11/01/2013

نفسياتي تنقيد - اڪبر لغاري


نفسياتي تنقيد
(Psychoanalytical Criticism)*
اڪبر لغاري
سگمنڊ فرائيڊ ( (1856-1939 نفسياتي مريضن جي علاج لاءِ هڪڙو طريقو ايجاد ڪيو جنهن کي هن تحليلِ نفسي (Psychoanalysis) جونالو ڏنو. ادبي دنيا ۾ ادبي ڪردارن جي نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ ته اوائلي دور کان ئي ٿيندي رهي هئي ليڪن فرائيڊ جي تحليلِ نفسي واري نظريي کان پوءِ ادب فهميءَ ۾ ان باقاعده هڪ طريقـهء ڪار (Method)  واري جاءِ ورتي. فرائيڊ کان پوءِ ڪارل يونگ ۽ لاڪان ٻـه وڏا نفسيات دان آهن جن پڻ ادب فهمي ۾ تحليلِ نفسي واري طريقي ۾ قابلِ قدر اضافا ڪيا آهن. جڏهن ته نارٿراپ فراءِ ۽ هئرلڊ بلوم وري وڏا ادبي نقاد آهن جن هي طريقو استعمال ڪندي ادبي نظريي ۽ عملي تنقيد ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي.
فرائيڊ جي  مطابق ذهن جا ٽي حصا آهن:
1.             عقل ( Ego): هي شعوري شخصيت آهي. ذهن جو هي حصو روز مره جي سڀني معاملن کي منهن ڏيندو آهي ليڪن ٻـه طاقتون هر وقت هن جي پٺيان لڳل هونديون آهن جيڪي کيس پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ چاهينديون آهن، انهن ۾ هڪ آهي ضمير ۽ ٻيو آهي نفس.
2.             ضمير (Super Ego ): ذهن جو هي حصو هر وقت جاڳي ٿو ۽ بري ڀلي جي تميز ڪرڻ سان گڏ ناقابلِ قبول خواهشن کي پڻ روڪي ٿو. جيڪڏهن عقل ڪو غلط ڪم ڪري ٿو ته ضمير ان کي ملامت ڪري ٿو ۽ ان تي هر وقت نيڪ ڪم ڪرڻ  لاءِ دٻاءُ وجھندو رهي ٿو.
3.             نفس يا حيوان ( Libido يا id ): ذهن جو هي حصو به هر وقت جاڳي ٿو پر هي لاشعوري شخصيت آهي. هي سڀني جبلتن (Instincts)  ۽ خواهشن جو مجموعو آهي، جن ۾ شهواني ۽ جسماني لذت جي جبلت، وجود جي بقا جي جبلت، ڏک ۽ تڪليف کان بڄڻ جي جبلت سرِ فهرست آهن. ان کان علاوه ٻيون اهڙيون جنسي ۽ عقل لاءِ ناقابلِ قبول خواهشون (جيڪي جيڪڏهن آزاد ڇڏيون وڃن ته معاشرتي سرشتي کي درهم برهم ڪري ڇڏين) به نفس جو حصو آهن. ذهن جو هي حصو ڪنهن حد تائين ضمير جي بلڪل ابتڙ آهي ۽ پنهنجن خواهشن جي تڪميل لاءِ هر وقت عقل تي دٻاءُ وجهندو رهي ٿو.
ڪجھ جنسي ۽ حيواني خواهشون ڪنهن معاشرتي، مذهبي، اخلاقي ۽ قانوني ضابطن کي نٿيون مڃين، تنهنڪري ضمير انهن کي عقل (شعوري شخصيت) تائين پهچڻ نٿو ڏئي ۽ انهن کي لاشعور۾ دٻايو ڇڏي. اڻ وڻندڙ خواهشن ۽ خيالن جو هر وقت شعورسان مقابلو ۽ تناءُ (Tension) جاري رهندو آهي ليڪن شعور ڪنهن به طرح سان انهن جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نـه ٿيندو آهي، جنهن سبب ماڻهو نفسياتي بيمارين *(Neurosis)  ۾ وٺجيو وڃي ۽ بيچيني (Anxiety) جو شڪار ٿيو پوي. اهي دٻيل (Repressed) خواهشون پوءِ خواب بنجيو پون ۽ خوابن ۾ به اهي علامتن (Symbols) جو روپ ڌارين ٿيون ته جيئن ضمير جي  ملامت کان بچي سگهجي.
فرائيڊ ادبي تخليق کي به خواب وانگر ٿو سمجهي ۽ ادب جي تفهيم لاءِ خوابن جي تعبير وارو طريقيِ ڪار استعمال ڪرڻ جي صلاح ٿو ڏئي جيڪو هن پنهنجي ڪتاب    Interpretation of Dreams۾ وضع ڪيو آهي. ”فرائيڊ جي نظر ۾ فنڪار هڪ منفرد فرد آهي جيڪو پنهنجي فن جي ذريعي، نيوروسس کان بچي ٿو نڪري. فنڪار ۽ ليکڪ بنيادي جبلتن جهڙوڪ شهواني جبلت ۽ اڳرائي واري جبلت کي پنهنجي فن ۽ تحرير جي ذريعي مطهر (Sublimate)، نفيس ۽ قابلِ قبول بنائي، هڪ تخليقي عمل ۾ تبديل ڪريو ڇڏي. فن، فرار جوذريعو نـه پر اندروني تضادن کي سلجھائي، دنيا سان تعلقاتن کي ٻيهر ڪارائتو بنائڻ جو نالو آهي.“ [1]
فرائيڊ جي نظر ۾ ادب جو به بنيادي ڪارج اهو آهي جيڪو ڪارج خوابن جو آهي يعني لڪل، دٻيل ۽ ممنوع خواهشن جو، مهذب طريقي سان اظهار ڪري لطف اندوز ٿيڻ ۽ بيچيني (Anxiety) مان جان ڇڏائي اطمينان حاصل ڪرڻ. مثال طور ڪو ماڻهو ”انب“ ، ”ٻٻر“ يا ”اسد“ نالي ڪنهن ٻئي ماڻهو سان نفرت ٿو ڪري ته خواب ۾ ڦٿل انب، ٻٻر جو سڪل وڻ يا مئل شينهن ڏسندو ۽ سندس تسڪين ٿي ويندي، ساڳئي طريقي سان وڏيرن جو ستايل ماڻهو جيڪڏهن ادب ۾ طبقاتي جدوجهد پڙهندو ۽ وڏي ماڻهو کي شڪست کائيندي ڏسندو ته تسڪين محسوس ڪندو. ادب لکندڙ ۽ ادب پڙهندڙ پنهنجي پاڻ کي ڪنهن ڪردار جي روپ ۾ ڏسندا آهن ۽ هن جي ڏک کي پنهنجو ڏک ۽ هن جي دشمن کي پنهنجو دشمن سمجھندا آهن، ائين ڪرڻ سان سندن جذبن جي تطهير(Catharsis) ۽ تسڪين ٿيندي آهي.
فرائيڊ جي تحليل نفسي جي نظريي ۾ ايڊيپس الجھن کي وڏي اهميت حاصل آهي.  قديم يوناني ڏند ڪٿا مطابق، ايڊيپس بادشاھ جي ماءُ ۽ پيءُ کي اولاد نـه ٿيندو هو. هنن کي ڊيلفي جي ديوتا ٻڌايو ته کين پٽ ضرور ٿيندو پر هو اڳتي هلي پنهنجي پيءُ کي قتل ڪندو ۽ سڳي ماءُ سان شادي ڪندو. جڏهن کين پٽ ايڊيپس ڄائو ته سندس پيءُ لائيس ۽ ماءُ جوڪاسٽا کيس هڪ غلام جي حوالي ڪيو ته جيئن هو ايڊيپس کي جبلن ۾ ڇڏي اچي. ائين هنن سمجھيو ته هو پيشنگوئي پوري ٿيڻ نـه ڏيندا. ايڊيپس کي هڪ ريڍار پاليو ۽ پوِ کيس ڪارنٿ جي بي اولاد بادشاه پاليو. اڳتي هلي اڻڄاڻائي ۾ ايڊيپس پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو. ٿيبس جي ماڻهن کيس رياست جو بادشاھ بنايو ۽ سندس شادي راڻي يعني سندس ماءُ سان ڪرائي، جنهن رشتي جي خبر سواءِ هڪ غلام جي ٻيو ڪنهن کي به نـه هئي. اڳتي هلي جڏهن اهو راز کليو ته ايڊيپس جي ماءُ خود ڪشي ڪري ڇڏي ۽ ايڊيپس پنهنجيون اکيون خنجر سان ڪڍي جلاوطن ٿي ويو.
