16/01/2013

ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي جدوجهد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“ - رکيل مورائي



هڪ سياسي ڏاهپ وارو ڪتاب
”نيلسن منڊيلا جي جدوجهد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“
رکيل مورائي
ڏکڻ آفريڪا ۾ ڄاول نيلسن منڊيلا، پڪ سان انهن سڀني قومن، طبقن ۽ گروهن جو آئيڊيل آهي، جيڪي قومي، طبقاتي ۽ ثقافتي آزديءَ لاءِ وڙهي رهيا آهن. ويهين صديءَ کي آزاديءَ جي صدي سياسي اصطلاح ۾ ان ڪري ڪوٺيو ويندو هو ته ان صديءَ  ۾ گهڻي کان  گهڻون تحريڪون هلي رهيون هيون. خود سترهين آڪٽوبر واري عالمي سوشلسٽ انقلاب نه رڳو روس پر دنيا جي وڏي حصي کي متاثر ڪيو. روس سوويٽ يونين بڻجي ويو ۽ دنيا جي غلام طبقن ۽ قومن جي اڳواڻي ڪرڻ لڳو جن جي ڏڍ تي ڪيترائي ملڪ آزاديءَ جي تحريڪن جو مرڪز بڻيا ۽ ائين سنڌ پڻ ان اثر کان بچي نه سگهي.

پاڪستان جي ننڍين قومن، سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ڪي تبديليون اچي رهيون آهن. سنڌ ۾ ان ئي دور ۾ هلندڙ تحريڪن مان هڪ شاگردن جي تنظيم ڊي ايس ايف به هئي، جنهن ۾ اسان جي دوست علي حسن چانڊئي ڀرپور حصو ورتو. پر سچ اهو آهي، اڻ ڳڻيا شاگرد اڳواڻ پڙهي پنهنجي پيٽ پوڄا ۾ لڳي ويا ۽ جن اڄ تائين پنهنجي دل ۽ دماغ کي سالم رکيو، جدوجهد ۾ سنڌي ماڻهن سان گڏ رهيا آهن يا انهن جي رهبري ڪري رهيا آهن علي حسن چانڊيو انهن مان هڪ آهي. علي حسن چانڊئي ڏانهن وڌيڪ ڪريڊٽ اهو وڃي ٿو ته هونه رڳو لکيو پڙهيو آهي پر سياسي طور هو جيڪو ۽ جيئن محسوس ڪري ٿو ان کي لکي سنڌي ماڻهن تائين پهچائڻ جو ڪم به ڪري رهيو آهي. هيءُ هڪ اهڙو ڪم آهي، جيڪو سنڌ جا ٿورا نوجوان سياسي اڳواڻ ڪري رهيا آهن. علي حسن جي انهن لکڻين تي ٻڌل تازو ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي، ”نيلسن منڊيلا جي جدوجهد ۽ سنڌي جي قومي تحريڪ“.
هن نالي مان ئي ظاهر آهي ته علي حسن پنهنجي سنڌين جي حقن لاءِ هلايل تحريڪ کي دنيا جي سڀني مظلوم قومن ۽ طبقن سان جوڙي رکڻ جو خواهشمند آهي، ۽ اهڙو اظهار هن ڪتاب جي لکڻين پڙهڻ کان پوءِ به محسوس ٿئي ٿو. هي ڪتاب اڄ جي سياسي ڪارڪنن لاءِ نهايت ڪارائتو ٿيندو ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌ جي سياسي شعور جو هڪ اهڙو اظهار آهي جنهن جي اڄ گهڻي گهرج آهي. 108 صفحن جي هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ورهايو ويو آهي. پهريون ڀاڱو انهن مضمونن جو آهي، جن جي نسبت نيلسن منڊيلا ۽ دنيا جي ٻين آزاديءَ جي تحريڪن سان آهي ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ اهي مضمون آهن جيڪي سنڌ جي قومي تحريڪ جي الڳ الڳ پهلوئن بابت لکيل آهن. سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي پڙهڻ جهڙي هن ڪتاب جو ملھه 200 رپيا آهي ۽ ڪتاب مهراڻ پبلشرز ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment