شيخ اياز جي ڪتاب ”وڄون وسڻ آئِيون“ جو مهاڳ
محمد ابراهيم جويو
’اياز‘
جي شعر جو هيءُ چوٿون ڪتاب آهي، جو پيش ٿي رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ آيل شعر ۱۹۶۸-۱۹۶۴ع جي دور جو شعر آهي. سنڌ جي
تاريخ جا هي چار سال نئين سنڌ جي قومي جدوجهد جا خاص يادگار سال آهن. انهن چئن
سالن ۾ محب وطن سنڌي اديبن ۽ دانشورن ون يونٽ جي سامراج خلاف قومي جدوجهد جي
اڳواڻيءَ جا فرض پوريءَ ڄاڻ، حوصلي ۽ ثابت قدميءَ سان ادا ڪيا. سنڌ جي اديبن ۽
دانشورن جو هيءُ ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ سدا روشن باب ٿي رهندو.
۱۹۵۵ع ۾ اولهه پاڪستان جي ننڍين
قوميتن جي پيرن ۾ ون يونٽ جي غلاميءَ جا زنجير وڌا ويا. ۱۹۵۸ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي،
انهن زنجيرن
کي مضبوط ڪيو ويو. ۱۹۵۸ع
کان ۱۹۶۸ع
وارا ڏهه سال اولهه پاڪستان ۾
هر طرف سياسي هيبت ڇانيل هئي. پر سنڌ ۾ اهي ڏهه سال سنڌ جي وطن دوست اديبن ۽ شاعرن
جو آواز ڪڏهن به خاموش نه ٿيو. هن دور جا پويان چار سال ايوبي آمريت جا سخت ترين
سال هئا. سنڌ جي باغي اديبن جي جدوجهد جو زور پڻ پنهنجي چوٽيءَ تي هنن ئي چئن سالن
۾ رهيو.
’اياز‘
جو ۱۹۶۲ع ۾
ڇپيل پهريون شعر جو ڪتاب ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ ۱۹۶۴ع ۾ ضبط ٿيو. ’اياز‘ جو ٻيو
شعر جو ڪتاب ’ڪلهي پاتم ڪيِنرو‘ ۽ سندس نثر جو
ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ۱۹۶۸ع ۾ ضبط ٿيا. محب وطن سنڌي
اديبن جا گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ۽ گهڻي ۾ گهڻا سنڌي رسالا به هنن ئي چئن سالن ۾ ضبط
ٿيا. ۱۹۶۵ع
(سيپٽمبر- ڊسمبر) ۾ پهريون ڀيرو ’اياز‘ کي جيل موڪليو ويو. سندس لافاني نظم
’زندان، هزارين مان نه رڳو‘ (جيڪو هن ڪتاب جي ۵۵ ص تي آيل آهي) اُن قيد جي
ڏينهن جو رچيل آهي. ۱۹۶۸ع
جي آخر ۾ مٿس قلم ۱۲۳-
الف (ڏوهه- بغاوت، سزا- عمر قيد، ڦاسي)
هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو. هن قلم هيٺ، پاڪستان ۾، ان دور تائين، سواءِ خان غفار خان
جي، ٻئي ڪنهن تي به ڪيس داخل نه ٿيو هو. هن ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت جي
درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ فيصل ٿئي ئي ٿئي، ان کان اڳ نومبر ۱۹۶۸ع ۾ ايوب شاهيءَ جي تيرهن وڏن
ڏوهارين (سنڌ مان ٽن- ذوالفقار علي ڀُٽي، ممتاز ڀُٽي ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر)
سان گڏ ’اياز‘ کي پڻ قيد ڪيو ويو. جن مان گهڻا پنجاب جي ساهيوال جيل ۾ بند ڪيا ويا
۽ ’اياز‘ به ساڻن گڏ اُتي هو. جهلجڻ کان ٿورو اڳ جون سندس رچيل وايون (سنڌڙيءَ ساٿ
سچوم، ڪوري ڪنڌ
ڏنوم، گهوريس گهوريس سنڌ تي! ۽ ٻيون) هن ڪتاب جي آخر ۾ صفحن تي ڏنل آهن.
مطلب
ته، جيئن مٿي چيو ويو، هن ڪتاب ۾ ’اياز‘ جو پيش ٿيل سڄو شعر سنڌي ادب جي ۱۹۶۴ع کان ۱۹۶۸ع تائين وارن چئن سالن جي
شديد قومي جدوجهد جي دور جو شعر آهي. سنڌي ادب جا پڙهندڙ ۽ پارکو هن شعر جي فڪري ۽
فني اهميت جي ڪَٿَ پڻ سنڌ جي قومي تاريخ جي ان اهم دور کي خيال ۾ رکي، ڪري سگهن
ٿا.
فيبروري
۱۹۶۹ع ۾
جيل مان نڪرڻ کان فوراً پوءِ ’اياز‘ جو ٻن مهينن، يعني مارچ - اپريل، جو نئون چيل
ڪلام، اُن جي وقتائينءَ اهميت سبب، ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘
جي نالي هيٺ بروقت شايع ٿيو. پر ان کان اڳ جو سندس هيءُ رچيل
ڪلام، جيڪو هاڻي هن ڪتاب ۾ پڌرو ٿي رهيو آهي، ان جي اشاعت کي ان ڀيري روڪيو ويو
هو. هيءُ ڪلام گهڻي ڀاڱي پنهنجي پنهنجي وقت تي هڪ ڀيرو ڇپجي به چڪو هو- اڪثر طور
انهن ڏينهن جي سجاڳ، ذميندار ۽ پختي قومي شعور رکندڙ
ماهاني ادبي رسالي ’روح رهاڻ‘ جي ورقن ۾ ’جل جل مشعل جل‘، ’هي گيت
اڃايل مورن جا‘ ۽ ’رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي‘
وارا ننڍا ننڍا مجموعا، الڳ الڳ، پهريائين ان رسالي ۾ ئي ڇپيا هئا، جن مان پهرين
ٻن مجموعن تي، تعارف طور، راقم جا مهاڳ به انهن موقعن تي ڇپيا هئا. اهي ٻه مهاڳ به
هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ته جيئن پڙهندڙن جي سامهون ان وقت جي
مخصوص ادبي ۽ سياسي فضا جو نقشو اڀري سگهي.
مئي ۱۹۷۱ع ۾ ’اياز‘ کي وري جيل وڃڻو
پيو، جتان هو جنوري ۱۹۷۳ع
۾ آزاد ٿيو. هي اٺ مهينا ’مسلم بنگال‘
سڙندو رهيو. پر هتي اولهه پاڪستان ۾، ’قومي ٻولي‘ جا شاعر، وڏي ٺٺ سان، ’غالب ڪي
دربارعام‘ جا جشن عام ملهائڻ ۾ مشغول رهيا‘ ’اياز‘ اهي اٺ مهينا قيد ۾ رهيو ۽
بنديخاني جي انهن مهينن ۾ هن سنڌ کي لڳ ڀڳ ٽن سئو صفحن جو وڌيڪ ڪلام ڏنو. قومن جي
عظمت ۽ بقا جي ضمانت قومن جا خاص خادم پنهنجي اعليٰ پورهئي جي اهڙن بي بها ۽
لافاني تخليقن جي شڪل ۾ ئي پيش ڪندا آهن. سنڌ جڏهن ڦورو نادرشاهه ۽ اهڙي ئي شيطان
صفت سندس جُٽ ۽ پونير احمد شاهه ابداليءَ جي خوني گهوڙن جي سنبن هيٺان چيٿاڙجي رت
رت ٿي رهي هئي، تڏهن بيواهيءَ سنڌ
جو سورائتو سپوت، شاهه عبداللطيف، پري پنهنجيءَ ڀٽ تي پاڻ کي بند سمجهي، سنڌ جي لازوال
عظمت ۽ بقا جو صحيفو تخليق ڪري رهيو هو. اڄ سنڌ وٽ ’شاهه
جو رسالو‘ نه هجي ها، ته سنڌ جي قومي وجود جي دعويٰ جو دليل ئي ڪيترو هجي ها!
’اياز‘ جو هيءُ نئون ڪلام،
جيڪو هن پاڪستان ۾ بنگال جي رتوڇاڻ هلندي، قيد جي اٺن مهينن ۾ تخليق ڪيو، سو جدا مجموعي
۾ ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ جي نالي هيٺ گڏ ڪيو ويو آهي ۽ اميد آهي ته هن زير نظر
ڪتاب جي اشاعت کان هڪدم پوءِ پريس ۾ موڪليو ويندو.
