چاچا سليمان سولنگيءَ جو ڪتاب ’چنڊ، سمنڊ ۽ پٿر اکيون‘
صنم سنڌي
چوندا آهن ته؛ شاعري احساسن ۽ جذبن جو ٻيو نالو هوندي آهي. جيڪڏهن
انهن احساسن ۽ جذبن جي صحيح نمائندگي ڪندي انهن کي اهڙو ته خوبصورت ۽ نفيس روپ ڏجي
جو اُهي احساس هر دل تي اثرانداز ٿي پون ۽ گهرو عڪس چٽي ڇڏين ته اهڙي جذبن جي
نمائندگي ڪندڙ کي ئي حقيقي شاعر يا سرجڻهار چيو ويندو آهي. شاعر دل جي دنيا جو اهو
شهنشاهه هوندو آهي جيڪو درد ۽ محبت جي خزانن کي مٺ ۾ بند ڪري گهمندو ۽ ٻين جي
پيڙائن کي پرکڻ جو ڏانءُ رکندو آهي، مٿيون سٽون هڪ شاعر کي سڃاڻڻ لاءِ منهنجي من
جو مشاهدو آهن.
ڪتاب ”چنڊ، سمنڊ ۽
پٿر اکيون“ جڏهن مون کي پڙهڻ لاءِ
مليو ته ان جي نالي مون کي عجيب احساس ڏياريو، ڇو ته چنڊ ۽ سمنڊ قدرت جون ٻه
شاندار تخليقون آهن، پر جڏهن اکيون پٿر هجن ته شاندار تخليق هجي، سونهن هجي،
انياءُ هجي، نياءُ هجي، خوشي هجي، يا ڏک هجي، ڪجهه به پسي نه سگهبو آهي، ڇو ته پٿر
اکين لاءِ سڀ احساس اجنبي بڻجي ويندا آهن. چاچا سليمان سولنگي
جنهن کي مون ننڍپڻ ۾ جڏهن به ڏٺو کلندي ئي ڏٺو، اُن انسان جي سيني ۾ ايترا درد
سانڍيل هوندا، مون ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو سچ چوندا آهن ته؛ هر شخص هڪ ڪهاڻي ۽
داستان هوندو آهي. جڏهن کيس پڙهبو آهي تڏهن ئي خبر پوندي آهي ته سندس من ڪيترو
مڻيادار آهي؟ ڊاڪٽرن لاءِ اسان جي سماج ۾ بي رحم جو لقب عام آهي انهن ۾ هڪ ڊاڪٽر
جيڪو احساسن سان اپٽار هوندي پنهنجي سوچ ۽ لوچ کي اڇن پنن تي اتاري ٻين جي ڏکن ۽
تڪليفن کي محسوس ڪندي اهو ثابت ڪري ٿو ته هڪ شاعر تي سندس پيشو ڪڏهن به حاوي ناهي
ٿي سگهندو، بلڪه شاعري ته اهڙي مها ڏات آهي، جيڪا هر پيشي تي پاڻ حاوي ٿي ويندي
آهي. اهو ئي سبب آهي جو چاچا سليمان جي ڏات سندس ڊاڪٽري تي حاوي ٿي کيس بيرحمن جي
برادري کان ٻاهر ڪڍي انهن احساس ۽ عظيم ماڻهن جي قطار ۾ اچي بيهاري ٿي جن وٽ هڪ
ماءُ کي ٻار جي دوا جا پئسا نه هجڻ جو احساس ننڊ ڦٽائي ڇڏيندو آهي، اها ڏات ئي آهي
جيڪا ٻين جي ڏکن جو ڏيهه ڏسڻ ۽ پنهنجي دردن جي ديس کي دل ۾ سانڍي رکڻ جي سگهه
ڏيندي آهي، جڏهن اها سگهه ڪنهن انسان کي خدا بخشيندو آهي ته پوءِ اهو شاعر جو روپ
اختيار ڪري وطن جي حب جي هڳاءُ سان سرشار ٿي تاريخ کي پنهنجا تخيل/ تخليقون ارپڻ
لڳندو آهي.