فرائيڊ هن ڏند ڪٿا کي تمثيلي طور استعمال ڪندي چيو ته هر پٽ لاشعوري طور تي اهو چاهي ٿو ته سندس ماءُ جي محبت صرف سندس لاءِ هجي ۽ ان محبت ۾ سندس پيءُ حصيدار نـه هجي. لاشعوري طور هو اهو به چاهي ٿو ته سندس پيءُ مري وڃي ته جيئن سندس ماءُ جو مڪمل پيار کيس ئي ملي. هن صورتحال کي فرائيڊ ”ايڊيپس الجھن“ (Oedipus Complex) جو نالو ڏنو. ساڳيءَ طرح هر ڌي پنهنجي پيءُ جي مڪمل محبت چاهي ٿي ۽ ان ۾ هو ماءُ جي حصيداري  برداشت نٿي ڪري جنهن کي فرائيڊ ”اليڪٽرا الجھن“ (Electra Complex) جو نالو ڏنو.
لاشعور جي هن خواهش تي عقل (Ego) جي حقيقت پسندي حاوي ٿي وڃي ٿي ۽ عقل سمجهي ٿو ته پيءُ ٻار کان هر صورت ۾ وڌيڪ طاقتور آهي تنهنڪري هو لاشعور کي خاموش ڪرايو ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ شعور ۽ لاشعور ۾ سرد جنگ شروع ٿيو وڃي. هن صورتحال ۾ دماغ  پنهنجي ”دفاعي طريقـهء ڪار“ (Defense Mechanism) کي استعمال ڪري ٿو ته جيئن عبوري طور تي هن جهڳڙي کي ٽاري سگھجي. دفاعي طريقي ڪار جا ٻـه ڏاڪا آهن.
I.       دٻائي رکڻ (Repression ): هن طريقي سان دماغ لاشعور جي ناپسنديده خواهش کي دٻايو ڇڏي ۽ ان کي شعوري سطح تي اچڻ نٿو ڏئي. هن طريقي سان شعور ۽ لاشعور جو جھڳڙو صرف وقتي طور تي ٽري وڃي ٿو ليڪن ختم نٿو ٿئي.
II.    سڃاڻپ (Identification): هن طريقي ڪار سان پٽ جو شعور پنهنجي پاڻ ۾ پيءُ جي شخصيت واريون خوبيون ۽ ڌيءَ پنهنجي پاڻ ۾ ماءُ جي شخصيت واريون خوبيون پيدا ڪري وٺندي آهي ۽ ائين ٻاراڻي وهي کان بلوغت ڏانهن تبديلي پرسڪون انداز ۾ ٿي ويندي آهي. ليڪن جيڪڏهن سڃاڻپ وارو طريقي ڪار ناڪام ٿي پوي ته پوءِ ٻار اڳتي هلي،  پنهنجي طبيعت ۾ جارح، حريص، خودپسند ۽ گھمنڊي بنجيو پوي.