ڪجهه
ڏينهن اڳ، هلڪي ۽ پاڻ هُرتڙي سياست، رڳو پاڻ اڳي ڪرڻ لاءِ جُڙتو سنڌ دوستيءَ جو
جامو پائي، قومي جدوجهد ۾ محب وطن سنڌي اديبن جي تاريخي ڪردار کي لوئڻ ۽ گهٽائڻ
شروع ڪيو. افسوس، جو ان ۾ هن سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڄاتل سڃاتل ۽ آزمايل قومي دشمنن ۽
انهن جي نجس ۽ لوسي ٻولڙين جي پاسي کڻڻ ۽ پاسي جهلڻ کان به حذر نه ڪيو. هن قسم جي
خود پسند سياست ئي پهريائين اسان جي محب وطن شاگرد تحريڪ ۾ تفرقا وڌا ۽ ان کي ڊانا
ڊول ڪيو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو اسان جي ادبي دنيا ۾ هن سؤليءَ ۽ سستيءَ سنڌ-
دشمن سياست کي هيل تائين ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو آهي ۽ محب وطن سنڌي اديب ۽
دانشور پنهنجيءَ ڳالهه تي اڳ به انهيءَ ئي ثابت قدميءَ سان قائم بيٺا آهن، جهڙا
اڳي هئا. هو پنهنجي ادب جو واحد سماجي ڪارج هي سمجهن ٿا ته اهو سنڌ جي قومي جدوجهد
۽ سنڌي عوام جي وطن دوست انقلابي جدوجهد ۾ هڪ ڪارگر ۽ مضبوط هٿيار جو ڪم ڏيئي
سگهي.
اسان جي سڄاڻ ۽ پياري ساٿيءَ، رسول بخش پليجي، جي لفظن ۾
’اسان جي قومي ادب کي اڃا ڪئين کوٽن ۽ ڪمزورين تي غالب پوڻو آهي. ان کي اڃا صحيح
معنيٰ ۾ انقلابي ۽ عوامي ٿيڻو آهي.“ وقت آيو آهي، جو اسان جا
سمجهه ۽ ساڃهه رکندڙ اديب ۽ شاعر، وطن دوست عوامي انقلاب جي راهه ۾، جيڪا راهه اسان
لاءِ تاريخ اڄ مقرر ڪئي آهي، پنهنجون سموريون فڪري ۽ فني ڪوششون ظالم ۽ ڦورو طبقن
جي ظلم ۽ ڦرلٽ کان پنهنجي محبوب وطن کي آزاد ڪرائڻ ۾ صرف ڪن. اميد آهي ته ’اياز‘
جي هنن ٻن ڪتابن- ’وڄون وسڻ آئيون‘ (جيڪو پڙهندڙن جي هٿ ۾ آهي) ۽ ’ڪپر ٿو ڪُن
ڪري‘- جي شايع ٿيڻ سان سنڌي ادب، پنهنجي منصب ۽ معيار جي خيال کان نئين سر اڳتي
وڌڻ شروع ڪندو.
ڪتاب
جي پڇاڙيءَ ۾ شعر جي فهرست ڏني وئي آهي، جنهن ۾ بيتن کان سواءِ، ٻئي هر شعر، يعني
واين، گيتن وغيره جي پهرين پهرين سٽ ڏنل آهي، ته جيئن پڙهندڙن کي خاص خاص شعر کي
ڳولي پڙهڻ ۾ سولائي ٿي سگهي. شعر جي فهرست کان پوءِ، ’اياز‘ جي شعر ۾ ڪم آندل ڪن
ٺيٺ سنڌي لفظن جون معنائون به ڏنيون ويون آهن. جي سنڌ جي عوام لاءِ ته اوپرا نٿا
ٿي سگهن. پر عوام جي دنيا کان پري شهرن ۾ رهندي رهندي، اسان جي ڪن لکيل پڙهيل
ڀائرن لاءِ البت نوان ٿي سگهن ٿا.
