21/01/2013

شيخ اياز جي شعري مجموعي ”راج گهاٽ تي چنڊ“ جو مهاڳ - محمد ابراهيم جويو



شيخ اياز جي شعري مجموعي
راج گهاٽ تي چنڊ“ جو مهاڳ
محمد ابراهيم جويو
اسان جي پياري دوست، شيخ اياز، جي شعر جو هيءُ تيرهون مجموعو آهي، جو پيش ٿي رهيو آهي. لڳ ڀڳ ست سال اڳ، ۱۹۸۰ع ۾، اياز جو ڇهون مجموعو، ’لڙيو سج لڪن ۾‘، شايع ٿيو، جنهن ۾ ناشر طرفان ٻڌايل هو ته ’شاعر شيخ اياز ۱۹۷۵ع جي شروع کان...... خاموش‘ رهيو، ڇو ته فارسي شاعر ابوالفيض فيضيءَ جي بقول، ان دور ۾ اياز جي ڄڻ اها ڪيفيت هئي، جو
بازگشتم از سخن زيراڪ نيست
در سخن معنى و در معنى سخن-
يعني ’شعر چوڻ کان باز آيل آهيون، ڇو ته شعر ۾ معنى رهي هئي ۽ نه معنيٰ ۾ شعر‘. اياز جي ان ڪيفيت جو اشارو هن جي ان مجموعي جي نالي مان ئي پڌرو هو، جيڪو لطيف جي بيت مان هن کنيو هو:
’لڙيو سج لڪن ۾‘ راسيون رتائين،
مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري!

اياز جي ان شعري مجموعي کي شاعر جي ’انتهائي نراسائيءَ جو ترجمان‘ چوندي، ناشر کي ان مان نراسائيءَ کان وڌ شاعر جي ’ناخوشيءَ يا ناراضپي‘ جي ڪيفيت محسوس ٿي هئي. ناخوشي يا ناراضپو، شديد کان شديد، ايترو شديد، جو ان کان وڌ ڪنهن وصال جي تانگهه يا ان وصال يا ان تبديل لاءِ وڌيڪ ٻيءَ ڪنهن تيز آس جو اظهار شايد ئي ڪو ٿي سگهيو ٿي.‘ اڄ، ۱۹۸۰ع کان پوءِ بلڪ ۱۹۸۲ع ۾ ’پتڻ ٿو پور ڪري‘ جي اشاعت کان ۱۹۸۷ع جي سندس هن تازي شعري مجموعي ’راج گهاٽ تي چنڊ‘ تائين، پنجن سالن ۾ اياز جي ستن شعري مجموعن[1] جي تخليق ۽ اشاعت مان پڌرو آهي ته اياز جي اها ڪيفيت ڪنهن شڪست قبولڻ ۽ فراريت ۾ پناهه وٺڻ واري ذهن جي ڪانه هئي، پر راهه ۾ لهندڙ سج ۽ رات جي اوندهه ٿي وڃڻ تي ’سسئيءَ‘ جي ناراضپي، ڏک ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت هئي، جن منزل ڏانهن هن جي پنڌ ۾ رڪاوٽ ٿي وڌي. اياز پنهنجي ان ڪتاب کي ماضيءَ ۽ مستقبل ڏانهن منسوب ڪيو هو. ’حال ڏانهن‘ يا ’حالُ ڏانهن به‘ نه:  ان مان به اياز جي اهڙيءَ ئي پنهنجي ’حال‘ کان بيزاريءَ ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت جو اظهار ٿيو ٿي ۽ نه سندس هار کائي ڪنهن ڪنڊ پاسي ويهڻ يا ڪٿي ڀڄي پاڻ محفوظ ڪرڻ جو.
وقت جو ڪرشمو واقعي به، هڪ طرح اهڙيءَ نوعيت جو لڳي ٿو ڄڻ ’حال‘ آهي ئي نه- رڳو ’ماضي آهي ۽ ’مستقبل‘ آهي ۽ ماڻهو ’حال‘ جو هر پل ’مستقبل‘ جي پَلُ لاءِ پيو گهاري. ان معنيٰ ۾ ماڻهوءَ لاءِ آس ۽ نراس، خوشيءَ ۽ ڪاوڙ، شڪست ۽ فتح جي به ڪا ڳالهه ڪا نه ٿي اُٿي. هڪ لاڳيتي مجبوري هئي، جنهن ۾ ماڻهو ڳهندو ٿي رهيو. پر هيءُ جو لطيف چيو ته ڪني ’ماضي‘ مَنَ ۾ ڪني ’استقبال‘  حيف تني جو حالُ، جن وساريو ’حال‘ کي!“ ان جي معنيٰ ان مان ته ائين ٿي لڳو ڄڻ ’ماضيءَ ۽ مستقبل‘ جي ڳالهه ڪا نه هئي، رڳو ’حال‘ هو- ۽ ’حال‘ ۾ ئي ماڻهو لڳاتار لوڙيندو ٿي رهيو! برابر هيءَ وقت جي ڌارا، هيءُ وقت جو اجهل سيلاب ڪهڙيءَ به طرح ان تي نظر رکجي. ان جي آڏو ماڻهو پاڻ کي مجبور ئي ڏسي ٿو. پر حقيقت ۾، ان اٽل مجبوريءَ ۾ به ’جيئڻ‘ جي ضرورت آهي، جا ماڻهوءَ کي ارادو ڏئي ٿي. ارادو آزاديءَ سان ۽ رڪاوٽن کان آجي جيئڻ جو، پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو هيڪل توڙي گڏجي، پر جيئڻ جو ۽ جيئڻ کي ’ماڻڻ‘ جو. ائين ارادي سان روشن ’حالُ‘ جو رستو جڏهن، هلندي هلندي، لَڪن ۾ سج لهي وڃڻ سبب، اونداهجي به ٿو، ته ماضيءَ جو تجربو ۽ ڏور ’جبل مٿي باهڙي‘- مستقبل جو سدا چمڪندڙ پرانهون اهو نشان ئي فردن توڙي قومن ۾ آڻ مڃڻ ۽ جيئڻ جو، جيئڻ جي جس کٽڻ جو، امنگ ۽ ارادو تازو رکن ٿا.
وقت ۽ زندگيءَ جي جبر ۽ اختيار جو هيءُ وستار ائين ۽ ان ئي منطق سان جاري رهندو آيو آهي.
۽ ٻولي ۽ ادب، وقت جي مقابلي ۾، قومن جي انهيءَ جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي امنگ ۽ ارادي جا امانتدار، تربيت ڪندڙ ۽ مسلسل روايت طور، ان امنگ ۽ ارادي کي نسل کان نسل تائين رسائڻ جا ثابت ۽ اڻ گُس وسيلا پئي رهيا آهن. ان مان قومن ۽ انهن جي بامراد زندگين کي اَٽوٽ سلسلو ملي ٿو، ٻولي ۽ ادب جنهن لاءِ تسبيح جي ڌاڳي جو ڪم ڏين ٿا.
ٻوليءَ ۽ ادب جي اها حيثيت ۽ اهو ڪارج تاريخي طور عام مڃيل آهي. اوائلي مذهبي برادرين (جيڪي جديد قومن جي وجودجڻ جون پهريون جماعت بنديون ليکجن ٿيون) جي ٻولين جي سلسلي ۾، مثلاً  انهن جون مقدس ٻوليون: سنسڪرت، هيبريو، اَوستا، پالي، يوناني / لاطيني ۽ عربي وغيره ۽ انهن کان پوءِ يا انهن سان شامل ۽ همعصر ملوڪيتي يا بادشاهي نظامن جي سلسلي ۾، جڏهن علائقائي حدبندين ۽ علائقائي ٻولين هر هنڌ انهن مذهبي برادرين ۽ سندن مقدس زبانن جي جاءِ ورتي ۽ اهي لکت ۾ اچڻ ۽ ماڻهن جون ادبي ۽ علمي ٻوليون بڻجڻ شروع ٿيون ۽ سڀ کان وڌيڪ، جديد قومي جمهوري نظام جي سلسلي ۾ جڏهن قومي ٻوليون پنهنجي سڄي فڪري ۽ تخليقي معجزي سان قومن جي سڃاڻپ جا بنيادي نشان بڻجي پيون، جيئن اڄ اهي آهن.
قومي زندگيءَ ۾ قومي ٻوليءَ جي ان اهميت ۽ ان ڪارج جي ڳالهه ڪندي، تاريخ ۽ سماجيات جي هڪ عالم چيو آهي ته :’جيئن محبوب جي ڏسڻ لاءِ عاشق جي اک آهي. هُن جي پنهنجي اک، اصلي اک، تيئن محب وطن لاءِ ٻولي آهي، سڄيءَ هُن جي قوم جي ’تاريخ‘ کان هن کي مليل، هن جي پنهنجي اصلي ٻولي، مادري ٻولي، ان پنهنجيءَ ٻوليءَ وسيلي، جا هو ڄمڻ سان ٻڌي ٿو، ماءُ جي هنج ۾ سکي ٿو، قبر تائين ساڻ نئي ٿو، هو گذريل وقت ياد ڪري ٿو، سهيوگي سنگ ۽ رفاقتون خيال ۾ آڻي ٿو ۽ پنهنجا هو آئيندي جي وقتن جا خواب لهي ٿو.
ٻوليءَ ۽ ادب جي اها زندگي بخش روح افزائي ۽ اها انهن جي مسيحائي هر محب وطن فرد ۽ خاص طرح محب وطن قومي شاعرن ۽ اديبن جي واسطي سان قوم لاءِ سدا موجود، سدا زنده ۽ تر و تابنده رهي ٿي. سنڌي ٻولي ۽ ان جو ادب به انهيءَ طرح سنڌي قوم جي پنهنجي جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي ارادي جدوجهد جي تاريخ جا محفوظ طومار يا رڪارڊ آهن ۽ ائين ئي، خاص طور جديد قومي سنڌي ادب لاءِ چئي سگهجي ٿو ته، اهو سڄي جو سڄو اڄوڪي دؤر جو، مخصوص ۱۹۴۷ع جي تقسيم برصغير ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي قومي ورهاڱي ۽ سنڌي قوم کي جنهن سياسي ۽ سماجي صورتحال سان دوچار ٿيڻو پيو، ان جو اهو شعوري رد عمل ۽ پورو ۽ سچو تفصيل آهي.