”سڀ ليکڪ ۽ فنڪار نيوروسس ۾ ورتل هوندا آهن، ليکڪ لاءِ لکڻ جو سڀ کان وڏو مقصد هوندو آهي ڪنهن دٻيل (Repression) خواهش جي تسڪين ۽ ڪنهن ممنوعـه ارادي جي پورائي ،جيڪو بچپن ۾ دٻايو ويو هو. فنڪار ۽ اديب جڏهن ان ارادي ۽ خواهش کي خارجي اظهار ۽ نمود (Manifestation) جو لباس پهرائيندا آهن ته اهو فني ۽ ادبي شهپارو بنجي پوندو آهي. “ [2]
ڪارل يونگ (Carl Jung)
فرائيڊ کان پوءِ تحليلِ نفسي تي ڪارل يونگ  وڏو ڪم ڪيو. يونگ، پهرين فرائيڊ جو وڏو مداح ۽ دوست هو. سندن تعلق پيءُ پٽ جهڙو ٿي ويو ليڪن آخر ۾ ٻنهي جي وچ ۾ ڪجھ اصولي اختلاف ٿي پيا ۽ سندن دوستي وارو تعلق ختم ٿي ويو.
يونگ چيو ته هر انسان جو هڪ ذاتي شعور (Personal Consciousness)  ۽ ذاتي لاشعور (Personal Unconsciousness)  آهي. ان سان گڏ پوري انسانذات پڻ هڪ گڏيل ۽ اجتماعي لاشعور (Collective Unconsciousness) رکي ٿي جيڪو ڪنهن فرد جو ذاتي ته نـه آهي پر هر انسان جو ان ۾ حصو آهي ۽ اهو اجتماعي لاشعور هر انسان جي شعور تي اثر انداز ٿئي ٿو. ”اجتماعي لاشعور، مجموعو آهي پوري انسانذات جي لکن سالن جي مشترڪ تجربن، ڄاڻ ۽ تصورات جو. هي انسان ۾ پيدائشي آهي جنهن کي اسان اجتماعي ياداشت پڻ چئي سگهون ٿا جنهن ۾ ڄمڻ، مرڻ، دفاع ڪرڻ، حملو ڪرڻ، خوشي، ڏک، ميلاپ وغيره جون ڪيئي يادون گڏ ٿيل آهن.“[3] اهو ئي سبب آهي جو ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ قصا ٻڌي، دنيا جي هر انسان جو ردِ عمل تقريبن ساڳيو ٿيندو آهي ڇو ته اهو سڀ ڪجھ انهن جي ابن ڏاڏن سان ٿي چڪو هوندو آهي جيڪو سندن اجتماعي لاشعور ۾ محفوظ هوندو آهي. اجتماعي لاشعور ۾ جمع ٿيل هر ياداشت کي يونگ ”ڪامل نمونو“ (Archetype) جو نالو ڏنو. يونگ چوي ٿو ته اسان سڀني جي اندر ۾ ويھ لک سال پوڙهو ماڻهو رهي ٿو جيڪو مها ڏاهو ۽ مها تجربو رکندڙ آهي.
يونگ فرائيڊ جي انهيءَ ڳالھ سان متفق ڪونهي ته انسان جي  هر عمل جي پٺيان جنسي خواهش ڪارفرما هوندي آهي. هن جو چوڻ آهي جڏهن فرد حسي تجربن مان گذري ٿو ته اجتماعي لاشعور ۾ دٻيل ڪامل نمونا، ڪڏهن خواب جي شڪل ۾ ته ڪڏهن ادب جي شڪل ۾ انسان جي شعوري دنيا ۾ داخل ٿين ٿا ته جيئن فرد خود شناسي يا ”انفراديت سازي“ (Individuation) جي عمل مان گذري سگهي ڇو ته خود شناسي اها منزل آهي جيڪا ڪنهن وجود جي تخليق جو باعث آهي.“[4]
خودشناسي  (Self-realization)يا انفراديت سازي، يونگ جي فڪر جو اهم نڪتو آهي جنهنجو مطلب آهي، ”لکن سالن تي محيط اجتماعي لاشعور/ خودي ۽ موجوده زمان ۽ مڪان جي قيد ۾ شعوري شخصيت جي مرحليوار يڪجائي“.[5] خودشناسي جو مرحليوار سفر دراصل انسان جي تڪميل جو ارتقائي سفر هوندو آهي جيڪو هوندو ته هر سفر وانگر تڪليفده آهي پر سندس منزل ڏاڍي سڪون بخش هوندي آهي. ڪيئن حاصل ٿيندو آهي يڪجائي جو عمل؟ يونگ چوي ٿو ته ان لاءِ لاشعور کي اظهار جي مڪمل آزادي ڏجي (يعني خوابن ۽ لکڻين جي ذريعي). ان طرح سان يونگ ادب کي خود شناسي ۽ خود تڪميليت (Self-completion) جو ذريعو قرار ٿو ڏئي.
يونگ جي تجزياتي نفسيات کي، ڪئناڊا جي ادبي نقاد،  نارٿراپ فراءِ، ادب تي منطبق ڪيو.  
نارٿراپ فراءِ (Northrop Frye)        
نارٿراپ فراءِ  (1912-1991)جي مطابق ادب جو پاڙون تمام گهريون ۽ ”ڪامل نمونن ۽ ديو مالائن“ ۾ کتل هونديون آهن. ڪامل نمونا، ادب ۾ هڪ نظام هيٺ، علامتن جي ذريعي نمودار ٿيندا آهن جن جي تجزيي سان ادب جي تفهيم ٿي سگهي ٿي. پنهنجي مشهور ڪتاب Anatomy of Criticism ۾ هن ديو مالائي تنقيد تي تفصيل سان لکيو آهي. سندس مطابق:[6]
ديو مالا يا ڏند ڪٿا (Myth): هي فرضي قصا هٿرادو ، گھڙيل ، مافوق الفطرت ۽ غيرحقيقي هوندا آهن ليڪن انهن ۾ ٻـه ڳالهيون اهم هونديون آهن: هڪ ته اهي انساني خواهشن جو پورائو ڪندي نظر ايندا آهن ۽ ٻيو ته انهن ۾ خوف ۽ مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيندي ڏيکاريل هوندو آهي. اڏامندڙ گهوڙا هيرو کي کڻي شهزادين وٽ ايندا آهن، ڪو وظيفو پڙهڻ سان محل جا چوڪيدار سمهي پوندا آهن، ديون ۽ راڪاسن سان هيرو وڙهندا آهن، پنڊ پهڻ ٿيندا آهن پر آخر ۾ سڀني کي ماري مڃائيندا آهن، وغيره وغيره.
حقيقت پسندي: هن ۾ مافوق الفطرت يا روحانيت جو ڪو عمل دخل نـه هوندو آهي. قدرتي ماحول ۾ جيڪي سٺا يا خراب واقعا رونما ٿيندا آهن يا ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن انهن کي ساڳئي طريقي سان بيان ڪيو ويندو آهي. گھڻو ڪري هن ۾ زندگيءَ جي مشڪل ۽ قبيح رخ کي نمايان ڪيو ويندو آهي.
رومانيت: ديومالا ۽ حقيقت جي وچ واري صورتحال کي رومانيت چيو وڃي ٿو.
انساني ذهن جي پاتال ۾ ديومالائن جو ديرو آهي ليڪن انسان جوحقيقت پسند شعور ديومالائي قصن کي تسليم نٿو ڪري تنهنڪري ذهن انهن ديومالائي نمونن کي علامتن جي ذريعي خواب ۽ ادب ۾ ظاهر ڪري ٿو. انسان جي وڏين وڏين خواهشن کي ملائجي ته اهو تقريبن جنت جو تصور جڙي پوي ٿو جنهن کي نارٿراپ فراءِ ”بشارتي“ (Apocalyptic) ٿو چوي. خوابن ۽ ادب ۾ حسين عورتن، دلڪش نظارن ۽ ٻين پر لطف، شاندار ۽ مزيدار شين جو علامتي اظهار اهو ظاهر ڪري ٿو ته انسان پنهنجي جنت جي خواهش پوري ڪري رهيو آهي. هن قسم جي ادب کي فراءِ روماني ادب ٿو قرار ڏئي.
ساڳي طرح انساني خوفن جي مجموعي کي فراءِ ”شيطاني“ (Demonic) ٿو چوي ڇو ته اهي انسان لاءِ اڻ گُھريا آهن. غلامي، نوڪري، ٻين تي انحصار، بيماري، غربت، جبر ۽ ڏاڍ، استحال ۽ استعماريت، فرديت تي سماجيت ۽ اجتماعيت کي فوقيت، گهريلو ذميداريون، قانون جي پاسداري، موسمي تڪليفون، خونخوار جانور وغيره وغيره اهڙيون شيون آهن جن کان انسان پري ڀڄي ٿو تنهنڪري انهن کي شيطاني سمجهي ٿو جن جو اظهار پڻ خواب ۽ ادب ۾ علامتن جي ذريعي ڪري ٿو. هن قسم جي ادب کي فراءِ حقيقت پسندي ٿو قرار ڏئي.
مٿين نقطن کي ذهن ۾ رکندي، فراءِ هڪ ادب فهمي جو نظام ٿو ڏئي جنهن جو دارومدار انهيءَ تي آهي ته ادبي تخليق جي گھرائي ۾ وڃي بشارتي ۽ شيطاني علامتن جو تجزيو ڪندي، ان جي اصل معنويت تائين رسائي حاصل ڪجي.
جيڪ لاڪان (Jacques Lacan):
فرانس جو مشهور ماهرِنفسيات لاڪان (1901-1981)، تحليل نفسي، ساختيات ۽ پسِ ساختيات جو تنقيدي مفڪر هو. هن فرائيڊ جي تحليلِ نفسي کي لساني نقطهء نگاه کان اڳتي وڌايو. ”فرائيڊ جي نظر ۾ لاشعور هڪ منتشر، اڻ ساختياتي، منفي اٿاه جنسي جذبن سان ٻڙڪندڙ، دٻيل خواهشن ۽ لڪل امنگن جو ڀنڊار آهي پر لاڪان جي نظر ۾ لاشعور، ٻولي وانگرمنظم ساخت رکندڙ آهي جنهن جو ٻولي جي گرامر وانگر تجزيو ڪري سگھجي ٿو.“[7]
لاڪان جي مطابق اسان جو لاشعور ٻولي جي پيداوار آهي ۽ جنهن (جانور) وٽ ٻولي نـه آهي ان وٽ صرف شعور آهي پر لاشعور نـه آهي. اها ٻولي ئي آهي جيڪا اسان جي شعور ۽ لاشعور کي ساخت ۽ سڃاڻپ عطا ڪري ٿي.
 لاڪان به انسان جي نفسيات جا ٽي ڏاڪا ٻڌائي ٿو.
i.            تصوراتي ڏاڪو ( Imaginary order ): ڄمڻ کان ڇهن مهينن جي عمر تائين تصوراتي ڏاڪو آهي جنهن ۾ ٻار پنهنجي پاڻ کي ماءُ جي وجود جو حصو سمجھي ٿو جتان هن کي خوراڪ، آرام ۽ گرمجوشي ملي ٿي. 6 مهينن کان 18 مهينن واري عرصي (Mirror stage)  ۾ ٻار پنهنجو عڪس آرسي ۾ ڏسي ٿو ۽ کيس پنهنجي الڳ وجود جو ادراڪ ٿئي ٿو. ان سان گڏ کيس ماءُ جي آواز ۽ سندس کير ڀريل ڇاتي وغيره جي الڳ هجڻ جو پتو پوي ٿو. هن دوران کيس ماءُ سان ايڪتا ٽٽڻ جو پڻ تڪليف ده احساس ٿئي ٿو ۽ جڏهن ماءُ جو وجود، ان جو آواز ۽ ڇاتي پري ٿين ٿا ته ٻار انهن لاءِ تڙپي ٿو ۽ کيس پنهنجي وجود ۾ کوٽ جو احساس ٿئي ٿو.  اهو کوٽ جو احساس سڄي عمر سندس پيڇو ڪندو رهي ٿو. هن عمر ۾ ٻار جو شعور (Consciousness) وجود ۾ اچي ٿو ۽ هو پنهنجي عڪس کي آرسي ۾ ڏسي پاڻ پنهنجي محبت ۾ گرفتار ٿئي ٿو يعني نرگسيت (Narcissism ) جو شڪار ٿو ٿئي.
