جناح-لياقت تضاد، پنجابي-مھاجر تضاد
تبصرو: غلام نبي مگسي وڪيل

لياقت علي خان پهرين ڏينهن کان اردو ڳالئيندڙن جي اقتدار تي قبضو ڪرڻ
۽ الڳ صوبي لاءِ منصوبابندي ڪندو رهيو جيڪا سازش اڄ به MQM جي نالي تنظيم ڪندي ”ڪراچي عليحده صوبا“ جو نعرو
هڻندي رهي ٿي. هو هر دور ۾ جمهوري يا غير جمهوري حڪومتن ۾ شامل رهيا آهن.
هن ڪتاب پڙهڻ سان ڪيترين شخصيتن جو ڪردار به ظاهر ٿئي ٿو. هن ڪتاب پڙهڻ
سان جاگيردارن، سرمائيدارن، وڏن واپارين ۽ وچولي طبقن جي ڪردارن جو واضح ذڪر ڪيل آهي. بنگال ۽ ٻين قومن جي هلچل تي پڻ گهڻو
ڪجھه لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾، ملڪ ۾ سياسي پارٽين، قومي (صوبائي پارٽين) ۽ قيادت جو
ذڪر پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ محڪمن ۾ نوڪرين جي تعداد ۽ الڳ ٻوليون ڳالهائيندڙن جا انگ پڻ
موجود آهن. جنهن وقت ڪراچي پوليس ۾ پنجابين تي پابندي وڌي وئي ان وقت جو چارٽ پڻ موجود
آهي. اردو ڳالهائيندڙن جي بنگال ۾ ادا ڪيل ڪردار فوجن سان ملي بنگالين جو قتل، ڪراچي
جي هندو سنڌين جو قتل عام ڪرڻ، انهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ جو ذڪر پڻ هن ڪتاب ۾ موجود
آهي.
ٿورو ڪتاب جي مترجم ملوڪ
لنڊ صاحب جو جنهن اٺ کن ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪري ڇپرائي سنڌ جي
علم، ادب ۽ تاريخ ۾ اضافو ڪيو آهي. ملوڪ لنڊ صاحب ڪتاب جو انتساب سنڌ جي شهيدن جي نالي
ڪيو آهي، جن کي رياستي ادارن شهيد ڪيو. ڪتاب جو مهاڳ حسن جعفر زيدي
صاحب جو لکيل آهي. پنهنجي پاران مضمون ۾ ملوڪ لنڊ ڪتاب جي ترجمي جي ضرورت بابت وضاحتن
سان ذڪر ڪيو آهي. جناح لياقت تضاد کي سنڌ پاڪستان تضاد تي لکندي محترم اسد چانڊئي صاحب پنهنجي قلم ذريعي واهه جو نڀايو آهي. هن ڪتاب کي نه پڙهڻ ۽ ان تي
تبصرو نه ڪرڻ گناهه سمجهندي سڀني سنڌ دوست، انقلابي، تاريخدانن ۽ سياست سان لاڳاپيل
دوستن کي اپيل ٿو ڪريان ته هي ڪتاب ضرور پڙهو.
No comments:
Post a Comment