مون پنهنجي ڪتاب ’شاهه، سچل ۽ ساميءَ‘ (۱۹۷۸) ۾ ارسطوءَ جو قول نقل ڪيو هو ته، ’شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگريز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي.‘ ۽ چيو هو ته اها حقيقت ان طرح هئي، جو شاعريءَ مجموعي طور انساني فطرت ۾ زياده اونهو ڏٺو ٿي. ان جي خصوصيت بلڪ ان جي عظمت جو دليل ئي اهو هو ته ان اندر جي اسرار جي، ڳالهه جي اصل جي، ’اکرن‘ جي نه پر ’روح‘ جي صورتگري ڪئي ٿي: ۽ ٻيو ته ان پنهنجي دور تي ۽ ان جي ماڻهن تي وڌيڪ حساس روشني وڌي ٿي ۽ انهيءَ ڪري انهن سان زياده يڪده ٿي انهن کي وڌيڪ چٽو ۽ صحيح سمجهيو ٿي. ائين عظيم شاعريءَ جي توصيف ڪندي، مون وڌيڪ لکيو هو ته، ان ۾ وقت جي حقيقتن جو سچو ۽ پورو عڪس موجود هجي ٿو ۽ ان خيال کان ان ۾ تاريخ جي جهلڪ موجود هوندي آهي ۽ ساڳئي وقت ان ۾ حقيقتن جو تعبير به موجود هوندو آهي، ۽ ان لحاظ کان ان ۾ فلسفي يا حڪمت جي به جهلڪ هوندي آهي.
جڳ مشهور ادبي نقاد ٽي- ايس- ايلٽ، جو چوڻ آهي ته ’شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جدتڪار Innovator جي ڪاوش کي تاريخوار ويهي جاچيندا ته اوهين هن کي سندس من جي ڪنهن اجهل ڌن ۾ مصروف ۽ قدم بقدم ان جي پورائيءَ ۾ اڳتي وڌندي  ڏسندا.‘ جديد سنڌي ادب جو اڳرو ۽ جدتڪار، اسان جو مهان اديب ۽ شاعر شيخ اياز اسان کي سندس سڄيءَ اعلى تخليقي ڪاوش ۾، پنهنجي ضبط ٿيل مشهور پهرئين شعري مجموعي ’ڀونئر ڀري آڪاس‘ (۱۹۶۲) کان وٺي، سڀني سندس نثري تصنيفن سميت، پنهنجي شعر جي هن زير نظر شاهڪار، ’راج گهاٽ تي چنڊ‘، تائين اهڙيءَ ئي ڪنهن هڪ پنهنجي لازم ڌن ۽ اَجهل جذبي جي تڪميل ۾ اڳتي وڌندو پئي معلوم ٿيو آهي.
’پتڻ ٿو پور ڪري‘  جي مهاڳ ۾ يوسف شاهين لکيو آهي ته، ’نثري نظمن تي مشتمل هيءُ بي مثال ڪتاب شيخ اياز جي سڄيءَ زندگي جي تجربن، ڄاڻ، مطالعي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهي...‘ دراصل اهو اياز جي مطالعي جو نچوڙ به هن جي پنهنجي ان اندر جي جذبي، پنهنجي آئيندي جي هڪ خواب کي اڳتي نئي ٿو، جيڪو هن جي دل ۾ پنهنجن  ماڻهن لاءِ موجود پئي رهيو آهي ۽ جنهن ڏانهن هن جي شاعري ۽ ٻي هر ادبي ڪاوش مسلسل سفر ۾ رهي آهي. هن جي سڄي اعليٰ تخليقي ادبي اُپت، هن جا سڀ ادبي شاهڪار، زندگيءَ جي همه رنگ صورت جي مصوري هوندي به، اهڙا آهن، جو انهن سڀني ۾ هڪ يڪرنگي، هڪ يڪسوئي ملي ٿي. شاعر جي پنهنجي هڪ ’ڏور- نگاه‘ (Vision) هن جي هر نظم ۽ هر شعر ۾ موجود آهي ۽ وچ ۾ ڪٿي، خاص طرح پنهنجي قومي حال ۾ مايوسيءَ جي خفيف عڪاسيءَ جي باوجود، جا حقيقت پسندانه ئي آهي، ان ۾ هزارها سالن جي تاريخ مستقبل جي ان مثبت ۽ پُر اُميد تصور سان وڃي ملي ٿي:
اهڙي اڳ - ڳڻتي
ڪهڙيءَ ڪوتا کي هئي؟
ڪنهن هئن دانهن ٻڌي هئي
دکي ڌرتيءَ جي؟
ڏاهپ هئن ڏمري؟
من- پيڙا جي ٻولڙي
ڪنهن هئن ڪُرلائي؟ (وايون، ص -۹۷)
سهڙي جا سيکاٽ تي، کڻون سا کاڻوٽ
متان کائو موٽ، ساري سنڌ ٻري پئي. (بيت، ص -۱۶)
هي جو ريٽُ رتو آ، کيسانو موريءَ،
اُڻي ڪنهن ڪوريءَ، ڳاڙهي اُڻت ڪيتري! (بيت، ص -۱۷)
او شل ڊهي ڊوهه، ڪائي آڳ ٻري پئي،
لوهر ڦوڪي لوهه، رڪ ڪري ڪو پڌرو! (بيت، ص-۲۰)
اچي ٿو هيڪارَ، موت ته سڀني جي مٿان،
مئي ناهه ميارَ، جي تون جيئين جس سان. (بيت، ص -۲۱)
هي سرءُ چاليهه سال!
روز ساڳيا ڏينهڙا!
سج اڀري ٿو، اُٿن ٿا سوچ ۽ ساڳا سوال-
سج اُلهي ٿو منهن تي ٿا ملن ساڳا ملال-
ها فقط سرها لڳن ٿا، اڄ به ڌرتيءَ جا دلال-
هو وسنتي ويس پائي، ٿا هڻن ڪوڙا گلال-
ڪيترو تولئه تڪيان؟ هاڻي ڀلائي آءٌ ڀال!
روز ساڳا ڏينهڙا!
روز ساڳا ڏينهڙا!