قومون
جڏهن پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ چاهينديون آهن، تڏهن پهريائين پنهنجي ٻوليءَ کي
سڃاڻينديون سمجهنديون آهن، ڇو ته ٻولي ئي سندس سڃاڻپ جو اصل نشان ٿئي ٿي. هر قوم
جي پنهنجي
پيڙهائتي ٻولي آهي. اڌاري ٻوليءَ جا گاڏڙ ٻوليءَ تي هلندڙ قوم جي زندگي جڙتو ۽
کوکلي ٿئي ٿي. جيتري نبار ۽ نج ٻولي، اوترو ان قوم لاءِ پاڻ سڃاڻڻ سؤلو ۽ پنهنجي
آزادي ماڻڻ آسان ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو تاريخ ۾ جڏهن به ڪنهن قوم پاڻ کي قوم
سڏائڻ جي لائق سمجهيو اهي، تڏهن پهريائين ان پنهنجي ٻوليءَ کي جياريو آهي ۽ وڌايو
آهي. توڙي جو سندس اها ٻولي سوين سال ڪم نه آئي هجي، يا ان جو ادب کڻي ڪيترو به
پوئتي پيل ۽ اڻپورو رهجي ويل هجي ۽ ان جا لفظ ڪيترا به ڪم کان نڪري ويل هجن يا رڳو
اڻ پڙهيل جهانگين ۽ جهوپڙن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ باقي وڃي بچيا هجن. ٻوليءَ جي پنهنجن
لفظن ۾ جيڪا ڇڪ ۽ ويجهڙائي ٿئي ٿي ۽ سمجهه ڀريل رهي ٿي، اها ڌارين لفظن ۾ ڪڏهن به
ڪا نه ٿي رهي، پنهنجا لفظ کڻي ڪيترا به خيالي دنيا جا هجن، پر اهي ڏٺل وائٺل دنيا
سان لاڳاپيل رهن ٿا جيئن ڌارئين لفظ ’اتحاد‘ جي سامهون پنهنجو لفظ ’ٺهراءُ‘ آهي ۽
ائين ٻيا لفظ ۽ انهيءَ ڪري اهي نج پنهنجا لفظ ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻنهي کي هڪ سمجهه
۽ هڪ سڀاءَ جي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏين ٿا.
جيڪڏهن
ادب کي قومي ادب ٿيڻو آهي ۽ قومي ادب کي اڳتي وڌي صحيح معنيٰ ۾ عوامي ادب ٿيڻو آهي، ته ان
لاءِ ادب جي ٻوليءَ کي پهريائين ڇڙجي ڇنڊجي قومي يا عوامي ٻولي بنجڻو آهي. قومي ۽
عوامي ادب جي راهه ۾، ٻين ڳالهين سان گڏ ’اياز‘ پنهنجي شعري ٻوليءَ کي جو قومي ۽
عوامي رنگ ڏنو آهي، اهو سندس ڪم سنڌي قوم ۽ ان جي آئيندي لاءِ آب حيات کان گهٽ نه
آهي.
’ڪپر
ٿو ڪُن ڪري‘ جي ڪلام کان پوءِ (جيڪو پوئين ڀيري جيل ۾ ’اياز‘ چيو)، ٻيو ڪو وڌيڪ
ڪلام هن ڏيڍ سال کن جي مدت ۾ هن ڪونه چيو آهي. شايد شاعريءَ جي ڏات، جنهن کي
’اياز‘ پنهنجي هڪ مضمون ۾ ’بيوفا سُريت‘ ڪوٺيو آهي، هڪ ڀيرو وري کانئس رسي ويئي
آهي پر اها وٽس وري ايندي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ نئين ڪوتا ملندي، جا پڻ مهانُ
هوندي، جا پڻ امر هوندي. هن سلسلي ۾، ’اياز‘ پاڻ سان گڏ هر شاعر جي دل کي سمنڊ
سان، ان ۾ اٿندڙ امنگن کي سِپُن
سان، خيالن کي موتين سان ۽ آسمان ۾ ڀرجي ايندڙ بادلن ۽ انهن مان وسندڙ مينهن کي حالات
سان ڀيٽيندي، شاعريءَ جي هن ڪرشمه آرائيءَ تي پاڻ به وڏي اچرج جو اظهار ڪيو آهي.
