06/01/2013

احسان دانش جو مرتب ڪيل ڪتاب - رکيل مورائي



احسان دانش جو مرتب ڪيل ڪتاب
”موهن جو دڙو“
رکيل مورائي
پڪ سان موهن جو دڙو اسان جي تهذيب جو اهڙو اهڃاڻ آهي، جيڪو اسان جي تهذيب جي قدامت کي ظاهر ڪري ٿو، اهو اسان کي سڀ کان پهريان شايد رکيلداس بئرجي ۽ جان مارشل ٻڌايو هو، جن کان پوءِ دنيا جو رخ سنڌو تهذيب ڏانهن مُڙيو ۽ ان بابت مسلسل تحقيق ٿيندي رهي ۽ لکبو رهيو. ڪيترين ئي ٻولين ۾ سنڌو تهذيب بابت گهڻو ئي ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ اهو ڇپبو به رهيو آهي، جنهن مان چونڊ 23 مضمون اسان جي نوجوان دوست، خوبصورت شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ۽ هن ڪتاب اچڻ کان پوءِ هڪ وڌيڪ مرتب ڪندڙ اهم ڪتاب جي حوالي ۾ ايندڙ نالي احسان دانش گڏي هيءُ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي.

هن ڪتاب ۾ رنگين تصويرن ڪتاب کي وڌيڪ اهم بڻايو آهي. جن اسڪالرن جا هن ڪتاب ۾ مضمون، مقالا ۽ ٻيا ليک آهن، انهن جا نالا آهن: ايڇ ٽي لئمبرڪ، تاج صحرائي، محمد يوسف ابڙو، سبط حسن، جين فيئرلي، ڊاڪٽر غلام رسول سومرو، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، محمد ادريس صديقي، رحيمداد مولائي شيدائي، غلام قادر بروهي، آصف رضا موريو، ڄمناداس، دادا سنڌي، شاهنواز سوڍر، غلام مصطفيٰ شر ۽ بدر ابڙو. جڏهن ته موهن جي دڙي جي ٻوليءَ بابت پڻ پنج مضمون ڪتاب ۾ شامل آهن، جن جا لکندڙ آهن، اسڪوپارپولا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الاانا، سراج الحق ميمڻ ۽ انيس انصاري.
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي.

No comments:

Post a Comment