روز ساڳا ڏينهڙا! (وايون، ص-۳۹)
ٿي ٻري لينن- گراڊ،
بم برسن ٿا پيا.
’اولگا‘ جي شاعريءَ ۾
اڄ به تازي آهه ياد- بم برسن ٿا پيا.
اڄ به منهنجا ديس تو ۾
ڄڻ ته نازي بدنهاد! بم برسن ٿا پيا.
اي ڏکڻ! گُهلندين ڪڏهن تون
آءُ ي باد مراد- بم برسن ٿا پيا. (وايون، ص -۴۵)
ڌرتي! بس تو سان
ماڻهوءَ ٻولَ نه پاڙيا!
آڌيءَ مانجهيءَ گيت ٿو ڳايان آءٌ اڃا.
سپني منجهه رچي وڃي ماڻهو نيٺ متان!
(ماڻهو سپنا ٿو اُڻي پنهنجي رتُ پُنءِ مان)
رانئي جَرُ ٿرُ آئيو ڳاڙهو سج مٿان! (وايون، ص - ۴۷)
’تون‘ ئي تون آهين
منهنجي ڀون آهين
او آيل! او سنڌڙي!
منهنجي ساري ڏات تون
منهنجي ’مون‘ آهين- او آيل! او سنڌڙي!
تون ئي منهنجا بيت آن
تون وايون آهين- او آيل او سنڌڙي!
اڃا نڪتي ڇو نه تون
کاهيءَ کؤن آهين؟ او آيل او سنڌڙي!
ويريءَ جي ولارَ ۾
ڏينهن ته ڏون آهين! او آيل! او سنڌڙي! (وايون، ص -۴۹)
بادل ٿا برسن
جيڏا، وري جهوڪُ تي.
شاهه عنايت اُڀ مان، ڇمڪي ٿو ڇَن ڇَن.
نه تو سونگي سنڌڙي، نه تو ڏاڍي ڏَن!
مٿن مٿي هٿڙا سدا شهيدن.
آهن اسان سان اڃان، مري جي نه مرن! (وايون، ص-۹۳)
پير کوڙي رهو پهاڙن تي،
پٿرن جي ڪرڻ جيان نه ڀڄو!
رٿ روڪي وڙهو ’اياز‘ اڃا،
ڪانئرن جي ڀڄڻ جيان نه ڀڄو! (غزل، ص-۱۱۹)
سمجهو ٿا لوڪو!
راهُو مرڻو ڪونه آ،
مري ويو ٻيو ڪو. (ٽه- سٽا ص-۱۲۴)
اکيون پٽيو ڙي!
هيءَ جا باک بسنت جي
اٿي جهٽيو ڙي! (ٽه- سٽا ص -۱۲۵)
موت نه کاڌي مات،
وري سج لهو لهان،
راهوڪيءَ رتي رات! (ٽه-سٽا ص-۱۳۳)
ڇا تون ماضيءَ جا دروازا بند ڪرڻ چاهين ٿو؟
لاهور ۽ دليءَ جي رستن تان
رتُ ڌوپي چڪو آهي،
۽ اها رُت ويجهي آهي
جنهن ۾ مالتيءَ جا آڇا پُشپ
من جي پوترتا وانگر ٽڙي پوندا آهن... (نثري نظم ص - ۱۵۴)
دور ستارا پوڙها آهن
چنڊ به پوڙهو آهي؟
يا هو پوڙهو ناهي؟
هن ساري سنسار کي ڪوئي
چوڌاري ڪو لوڙهو ناهي
يا ڪو لوڙهو آهي؟
ديپ ٻُجهن ٿا ديپ ٻرن ٿا
ڏاڍو ڏور ڏياٽيون آهن
جي وسمئه مان مَنش ڏسن ٿا.
وشيؤ جيئن ڪو مندر آهي
ڇا ان ۾ ڪوئي در آهي؟
مورتيون ۽ سڀ پوڄاري
ان کان ٻاهر ڇو نه وڃن ٿا؟
هونءَ وشال لڳي ٿو ، ليڪن
گهيرو ڪيڏو سوڙهو آهي! (نظم، ص-۱۸۰)
منهنجا گيت ڪڏهن اي ڌرتي!
چئه، تو کان ڪو مُلهه گهرن ٿا؟
مون کان پوءِ اهي ائين لڳندا
انڊَمان جي چانڊوڪيءَ ۾
ڄَڻ ڪي هڏڙا پکڙيل آهن.
هڏڙا ڪنهن کان ڇا ٿا چاهين
ڇا ڪوئي سوچي ٿو!
ڇا ڪوئي سوچي ٿو! (نظم، ص-۱۸۱)
ڪنهن جو خون وهيو ٽوڙيءَ ۾
او ڊايَر؟
توکي ڪيئي سال مئي ٿيا
رُومَ رُومَ مان تنهنجي نڪتا
جيڪي ڪيڙا
سي به مٽيءَ سان مٽي ٿي ويا.
ڪالهه مگر تو ٽوڙيءَ ۾
لڳ ڀڳ ساڳيءَ ورديءَ ۾
ساڳي هولي کيڏي!..... (نظم، ص-۲۱۳)
ون به ساڳيو واسُ به ساڳو،
من به ساڳيو ماس به ساڳو.
....
هڪٻئي سان گڏ ڇو نه جيون ٿا؟
هڪٻئي کي سَڏُ ڇو نه ڏيون ٿا؟
هڪ ٻئي جو مڏ ڇو نه ٿيون ٿا؟ (نظم، ص-۲۲۲)
هو سڀ آڌريءَ رات اچن ٿا،
مگرمان تي ناچ نچن ٿا،
مگرمان جي چمڙي هيٺان
تن جون ڪيئي پيڙهيون آهن،
هڪٻئي پويان سيڙهيون آهن
تن تي گڏجي هيٺ لهن ٿا،
دودي تائين، ٻاگهيءَ تائين-
ڪُنڊَ ڪُنڊَ ۾ ديپ جلن ٿا،
مگر مان تي ناچ نچن ٿا.
جيڪي ڪالهه انهيءَ ڌرتيءَ تي
ماريا ويا ها، سي به اٿن ٿا،
۽ پوءِ پنهنجن پيرن هيٺان
لاش چنيسر جو چيڀاٽي
ڇاتي کولي، اوچي ڳاٽي
ٽاڪولن سان ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا
مگرمان تي ناچ نچن ٿا. (نظم، ص -۲۲۷)
... ان طرح، آءٌ هوند هن ڪتاب تان اياز جا سڄي جا سڄا نظم- ’سارو عرش منور آهي/ چنڊ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو...‘ (ص ص ، ۱۸۵-۱۸۴)، ’ڪيڏو ياد ڪيان ٿو توکي/ تنهائيءَ ۾/ تون جو جيئڻ جو جَس آهين/ ڪير چئي ٿو تون ڪَس آهين!....‘ (ص ص ۱۸۹-۱۸۸)، آزاديءَ لئه روز مرن ٿا/ ماڻهونئڙا.... (ص، ۲۰۰-۱۹۹)، ’موت مسئلو ناهي/ مسئلو حياتي آ....‘ (ص، ۳۰۰)، ’هي شاعر جي لهرائن ٿا/ هي جيڪي آداب عرض ڪن/ جن کي ڪو به ضمير نه آهي... (ص -۲۰۴)، ’پنهنجي جيئري يارو / انقلاب اچڻو آ...‘ (ص، ۲۰۵)، ’حڪمرانن کي ڪونه مڃون ٿا/ پوءِ به اسان محڪوم ته آهيون..!‘ (ص،۲۰۷)، ’باک ڦٽيءَ جو زور ٻڌان ٿو/ ’وڪٽر حاراش کي....‘ (ص، ۲۲۱)، ’عمر گذري وئي/ دک هن ديس جا/ اڄ به ساڳا هئا...‘ (ص، ۲۲۴)، ’رات جي سياهيءَ ۾ / روشنيءَ جي جهر مهر ۾/ ڪيترا نوان ماڻهو/ سچ ڏي وڌن ٿا پيا...‘ (ص ص ۲۲۹-۲۲۸)، ’جوت ٻرندي رهي/..... رات ٺرندي رهي..‘(ص، ۲۳۱) پيش ڪريان. بلڪ اياز جو ڪهڙو ڪهڙو بيت، ڪهڙو ڪهڙو شعر، ڪهڙو ڪهڙو نظم ۽ ان جو ڪهڙو ڪهڙو بند پيش نه ڪريان، جي پنن تي جاءِ جي گنجائش ڏسي سگهان ۽ جي اها خبر نه هجيم ته هيءُ سڄو ڪتاب، پنهنجي واقعي هڪ ايڏيءَ امر شاعريءَ سان لائق پڙهندڙن جي آڏو پاڻ موجود آهي ۽ سنڌ جا محڪوم ۽ مظلوم باشعور ماڻهو ضرور ان جي سِٽ سِٽ پڙهندا ۽ ان جي ’ايجاز‘، ’ايما‘ ۽ علاماتي ادا ۾ جيڪي معنى جي موتين جا انبار سندن آڏو آهن، اهي هو پاڻ ئي ڏسندا ۽ گڏ ڪندا!
اياز جي هيءَ شاعري، اياز جي پنهنجي چواڻيءَ، هُن جي زندگيءَ جي پوئين پهر جي شاعري آهي. انهيءَ ڪري ان ۾ لائق پڙهندڙن کي ڪٿي ڪٿي زندگيءَ جي اختيار ۽ ان جي خاتمي کان پوءِ جي اوني جو اظهار به ملندو، جيئن مثلاً صفحي ۷۶ واريءَ وائي ۾:
ويل آن ساهي پٽڻ جي
موت، منهنجي لاءِ تون
آخري منزل نه آهين.
مان اُٻن ۾ ڪيئن رهندس
مون ڀلائي نانهه ڀون!
هو وسي ٿو وڏ-ڦڙو
سايون ٿين ٿر ۾ ڀٽون!
جي اچان موٽي ته مون کي
ڪنهن هرڻ ۾ پاءِ تون!
موت منهنجي لاءِ تون
آخري منزل نه آهين.
 يا، جيئن صفحي ۱۷۳ واري نظم ۾:
اڃا اجهاڻل ڏيئو ناهيان
تون جو اچڻو آهين، آءُ!
تنهنجي ڪارڻ ليئا پاتا
ساري رات جَلي مون در تي،
ڪيڏو ڪارو انڌيارو آ
ڀنڀرڪي تائين سانڀر تي!
ڄاڻ پرهه جا پنڇي اُڏريا!
توڙي پوئين آهي ويرا،
منهنجي جوت اڃا به ٻري ٿي
اڃا تڪيان ٿو تنهنجا پيرا.
اڃا به ساڳيو ليئو آهيان،
اچڻو آهين جي، تون آءُ!