ڇا ڇا نه سمندر
سرجي!
ٿا بيت اڇوتا
سپجن،
جنهن وقت گهٽا
ٿي گرجي-
ڇا ڇا نه سمندر
سرجي!
ڇا ويرؤن ويرؤن وايون!
*
هي جيءُ جڏهن ٿو
ڀرجي،
ڇا ڇا نه سمندر
سرجي!
پوءِ اُڌما
اَلُڙ اَلُڙ،
پو ڇا ڇَر ۽ ڇا
ترجي!
ڇا ڇا نه سمندر سرجي! (’اياز‘
هن ڪتاب ۾ ص - ۱۴۸)
سو
اسان جو هيءَ هاڻوڪي سنڌ جڏهن پاڻ سڃاڻيندي ۽ پاڻ ڀري ٿيندي ۽ ان جو پورهيت عوام
پنهنجا پنهنجا بند ڇني اٿندو ۽ پنهنجي انقلابي جدوجهد سان پنهنجي هن سونهاري ديس
جي پاڪ ڌرتيءَ تي پرمارن جا کتل نيش ۽ خوني چنبا پَٽي، ڀڃي ۽ پاڻ ڇڏائي، اڳتي
وڌندو، تڏهن ان اجهل ۽ عظيم عوامي انقلاب جي ’ڪاريءَ گهٽا‘ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو
عظيم عوامي ادب به اوس اُڀرندو. ان ادب جو شهڪار ڪير رچيندو؟ سنڌي نثر ۽ نظم ٻيئي
انهن لاءِ انتظار جون اکيون راهه ۾ وڇايون ويٺا آهن.
انقلاب
پنهنجا اديب پاڻ پيدا ڪندو آهي. پر اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته، ’اياز‘ جو ڪجهه
سنڌي ادب کي ڏنو آهي، اهو پنهنجيءَ جاءِ تي املهه ۽ بي مثل آهي ۽ ’اياز‘ کان سنڌي
ادب کي اڃا جو ڪجهه ملڻو آهي، ان جو اَسٿان اڃا ئي ڪجهه مٿي هوندو ۽ ان جو ملهه
اڃا ئي ڪجهه اوچو هوندو:
پهريون پهريون
لفظ خدا جو ’ڪن
فَيَڪون!‘
سڀ ۾ ساڳيو جوش
جنون-
ڪُن فيڪون!
ڏات خزانو آهي،
ڀل ته وراهي
موتي هيرا،
نيلم نيرا!
ڀل ته ڪري
سينگار صدين جا!
روڪ نه تن کي
ٽوڪ نه تن کي
هي جي سرجڻهار صدين جا- (’اياز‘،
ص -۱۴۸)
’اياز‘
شاعر، موسيقار ۽ مصور کي ’صدين جا سرجڻهار‘ سڏيو آهي، ’اياز‘ پاڻ به ’صدين جو
سرجڻهار‘ آهي. ’اياز‘ جي شاعري اڄ لاءِ به آهي ۽ آئيندي لاءِ به آهي. ’اياز‘ جي
شاعري پنهنجي بي ساختگيءَ ۽ ٻوليءَ جي سادگيءَ سبب عام جي شاعري ته آهي، پر ساڳئي
وقت ڪجهه عام ۽ مٿاڇريءَ سمجهه کان مٿي به آهي. رواجي نموني ۾ هر ڪو ان کي هُوڙهه
سان پڙهيو وڃي ۽ ائين به ڀانئين سگهي ٿو ته اهڙي سؤلي ۽ سڌي شاعري هو پاڻ به ڪري سگهي ٿو ۽ هوند ڪري به ته
ڏاڍو چڱو پر، خود ’اياز‘ جي لفظن ۾:
جوڳڻ سڀڪا جيءَ
۾، ميران مَٽ نه ڪا،
ٿيندي گيڙوءَ
گيت سان، ڪهڙي مُنڌُ مَٽا!
ڪيرت ڪاڻياريون گهڻيون، ڪنهن ڪنهن منجهه ڪَلا،
جنهن ۾ جيءَ جلا، ڪانکي تنهن جو
ڪينرو.
(۱۹۷۲-۸-۱۵ع)
No comments:
Post a Comment