30/01/2013

اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو - واحد پارس هيسباڻي


اسان جي ڳالهه جي ڳل تان،
اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو
واحد پارس هيسباڻي
حسن درس جي وڇوڙي جي خبر هر ان ماڻهو تي وڄ جيان ڪڙڪي، جيڪو شاعراڻي دل رکي ٿو. حسن درس ڇا هو؟ ان جو اندازو هڪ باذوق کي ئي ٿي سگهي ٿو. هو پنهنجي ٽهيءَ جو بلڪل ئي منفرد ۽ مختلف شاعر هو، جنهن جي شاعري ۾ ڪنهن الهڙ جواني جي آلن وارن جهڙو هڳاءُ  آهي. هن جي شاعري ۾ بانسري جهڙو آلاپ آهي. حسن جا نظم محبوبا جي نهار جهڙا آهن. سندس شاعري کان شيخ اياز جهڙو روح به متاثر هو. اياز ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ جي مهاڳ ۾ هڪڙي هنڌ حسن درس لاءِ لکي ٿو ته: ”حسن درس نظم جو دانشور شاعر آهي.“ شاعراڻي دل رکندڙ عمر قاضي جيڪو اياز جي تمام گهڻو ويجهو رهيو، هن ٽيون ڏينهن ڪچهري دوران ٻڌايو ته: ’مان جڏهن به حيدرآباد ايندو هئس ۽ هتي اديبن شاعرن سان ٿيل ملاقاتن جو ذڪر اياز سان ڪندو هئس ته اياز پهريون سوال اهو پڇندو هو ته حسن درس مليو.‘ اهو حسن جي شاعري جو ڪمال آهي، جنهن ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر کي به پاڻ ڏانهن ڇڪيو. حسن ڪنهن کان متاثر ٿي شاعر ڪونه ٿيو، نه ئي فاعلن فاعلاتن سکڻ لاءِ ڪنهن ڪهنه مشق شاعر کان سڳو ٻڌرايائين. هو شاعراڻي دل سان ئي پيدا ٿيو هو. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاهي ڏني وئي هئي، تڏهن هي ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هو ۽ ان وقت ئي هن:
”ڦاهي جي جهولي تي هن کي ننڊ اچي وئي“
جهڙو شاهڪار نظم لکيو هو.

حسن روايتي شاعرن جيان محبوب جي ڌوڪي تي، هن جي بيرخي تي نوحه خواني ڪندڙ شاعر نه هو. هن جي شاعري ۾ جگر ۽ جيرن جي ڦٽجي يا سڙي ڪوئلو ٿي وڃڻ جي ڳالهه نه ٿي ملي. هن حسن کي ڳايو، حسينن جي اندازن کي، انهن جي نازن نخرن ۽ چلولائين کي ڳايو ۽ واهه جو ڳايو.  هن جي دل قلندراڻي هئي، جنهن ۾ دم دم ڌمال رهي:
هن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي
هن پٽ کي وڇائي ويڙهي سگهان ٿو آئون
هر خيال جي خدائي کيڙي سگهان ٿو آئون
مٽي مان هرڪو ماڻهو ميڙي سگهان ٿو آئون
آواز جي اٿڻ جي ڪيفيت ڪمال آهي
هن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي

مون ۾ ئي آڳ جرڪي، مون مان ئي گل بڻيو آ
مون ۾ ئي جز ڦٽو آ، مون ۾ ئي ڪل ڇڻيو آ
مون کي ڄڻيو محبت، محبت کي مون ڄڻيو آ
جڳ مڳ جلال آهي، جهرمر جمال آهي