يا، ’سارو عرش منور آهي‘ (ص-۱۸۴) واري نظم ۾ :
... ڇا، هي منهنجو بستر آهي؟
جنهن وٽ ڪوئي روئي ٿو،
چي، ”هي شعر اڌورو آهي،
”ويٺي ڪالهه لکيائين ٿي جو،
”جهونگاري سوچيائين ٿي جو،
”ڀانيان ٿو اڻپورو آهي!“...
يا جيئن ص -۲۲۴ تي آيل سندس نظم:
عمر گذري وئي
دک هن ديس جا
اڄ به ساڳيا هئا
جي هئا مون ڏٺا
سال چاليهه اڳ،
ڪو به ڦيرو نه آ،
ديس جي دانهن ۾!...
۱۹۷۶ع کان ۱۹۷۹ع تائين جي وائيس چانسلريءَ واري دور ۾ ۽ ان دور کان فوراً  پوءِ واري  ڪجهه عرصي ۾ به، نه لکڻ سبب، اياز جي شعري آمد ۾ اها رواني نه رهي هئي، ته هن فقط نثري نظم ’پتڻ ٿو پُور ڪري‘ (۱۹۸۲ع) وارا لکيا هئا. جيئن گروديو ٽئگور پنهنجي آخري دور ۾ ڪجهه ڪتاب نثري نظمن جا لکي، وري پنهنجيءَ منظوم شاعريءَ ڏانهن موٽيو هو. ٽئگور وانگر اياز جي انهن نثري نظمن ۾ اها ڳالهه نه هئي، جا شاعر مان متوقع هئي. ان سلسلي ۾ اياز مون کي پاڻ ئي ٻڌايو هو ۽ ٻئي هڪ هنڌ آءٌ ائين لکي به چڪو آهيان ته ڪيترو وقت هن جي تخليقي قوتن جا سرچشما بيٺا رهيا ۽ ان ڪري هن ڪٿي (نثري نظمن ۾) پنهنجي مطالعي جو سهارو ورتو هو. پر ان سان اياز جي هن انهيءَ پيشڪش جي به مخصوص ’اهميت‘ کان ڪڏهن به انڪار نٿي ٿي سگهيو.
يوسف شاهين اياز جي ان مجموعي کي علم ۽ فلسفي جي دنيا جو ’هڪ عظيم شاهڪار‘ چوندي، شاعر جي ڪن سالن جي لڳاتار ماٺ کان پوءِ جي پهرينءَ خوش آئند اشاعت طور ’نئين نينهن جو نياپو‘، ’پرهه ڦٽيءَ جو پيغام‘ ۽ ’من اندر جون ڳالهيون‘ سڏيو آهي. ’جن کي ٻڌڻ لاءِ سچي دل ۽ اجرو من گهربل هئا ۽ جن جي مطالعي کان پوءِ شيخ اياز جي سموري شاعري ]پاڻ[ وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ پڙهي ۽ پروڙجي سگهي ٿي.‘
اڄ اياز جي هن ’پوئين پهر جي شاعريءَ‘ ۾ به سندس ان وسيع مطالعي ۽ جهانگرديءَ جون جهلڪيون ملن ٿيون. هن جي مطالعي ۾ ان طرح ڪيترا شاعر، اديب، فلسفي آيل آهن، جن جو ذڪر هن هنڌ هنڌ پنهنجي ’اندر‘ جي اظهار ۾ تمثيل (Allegory) طور ڪيو آهي. جيئن ڀٽائي، سچل، بيڪس، اولگا پرگال (لينن گراڊ جي شاعره)، ٽئگور (روي)، ڪڇي شاعره رتن ٻائي، ڪاليداس، شاهه عنايت، ڪبير، فريد، بلي شاهه، روحل، ڀاڳو ڀانُ، ويد وياس، گوئٽي، کيثوون، مولانا آزاد، اصغر گونڊوي، ماياڪووسڪي، ڪنفيوشس، فيض، سبط حسن، دارا، شيو سانگ (قديم چيني عالم)، آلندي، امير خسرو، مرزا ’رسوا‘، فيڊل ڪاسٽرو، وڪٽر حارا ( هسپانوي راڳي ۽ شاعر)، وغيره، ائين ٿو لڳي ته شعر ۽ ادب جي ساري دنيا هن جي آغوش ۾ آهي ۽ هن کي پنهنجي ديس، پوري برصغير ۽ ساريءَ دنيا جو فڪر آهي ۽ ٽنهي جي تقدير ۾ ڪوئي رشتو آهي، ان رشتي جي بحاليءَ جي هن کي اڻ تڻ آهي، جيڪو رشتو هٻڇ، غصي، خوف ۽ تاريڪ خياليءَ سبب ڇڄي، ڇيهون ڇيهون ٿيو پيو هو ۽ جيسين ان جا ٽٽل ڦٽل ڌاڳا ڳولي، ڳنڍي جوڙي، سلجهائي ۽ صاف ڪري نٿا سگهجن، تيسين هن جي پنهنجي قوم ۽ دنيا ۾ ٻئي مظلوم انسان جي نجات ممڪن نه هئي.
پڇڻ تي اياز مون کي ٻڌايو ته پاڻ سڄو هيءُ شعر، جيڪو هن مجموعي ۾ پيش ٿيل آهي، سواءِ ان جي ٻن چئن نظمن جي، مارچ ۽ اپريل ۱۹۸۷ع ۾، روزانه علي الصبح چئين وڳي کان ڇهين وڳي تائين ڪم ڪندي جوڙيائون ۽ پڻ ٻئي شعر جو سندس مجموعو، ’بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي‘ به، ائين آگسٽ سيپٽمبر جي ٻن مهينن جو تخليقيل، وٽن تيار آهي، جو عنقريب شايع ٿيڻ لاءِ ڏنو ويندو.