ii.            علامتي ڏاڪو ( Symbolic order ): هن ڏاڪي ۾ ٻار کي پنهنجي پيءُ جي وجود جو احساس ٿئي ٿو ۽ ٻولي پڻ سکي ٿو. هن ڏاڪي ۾ ٻار مختلف شين ۾ فرق سمجھڻ سان گڏ، مرد ۽ عورت جي فرق کي پڻ سمجھي ٿو. پهرئين ڏاڪي ۾ ماءُ جو وجود مڪمل راحت جو سبب هو پر هن ڏاڪي ۾ پيءُ جو وجود قانون ۽ روڪ ٽوڪ جو سبب آهي تنهنڪري پيءُ طاقت ۽ اصول جي علامت بنجيو پوي. پيءُ جي نافرماني دڙڪي ۽ سزا جو سبب بنجي ٿي تنهنڪري ٻار پنهنجي خواهشن کي لڪائي يا دٻائي ٿو ۽ ائين لاشعور (unconsciousness) وجود ۾ اچي ٿو. هن ئي دور ۾  فرائيڊ وارو ايڊيپيائي الجھاءُ پڻ وجود ۾ اچي ٿو.
iii.      حقيقت وارو ڏاڪو ( Realistic Order ): تصوراتي ڏاڪي ۾ ماءُ مڪمل طور تي ٻار جي ملڪيت هئي. علامتي ڏاڪي ۾ پيءُ ان ملڪيت ۾ نـه صرف حصيدار بنيو پر سندس روڪ ٽوڪ سبب ٻار بيچيني جو شڪار ٿي حقيقت واري ڏاڪي ۾ قدم رکي ٿو. حقيقت واري ڏاڪي ۾ ٻار جو واسطو ٻولي جي خالي پڻي سان پوي ٿو. لاڪان جي مطابق ٻولي ۾ ڪو به لفظ مڪمل طور تي پوري معنيٰ نٿو رکي،* تنهنڪري اها معنوي لحاظ کان نامڪمل آهي جنهن خال کي ڀرڻ لاءِ ٻولي کي استعارا ۽ ڪنايا ايجاد ڪرڻا پون ٿا.[8]  اها اڻپورائي خواهش جي ريگستان کي جنم ڏئي ٿي جنهن کي گل و گلزار ڪرڻ لاءِ انسان کي خواب ڏسڻا پون ٿا ۽ ادب تخليق ڪرڻو پوي ٿو. هن دور ۾ هو ڏسي ٿو ته زمين کان آسمان تائين جيڪا به شيءِ آهي سا سندس وجود کان الڳ ۽ دور آهي. کيس پنهنجي محدود هجڻ جي ڪرب مان گذرڻو ٿو پوي. ادب لکندي يا پڙهندي هو ڪڏهن ڪڏهن  اهڙي ڪيفيت مان ٿو گذري جنهن کي لاڪان ”مڪمل سرور“ (Jouissance) جو نالو ٿو ڏئي جنهن ۾ ماڻهو شعور ۽ حقيقي دور جي عذابناڪين کان ڪوهين ڏور،  تصوراتي دور جي حسين خوابناڪين ۾ پهچيو وڃي.