هي رقص بي خودي آ، ديوانگي صدين جي
هن ۾ روانگي آ، ساري رکيل ندين جي
دنيا اسان نه سامهون بيهي سگهي بَدين جي
ڇيرن جي ڇم ڇما ڇم سمجهيم سوال آهي....
حسن درس پنهنجي وجود ۾ سراپا شاعر هو. هن جو ويهڻ، هن جو ڳالهائڻ، هن جو گهمڻ ڦرڻ شاعراڻو هو. هو شين کي شاعراڻي اک سان ڏسندو هو ۽ شاعراڻي انداز ۾ سوچي فيصلا ڪندو هو. حسن دل جي راءِ تي هلندو هو ۽ نتيجن، نفعن، نقصانن جي ڪابه پرواهه نه ڪندو هو. هو آزاد روح هو. هو روايتي شاعرن جيان هٿ ۾ بياض ۽ کيسي ۾ تازا شعر کڻي ڪونه هلندو هو، نه ئي 24 ڪلاڪ مشاعرن جي تاڙ ۾ رهندو هو. هن ايترو خوبصورت لکڻ باوجود ڪڏهن به ڪتاب ڇپرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. شاعر، اديب دوستن جو هڪ وڏو حلقو رکڻ جي باوجود هن پاڻ سان شام ملهرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. هو دل جي مس ۾ قلم ٻوڙي دل جي ڪوري ڪاڳر تي ئي لکڻ جو عادي هو ۽ هن جي شاعري هن جي چاهيندڙن جي دلين جي نوٽ بڪ تي ئي ملي سگهي ٿي. حسن محفلن ۾ گهٽ ويندو هو، پر جتي به ويندو هو، اتي محفل لٽي اٿندو هو. سندس شاعري ته قهر جي آهي ئي پر سندس پڙهڻ جو انداز به ايڏو ته ظالم هوندو هو جو ٻڌندڙ ڄڻ ته سراپجي  پٿر بڻجي ويندا هئا. حسن بس پڙهندو ويندو هو ۽ ان دوران هال ۾ ويٺلن ڏانهن داد طلب نظرن سان ڏسڻ جي ڪڏهن به ضرورت محسوس نه ڪندو هو.
هر ماڻهو جي من ۾ هڪڙي
گهوڙي جي ٽاپولي آهي
هر ماڻهو سمنڊ ذرو آ
هر عاشق کي ساحل آهي
هر ساحل کي اوسيئڙو آ
۽ هر اوسيئڙي جي ليئڙي ۾
ڪائي ڇلندڙ ڇولي آهي.
حسن شاعراڻي انداز ۾ زندگي گذاري ۽ سندس اجل نسيم کرل جي ڪهاڻي ’چوٽيهون در‘ جهڙو ٿيو. هي پورو ڏيڍ ڪلاڪ زخمي حالت ۾ تڙپندو رهيو ۽ قاسم آباد ۽ جي او آر ڪالوني جي پوليس ‘منهنجي حد ناهي’ واري تڪرار ۾ اٽڪي بي حيائي جو مظاهرو ڪري هن کي ان حالت ۾ ڇڏي ويندي رهي. جيڪڏهن ٻنهي ٿاڻن جي پوليس کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هي ڪنهن جي حد آهي ته گهٽ ۾ گهٽ کين بي شرمي جي حد ته سمجهه ۾ اچڻ گهرجي ها! ان جي ته هڪ حد ٿيندي آهي.
حسن جي گاڏي جي حالت ڏسجي ٿي ته هي ايڏو وڏو حادثو نه ٿو لڳي. سندس موت گهڻي وقت تائين رت وهڻ جي نتيجي ۾ ٿيو آهي. جيڪڏهن هن کي ترت اسپتال پهچايو وڃي ها ته هن جي زندگي بچي سگهي پئي، پر سنڌ جي هن البيلي شاعر ڏانهن هنن ٻنهي ٿاڻن جي پوليس وارن جو الائي ته ڪهڙو پاءُ پلاند رهيل هو، جنهن جو هنن کانئس هن انداز ۾ حساب ورتو. حيدآباد جي ڊي پي او سرهندي ٻنهي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، پر هن ايڏي وڏي بيحيائي جي سزا رڳو معطل ڪرڻ ڪافي آهي؟! انصاف تڏهن ٿيندو جڏهن انهن ايس ايڇ اوز سميت انهن سڀني اهلڪارن جون، جيڪي حسن کي زخمي حالت ۾ ڇڏي هليا ويا، نوڪريون تيل ڪري ۽ کين جيل جي هوا کارائي وڃي. هي بي حسي جي انتها آهي، جيڪا هنن پوليس وارن ڪئي آهي.
اصل ۾ پاڻ وٽ هن قسم جي ڪمينائپ جو مظاهرو ڪندڙ پوليس وارن خلاف هينئر تائين مثالي قدم نه کنيو ويو آهي، جنهن ڪري ئي هنن جي دل وڌيل آهي ۽ اهي پاڻ کي پنهنجي حد جو بادشاهه سمجهن ٿا. جيڪڏهن کين اندازو هجي ته گهڻي ويهين سؤ آهي ته اهي هرگز به ائين نه ڪن.
مون کي خبر ناهي ته ان ڄڃ جيڪا ڳائيندي وڄائيندي پئي آئي جي ان وقت ڪهڙي ڪيفيت ٿي وئي هوندي، جڏهن هن پونم پيٽرول پمپ رت ۾ لال، گلاب جي گل جيان مرجهائجي ويل حسن کي اسپتال پهچائڻ لاءِ کنيو هوندو، پر انتهائي بي حسي واري حالت ۾ پيل سنڌ جي هن وڏي شاعر کي ڏسي هنن جون اکيون ضرور ڀرجي آيون هونديون. ڪاش ڪاش! جي او آر ۽ قاسم آباد پوليس جي اکين ۾ به ٿورو پاڻي ذرو هجي ها ته هو ائين نه ڪري ها.
حسن درس لاءِ اهو چوڻ ته ’هُو سٺو شاعر هو‘ روايتي جملو آهي ۽ اهڙن شاعرن لاءِ هن قسم جا روايتي جملا نه چئبا آهن. حسن سنڌ جو سرموڙ شاعر هو. هن جي شاعراڻي اڏام انتهائي اوچي آهي. هو هڪ ئي وقت رومانس جو شاعر به آهي ته انقلاب جو شاعر به آهي. هن جي شاعري مزاحمت سان ڀرپور  آهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪو هاري سيءَ تپ ۾ مري وڃي ٿو ته حسن ان جي درد کان لاتعلق نه ٿو رهي، هو دل جي مس ۾ قلم ٻوڙي لکي ٿو:
ڪانڊيري نالي هو هاري
ڪالهه مري ويو سيءَ تپ ۾
ڪانڊيري جو ڏاندن جوڙو
پر سياري ۾ چورن ڪاهيو
جنهن تي ڪتي ڪيڏو باهيو
ها پر رات به ڪاري آهي
جنهن کان توبهه زاري آهي
ڇا ڇا ٿي تاريخ ڦلهوري
چورن جا ٿي پيرا ڊاهي......
حسن جو ائين اوچتو وڇڙي وڃڻ هر باذوق دل لاءِ ناقابل قبول سانحو آهي. هو ته درگاهه مشائخ هوتي ۾ مٽي جي چادر اوڍي سمهي پيو آهي، پر ساڻس پيار ڪندڙ ماڻهو  خبر ناهي الائي ڪيتريون راتيون سمهي نه سگهن.
اوهين مرڪي ملي آخر
هليا ويا ڳوٺ پنهنجي ڏي
اسان جي ڳالهه جي ڳل تان
اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو....

No comments:

Post a Comment