اڌوري ڪائنات.
منهنجي
لئه هڪ تون ضروري آن شبير،
تنهنجي
لئه هوندي ضروري ڪائنات.
يا
ٻي
دنيا بس بي معنيٰ هئي،
مان
تنهنجو هئس، منهنجو هئين تون.
هي تحليلي رويو شبير جي شاعريءَ ۾ هر هنڌ واضح ۽ چٽو
ملي ٿو.
شبير هاليپوٽو منهنجي لاءِ هالاڻيءَ جي ان مندر جيان
آهي، جنهن جو جڏهن به فجر مهل گهنڊ وڄي ٿو ته ڄڻ منهنجي ستل شاعريءَ جا پکي اڏامڻ جي
عمر ماڻي ٿا وٺن. الائي ڇو، سندس شاعري پڙهڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ منهنجي من جو ياتري شاعر
شبير جي شاعريءَ جي مندر جي دروازي تي مٿو ٽيڪڻ تي مجبور ڪندو آهي.
منهنجي
دل ۾ جاءِ هئي بس ايتري،
عمر
ڀر هڪڙو رهيو تنهنجو گمان.
هن گمان جي سوليءَ تي شبير جون سِٽون ڪائنات جا راز
پروڙينديون رهن ٿيون. هي شاعر جنهن شاعريءَ جي ڌنوڻ هر وقت ڪنهن لوهه کي گرم ڪرڻ لاءِ
بٺيءَ کي گرم رکيو اچي ٿي، جيڪا ڪنهن به سنڌ جي مهمان نواز وانگر، ڪڏهن ان ڪري به ٿڏي
نٿي رهي ته متان ڪو مسافر اوچتو اچي وڃي ۽ کيس گرم ماني نه ملي سگهي. بلڪل ائين ئي
شبير جي شاعريءَ جي چُلهه هر وقت گرم رهي ٿي.
متان ڪو سورائتو اوچتو اچي وڃي ۽ کيس گرم مانيءَ
جهڙيون سِٽون نه ملي سگهن.
هر هڪ شاعر وٽ لکڻ جو انوکو انداز ٿئي ٿو. مان هتي
ٽن شاعرن جون سٽون کڻڻ چاهيان ٿو، جن جا خيال پنهنجي ڪيفيتن جي ترجمان ڪن ٿا.
هونئن به جنهن ملڪ ۾ به وڃبو آهي، ان ملڪ ۾ ان ملڪ
جي سڪي سان ڪاروبار هلندو آهي. خيام فرمائي ٿو:
”هي هڪ، ٻه، ٽي ڏينهن عمر گذري ويئي، جنهن نديءَ
۾ پاڻي ۽ بيابان ۾ هوا مون کي ٻه غم ياد نه آيا، هڪ اهو ڏينهن جو نه آيو آ، اهو ڏينهن
جو گذري ويو.“
۽ فيض احمد فيض چوي ٿو:
وه
خواب جو ديکا نه ڪڀي لي اُڙا نيندين،
وه
درد جو اُٺا نه ڪڀي کا گيا دل ڪو.
منهنجو دوست شبير انهن ڪيفيتن کي جڏهن پنهنجي انداز
سان ڏسي ٿو ته بي ساخته چوڻو ٿو پويس:
جيئڻ
هڪڙي ڪوشش هئي،
سا
به پتو پيو سازش هئي.
يا
ڪچي
مٽيءَ جي حيات آ سا ڀُري رهي آ،
حيات
ڇا بس مٽي، مٽيءَ ڏي سُري رهي آ.
امر
بڻائي وڃي حياتي اها امرتا،
اڃا
نه آئي اُڪير ان جي هُري رهي آ.
ماڻهو چرخ ريت ۾ ڦرندو رهي ٿو. داڻو داڻو، ڦڙو ڦڙو،
پل پل ۽ نه ڄاڻان ڪيڏانهن ڪاهيندو پيو وڃي. خيالن جي مهربان مهريءَ تي وڃي پيو هلندو،
ڏسندو، سوچيندو، ويچاريندو. آخر ڪيڏانهن پيو وڃي، نيٺ وڃڻو ڪيڏانهن اٿس؟ مون کي معلوم
نه آهي- ته معلوم ۽ نامعلوم هيءَ عجيب اُڻت آهي. شايد واڻيل هجڻ لاءِ اڻ واڻيل هجڻ
ضروري آهي. اسين ڄڻ ته پنهنجي ڄمار ۾ شاعري پوکيون ٿا. ان فصل جا داڻا ڪنهن کي نصيب
ٿيندا. اسين جيڪي پنهنجي سٽن ۾ پرديسي آهيون، دوستن جي اکين ۽ روين ۾ ديسَ ٺاهيون ٿا.
مون کي خبر ناهي ته ارسطو، سڪندر مقدوني کي خوبصورت
محلات ۾ ڏسندي ائين ڇو چيو هو ته تو محلات ۾ انتظام اهڙيءَ ريت ڪيو آهي، ڄڻ توکي هتان
وڃڻو ئي ناهي. هي اچڻ، وڃڻ ۽ ملي جدا ٿيڻ ۽ جدا ٿيڻ کان پوءِ وري ملڻ جي آس سڀ ڪجهه
جڏهن شبير جي شاعريءَ ۾ پڙهان ٿو ته مون کي منهنجن کوڙ سارن مونجهارن جو حل ملي وڃي
ٿو، پوءِ به ڪيترا خال ۽ سوال دل ۾ رهجي ڇو ٿا وڃن؟ ڇا ڏک به موروثي ٿيندا آهن، يا
الهامي! اي شاعر، مون کي اهو به ٻڌاءِ ته جن ڏکن کي سبب ٿيندا آهن، اهي ڏک نه پر مسئلا
ٿيندا آهن؟ آخر ڇا آهي:
زماني
جي بدلجڻ کان اسين آگاهه ئي ناهيون،
صدي
گذري، صدي آئي، اسان لئه ڳالهه ساڳي آ.
يا وري هيئن به ته:
نوان
ڪردار ۽ منظر،
مگر
موضوع اهو ساڳيو.
اهو
ئي درد جو قصو،
اهو
ئي آءٌ قصه گو!
دنيا ۾ بس هڪ ئي پناهه گاهه آهي- دوستن سان گڏجي رهڻ.
الائي ڇو هڪ ڏينهن جڏهن مون شبير کي چيو هو ته شبير ڪي ڪي دوست مائرن جهڙا ٿيندا آهن،
ته هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو. مون کي ته هن جي ڳوڙهن کي محفوظ رستو ڏيڻ جو ڏانءُ
ڪونه ٿي آيو، پر هڪ دفعي منهنجي ڪنهن دوست مون کي هڪ خوبصورت ميسيج موڪليو هو ته: هڪ
جوڪر ماڻهن کي هڪ ڀوڳ ٻڌايو ته سڀئي ماڻهو کلي کلي کيرا ٿي پيا. هن وري ساڳيو جوڪ ٻيهر
ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن مسڪرايو. هن وري ساڳيو جوڪ ٽيهر ٻڌايو ته سڀئي ماڻهو خاموش ٿي
ويٺا رهيا ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ ڪو به ٽهڪ نه ڏنو. تڏهن ان جوڪر هڪ خوبصورت ڳالهه ٻڌائي
ته، ”جڏهن توهان ماڻهو هڪ خوشيءَ کي کڻي سدائين خوش نٿا رهي سگهو، ته پوءِ توهان هڪ
غم تي سدائين روئندا ڇو آهيو؟! جڏهن ته ڪا به شيءِ مستقل نه آهي“.
شبير جي شاعريءَ تي يا ڪنهن به ٻئي شاعر جي شاعريءَ
تي ڇا ڳالهائجي! سچ ته اهو آهي ته شاعري ڳالهائيندڙ ۽ اسين ٻڌندڙ آهيون. شبير جي شاعريءَ
۾ کوڙا موضوع اهڙا به آهن، جن تي مان جيڪڏهن لکندو هلان ته شايد منهنجو مضمون ختم ئي
نه ٿئي. هونئن به شاعري آهي ڇا؟ مون کي ڇا معلوم- جڏهن ٽي. ايس ايليٽ
جهڙو ماڻهو شاعريءَ تي ڊگهو ليڪچر ڏيندي چئي ويهي ته:
“I do Not know what is poetry.”
شبير جي شاعريءَ ۾ فرد جي اڪيلائي، اجتماعيت جا ڏيک،
انسان دوستي، ولوڙ ۽ پيڙا موجود آهي، عالمگيريت ۽ همه گيريت موجود آهي. شبير جي شاعريءَ
۾ اهڙا ڪيترا ئي رنگ موجود آهن. آخر ۾ شبير جون هي سٽون ڪيئن ٿو وساري سگهان، جيڪي
مون کي ڏاڍو وڻنديون آهن:
آءٌ
مقتول جي نسل جو ئي،
هونئن
غم کي به غم قتل جو ئي.
No comments:
Post a Comment