مير علي
شير قانع جو ڪتاب
”معيار
سالڪانِ طريقت“
رکيل مورائي

سنڌ جي هن آڳاٽي
ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ نهايت سهڻي نموني شايع ڪري هڪ غير معمولي ڪتاب سنڌ جي
تاريخ ۽ سنڌ جي مشاهيرن سان دلچسپي رکندڙن کي ڏنو آهي، جنهن محترم سليم الله صديقي
صاحب جون ڪوشسون ياد رکڻ جهڙيون آهن.
مير علي شير قانع
هونئن سنڌي توڙي پارسيءَ ۾ تاريخ جو مطالعو ڪندڙن لاءِ نئون نالو نه آهي، ۽ هيءُ
ڪتاب قانع جي انهيءَ نسخي جو ترجمو آهي، جيڪو 1248 هجريءَ ۾ مير مراد علي ٽالپر جي
حڪم تي نقل ڪيو ويو هو، جيڪو برٽش ميوزيم ۾ نمبر 589,ADD-21 تحت محفوظ ڪيل هو.
هن ڪتاب جو شايع ٿيڻ
سنڌ جي تاريخ ۽ ادب لاءِ سڀاڳ آهي. ساڳئي وقت اڄ جي نوجوان تاريخدانن لاءِ پڻ هڪ
اهم ڪتاب ثابت ٿيندو. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پڪي جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل سان ڇپيل هن
تذڪري ۾ 699 صفحا آهن. هن سنڌ جي شاندار تذڪري جو 620 رپيا آهي. تاريخ سان دلچسپي
رکندڙن لاءِ بيحد اهم ڪتاب بورڊ جي لسٽ ۾ هڪ وڻندڙ واڌارو آهي.
No comments:
Post a Comment