لاڪان کان پوءِ اڄ تائين ڪيترائي ماهرِ نفسيات ۽ نقاد، ادب جي تفهيم لاءِ تحليلِ نفسي وارو طريقي ڪار استعمال ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته تحليلِ نفسي تنقيد (Psychoanalytical Criticism)، ادب جو ڪو نظرياتي مڪتبهء فڪر ڪونهي پر صرف طريقي ڪار آهي جنهن کي ڪنهن به مڪتبهء فڪر ۾ رهندي، ادب جي تفهيم لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو. هن طريقي ڪار جو تعلق ادب جي صرف معنوي ۽ تفهيمي رخ سان آهي. ادب ۾ جماليات ۽ قدر ڪهڙا آهن، ان سان نفسيات جو ڪو تعلق نـه آهي. هن طريقي ڪار کي استعمال ڪندي تخليقڪار، تخليق، ان جي ڪردارن ۽ پڙهندڙ تي تخليق جي اثرن جو ڇيد ڪري ان کي آساني سان سمجھي سگھجي ٿو.
References


*   جو Psychoanalytic Criticism  تز ترجمو ٿئي ٿو تحليل نفسي تنقيد پر آساني جي لاءِ ان کي نفسياتي تنقيد بـ چئي سگھجي ٿو ڇو تـه تحليل نفسي، نفسيات جو ئي حصو آهي.
*  نيوروسس، ڪنهن نيوران يا ٻئي دماغي حصي جي خراب ٿيڻ سبب نـه ٿيندو آهي پر اهو شعور ۽ لاشعور جي اڻکٽ جنگ جو نتيجو آهي جيڪا بيچيني، خوف (Phobia)، هسٽريا، قابو ۾ نـه ايندڙ سوداءَ (Obsessive Compulsive)، شخصيت جو وکرڻ، نرگسيت وغيره کي جنم ڏئي ٿي. ان جي ابتڙ سائڪوسس (Psychosis) دماغ جي ڪنهن حصي کي نقصان پهچڻ، نشي جي زيادتي، طويل ڊپريشن وغيره جي سبب ٿيندو آهي. سائڪوسس جو مطلب آهي ”حقيقت سان تعلق ختم ٿيڻ“. شزوفرينيا، اڻ ٿيڻين  ڳالهين تي پڪو يقين ٿيڻ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي نفسياتي بيماريون سائڪوسس مان جنم وٺن ٿيون.
* لاڪان  ۽ پس ساختياتي مفڪرن جي چواڻي تـه لفظ پوري معنيٰ ظاهر نٿا ڪن. مثلن: لائبرري جي معنيٰ ڇا آهي؟ جواب آهي جتي ڪتاب هجن. ڪتاب ڇا آهي؟ ڪاغذن جو جلد ٻڌل مجموعو جن تي ڪجھ لکيل هجي. جلد ڇا آهي؟ لکيل ڇا آهي؟ مجموعو ڇا آهي؟ ۽ ائين معنيٰ در معنيٰ جو هڪ اڻکٽ سلسلو  شروع ٿي ويندو ليڪن لائبرري لفظ ڪڏهن بـه اصل لائبرري جي معنيٰ ظاهر ڪري نـه سگھندو. سوسيئر جي فڪر مطابق لفظ لائبرري اصل لائبرري جو نمائندو يا ان جي علامت آهي. ائين علامت جا ٻـه پاسا آهن. هڪ لفظ جنهن کي دال (Signifier) چئبو ٻيو اصل (Signified) جنهن کي مدلول چئبو. لاڪان جي مطابق دال ڪڏهن بـه مدلول جي پوري معنيٰ نٿو ٻڌائي سگھي، ڇو تـه ان ۾ مدلول واري ڪا بـ خاصيت نـ هوندي آهي. هي فڪر جيئن تـه ساختيات ۽ پسِ ساختيات سان تعلق رکي ٿو تنهنڪري هتي ان تي وڌيڪ لکڻ طوالت جو باعث ٿيندو.


[1] David Carter: Literary Theory,  page-72
[2] Bressler C. E: Literary Criticism
[3]: Bressler C. E: Literary Criticism p-150
[4] Anthony Stevens: JUNG: A very Short Introduction
[5] Anthony Stevens: JUNG: A very Short Introduction
[6] Northrop Frye: Anatomy of Criticism: Theory of Myths
[7] Bressler C. E: Literary Criticism p-152
[8] Terry Eagleton: Literary Theory

No comments:

Post a Comment