چاچا سليمان جي نظمن جو ذڪر ڪيان ته نظم ”شاعري“ ۾ انسان جي وسعت جو
لاجواب مثال کيس سمنڊ سان ڀيٽا طور ڏنل آهي، پر انهيءَ ۾ منهنجي مٿي ذڪر ڪيل سٽن
ته ”شاعر دل جي دنيا جو اهو شهنشاهه هوندو آهي، جيڪو درد ۽ محبت کي مٺ ۾ بند ڪري
گهمندو آهي“ جي تصديق خود شاعر وٽان ٿيل آهي ته مان سندر سپين ۽ سهڻين مڇين جهڙا
شعر تڏهن لکندو آهيان جڏهن ڏکن جي ويرَ چڙهندي آهي، ڇو ته مان ڀي ڄڻ سمنڊ آهيان،
ڏک ئي هوندا آهن جيڪي لفظن ۽ خيالن کي نئون روپ بخشيندا آهن، تڏهن ئي ڀٽ ڌڻي
فرمايو آهي ته ”ڏک سکن جي سونهن“ نظم ”رانديڪو“ ۾ شاعر جي لفظن جي قدر ۽ قيمت جو
احساس ڏيارڻ جو انداز به منفرد آهي. ”الائي ڇو“ نظم ۾ به اهڙو ئي احساس آهي
جيتوڻيڪ شاعر ته ڊيٽ يا آئوٽ ڊيٽ کان مٿانهان هوندا آهن، پر اسان وٽ اڄڪلهه شاعرن
کي به خبر جيان سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو جيترو مالي سگهارو ۽ چمچا گهڻا رکندڙ اهو
اوترو ”بريڪنگ نيوز“ طور رهندو آهي، پوءِ ڀلي وٽس ادب جي الف جي به ڄاڻ هجي يا نه،
ان کي ناهي ڏٺو ويندو. مسلسل ڇپجڻ شاعر جي سڃاڻ نه پر سٺو، اثرائتو، حق ۽ سچ لکڻ
سندس سڃاڻپ هوندي آهي. ساڳي طرح نظم ”اکيون جڏهن پٿر ٿيون“ ۾ پٿر اکين جي به وضاحت
ڏک منجهان پٿر ٿي وڃڻ طور پيش ٿيل آهي، جتي ليکڪن کي فريب جا سجاده نشين لقب ڏئي
کين سچ چوڻ وارو آئينو ڏيکاريندي پنهنجي احساسن ڏانهن موٽڻ جو گس پڻ ڏيکاريو آهي. ”قيامت“
نظم ۾ اندر جي درد جا ڪمال احساس چٽيل آهن، جنهن ۾ ماڻهن جي لباسن کي ڪفن جي تشبيح
ڏئي ۽ آخر ۾ وسري وڃڻ جي ڳالهه ڪيل آهي، جڏهن انسان احساسن کان عاري ٿي هڪٻئي کي
وسارڻ جو اوگڻ سکي وٺن ته پوءِ اهي زنده لاش بڻجي ويندا آهن، جيڪي سچ پچ ته لباسن
جو ڪفن اوڍي هن محشر نما دنيا ۾ گهمندا ڦرندا رهن ٿا.
مون کي جن گهڻو متاثر ڪيو اهي نظم: ”هڪ صبح جو ماتم“، ”ردِ عمل“، ”فيصلو“
۽ ”ڪاريهر تي پير“ آهن، جن ۾ سچ تي مچ لڳڻ جيڪو اسان جي سماج ۾ عام ٿي چڪو آهي ۽ سچ
وڏو ڏوهاري آ جو روپ اختيار ڪري چڪو آهي. هن نظمن ۾ شاعر هڪ انسان جي پرچار ڪندي
کيس بيجان بت ۽ احساسن کان عاري هجڻ واري سوچ جو بهادريءَ سان اختلاف ڪندي ٻڌايو
آهي ته، انسان جذبن، احساسن، رڳن ۾ رت جي رواني ۽ دل جي ڌڙڪن سان جيئندڙ انهيءَ
اشرف المخلوقات جو درجو رکندڙ آهي، جنهن وٽ پنهنجي سوچ، سمجهه، عقل ۽ اختيار آهي،
هو ڪنهن جو قيدي، غلام يا ڪنهن بنگلي جو دروازو ناهي. وٽس پنهنجي وجود کي مڃائڻ
وارا ٺوس ثبوت موجود آهن. انهي ئي نظمن ۾ ماءُ جي ممتا، عظمت ۽ محبت جا دليل پيش
ڪيل آهن، ڇو ته ماءُ سڀڪجهه بخش ڪري سگهي ٿي، پر اولاد تي کنيل آڱر به معاف نٿي
ڪري سگهي. ماءُ جي انهيءَ مهانتا جو ته خود خدا به پرچارڪ آهي.
چاچا سليمان وٽ سنڌ جي محبت سمايل آهي، تڏهن ئي سندس اکڙين ۾ به تخيل
جي اوجر آهي. ڊاڪٽر سليمان لاءِ ايترو ضرور چوندس ته وٽس ناياب سوچون آهن ۽ کين هڪ
ادنيٰ شاعره جي حيثيت سان اها آٿت به ڏيان ٿي ته اسان نوجوان شاعر پنهنجي وڏن
شاعرن جي سرپرستي کان سواءِ ڪجهه به نه آهيون، پر اهو به سچ آهي ته اسان جي وڏن
جيڪي پيڙائون، ظلم، ستم، يا ناانصافيون ڏٺيون ۽ لکيون هاڻ انهن کي ختم ڪرڻ جو وقت
اچي چڪو آهي. چوندا آهن ته هٿ هٿ ئي سٿ ٿيندو آهي. اسين سڀ نوجوان شاعر هر انهيءَ
ظلم، جبر، انياءُ ۽ احساسن کان عاري روين خلاف اٿي بيهنداسين ۽ هاڻ شاعرن جي سوچ ۽
لوچ کي سرڪڻ چڙهڻ نه ڏينداسين، بلڪ هاڻ هر وڏيري، جاگيردار، ظالم، جابر، سردار،
مير، پير ۽ ڏاڍ جي پٺڀرائي ڪندڙ يزيد کي سرڪڻ ڳچيءَ ۾ وجهي کيس ڦاهيءَ چاڙهي هر
مظلوم، محڪوم ۽ پڌري پٽ ويٺل کي حق وٺڻ جي هٿيارن جهڙي سوچ ارپي کيس پنهنجو گهر،
ننگ ۽ سنڌ بچائڻ جي سورهيائي وارا سخن ٻڌائي هيمون ۽ هوشوءَ جي واٽ هلڻ
سيکارينداسين، ڇو ته هاڻ ڊاڪٽر سليمان سولنگي اڪيلو نه پر سڄي نئين ٽهي ساڻس گڏ
آهي. بقول چاچا سليمان:
ورتوسي
نه سک جو سهارو ڪڏهن،
ڏکن
ساڻ دلڙي لڳائي ڇڏيسون،
اسان
جي ارادن کي سمجهي نه سگهندين،
ڳجهي باهه کلندي لڳائي
ڇڏسون؟
No comments:
Post a Comment