راتين جو جاڳي، صبح جي پهر ۾ پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي پابزنجير ۽ ڏيکاريءَ تي ائين ڪُرلائڻ جا آثار اسين اياز جي هن تخليق ۾ ڏسي ۽ پڙهي به سگهون ٿا:
رڻ ٻارڻ ٻاري ويا، آڌيءَ اُٿي جي،
ساري ٿي تن کي، اُڀري باک بسنت جي. (بيت، ص-۱۴)
رات ڀر تنهنجي پڪار
ننڊ کي نيندي رهي.
اڌ ڌرتي سرخ ٿي وئي، ايترا آيا بهار!
ڪويلون ڪوڪن پيون، ڪوئي ته ناهي چپ يار!
ڇو اڃا گلنار ناهن، روءِ تنهنجي جا اُنار؟
ٿو ڇڪين ڇوهي جيان، مون کي پراهين پار يار! (وايون، ص-۵۹)
اٿي آڌيءَ رات جو
تولئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.
ڦڙا ڦڙا ماڪ جا
جڏهن ڦُلن جهولڙيون،
تولئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.
جن تولاءِ سڳنڌ جون
ڪيئي ڳليون ڳولڙيون
تولئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.
ڀنڀرڪي جو ڀُنءِ مٿان
ريکون نيٺ رتولڙيون،
تولئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا. (وايون، ص -۷۶)
باک ڦٽيءَ جو شعر لهن ٿا
مون تي سج، اُهاءُ ڪري،
رت اُٻڙڪا کائي ٿو ائين
ڏينهن تتو جيئن تاءُ ڪري!
سارو وقت ته رهندو ناهين،
ويندو آنهه سماءُ ڪري!
ڪيسين ڪوءِ ڪلالن جي ۾
آءُ ته آڌرڀاءُ ڪري ڪو
تنهنجو آڌرڀاءُ ڪري!
باک ڦٽيءَ جو روز ٻڌان ٿو
’وڪٽر جارا‘ کي.
هي جو چليءَ جو راڳي آ
منهنجي ڀاءُ جيان آ،
ان جي دکياري ڌرتي ڄڻ
منهنجي ماءُ جيان آ..... (نظم، ص -۲۱۱)
اياز جي شعري فن تي لکندي، ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘ (۱۹۷۰ع) جي مهاڳ ۾ مون چيو هو ته ’اياز پنهنجي ادبي تخليق جي فني اوچائيءَ جا سنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي انهن کان مٿي اڀري ٿو ۽ پوءِ مون هن جي ’سادن ۽ سهڻن لفظن ۽ انهن جي چونڊ ۽ پوري پوري استعمال‘ جو ذڪر ڪيو هو ۽ لکيو هو هن جي ’شعر جي نغمگيءَ ۽ اُن جي دلبرانه انداز‘ بابت، ۽ هن جي ’ننڍڙن ۽ نزاڪت ڀرين وزنن ۽ بحرن‘ بابت، پڻ ’ڊگهن بحرن ۽ انهن جي جولاني ترنم‘ بابت، ’هوا کان هلڪن رديفن ۽ قافين ۽ هندي ڇند جي بنهه معصومانه ۽ من موهيندڙ استعمال ۽ لوڪ گيتن جي ڌنن ۽ انوکين علامتن ۽ اشارن بابت، جن سان هن جا پڙهندڙ هن جي آڇيل معنائن جي موتين سان پنهنجا جهول ڀري ٿي سگهيا ۽ سندس دل ورائي ورائي هن جي شعرن ٻڌڻ لاءِ آتي ۽ زبان انهن جي نغمن کي وري وري جهونگارڻ لاءِ تيار رهي ٿي.
اياز جي هن تازي ڪلام جي فني اوچاين لاءِ پڻ آءٌ اهو ئي ڪجهه چئي سگهان ٿو. اياز جي شعري اظهر ۾ مون هميشه هڪ ڳالهه ڏٺي آهي، جنهن کي آءٌ جذبي جي ڌارا (Stream of Passion) به چئي سگهان ٿو، شعور جي ڌارا (Stream of Consciousness) وانگر. ادب ۽ فن جي ڪاوش ۾ جڏهن شعور جي ڌارا کي جذبي جي ڌارا، امنگ، اتساهه، عشق جي ڌارا، ميسر اچي ٿي، (جنهن کي ٽي- ايس- اليٽ ’اندر جي ڌُنَ‘  ۽ اسان جي لطيف ’اندر جي آگ‘ چيو آهي)، ۽ شاعر سان شامل حال هجن ٿيون، تيتر جيڪا تخليق وجود جي ٿي، اها پنهنجي اظهار لاءِ ڪنهن خاص ڪوشش يا اڳ- رٿا جي به محتاج نٿي رهي.
ائين ئي اياز جا ڪيترا نظم آهن جن جي ڪائي مقرر يا ٻڌل صورت (Fixed Patten) نه آهي، جي پوءِ به پنهنجي فني تڪميل ۽ منطقي نتيجي تي پهچن ٿا، پوري آب تاب سان پهچن ٿا ۽ توڙي جو انهن جي وچ جون سٽون همه قافيه نه آهن ۽ انهن جا ڪي پادَ يا مصراعون به تمام هجن ٿيون، ته به انهن ۾ ترنم ۽ تاثر پابند شاعريءَ کان به وڌ ملي ٿو، انهن جون تشبيهون ۽ استعارا بنهه نوان، جن جي نواڻ به نئين، ڪا به انهن جي سٽ اجائي ۽ ڀرتيءَ جي نه- ته به معنيٰ جي ايتري اَوليت، جو انهن جي ٻوليءَ جو حسن ۽ خوبي ثانوي ڳالهه پيئي ڀاسي، ان طرح جي فطري شعر جي هر صنف- بيت، گيت، وائي، ٽه- سٽي، نظم، نثري نظم- تي شاعر جي ڇاپ هجي ٿي ۽ شاعر جي نالي جي خبر نه هوندي به ڏسي ۽ پڙهي، چئي سگهجي ٿو ته اهي اياز جا شعر آهن.
منهنجي ويچار ۾ آءٌ اياز جا ان شعور ۽ جذبي جي باهمي ڪيفيت جا، تخليقيل مثالي ٻه نظم – ’ڪالهه ڪڏهن مون وارياسي ۾.../‘ (ص، ۲۱۰) ۽ ’گيت به ڄڻ گوريلا آهن...../‘ (ص-۳) هتي لائق پڙهندڙن جي آڏو آڻي به سگهان ٿو. پهرئين نظم ۾ شاعر ڏاڍي دلنواز انداز جو اندروني ترنم حاصل ڪري سگهيو آهي. جيئن بند جي ٽينءَ سٽ جي لفظ ’فلسطين‘ جو قافيو ان جي مٿينءَ سٽ جي آخر ۾ ’جيسين‘ آهي، پر ان کان پوءِ باقي بند ۾ قافيو ڪونه آهي ۽ رڳو ’حسرت‘، ’فلسطين‘، ’ياسر‘، ’سارا‘ ۽ ’ڏسي‘ لفظن ۾ آندل ’سين‘ (س) جي آواز ۽ ساڳيءَ طرح ’حسرت‘، ’ياسر‘، ’عرفات‘، ’سارا‘ ۽ ’رتو رت‘ ۾ آندل ’ر‘ ۽ ’حسرت‘، ’فلسطين‘، ’عرفات‘،’رتو رت‘ ۾ ’ت‘/ ’ط‘ جي تڪرار (Repetition)  سان ترنم ۽ تاثر کي عروج تي پهچايو ويو آهي. اهي تجربا ڪڏهن ڪڏهن مغربي شاعريءَ ۾ ملندا آهن، ته انهن جا نقاد هوندا آهن، جي شاعر تان ٻلهار ويندا آهن، اياز جي سڄيءَ شاعريءَ ۾ اهڙا سوين مثال موجود ڏسي سگهجن ٿا.
اياز جا اهي هيٺ ڏنل ٻه نظم، جتي هن جي شعري فن جا ۽ ان جي تمثيلي انداز جا ۽ هن جي شعور ۽ جذبي، ذهن ۽ قلب جي فطري امتزاج جا نمائنده مثال آهن، اتي اهي سندس مجبور وطن ۽ محروم ۽ ستم رسيده قوم جي شانائتي ۽ جَسُ ڀرئي جيئڻ لاءِ مٿن تاريخ جي عائد ڪيل جدوجهد جي طويل ۽ مشڪل رستي جي ڳالهه به ڪن ٿا. اسان جا محب وطن ۽ عوام دوست اديب ۽ شاعر اڄ اسان لاءِ اهو ئي ڪجهه ڪري سگهن ٿا ۽ اڄ اهو ئي فرض ادا ڪرڻ کان انهن کي غافل رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ جاهه ۽ جلال جا صاحب ۽ ملڪ ۽ مال جا مالڪ، همه تن ۽ ڪل جهتِ مصروف نظر اچن ٿا:
(۱)
ڪالهه جڏهن مون وراياسي ۾
ڳاڱيون، ڳُمَ ڳنڍير ڏسي،
سج جي پاڇي ڏانهن ڏٺو،
سون وني ساواڻ هئي
منهن ڦيري جيڏانهن ڏٺو.
تيسين ٿي تيڏانهن ڏٺو
سارو سج ٻڏي ويو جيسين،
حسرت سان ڪنهن وقت فلسطين
جئن ياسر عرفات ڏسي،
چَپَ ائين ڀيڪوڙي پنهنجا
سارا رتو رت لڳن!
(۲)
گيت به ڄڻ گوريلا آهن،
جي ويريءَ تي وار ڪرن ٿا
جئين جئن جاڙ وڌي ٿي جڳ ۾
هو ٻوليءَ جي آڙ ڇپن ٿا،
ريتيءَ تي راتاها ڪن ٿا
موٽي منجهه پهاڙ ڇُپن ٿا
اُتر اڀري لاڙ ڇپن ٿا،
سانوڻ سنگ وسن ٿا ڏاڍو،
ڪالهه هيا جي سرخ گلن جئن
اڄڪلهه نيلا پيلا آهن:
گيت به ڄڻ گوريلا آهن
جي ويريءَ تي وار ڪرن ٿا.
(حيدرآباد سنڌ. ۲۰ نومبر ۱۹۸۷ع)


[1]  ’پتڻ ٿو پور ڪري‘ (۱۹۸۲) ’ٽڪرا ٽٽل صليب جا‘ (۱۹۸۴) ’پَنَ ڇَڻُ کان پوءِ‘ (۱۹۸۵)، ’چنڊ چنبيلي ول‘ (۱۹۸۵)، ’رڻ تي رم جهم‘ (۱۹۸۶) ’ڀڳت سنگ کي ڦاسي‘ (۱۹۸۶)، ’راج گهاٽ تي چنڊ‘ (۱۹۸۷)

No comments:

Post a Comment